Tuesday, January 8, 2019

شامتن کي سڏيندڙ ۽ دعوتون ڏيندڙ اسان جون دليون.



ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ
مان جڏهن وقت ۽ حالتن تي ويچار ونڊڻ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌ واسين جو ذڪر ڪندو آهيان ته اها ڳالهه زور ڏئي چوندو آهيان ته اسان جي معاشري ۾ اڪثر فرد اڌورا ۽ اڻپورا آهن، ان ڪري ادارا الله کي پيارا ٿي ويا آهن. ادارا لولا ۽ لنگڙا آهن، ان ڪري فردن جي جوڳي فڪري ۽ نظرياتي تربيت ٿي نه ٿي سگهي. انهن ڳالهين اسان جي حالتن ۾ مرڻ يا مارڻ واري رنگ کي ڀري ڇڏيو آهي ۽ اسان پاڻ شامتن کي دعوتون ڏيندا آيا آهيون.
ڪلهوڙن جي دور ۾ اسان جي اهڙن روين نادر شاهه جهڙي ظلم کي ڪاهي اچڻ ۽ اسان کي برباد ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪري ڏنو. هن سنڌ ۾ جيڪا تباهي آندي، ان تي هڪ شاعر لکيو ته ”شامتِ اعمال مان، صورتِ نادر گرفت“. مطلب ”نادر شاهه اسان جي عملن جي شامت بڻجي آيو آهي.“
ظاهر آهي ته جهڙا عمل هوندا، نتيجا به اهڙا ئي نڪرندا، ساريون پوکي اسان ڪڻڪ لڻي نه ٿا سگهون، ديني تعليم ٻڌائي ٿي ته عملن جو دارومدار نيت تي آهي. نيت جي معنيٰ ٿيندي ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ جي منصوبه بندي. اسان جي سماج ۾ سماجي روين جي اها منصوبه بندي اڪثر ڪري ماڻهوءَ کي پاڇي بنائڻ جو ذريعو آهي، ان ڪري اسان مان ڪيترا اڌورا ۽ اڻپورا انسان بڻجي پون ٿا. انهيءَ سوچ اسان کي ڌارين جي در تي جهڪڻ سيکاريو آهي ۽ پنهنجن کي پنهنجي پيرن هيٺان جهڪائڻ جي خفت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيوآهي. تعليم، مذهب، نظريا، قدر ۽ اصول اسان کي پنهنجي اهڙن روين بدلائڻ کان جهڙوڪ روڪي نه ٿا سگهن. اسان پنهنجي انا، ضد ۽ هوڏ ۾ اهي سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيون ٿا.
درگذر ڪرڻ، معاف ڪرڻ، افهام تفهيم سان ڪنهن سمجهوتي تي اچڻ بدران اڪثر روين ۾ اسان واپسيءَ جا دروازا بند رکندا آهيون ۽ پنهنجي نيت خواهه رويئي کي پٿر تي ليڪ ڄاڻي. ان کي سڌارڻ يا بدلائڻ جي ڪوشش ئي ڪري نه سگهندا آهيون. ان ڪري ٻئي طرف کان به اسان کي اهڙي تباهي آڻيندڙ ۽ شامتن جهڙي موٽ ملندي آهي. ڇوته ان لاءِ اسان ٻيو رستو ڇڏيندا ئي ڪونه آهيون.
مثال طور پوليس جو رويو اڪثر حالتن ۾ هڪ ”معمولي ڏوهي“ کي ” غير معمولي ڏوهي“ بڻائيندو رهيو آهي. سنڌ ۾ جيڪي ڌاڙيلن پيدا ٿيا. انهن جي اڪثريت پوليس جي روين ۽ وڏيرن جي ڏاڍ ڪري ٿيا. انهن کي عام ماڻهوءَ ڪونه آزاريو پر ظلم ڪرڻ ۽ ڏاڍ ڪرڻ جو فيض کين ٿاڻن يا وڏيرن جي اوطاقتن مان ئي مليو. پوءِ تباهين ۽ شامتن جي بارش ٿيڻ شروع ٿي ۽ جڏهن باهه ٻري ته پوءِ سڪن سان گڏ ساون کي ساڙي ڇڏي ٿي.
اڳي پوليس، ڪامورو، وڏيرو ۽پير ليکڪن قلم جو نشانو بڻيا رهيا ۽ انهيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جو ڳچ سارو ادب پيدا ڪيو.  پر هاڻي جهڙوڪ هر ڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ ئي وقت تي پير، وڏيرو ۽ ڪامورو آهي. هر ڪو جهڙوڪ پوليس وارو ڪنهن وڏيري جو منشي ۽ ڪنهن پير جو خليفو آهي. گهٽائي ڪوئي ڪونه ٿو. جنهن کان جيترو پڄي ٿو، اهو پنهنجي روين ۽ عملن سان پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ شامتن ۽ مصيبتن کي دعوت ڏئي ٿو. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته متضاد گروهه، يعني ظالم ۽ مظلوم، حاڪم ۽ محڪوم، غريب ۽ امير، پڙهيل ۽ اڻپڙهيل اهڙن روين ۾ هڪ ٻئي کان ٻه قدم اڳتي هوندا. ان ڪري هر ڪو ڄڻ اهو پيو هوڪو ڏئي ته ”تون منهنجي هٿان مر، يا مان توکي ماريان“ مرڻ مارڻ کانسواءِ اسان جي وات تي، نيتن ۾ ۽ عملن ۾ ٻي ڪا وائي ئي ڪانهي.
جيڪڏهن ظالم باهه ٻاري ٿو ته مظلوم باهه کي پاڻي سان نه پر باهه سان ئي وسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڇو ته اهي کوهه ئي سڪي ويا آهن، جن ۾ ڪا پاڻيءَ لپ بچي هجي. متضاد طبقا ، پوءِ اهو ظلم هجي يا مظلوم، مرد هجي يا عورت، دوست هجي يا دشمن، پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل انهن جي دلين مان شڪ، وهم ۽ مفروضن جا مرض ڪڍي ئي نه ٿا سگهجن. هر ڪا ڌر پاڻ کي سرخرو ۽ فتح ياب ڏسڻ گهرندي ۽ان جو اهو پڪو ايمان هوندو ته ٻئي طرفان مرڻ مارائڻ کانسواءِ ٻي ڪا چڱائي ٿيندي ئي ڪونه. پوءِ اهڙيءَ صورت ۾ هر ڪو اهڙو ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪو ماري، پر جيڪڏهن ماري نه ٿو سگهي ته کاري ضرور.
اسان درگذر ڪرڻ ۽معاف ڪرڻ جي جهڙوڪ سُتي ئي ڪونه پيتي آهي. بدلو وٺڻ جهڙوڪ اسان جي دين ايمان جو حصو بڻجي ويو آهي. اسان جون دليون اهي اهرام آهن، جن ۾ نفرتن جا لاش ڳرندا ئي ڪونه آهن. وقت گذرڻ سان گڏ نفرتن تي اسان جو وياج چڙهندو ويندو آهي، پوءِ جڏهن موقعو ملي ٿو ته سود سميت پنهنجون نفرتون، وير ۽ بدلا چڪايون ٿا.
جڏهن روين جي اهڙي پڪائي يا چئجي ته راسخ عقيدو ذهن ۾ گهر ڪري ويهي ٿو ته ماڻهو پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ مصيبتون ۽ شامتون بڻجي وڃي ٿو. انهيءَ صورتحال اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪنهن کي قرار ڪونهي. ان ڪري روين جا اهي ردعمل ظاهر ٿين ٿا، جن تي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.  مثال طور ٻارن ٻچن واري ماءُ سان سندس مڙس ڏاڍ ڪندو مائي ڇهن ٻچن کي نظرانداز ڪري گهر ڇڏي ويندي. مائي ۽ مڙس پاڻ ۾ نه ٺهيا ته همراهه وڃي شاديءَ مٿان شادي ڪندو ۽ اهو نه ڏسندو ته پٺيان ڪرڪيٽ ٽيم جيترا ٻار ڇڏي آيو آهيان. سنڌ ۾ ٻي شاديءَ جو اڪثر پس منظر اهو ئي ٿئي ٿو. هڪ گهر ڊاهي ٻيو ٺاهجي ٿو ته پهرئين گهر کي ڏکن ڏوجهرن ۾ وڌو ٿو وڃي.
