Tuesday, May 31, 2016

اڄ تائين هن قوم جي حالت ناهي بدلي

محمود شام


آئون تمام گهڻو ممنون ۽ مطمئن به آهيان ته هم وطنو پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر منهنجي ان تجويز جي تائيد ڪئي وئي آهي ته اسان ميان محمد نوازشريف، رئيس آصف علي زرداري، ڪپتان عمران خان، قائد تحريڪ الطاف حسين ۽ قبله مولانا فضل الرحمان ۾ تبديلي ناهيون آڻي سگهيا، پر اسان پنهنجي اصلاح ڪري سگهون ٿا پنهنجو پاڻ ۾، گهر ۾، محلي ۾، پنهنجي آفيس ۽ پنهنجي اداري ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا، جيڪي تجويزون ۽ مشورا اسان حڪمرانن کي ڏيندا آهيون، انهن تي پاڻ عمل ڪريون ته ملڪ جو هڪ وڏو حصو بهتر ٿي سگهي ٿو. ڪجهه ماڻهن ته ان کي قوم جو چارٽر به چئي ڇڏيو آهي، جيڪو ايترو ڏکيو ڪم به ناهي، اهو ته قرآن پاڪ ۾ پڻ چيو ويو آهي، جنهن جو ترجمو اوهان سڀ ڄاڻو ٿا.
خدا ني آج تڪ اس قوم ڪي حالت نهين بدلي،
نه هو جس ڪو خيال آپ اپني حالت بدلني ڪا.
سچي ڳالهه ته اها آهي ته جنهن قوم وٽ الله تعاليٰ جو آخري ڪتاب قرآن پاڪ هجي، حديث پاڪ هجن، سهڻو اخلاق هجي، خلفه راشدين جي طرز حڪومت هجي، اوليائن جي زندگي گذارڻ جو طريقو هجي ته ان کي ڪنهن نئين قيادت جي ڪهڙي ضرورت آهي، اسان کي هن خود غرض حڪمرانن کان تعمير قوم جي اميد ئي ڇو هجي.
بتون سي تجهه ڪو اميدين خدا سي نااميدي،
مجهي بتا تو سهي اور ڪافري ڪيا هي؟
آئون هتي ڪئنيڊا ۾ ڪجهه هفتن لاءِ جنهن ماحول ۾ آهيان، اهو هتان جي رهندڙن جو پاڻمرادو تخليق ڪيل آهي ۽ اهي هتي ان کي برقرار به پاڻ رکندا آهن، ٻن هفتن کان وٺي مون هتي ڪنهن به پوليس واري کي ناهي ڏٺو، نه وري ٽرئفڪ سارجنٽ نظر آيو آهي، نه وري رينجرز بندوق تاڻي گهمندي ڏٺي آهي، نه وري ڪير وي آءِ پي سائرن وڄائيندڙ گاڏين سان گڏ دٻدٻو ڏيکاريندو اچي ٿو، نه ڪو وڏيرو يا امير ڪڏهن پرائيوٽ هٿياربند گارڊز سان گڏ اسان جو عزت نفس مجروح ڪري ٿو، نه وري ڪير پنهنجو پاڻ کي ٻين کان ممتاز ظاهر ڪندي گذري ٿو. نه ڪو عالم دين يا پادري منهنجي يا منهنجي رب تعاليٰ جي وچ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ فتويٰ ڏئي ٿو.
هر قدم تي ساوڪ، خوبصورت شاهراهه، بزرگ، ٻار، عورتون، اڪيلي اڪيلي، نه ڪو موبائيل کسجڻ جو خوف نه وري بم ڌماڪي جو ڊپ.
ٻار وڏا ڪاغذ ٽشوز، خالي گلاس، بوتلون هٿ ۾ کڻي ڪچريدان طرف وڌن ٿا، گاڏيون پيدل هلندڙن جو احترام ڪن ٿيون، جواب ۾ واٽهڙو ڪار سوار جو شڪريو ادا ڪن ٿا، هر گهٽي ۽ رستي جي موڙ تي ڳاڙهن لفظن ۾ ”اسٽاپ“ لکيل آهي، رستو يا گهٽي خالي هجي ته به ڏينهن رات، هر وقت ۽ اتي هر گاڏي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ لازمي رُڪي ٿي.
ٽي وي چئنل هتي به تمام گهڻا آهن، پر رڙيون ۽ مار ڌاڙ ناهي، هڪجهڙيون پٽيون ناهن، ٽاڪ شوز ۾ سياستدان نه پر صرف لاڳاپيل موضوع جا ماهر ويٺل آهن، اسان وٽ اهي سياستدان پهرين رڳو جلسن ۽ جلوسن تائين محدود هوندا هئا، پرائيوٽ چئنل انهن کي اسان جي گهرن، ٽي وي لائونجز ۽ خواب گاهن اندر وٺي آيا آهن.
هتي ماڻهو پنهنجا گهر پاڻ صاف سٿرا رکن ٿا، ڪنهن قانون جو خوف ناهي، پر هڪ نظم و ضبط سان گڏ رهڻ، ان جي عادت بڻجي وئي آهي، آئون ته انهن جي پبلڪ لائبريري تمدن سان تازو ولولو حاصل ڪري رهيو آهيان، لائبريريون رڳو ڪتابن تائين محدود ناهن، هتي سکيا گهر آهن، جتي ٻارن جون ڪلاسون به ورتيون وڃن ٿيون، وڏن جون به، سڀ ڪجهه مفت آهي، ڪتاب به، وڏيون فلمون به، آڊيو ڪيسٽ به، ڪتاب واريون وڊيوز واپس ڪرڻيون پونديون آهن، لائبريري بند هجي ته هڪ ليٽر جهڙو خانو آهي، ان ۾ هڪ هڪ ڪري ورتل مواد واپس وڌو وڃي ٿو.
لائبريري ٽائون هڪ وڏي ايراضي جو آهي، جنهن ۾ ٿيٽر هال به آهي، ان کانسواءِ ٽائون جي محلن ۾ ننڍيون لائبريريون به آهن، واءِ فاءِ آهي، ماڻهو پنهنجي ليپ ٽاپ تي ڪم ڪن ٿا، لائبريري جا پنهنجا ڪمپيوٽر به آهن، ٽيوٽر به پنهنجي شاگردن کي هتي وٺي ايندا آهن، اهي سڀ شهري، ڪميونٽي سڀ ڪجهه پاڻ پنهنجي مرضي سان آزادي سان ڪري رهيا آهن، ڇوته هو سمجهن ٿا ته پنهنجي علائقي کي صاف سٿرو، پرامن، پرسڪون رکڻ، انهن جي پنهنجي ذميواري آهي، سندن وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ اپوزيشن ليڊر جي ناهي.
اها به حقيقت آهي ته اهي شهري به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن، انهن جي مملڪت، حڪمران به، وزير به پنهنجا فرض پورا ڪري موذي مرض کي انجام تائين پهچائين ٿا. پر اسان وٽ حاڪم محڪوم ٻئي پنهنجي پنهنجي ذميوارين کان پاسو ڪن ٿا، اهڙن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جا سفير، هاءِ ڪمشنر پنهنجي ڊپلوميٽ بيڪ ۾ اهي سٺيون ڳالهيون لکي حڪمرانن کي ڇو نٿا موڪلين.
آئون صرف اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، جيڪو اسان جي وس ۾ آهي، ان کي ته ڪريون، اسان جي خواهش ڇو هوندي آهي ته اسان جي شادين ۾ وزيراعظم يا ڪو وزير اچي، اسان جي جنازن ۾ وي آءِ پي اچن، اسان جي سيلفي انهن وڏن پر دل جي ننڍن ماڻهن سان گڏ هجي.
ڪوبه مسيحا ناهي لهڻ وارو، ڪوبه معجزو ٿيڻ وارو ناهي، اهي حڪمران خاندان ئي وارا وٺندا رهندا، پر ان تي ايندڙ ڪالم ۾ ڳالهه ٿيندي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪهڙي صورتحال رهندي. هاڻي نظرياتي انقلاب جو زمانو به ناهي رهيو، هاڻي اها ئي قوم طاقتور آهي، اهو ئي فرد خودمختيار آهي، جنهن وٽ هنر آهي، صلاحيتون آهن، اقتصادي نقطه نظر آهي، جذبن سان نه پر جيڪو حقيقت پسندي سان ڪم وٺي ٿو، زميني حقيقتن کي سامهون رکي ٿو.
توهان پڙهيل لکيل آهيو، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ آهيو، توهان هڪ عالمگير شهري آهيو، صرف چيچه وطني، مظفرڳڙهه، مردان، گلگت، مظفرآباد، ڪراچي تائين محدود ناهيو، سوشل ميڊيا، فيس بڪ، انٽرنيٽ، اوهان کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ سان جوڙي رکي ٿو، پنهنجي اهميت ۽ قدر ڄاڻو، پنهنجي وطن جي مسئلن کان ته اوهان واقف آهيو، ان عظيم سرزمين جي قدرتي وسيلن کان به آگاهي حاصل ڪريو، پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن، پوٽن ۽ پوٽن، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين کي اهڙن علمن جي تدريس سان وابسته ڪريو، جنهن سان اوهان زمين ۾ لڪل خزانن کي ٻاهر ڪڍي سگهو.
الله تعاليٰ اوهان کي آزاد پيدا ڪيو آهي، هاڻي غلامي جو دور ناهي، توهان حڪمرانن جا غلام ڇو ٿا بڻيو، توهان پنهنجي تقدير جا پاڻ مالڪ آهيو، پنهنجي آزادي جو قدر ڪريو. رمضان شريف جو مقدس مهينو شروع ٿيڻ وارو آهي، اهي برڪتن، رحمتن ۽ مغفرتن جا ڏينهن اسان کي سوچڻ لاءِ گهڻو موقعو ڏينديون.
قرآن پاڪ رمضان مبارڪ ۾ نازل ٿيو، اهو اسان جي معاملن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو، هڪ ضابطه حيات ڏئي ٿو، انهن 30 ڏينهن ۾ پنهنجون پاڻ سان هم ڪلام ٿيون، پنهنجي گهروارن سان، محلي وارن سان، انهن سان افطار تي ملون ۽ ٻين کي افطار تي سڏايون. فيصلو اهو ڪرڻو آهي ته توهان پنهنجي قيادت پاڻ ڪريو، هڪ آقا کي تبديل ڪري ٻئي آقا جا غلام نه بڻجو، پنهنجي دين کي به پاڻ سمجهو، عالمن جا محتاج نه ٿيو، ڇا خيال آهي اوهان جو؟


1 comment:

  1. سمورن سلجهيل سنڌي سڄڻن کي سڏ آهي ته سائين محمود شام جو سرهين سوچن ڀريو هي سنديس پڙهڻ جي صرور تڪليف ڪريو

    ReplyDelete

هتي پنهن جي راء لکو