Thursday, October 24, 2019

ڏينهن شينهن.


حيات علي شاهه بخاري
ناليواري ليکڪ اشفاق احمد جو چوڻ آهي ته، ”اسان مان زنده اُهو ئي رهندو، جيڪو دلين ۾ زنده رهندو ۽ دلين ۾ اُهي زنده رهندا آهن، جيڪي خير ورهائيندا آهن ۽ آسانيون پيدا ڪندا آهن“، اهو بلڪل درست آهي، جيڪو ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪندو آهي، اُهو ئي سُرخرو ٿيندو آهي ۽ جيڪو ٻين لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندو آهي اُهو پاڻ به مشڪلاتن جي ور چڙهي ويندو آهي، اِن ڪري انسان کي ٻين سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، جنهن جي توقع هو ٻين کان رکي ٿو. اسان کي کپي ته هر ڪنهن سان پيار وارو نرم رويو اختيار ڪريون، ڪنهن کي عزت ڏينداسين ته اسان کي به عزت ملندي.
حد کان وڌيڪ توقعات ۽ خواهشون انسان کي پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون آهن، ٻين جا محل ماڙيون ڏسي حسد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪجهه رب عطا ڪيو آهي، ان تي شڪر ڪبو ته زندگي آسان ٿيندي. گهڻو وقت اڳ هڪ دوست جي معرفت منهنجي ملاقات هڪ درويش صفت انسان سان ٿي، ان جون صوفيانه انداز ۾ روحاني ڳالهيون ٻڌندو رهيس، ڳالهيون ڪندي ان درويش مون کي مخاطب ڪندي چيو ته ”جيڪو تون چاهين ٿو، اُهو ٿئي ٿو“، مون وراڻيو نه، وري پڇائين ته ”جيڪو رب چاهي ٿو، سو ٿئي ٿو؟“ جواب ڏنم ”ها“، چيائين ته ”پوءِ تون ڇو ٿو چاهين، پنهنجا سمورا معاملا الله جي حوالي ڪري ڇڏ، جيڪو تنهنجي لاءِ بهتر هوندو، الله پاڪ پاڻهي ڪندو“، اِها ڳالهه ٻڌي منهنجو وجود لڏي ويو، سوچ ۾ پئجي ويس ۽ پڪو ارادو ڪري پنهنجي پاڻ کي الله پاڪ جي حوالي ڪري ڇڏيم، نڪو لهر نه لوڏو.
اسان جي ڀرپاسي هر قسم جا ماڻهو هوندا آهن، ڪي چڱا ته ڪي مَٺا، اسان ڄڻ انسانن جي اهڙي جنگل ۾ آهيون، جنهن ۾ ڪنڊيدار ماڻهو به آهن، گلن جيان مهڪندڙ ماڻهو به آهن، ڪي اوپرا آهن ته ڪي پنهنجا آهن، اوپرا ماڻهو ڏنڀ ڏيندا آهن ۽ پنهنجا زخمن تي پهو رکندا آهن، لهجا سمجهه ۾ اچي ويندا آهن، بس ماڻهن کي شرمندو ڪرڻ ناهي ايندو، ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ کي شرمندگي ٿيندي آهي. ان ڪري سياڻا چئي ويا آهن ته ”پنهنجو غم هر ڪنهن کي نه ٻڌايو، ڇو، جو ملم هر گهر ۾ هجي يا نه، لوڻ هر گهر ۾ ضرور هوندو آهي“. ماڻهو ڏاڍا ڏنگا هوندا آهن، بلڪه اِهو چوڻ وڌيڪ مناسب لڳندو ته ”ماڻهو ايترا ته بُکيا هوندا آهن جو ٻين جون خوشيون به کائي ويندا آهن“.
سائين ڏٺو وڃي ته رشتن ۾ ڪمزوريءَ جو هڪ سبب اِهو آهي ته اسان هڪ ٻئي کي ڪاوڙ ۾ چيل ڳالهين کي ته ياد ڪندا آهيون، پر پيار، محبت ۽ سڪون ۾ چيل ڳالهين کي وساري ڇڏيندا آهيون، نه ڪنهن جي پيٽ ۾ جهاتي پائيندا آهيون، نه وري ڪنهن جي دل ۾، نه رڳو اهو پر اکين جي اشارن کي به ڪونه سمجهندا آهيون، ڪٿي ٻين کي پنهنجي محبت کان محروم ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ ڪڏهن وري اسان محبتن کان دور ٿي ويندا آهيون، ٻين جي خبر ناهي، پر مون سان اهڙي ويڌن ٿيندي رهي آهي.
فيس بُڪ تي هڪڙي پوسٽ آئي، ناليواري ناول نگار بانو قدسيه جون هي سٽون ڏاڍيون دل سان لڳيون، ”عورت جو ڪهڙو ڪم جنت ۾، عورت ته هتي به اولاد جي دوزخ پئي سڙي، اُتي به اولاد جي قسمت سان واڳجي ويندي، جنهن جا ست پٽ هوندا، ڇهه جنت ۾ ويندا ۽ ستون دوزخ ۾ ته ماءُ کي جنت ۾ نه ڳولجو، اُها ستين پٽ سان دوزخ ۾ ملندي“.
”ڇا ته زمانو هو جو زالون ناراض ٿي، پيڪين هليون وينديون هيون، هاڻي ته سمورا رواج ئي ختم ٿي ويا آهن“، اهو ٻڌائيندو هلان ته ناڪام عاشق دل کي ڇهندڙ گيت ڳائيندو آهي ۽ ڪامياب عاشق دال، پٽاٽا ۽ پيمپر خريد ڪندو آهي. سنجيده ڳالهيون ڪافي ٿي ويون، هاڻ وندر ٿي وڃي، محبت جي حوالي سان ڳالهه ڪندو هلان ته ڀڳت ڪبير کان ڪنهن پڇيو ته محبت ڇا آهي، هُن جواب ڏنو ته ”محبت ائين آهي، جيئن گونگو ڳڙ کائي ۽ ذائقو نه ٻڌائي سگهي“. خاموش فلمن جي سپر اسٽار چارلي چپلن جو چوڻ هو ته، ”ماڻهو مون کي ڏسي اِن لاءِ ٿا کلن جو آئون سڀني کان مختلف آهيان ۽ آئون ماڻهن کي ڏسي اِن ڪري کلندو آهيان جو سڀ هڪجهڙا هوندا آهن“. واقعي اِها ڳالهه آهي به سچي، ڪيترائي ماڻهو هڪ مزاج، هڪ عادت ۽ هڪ جهڙي فطرت رکندڙ هوندا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي خير به ورهائيندا آهن ۽ ٻين لاءِ آسانيون به پيدا ڪندا آهن، اهڙا ماڻهو ڪٿي لڀندا، مون کي ته خبر ئي ڪانهي. سافٽ ويئر جو موجد دنيا جو امير ترين شخص بل گيٽس هڪ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ ويو، ماني کائي بل ادا ڪري، ويٽر کي پنج ڊالر بخشش (ٽپ) ڏنائين، ويٽر حيران ٿي اُتي ئي بيٺو رهيو، بل گيٽس ويٽر کان ان جو سبب پڇيو، ويٽر وراڻيو ته ڪالهه هن ساڳي ٽيبل تي اوهان جي پٽ ماني کاڌي ۽ ان مون کي ٻه سؤ ڊالر ٽپ ڏنو ۽ اوهان صرف پنج ڊالر ٽپ ڏنو آهي، ان تي بل گيٽس کيس چيو ته ”منهنجو پٽ دنيا جي امير ماڻهوءَ جو پٽ آهي ۽ آئون هڪ واڍي جو پٽ آهيان“.
سائين دل ٿي چوي ته اوهان سان کوڙ ڳالهيون ڪجن، دل جا حال اورجن ۽ رات وهامي وڃي، پر آئون رات جي حق ۾ ناهيان، ڏينهن شينهن آهي، پنهنجي پرائي کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو، ڪنهن دڙڪو، ڪنهن کي دهمان ۽ ڪنهن کان هٿ ٻڌي جان ڇڏائڻي پوندي آهي. راتين جا رولاڪ هجن يا اڪيلائين ۾ زندگي گذارڻ وارا هجن، سي پڪ مون وانگر محبت جا ماريل هوندا، اِن مان اِهو مطلب هرگز نه ڪڍندا ته ڪو آئون ڏکويل گيت ٻڌندو آهيان، ڏاڙهي وڏي اٿم ۽ هرو ڀرو ٿڌا ۽ ڪوسا ساهه ڀريندو آهيان، نه نه اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، متان مون سان ڪو همدردي ڪري، ڪو وري ”ٽوڪان“ ڪري.
موڪلائڻ کان اڳ لطيف سدائينءَ جو بيت ملاحظه ڪندا:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مون نه سکيا.