بدلي، وير ۽ نفرت وارن روين ۾ شدت اچڻ جو اسان وٽ اهو ڪارڻ به آهي ته اسان من ڪچا نه ٿيندا آهيون پر ڪن ڪچا ٿيندا  آهيون. اسان جيڪو ٻڌانداسين. يا جيئن اسان جا ڪن ڀريا ويندا، ان تي ايمان آڻينداسين، من ڪچو ٿي مامري کي  نظرانداز نه ڪنداسين، پرڪن ڪچو ٿي ٻين جي خواهشن ۽ نيتن جي نهن ته نچڻ شروع ڪنداسين. انسان ته انسان آهي چڱايون ۽ لڱايون سڀني ۾ ٿين ٿيون. پر اسان کي ٻئي جي لڱائي ڪانه وڻندي، پر ان صورت ۾ زهر لڳندي، جڏهن ان بابت ڪوڪن ڀري يا ڳالهه ٻڌجي، تصديق نه ڪنداسين، حق ۽ سچ جو فرق نه ڪنداسين، پر ٻڌل ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌنداسين. انهن روين ۽ نظرين به اسان ۾ وڏا ويڇا وڌا آهن. انڪري اڪثر ڪري اسان ماڻهن سان انڪري نفرت نه ڪندا آهيون ته هن ۾ ڪي اوڳڻ ۽ لڱايون آهن پر ان ڪري نفرت ڪندا آهيون ته ڪنهن هڪ اڌ ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي ته هن ۾ لڱايون آهن.
اختلاف ٿيندا آهن ۽ اهي اختلاف ئي آهن جن ڪري ماڻهن جي انفراديت ۽ تشخص جي خبر پئي ٿي. جيڪو ماڻهو اختلاف نه ٿو ڪري، اهو ته حرام ۽ هلال جي ڪاتي آهي، ان کي پنهنجو نظرياتي موقف  آهي ئي ڪونه. بنهه ائين جيئن جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا دشمن يا مخالف گهٽ هوندا آهن، اهو وڏو مفاد پرست ۽ سمجهوتي باز هوندو آهي، يا ان ۾ منافقيءَ  جا جراثيم گهڻا هوندا آهن. ان ڪري مخالفت ضروري آهي ۽ٿيڻ گهرجي. پر اسان وٽ مخالفت نه پر دشمني ٿيندي آهي. اسان ڪنهن کي برداشت ڪري نه سگهندا آهيون. ڪو پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان اڳتي وڌندو ته اسان جي ننڊ ڦٽي ويندي. جيستائين هن جا پير نه ڪڍنداسين، ان وقت تائين اسان کي آرام نه ايندو.
مون کي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي روين مان ائين لڳندو آهي ته اسان جهڙوڪ دنيا جي اها واحد قوم آهيون جن جي ڪيترن ماڻهن جي عادت ئي اها آهي ته وڻن تان جهيڙا لاهي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ وجهون. دشمني ڪرڻ اسان جو شوق ۽ ذوق ٿي چڪو آهي. اسان جي نظرن ۾ مخالفت جو مطلب آهي دشمني ڪرڻ ۽ دشمني جو مطلب آهي مارڻ يا مرڻ جڏهن اسان جي اهڙن آپگهاتي روين کي غير سمجهي سڃاڻي وڃن ٿا ته انهن کي اسانجي هاديءَ ۽ رهبر ٿيڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. دلين ۽ ذهنن جي اهڙي وڇوٽيءَ سبب اسان سنڌ سطح تي ڪو اجتماعي ۽ قومي اتحاد قائم ڪري نه ٿا سگهون، ڪا گڏيل ايجنڊا ٺاهي نه ٿا سگهون ۽ هر ڪو هڪ سر جي مسجد ٺاهي ٻانگون ڏيڻ کي ئي انفرادي ۽ قومي خدمت سمجهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اسان جون دليون پاڻ ۽ ٻين لاءِ آفتن ۽ .شامتن کي سڏڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه سوچي ۽ لوچي نه ٿيون سگهن.
(روزاني عوامي آواز 8 جنوري 2019ع)
tsApp