Saturday, June 18, 2016

قربان پيرزادو: جيڪو ڇنڻ مور نه سکيو

خالد ٻانڀڻ

ماڻهوءَ جو من پرکڻ، ان جي اندر جون ڳالهيون سمجهڻ صورت ۽ سيرت جو چڱي ريت اندازو لڳائڻ ان جي اخلاق پيار مان پرکي سگهجي ٿو. پاڻ من جا موجي، من پنهنجو موجي آهي. موهه ۽ مرڪ جڏهن چپڙن جي ڪنارن سان ڳالهيون ڪرڻ لڳي، تڏهن هڪڙو احساس جنم وٺندو آهي ته هي انسان ڪيڏو نه خوشنصيب آهي، جنهن وٽ سدائين قرب ۽ پنهنجائپ ورهائڻ جا اندر ۾ ڄڻ ته ڪي انيڪ خزانا آهن. اهڙن سٻاجهڙن انسانن مان هڪڙو قربان پيرزادو به آهي، هو جڏهن سکر ۾ سڌ سماءُ کاتي جو ڊائريڪٽر هيو ته مون کي ياد ناهي ته اسان ڪڏهن هن سان ڪنهن ڏهاڙي تي نه مليا هجون. جيڪڏهن اسان سندس آفيس يا آستاني تي نه ويندا هئاسين ته هو اچي آفيس پهچندو هو ۽ مرڪندي چوندو هو ڇو ڀلا ٻاجهه ڪانگهاري ڪري ڇڏي اٿوءُ؟ تڏهن اسان سندس معياري ٿي پوندا هئاسين. هو رڳو سڌ سماءُ جو ڊائريڪٽر نه هيو پر ڪتابن سان دلچسپي، پڙهڻ لکڻ هن جي زندگي جو حصو آهن. مون هن جهڙو هن دور ۾ لطيف شناس نه ڏٺو. لطيف سرڪار جي شعرن ۾، ڪنهن لفظ ۾، منجهندا هئاسين ته منهنجي پهرين فون سائين قربان پيرزادو ڏانهن ويندي هئي. جيڪو لطيف جي بيتن جون معنائون اهڙي سهڻي انداز ۾ ٻڌائيندو ۽ سمجهائيندو هو جو اصل واهه واهه ٿي ويندي. سليم ڀٽو لطيفي جڏهن سکر ۾ ايڪسائيز کاتي ۾ آفيسر ٿي آيو ته منهنجي ان سان پهرين ملاقات به قربان پيرزادو جن ڪرائي هئي. تقريبن شام جو لطيفي جي ڪتابن سان ڀريل هڪ ننڍڙي ڪمري ۾ ڪچهري ڪرڻ لاءِ قربان جن سان گڏ ويندو هئس، جتي سليم ڀٽو لطيفي ۽  قربان پيرزادو جن جي وچ ۾ لطيف سرڪار جي فن فڪر، شعرن تي وڏا وڏا بحث ٿيندا هئا. اسان اڪثر ڪري خاموشي سان ٻڌندا هئاسين. جتي ٿوري گهڻي عقل آهر ضرورت پوندي هئي ته بحث ۾ حصو وٺندا هئاسين. قربان پيرزادو اڄ به پنهنجي ذات ۾ هڪڙي علم ادب ۽ پيار جي يونيورسٽي آهي، هو ڪيترا سال اڳ سڌ سماءُ کاتي مان ريٽائرڊ ٿي موهن جي دڙي ڀرسان وڃي پنهنجو ڳوٺ ٻلهڙيجي وسايو، پر سندس گڙدن جي تڪليف گهڻو وقت کيس اتي رهڻ نه ڏنو، هينئر هو ڪراچي جي گهميل هوائن ۾ ڊائلاسز تي رهي ٿو. ڌڻيءَ در دعا آهي، کيس جلد صحتيابي نصيب ٿي ۽ زندگي جون اڃا کوڙ ساريون بهارون ماڻي. تازو سندس زندگي تي قربان صاحب جي پنهنجي لکڻين تي ڪتاب”ڇنڻ مور نه سکيا“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيو آهي، پر مون تائين نه پهتو هو. مان جڏهن ڪجهه ڏهاڙا پهرين سکر جي سڌ سماءُ واري آفيس ۾ ڪم سانگي ويس ته سيد آصف شاهه جي ٽيبل تي ڪتاب پيل ڏٺم. آصف شاهه، قربان پيرزادو جي شاگردي ۾ رهندي هن وقت سکر اطلاعات کاتي جو ڊائريڪٽر آهي. مان نه رڳو هجت ڪري اهو ڪتاب اتان کنيو، پر آصف شاهه فون تي قربان پيرزادو جن سان ڳالهه به ڪرائي. فون تي وڏي عرصي کان پوءِ تمام گهڻي ڪچهري ٿي. سندس آواز ۾ اڃا تائين ساڳي کل مذاق ۽ هجتن جا انبار مليا. ڪتاب ”ڇنڻ مور نه سکيا“ ۾ جن به دوستن قربان پيرزادو تي لکيو آهي، اهو پورو سچ ۽ هن جي شخصيت سان انصاف ڀريو آهي. قربان پيرزادو اڄ به انور پيرزادي کي پنهنجو استاد ٿو سمجهي. بدر ابڙي لکيو آهي ته قربان پيرزادي جي عمر ايتري لڳي ڪونه ٿي، جيتري ٻڌائين ٿا. چون ٿا ته 1948ع ۾ جنم ورتائين ۽ انور جڏهن سنڌ يونيورسٽي ۾ انگريزي پڙهائيندو هو، تڏهن قربان اتي انگريزي ادب ۾ داخلا ورتي ۽ ايم اي ڪري نڪتو. معنيٰ ته قربان پيرزادو انگريزي ادب جو به وڏو ڄاڻو آهي. هو جڏهن انفارميشن جو ڊائريڪٽر هو تڏهن به فقيري هن جي وجود جو حصو هئي. وڏن وزيرن، مشيرن، ڪامورن جي گڏجاڻين ۾ نوڪري جي نسبت سان ويندو ضرور هو پر هو تڪڙ ڪري ڊائريڪٽر هجڻ جي حيثيت سان ڪڏهن به اڳي ڪرسي تي وڃي ويهندي ڪونه ڏٺو. هميشه ڪنڊائتي ڪرسي ڳولي وڃي، ان تي ويهي رهندو هو. شور شرابي کان هميشه پاسيرو رهندو هو. اڪيلائي هن جي بهترين ڪرت هوندي هئي، نه ته اسان وٽ ڪوئي رڳو سترهين گريڊ ۾ وڃي ٿو، تڏهن به آڪڙ ۾ ڪنڌ جي هڏي سڄائي ڇڏي ٿو. ڪنڌ ۾ ڄڻ ڪلي لڳل هجيس پر هن فقير ماڻهوءَ وٽ اهڙيون ارڏايون ڪو نه هيون. ڇو ته هو پاڻ خانداني، ڳوٺ جو زميندار ۽ تمام وڏي حيثيت رکندڙ آهي. پر ان کي ڪڏهن به محفلن ۾ ظاهر ڪونه ڪيو. هڪ سچي کري انسان جون اهي به خوبيون هونديون آهن ته هر ڳالهه سڌي منهن تي چئي ڏئي، جيڪا ڳالهه قربان پيرزادو جي طبيعت جو حصو آهي. مونکي اها خبر ڪتاب ڇنڻ مور نه سکيا مان پئي ته هو  شاعر به آهي. نوڪرين دوران هن ڪڏهن نه ٻڌايو ته شاعري به ڪندو آهيان. ڪتاب ۾ عبدالڪريم گدائي تي لکيل نظم پڙهي ڏاڍي خوشي ٿي ته هو ڪيڏو پختو شاعر آهي، سندس لڪيل راز کي پڙهندڙن جي آڏو رکان ٿو ته
ڏات
جنهن وقت
ٿي ماٺي ٿئي
فن کي
ان وقت
ڄڻ ڪو
ڪک ٿو سنگهي
روح ٿو ريهه ڪري
پاڻ ٻري
جيءَ جهري
جان کي جهنجهوڙ ڪري
اتي مورخ
هيئن چوي
فن کي شايد فالج ٿيو آ
واهه واهه ڪمال جو فن ۽ خيال آهي آخر تائين ٿيل شعر سان نباهه سچ پڇو ته مون کي ڏاڍو وڻيو آهي. هن ڪونج جهڙي سٻاجهي شخص ڪوئل جهڙي لات رکندڙ قربان پيرزادو 4 سيپٽمبر 1948ع تي موهن جي دڙي جي قدامت تهذيب ڀرسان لاڙڪاڻي ضلعي جي ٻلهڙيجي ۾ جنم ورتو. هن ڳوٺ کي لٽل ماسڪو به چوندا آهن. ڇو ته ٻلهڙيجي علم ادب سياست جي حوالي سان پوري سنڌ ۾ نرالي تاريخ ۽ حيثيت رکي ٿو. اهو انور پيرزادو هجي، ڪامريڊ گلاب پيرزادو هجي، محب پيرزادو يا کڻي قربان پيرزادو هجي، وري نوجوانن جي کيپ ۾ زلف پيرزادو، سهيل پيرزادو، الطاف پيرزادو ۽ ٻيا کوڙ نالا حوالي طور ڳڻائي سگهجن ٿا. قربان پيرزادو 1981ع ڌاري سڌ سماءُ کاتي ۾ سکر ۾ تڏهن آفيسر ٿي آيو هو، جڏهن اسان کي صحافت جي ”ص“ جي به خبر ڪونه هئي. سندس جنم ته 4 سيپٽمبر تي ٿيو هو پر رٽائرڊ وري 3 سيپٽمبر 2008ع ۾ ٿيو. هن نوڪري جهڙي نيڪ دلي خوب سچائي ۽ ايمانداري سان ڪئي، شايد ڪو اهڙو آفيسر اڄ جي دور ۾ هجي، جيڪو چئي ته مان قربان پيرزادو جهڙي صاف شفاف نوڪري سرانجام ڏئي رهيو آهيان. مون کي اهڙو ماڻهو ڳولهيو ڪونه ٿو لڀي. جيڪو قربان پيرزادو جهڙو آدرشي ۽ اصول پرست هجي. سدائين قرب جون ڪچهريون، پيار جا ميلا مچائڻ هن جي زندگيءَ جو مشغلو رهيو آهي. دوستن کي سڏڻ، ڪٺو ڪرڻ ادبي ميڙاڪن ۾ هلي وڃڻ اهو به پابندي سان ۽ وقت تي پهچڻ هن کان ڪوئي سکي. چوندا آهن اندر ۾ ڀلي کڻي سوين درد ڀريل ڇونه هجي پر مک تي مرڪ لازمي آهي. قربان پيرزادي ۾ اها خوبي آهي ته مک تي سدائين مرڪ هوندس، پڪا ڀوڳ ڪرڻ، وڏا ٽهڪ ڏيڻ زندگي ۾ ڄڻ نوان رنگ ڀري ڇڏيندو آهي. هي ناچيز بندو ساڻس عمر ۾ ننڍو هجڻ جي باوجود هن کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي. ڌڻي در دعا آهي ته هو ايئن سدائين کلندو ملندو، ٽهڪ ڏيندو رهي. هو اڃا کوڙ سارا ڪتاب پنهنجي سنڌي سٻاجهي ٻولي کي ارپيندو رهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو