Wednesday, June 8, 2016

سرهي سوچ ؛ “ رزق جو قدر ”

سرهي سوچ
امان کي پاروٿو کاڌو، رکيل ٻوڙ،پراڻو آچار ۽ اڌ کاڌل مانيون گھڻيون پسند هيون.اصل ۾ هوء رزق جو گھڻو قدر ڪندي هئي.ڪنهن شاهي دسترخوان جي بکي نه هئي.منهن جي ننڍي ڀيڻ ڪيترائي دفعا ڊپ وچان امان کي رڙيون ڪري چوندي هئي ؛
“ امان اهو حليم متان کائين،ڪنو ٿي ويو آهي ،منجھائس بوء پيئي اچي”
“  اهو مانيء جو ٽڪرو اڇلائي ڇڏ،سڄو سڙيو پيو آهي.”
 "اها ٻوڙ نه کاء، منجھائس کٽي ڌپ اچي رهي آهي.”
“ اهي زيتون اڇلي ڇڏ، انهن ۾ ڪيڙا پئجي ويا آهن.”
“ زمين تي ڪريل گراه کڻي نه کاء،ان ۾ جراثيم لڳي ويا هوندا.”
پر امان تي اديء جي انهن خوفناڪ للڪارن جو ٽڪو به اثر نه ٿيندو هو ۽ هوء انهن سمورين صلاحن جي پرواه نه ڪندي مزي سان سڀ شيون کائيندي رهندي هئي.جيئن ته هوء پڙهيل لکيل نه هئي ان ڪري جراثيمن کان نه ڊڄندي هئي،پر رڳو اللھ کان ئي ڊڄندي هئي.

                                            (اشفاق احمد ؛   صبحاني فساني)
نوٽ ؛ منهن جا ٻيا بلاگ به ڏسو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو