Sunday, June 12, 2016

سرهي سوچ ؛ رپين ۽ پئسن جو ڀوت پنهنجي دماغن مان ڪڍي ڇڏيو

اوهان کي گهرجي ته جيڪي ڪجهه ڪريو محض الله واسطي ڪريو. پوءِ ڏسو ته دنيا ۾ توهان جو ادارو

 ڪهڙي نه بلند مقام تي پهچي ٿو. جيڪي ڪجهه خدا واسطي ڪيو سو عبادت ۾ شمار ٿيندو. هڪ ڏينهن 

حضرت عمر رضه خطاب ڪري رهيو هو ته آذان جي آواز جو پڙلاءُ پيو. هڪ بدوي عرض ڪيو ته ”يا 

اميرالمومنين! توهان نوجوان آهيو ۽ توهان جون صلاحيتون اڃا جوان آهن. توهان جا جذبات زندهه ۽ عزائم

 بلند آهن، جن جي ذريعي توهان سڀ ڪجهه ڪري سگهو ٿا. رپين ۽ پئسن جو ڀوت پنهنجي دماغن مان 

ڪڍي ڇڏيو ۽ اهڙي نموني ۾ ڪم نه ڪريو جو ائين معلوم ٿئي ته ڄڻ توهان جي زندگيءَ جو مقصد ئي پئسو 

ڪمائڻ آهي. اهڙي قسم جا سمورا وسوسا ۽ خدشا دلين مان خارج ڪرڻ کانپوءِ ئي توهان پنهنجي

 يونيورسٽي  کي دنيا جي اڳيان هڪ صحيح نظريو رکندڙ علمي اداري جي حيثيت سان پيش ڪري سگهندا. 

مگر انهيءَ  لاءِ اهو به ضروري آهي ته اوهان سڀني جو هڪ ٻئي سان اهڙو رس ۽ تعاون هجي، جهڙو 

مشين جي پرزن   جو هڪ ٻئي سان هوندو آهي. جي ائين ٿيو ته پوءِ يقين رکو ته جلد يا دير سان ڪاميابي

 توهان جا قدم چمندي ۽ توهان ان ”مقام محمود“ کي پهچندا، جنهن جي حاصل ڪرڻ جي هر انسان کي

 فطري خواهش هوندي آهي.


شال خدا اسان کي نيڪ ۽ صالح ڪري!


(علامه آء آء قاضي ؛ سنڌ يونيورسٽي جي عملي کي عيدالفطر جي تقريب   تي خطاب)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو