Thursday, June 14, 2018

شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير جا بنياد.


شفيق الرحمان شاڪر
شخصيت ڪنهن فرد جي ذهني،جسماني،شخصي ورتاء،روين،وصفن ۽ ڪردار جي ميڙ جو نالو آهي، ايئن چئجي ته انسان جون ظاهري توڙي باطني صفتون،نظريا،اخلاقي قدر،ڪم،احساس ۽ جذبا گڏجي ڪري انسان جي شخصيت جو خاڪو جوڙين ٿا.ظاهري سونهن سوڀيا وقتي طور تي ته ڪنهنجو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائي سگھي ٿي پر ڪردار جو دائمي حسن ئي انسان کي امر بڻائيندو آهي ۽ ڪردار جي اهڙي تعمير ۾ سوچ ۽ نظرين جو بنيادي رول هوندو آهي.قرآن ڪريم انساني پيدائش ۽ موت جو مقصد ئي ڪردار جي آزمائش ٻڌايو آهي.جيئن صورت الملڪ ۾ فرمايو ويو ته    “ جنهن موت ۽ حياتيء کي خلقيو ته جيئن اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪير بهتر عمل ڪرڻ وارو آهي.”
اڄ جيڪر اسان ناڪامين جو شڪار آهيون ته ان جو بنيادي سبب ئي اهو آهي جو اسان پنهن جون ترجيحون صحيح مقرر نه ڪري سگھيا آهيون.اسان کي اهو طيء ڪرڻو پوندو ته اسان جي سڀ کان وڏي دولت ڪهڙي آهي؟ پڪ سان اسان جي قيمتي دولت ۽ عظيم سرمايو ڌن،دولت،سون ۽ چاندي نه پر اسان جو اولاد آهي جن جي رونق سبب اسان جا اڱڻ جنت جهڙا نظر اچن ٿا.انهيء عظيم دولت جو زيان ۽ بگاڙ ئي اسان لاء پڌرو ڇيهو آهي.جيڪڏهن اسان سچ پچ زوال کي روڪڻ ۽ ان کي ڪمال ۾ بدلائڻ گھرون ٿا ته پوء ماڻهن جي شخصيت سازي خاص طور تي ٻارن جي اخلاقي،سماجي ۽ روحاني تربيت ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن سماج امن ۽ سڪون جو مرڪز بڻجي سگھي.سماج ڇا آهي؟ انسانن تي ٻڌل هڪ عمارت آهي.جهڙيون سرون هونديون عمارت به اهڙي ئي جڙندي.اسان جو حال ئي اسان جو آئيندو آهي.سو حال کي بدلائڻ سواء مستقبل جي سڌاري جي اميد ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جهڙي آهي.نئين نسل کي ڊاڪٽر،انجنيئر،واپاري،سياستدان يا ٻيو ڪجهه ٺاهڻ کان پهرين هن کي هڪ خوش اخلاق،باوقار،ذميدار ۽ سٺو انسان بنائڻو پوندو جنهن لاء ڪردار جي تعمير ضروري آهي. سٺين وصفن ۽ وڻندڙ اخلاق وارا انسان انسانيت جا سفير هوندا آهن.انهيء ڪري شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير لاء گھربل بنيادي جزن جي سڃاڻپ ۽ ڳولا ضروري آهي.ٻار جنهن ماحول ۾ پرورش پائين ٿا ان جو رنگ انهن جي شخصيت تي ڇانئيل رهي ٿو.اهو قائدو رڳو ٻارن تائين ئي محدود ناهي پر وڏن تي به ماحول جو اثر پوي ٿو.حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي عليه وسلم جن فرمايو ته
 “ هر ٻار فطرت تي پيدا ٿئي ٿو،ان جا والدين کيس يهودي يا نصراني بڻائين ٿا.“
انهيء حديث سان مطابقت رکندي انگريز فلسفي “جوهن لاڪ” پنهنجي تعليم واري نظريي ۾ ٻارن جي ذهن کي هڪ صاف سليٽ سان ڀيٽي ٿو ۽ انهيء ئي سوچ کي “ڊاڪٽر فل“ هيئن ورجائي ٿو ته  “ ٻار هڪڙي صاف سليٽ آهي جنهن تي والدين روزانو ڪجهه نه ڪجهه لکندا رهن ٿا.”
ٻار سان ويجھڙائي رکندڙ هر شخص ۽ ماحول انهيء تي پنهنجا ليڪا وجھي ٿو ۽ انهن ئي تجربن ۽ ماحول جي اثر هيٺ ٻار جي شخصيت وجود ۾ اچي ٿي.ٻار ننڍپڻ کان ئي احساس،قدر ۽ رويا سکن ٿا جن جو اهي عملي زندگيء ۾ مظاهرو ڪن ٿا.حقيقت ۾ ماڻهو پنهنجن انهن ئي روين ۽ نظرين جي نمائندگي ڪري ٿو جن کي هو ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ اختيار ڪري چڪو هوندو آهي.لاشعوري طور تي سوچون ۽ رويا يقين ۾ بدلبا رهندا آهن.ٻارن کي پاڪيزه ماحول،صحيح سوچ جو انداز ۽ مثبت طرز معاشرت مهيا ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن خيالن جي خباثت ۽ اڻ وڻندڙ وصفن کان سندن ڪوري ذهن کي محفوظ رکي سگھجي ۽ کين فطرت جي اصولن سان سهمت ڪري سگھجي.تعليم جي فراهميء ۾ اڄ جو سماج گھڻو چست آهي پر پاڪيزه ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اهو بريء طرح ناڪام ويو آهي جنهن ڪري معاشري ۾ بدامني،بي چيني ۽ ناانصافين جي ڪثرت نظر اچي ٿي.
شخصيت جي تعمير ۾ انسان جي پنهنجي ذاتي سوچ ۽ فڪر جو وڏو عمل دخل هوندو آهي.“وليم جيمز“ جي لفظن ۾ “ اوهين پنهنجي باري ۾ جيڪا تصوير جوڙيو ٿا اها تصوير جيڪر ڊگھي عرصي تائين اوهان جي ذهن ۾ رهي ته اوهين به اهڙا ئي بڻجي ويندا جهڙو توهان سوچيو ٿا.”                            منفي سوچ ۽ ناڪاري خيالن جي اثر هيٺ هڪ متوازن ۽ وڻندڙ شخصيت جي تعمير ممڪن ناهي. منفي سوچون ۽ خيال اهڙا وائرس ٿين ٿا جن سبب ذهن۽ دل مائوف ۽ نااميد بڻجي وڃن ٿا. جڏهن ڪنهن ڪمپيوٽر پروگرام ۾ وائرس اچي وڃي ته “فارميٽنگ” ذريعي ان جي ڪارڪردگيء کي بحال ڪيو ويندو آهي.اهڙيء طرح انسان کي به پنهنجي ذهن جي فارميٽنگ ڪرڻ ضروري آهي.
سوچن جي تبديلي به انساني شخصيت جي ترقيء ۽ سونهن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿي. “ برائن ٽرائسي” پنهنجي ڪتاب “ جهڙا خيال تهڙي زندگي” ۾ هڪ واقعو بيان ڪرڻ بعد لکي ٿو ته            “ جيڪراسان زندگيء جي مختلف شعبن م پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ گھرون ٿا ته پوء اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي منفي سوچ کان جان ڇڏائڻي پوندي جو منفي سوچ اسان جي ذات کي محدود ڪري ڇڏي ٿي” 
خوداعتمادي پيدا ڪرڻ لاء مثبت خيالن ۽ ماڻهن سان رابطو پيدا ڪرڻ ضروري آهي،ڪنهن به شخص کي جڏهن لاڳيتو طنز ۽ تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو ته اهو احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي وڃي ٿو.والدين ٻارن کي اجائي تنقيد ذريعي سندن شخصيت برباد ڪيو ڇڏين.ننڍپڻ ۾ مناسب محبت ۽ شفقت نه ملڻ جي نتيجي ۾ بلوغت ۽ جوانيء ۾ پهچندي ٻار مختلف سماجي ۽ نفسياتي مسئلن ۽ مونجھارن جو شڪار ٿي وڃن ٿا.مکڙين کي جهڙيء طرح گل بڻجڻ لاء ماڪ جي ضرورت هوندي آهي،ساڳيء طرح ٻارن ۾ سندن ذات جي قدر ۽ قيمت جو احساس پيدا ڪرڻ لاء محبت ۽ شفقت جي سخت ضرورت هوندي آهي.نا اهل ۾ نااهل شخص به محبت ۽ شفقت سبب بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لائق بڻجي وڃي ٿو.انسان کي ناڪامي،تنقيد ۽ رد ٿيڻ جو خوف هميشه پريشان ڪندو رهندو آهي.منفي سوچ اهڙو مٺو زهر آهي جيڪو ذهني ۽ جسماني صحت تي اثرانداز ٿي فطري صلاحيتن کي برباد ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسان جي سراسري ڪارڪردگي گھڻو      متاثر ٿئي ٿي.انهيء ڪري منفي سوچ کي وڌائڻ وارن،عزت نفس کي ٺيس پهچائڻ وارن،اوهان جي تحقير ۽ تذليل ڪرڻ وارن ماڻهن توڙي خيالن کان اوهان کي پري رهڻ گھرجي.انسان جي سوچ جيتري مثبت هوندي اوتروئي زندگي وڻندڙ ۽ خوشگوار گذرندي.مثبت سوچ انسان کي طاقت ۽ توانائي مهيا ڪري ٿي ۽ انسان ۾ اعتماد پيدا ڪري ٿي.انساني شخصيت،صحت،جرئت ۽ تخليقي صلاحتين جي نشو نما ۾ مثبت سوچ جو بنيادي ڪردار آهي ۽ اها ذهني صلاحتين جي اوسر ڪري ٿي ۽ ڪارڪردگيء کي بلندي عطا ڪري ٿي.انساني دماغ هڪ ئي وقت رڳو هڪڙي ئي خيال تي ڌيان ڄمائڻ جي لائق هوندو آهي توڙي جو اهو مثبت خيال هجي يا منفي.پر ياد رکڻ گھرجي ته پنهنجي سوچ جي انداز کي بدلائڻ انسان جي پنهنجي وس ۾ آهي.هو منفي خيالن کي مثبت سوچن ۾ بدلائي پنهنجي زندگي خوشگوار بنائي سگھي ٿو.
انساني شخصيت تخليق ۽ تعمير جي لحاظ کان ٻن پاسن تي ٻڌل آهي.تخليق جي لحاظ کان انسان کي ڪائنات جي سموري مخلوق تي برتري ۽ فضيلت حاصل آهي پر پاڻ جهڙن ٻين انسان تي برتري حاصل ڪرڻ لاء انسان کي پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ڪرڻي پوي ٿي.جيئن ته هن دنيا کي دارالعمل يعني عمل جي جڳهه قرار ڏنو ويو آهي ان ڪري سٺن عملن ذريعي ئي انساني شخصيت جي تڪميل ٿئي ٿي۽ برا عمل ان ۾ ڦيٽاڙو پيدا ڪن ٿا.مذهب،تصوف توڙي صدين کان رائج مڃيل انساني ريتن ۽ قدرن جي روشنيء ۾ انساني شخصيت جي تعمير جا ڪجهه ضروري ۽ اڻ ٽر بنياد ٿين ٿا جن جي روشنيء ۾ ئي انسان پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي مناسب نموني تعمير ڪري سگھي ٿو. جنهن جو پهريون بنياد “ ايمان،اعتقاد يا يقين” آهي.اهو اهڙو جذبو ۽ طاقت آهي جيڪا انسان کي هر قسم جي وهم،گمان،خوف،پريشاني ۽ غيريقيني واري صورتحال مان ٻاهر ڪڍي منجهس همت،جرئت،حوصلو ۽ ثابت قدميء جهڙيون اعليٰ صفتون پيدا ڪري ٿو.ايمان رڳو زباني دعوائن جو نالو ناهي پر اهو انسان جي وجود جي نس نس ۽ دل جي اندر گھر ڪري ٿو.انسان کي ٻين سان ظلم ڪرڻ،ٻين جا حق غصب ڪرڻ.برائيء کان بچڻ ۽ بنان ڪنهن لالچ جي نيڪي ڪرڻ واريون خوبيون ايمان ۽ يقين جي دولت سواء پيدا ٿي نٿيون سگھن.شخصيت جي تعمير جي لاء ٻيو اهم بنياد “علم” آهي.ذات جي تعمير ۾ علم جي بنيادي حيثيت آهي.علم سواء انسان ڀلي ۽ بري ۾ فرق ڪيئن ٿو ڪري سگھي ۽ صحيح ۽ غلط ۾ سنڌو ڪيئن ٿو ڪڍي سگھي؟جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو ويو ته “اي رسول! انهن کي چئو ته علم وارو ۽ جاهل، بئي برابر ڪيئن ٿا ٿي سگھن؟”  ۽ علم ۾ سڀ کان اتم علم پنهنجي ذات جي سڃاڻپ آهي جنهن کي“ نفس جو عرفان” چيو وڃي ٿو. شخصيت سازيء ۾ ٽيون مکيه ڪردار“ غور ۽ فڪر” جو آهي.ڪائنات ۽ ڪائنات جي مختلف شين تي غور فڪر ڪرڻ سان انساني شخصيت کي گھرائيء ۽ حڪمت (دانائي) جي دولت هٿ اچي ٿي.ذهن ۽ دماغ جا بند پردا کلڻ لڳن ٿا ۽ انسان سطحي سوچن جي ڄار مان آزاد ٿي وڃي ٿو. هن جي نظر شين جي ظاهر سان گڏوگڏ باطن تي به پوڻ لڳي ٿي.انهيء کان پوء شخصيت جي تعمير ۾ “نيت ۽ ارادي” جو عمل دخل اچي ٿو.انهيء ڪري حديث شريف مطابق سمورن عملن جو دارومدار ئي نيت کي قرار ڏنو ويو.ايئن سمجھو ته نيت ٻج آهي ۽ ان مان عمل جو سلو اهڙو ئي ڦٽندو جهڙي نيت رکي ويئي هوندي.ان کان پوء “عمل ”جو وارو اچي ٿو يعني رڳو يقين ۽ خواهشن ذريعي ڪو مقصد حاصل ڪري نٿو سگھجي ان لاء سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي جو دنيا دارالعمل آهي.جيئن ڪلام پاڪ ۾ فرمايو ويو ته “انسان کي اهو ئي ملي ٿو جنهنجي هو ڪوشش ڪري ٿو.”
آخري بنياد“ عمل جو نتيجو يا ردعمل ” آهي جيڪو حقيقت ۾ سڀني کان اهم آهي .ڪاميابيء جي صورت ۾ انسان   غرور ۽ تڪبر جڏهن ته ناڪاميء جي صورت ۾ نااميدي ۽ مايوسيء  جو شڪار ٿي سگھي ٿو.اهي ٻئي ڪيفيتون انساني شخصيت لاء نهايت ئي نقصانڪار آهن.انهن ٻنهي حالتن ۾ ڪيئن توازن برقرار رکڻو آهي،اهو فن ڄاڻڻ ئي انساني شخصيت جو ڪمال آهي.
(روزاني عوامي آواز 12 جون 2018ع



Tuesday, June 12, 2018

ڏينهن ۽ رات جا راز ۽ رمزون.


شفيق الرحمان شاڪر
روح جو جسم سان اهو ئي تعلق آهي جيڪو رات جو ڏينهن سان.رات ۽ ڏينهن جو هڪ ٻئي ۾ بدلجڻ تبديليء جي نشاني آهي پر سڪون جي ڳولا ڪندڙ لاء ان ۾ سڪون ڪونهي.شاعريء جي دنيا ۾ جيڪر تبديليء کي سڪون ملي به وڃي ته به انسان کي تبديليء ۾ سڪون نٿو ملي.رات چنڊ سان ڳنڍيل جڏهن ته ڏينهن سج جي اڀرڻ جو اعلان آهي.ڏينهن گذر سفر جي مشقتن ۽ محنتن جو داستان آهي ۽ رات روح جي سوز۽ساز سان ڀريل مست نغمو.ڏينهن جسم آهي ۽ رات روح!ڏينهن عقل جي استعمال سان حرڪت ۾ اچڻ جي توانائي حاصل ڪري ٿو ۽ رات روح جي حرڪت سان آرام پائي ٿي.ڏينهن جون مشغوليون رات ۾ ۽ رات جون مشعوليون ڏينهن جو اختيار ڪيون وڃن ته زندگي غير متوازن بڻجي وڃي ٿي.جيڪو ذرو جنهن مقرر جڳهه تي موجود آهي سو سج آهي.قرآن ڪريم جي ازلي اصول مطابق؛ “ نه سج جي اها مجال جو چنڊ کي پڪڙي سگھي ۽ نه ئي چنڊ کي اهڙي طاقت جوسج جي جڳهه وٺي سگھي.” انسان جسم ۽ روح ٻنهي جو گڏيل مرڪب آهي.جسم روح جي سواري آهي ۽ روح نفس جي سواري! اصل ۾ انسان مان مراد انسان جونفس آهي.نفس رڳو “ اماره “ نه پر نفس “ لوامه“ ،ملهمه “ ۽ “ مطمئنه “ به هوندو آهي.جنهن نفس کان پاسو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي سو “نفس اماره ” آهي، جنهن نفس جو خداوند ڪريم قسم کنيو آهي سو “نفس لوامه” آهي،جنهن نفس تي لڪيل حقيقيتون کوليون وڃن ٿيون سو “نفس ملهمه” آهي ۽ جنهن نفس سان خداوند ڪريم جي ذات بابرڪات دلنشين انداز ۾ پاڻ مخاطب ٿئي ٿي سو پڪ سان “نفس مطمئنه ” آهي. جسم  ۽ روح جوڙڻ واري ئي ڏينهن ۽ رات به بڻايا آهن. ڪون مڪان جي خالق رات روح جي غذا،سينگار ۽ نگرانيء لاء نازل ڪئي ۽ ڏينهن جسم ۽ ان جي پرورش لاء مقرر ڪيو.رات کي تسڪين ۽ مزي جو سبب ٻڌايو ويو.سمجھڻ گھرجي ته تسڪين يا مزي جو تعلق روح سان آهي جسم سان ڪونهي.رات جي خيمي ۾ پناهه وٺندڙ کي گھرجي ته هو دل کي چنڊ طرف متوجه رکي.چنڊ ڪهڙو به هجي اهو روح جي سمنڊ تي پنهنجو اثر رکي ٿو.سمنڊ ۾ اٿندڙ ۽ لهندڙ لهرن جو سمورو دارومدار چنڊ جي روشنيء تي آهي.ڏينهن جو روشني هوندي آهي ۽ رات جو نور! روشني بصارت يعني نظر کي جھڪو ڪيو ڇڏي جڏهن ته نور بصيرت يعني دانائيء کي وڌائي ٿو. حقيقي مومن جو ته شان ئي اهو آهي جو هو ڏسي ئي خدا جي نور سان ٿو انهيء ڪري سندس فراست يعني دانائِيء کان ڊڄڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي.“فراست ” سياست جي ڪتاب جي ڪا شيء ناهي جو سياست جي هر وار جو ٽوڙ موجود هوندو آهي پر فراست سڌو آسمان کان وار ڪري ٿي ۽ سمورين چالاڪين جي چيلهه ڀڃي وجھي ٿي.                                                                   
  جنهن جي رات روشن ناهي ان جو ڏينهن به اونداهون آهي.رات جو جاڳڻ وارا جيڪر ڏينهن جو سمهيل ڏٺا وڃن ته سمجھڻ گھرجي ته رات جو روح جي صحيح پرورش نه ٿي سگھي.روح جي صحيح  پرورش نه ٿي سگھي ته جسم به وساڻل بڻجي وڃن ٿا.چهري جي چمڪ روح جي چمڪ جي خبر ڏئي ٿي.صبح ساجھر چهرو اهو راز کوليو ڇڏي ته رات ڪيئن گذري آهي.رات جاڳي گپون هڻڻ يا عيش عشرت ڪرڻ کي شب بيداري يا رات جي جاڳ نٿو چئجي بلڪه شب بيداري ته ٻانهي جو پنهنجي مالڪ سان سرگوشيون ڪرڻ ۽ سوچ ويچار جي اعتڪاف  جو نالو آهي. رات جي جاڳ سان جيڪر اسر جون آهون شامل نه هجن ته پوء اها رات جي جاڳ نه پر عيش پرستي آهي.  رات جي وقت نور بدران روشنين طرف ڌيان ڏيڻ وارو پنهن جي لاء ڏينهن جو سمان به اونداهون ڪريو ڇڏي.جن ۾ نور ۽ روشنيء جي فرق سمجھڻ جي صلاحيت آهي ،رات انهن لاء عالم بالا يعني مٿئين جهان ۾ پهچڻ جو هڪ رستو آهي.رات بدن لاء نه پر روح لاء قرار جي جاء آهي.روح کي لطافت يعني شفافيت طرف رستو نه ملي ته بي چين رهي ٿو،روح جي طاقت ئي لطافت آهي.ڪثافت ۽ اڻ شفافيت انهيء کي ڏٻرو ڪري ڇڏي ٿي.ان فرق  کي صرف اهي ئي سمجھن ٿا جيڪي نور ۽ روشنيء ۾ فرق ڪرڻ ڄاڻن ٿا.روشني ۽ نور ٻه الڳ حقيقتون آهن.جن کي روشني وڻي ٿي انهن لاء نور اونداهي آهي.ظاهر آهي ته ظاهر پرست اک کي نور ۾ اونداهي نظر اچي ٿي،اها نور کي ڪيئن ٿي ڏسي سگھي!ڪعبي جي چادر جو رنگ ڪارو آهي،ليليٰ به ڪاري. قيس شاعر جي زبان مان چورايو ته جنهن مس سان قرآن ڪريم جا اکر لکيا وڃن ٿا اها به ڪاري آهي.نور جو رنگ ڏسڻ لاء گھٽ ۾ گھٽ اها اک هئڻ گھرجي جيڪا قيس وٽ هئي.ڪيترين ئي سچائين کي سمجھڻ لاء ڄاڻڻ ضروري آهي پر ڪيترين ئي حقيقتن کي ڄاڻڻ لاء پهرين انهن کي اڻ ڏٺو مڃڻ ضروري آهي. جيڪو طبيب کي طبيب ئي نه مڃي ته اهو طب جي الف بي ڪيئن سکي سگھندو؟اهو ڪيئن ڄاڻي سگھندو ته بدن جي علم جي باب ۾ طبيب ان کي ڇا سيکارڻ گھري ٿو؟ طبيب کان سواء طب ٻيو ڇا آهي سواء وهمن ۽ قياس آرائيء جي!جيڪو مڃڻ کان انڪاري هوندو ان جو ڄاڻڻ به ڪسو ۽ ناقص هوندو ڇو ته هو جيڪي ڪجھه ڄاڻي ٿو اهو سڀ سندس ذهن جو خيالي بت آهي.اهڙي ماڻهوء کي چئبو آهي پنهنجي عقل جو اسير ۽ پنهنجي ئي فهم جي سرڪس جو جھولو جھلندڙ،پنهن جي ئي طيء ڪيل منطق جا ڪرتب ڏيکاريندڙ. هو ان  ظاهري ڪلام جي اندر لڪيل مٿانهون فهم ڪيئن سمجھي سگھندو جنهن جو مرڪز انساني عقل ناهي!اسان جي پنجن حواسن جو علم ايتروئي محدود هوندو آهي جيترو محدود اسان جا حواس آهن. سائنسي اوزار توڙي جو اسان جي پنجن حواسن جي صلاحيت جي رينج ضرور وڌائين ٿا پر انهن اوزارن جي صلاحيت جي به ڪا نه ڪا حد مقرر آهي. ڪجهه ماڻهو سمجھن ٿا ته غائب ۽ حاضر ۾ فرق صرف ڄاڻڻ ۽ نه ڄاڻڻ جي فرق وارو آهي.هڪڙو شخص ڪنهن حقيقت کان واقف آهي ٻيو واقف ناهي ته پهرئين شخص لاء اها حقيقت حاضر جڏهن ته ٻئي لاء غيب قرار پائيندي.پر ايئن هرگز ناهي غيب ۽ حاضر جو علم نسبتي ناهي يعني انهن ۾ نسبت ڄاڻڻ ۽ نه ڄاڻڻ جي نه پر مڃڻ ۽ نه مڃڻ جي آهي.غيب جي دنيا اها آهي جتي نه ته انسانن جي حواسن جي ڪا پهچ آهي ۽ نه ئي انساني عقل،فهم ۽ دانش جي رسائي.جنت،دوزخ، ميزان پلصراط ۽ ٻيون اهڙيون سڀ شيون غيب سان تعلق رکن ٿيون انهن کي ڄاڻڻ لاء اسان کي مڃڻ واري مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو.ٻي صورت ۾ اسان مذهبن جي عالمي ڀيٽ  وارن مرحلن ۾ منجهي ڪري رهجي وينداسين.حقيقت ۾ “يومنون بالغيب “ جو مطلب رسول خدا خاتم النبيين  تي ايمان آڻڻ آهي جيستائين رسول خدا  تي ايمان نه هوندو تيستائين  ۽ يوم آخرت تي ايمان جي دعويٰ فقط دوکو آهي.غيب کان سواء ٻيو هر علم مادي سان تعلق رکي ٿو.توانائيء جا ڪرشما ۽ زماني واقعن کان واقفيت به پنهنجي اصل ۾ مادي ڄاڻ آهي.توانائي مادي کان جدا ناهي ۽ زمان مڪان کان الڳ ناهي.اهي ٻئي حقيقتون هڪ ٻئي سان گڏ وچڙ ٿيل آهن.هڪ کي جدا ڪبو ته ٻي بي معنيٰ بڻجي ويندي.مادي علم ذريعي مادي کي قابوء ۾ ته آڻي سگھجي ٿو پر انسان پنهنجي نفس جي قابوء ۾ رهي ٿو.جنهن ڪري پنهنجي وجود کان مٿانهين حقيقتن جا راز حاصل ڪري نٿو سگھي.نفس جي قابوء مان ٻاهر نڪرڻ کي ئي نفس جو تزڪيو (پاڪائي) چئبو آهي ۽ اهائي “نجات ۽ نرواڻ” آهي.
مطلب اهو ٿيو ته جهڙيء طرح جسم ظاهر آهي ۽ روح باطن،اهڙيء طرح ڏينهن ظاهر آهي ۽ رات باطن! باطن جو عرفان نه هجي ته ظاهر ڪوڙو ٿي وڃي ٿو.پوء سڄي ڪهاڻي ئي اجائي ٿي وڃي ٿي.روح جو منڪر پنهنجي جسم سان به انصاف ڪري نٿو سگھي .رات جيڪر روحانيت کي هٿ نه ڪري سگھي ته پوء ڏينهن پنهنجي سموري عقل جي روشنيء ۾ به مادي سان انصاف نه ڪري سگھندو ڇوته باطن ئي ظاهر تي حڪومت ڪري ٿو.
رات جا راز عجيب آهن،جيڪر رات جو انسان کي نفس جي حڪومت کان نجات ملي وڃي ته رات روحاني سير جو ذريعو بڻجي وڃي ٿي،عظيم علمن کان واقف ڪرائي ٿي ۽ هن ڪائنات جي روح سان هم ڪلام ڪرڻ جو شرف بخشي ٿي.

 (روزاني مهراڻ 12 جون 2018ع)