(روزاني عبرت 24 آڪٽوبر 2019ع)

Wednesday, August 7, 2019

ڪاميابيء جو هڪ راز؛ جذباتي ذهانت.



شفيق الرحمان شاڪر
اها جولائي جي هڪ گرم منجهند هئي.يونيورسٽي جي بس ۾ سوار سمورا مسافر پنهن جي پنهن جي شعبن جا ماهر ۽ اعليٰ دماغ جا مالڪ هئا پر سڀني جو گرميء سبب برو حال هو.ڪو حڪومت کي پٽي رهيو هو ته ڪنهن جي زبان تي ماڻهن جون شڪايتون هيون.ها،جيڪر ڪو گاڏيء ۾ پرسڪون نظر اچي رهيو هو ته اهو رڳو بس جو ڊرائيور هو جيڪو نهايت خوشي ۽ اطمينان سان گاڏي هلائي رهيو هو.بس ۾ سوار هڪ ماهر نفسيات ”ڊينيل گولمين” اهو منظر ڏسي رهيو هو.ان مشاهدي جي نتيجي ۾ هن دنيا کي ذهانت جو هڪ نئون قسم ”جذباتي ذهانت“ متعارف ڪرايو.ڊينيل گولمين 1995ع ۾ اهو تصور پيش ڪيو ته انسان جي ڪاميابيء لاء دماغي ذهانت کان وڌيڪ اهم جذباتي ذهانت هوندي آهي.هن اهو تصور ان بس ڊرائيور کان ورتو جيڪو بس ۾ موجود ٻين اسڪالرز ۽ پروفيسرن جيتروذهين ته نه هو پر سندس جذبات تي ڪنٽرول سڀني کان سٺو هو.هن پنهنجي ڪتاب ۾ ٻه دعوائون ڪيون.پهرين اها ته ڪنهن شخص جي ڪاميابيء ۾ سندس آئي ڪيو يعني دماغي ذهانت جو ڪردار رڳو پندرهن کان ويهه سيڪڙو ٿئي ٿوجڏهن ته اي ڪيو يعني جذباتي ذهانت جو ڪردار اسي کان پنجاسي سيڪڙو هوندو آهي.ٻي دعويٰ اها ته دماغي ذهانت جي ابتڙ جذباتي ذهانت کي بهتر بنائي سگھجي ٿو.ڊينيل گولمين جذباتي ذهانت کي بهتر بنائڻ لاء چار طريقا يا مرحلا به ٻڌايا.پهريون؛ پنهنجي ذهانت کان واقفيت يا خود شناسي.جيئن حضرت علي رضه جو قول آهي ته جنهن پنهنجو پاڻ کي سڃاتو تنهن خدا کي سڃاتو.پنهنجي جذبات جي درياء کي صحيح رخ ۾ وهائڻ لاء سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجن خوبين ۽ خامين جو صحيح علم هئڻ گھرجي.اوهان کي ڪهڙي ڳالهه تي ڪاوڙ اچي ٿي،ڪهڙي شيء اوهان کي خوش ڪري ٿي،ڪهڙي ڳالهه اوهان کي پريشان يا غمگين ڪري ٿي.ڪهڙن ڪهڙن موقعن تي اوهان کي ناڪاميء کي منهن ڏيڻو پيو۽ ڪٿي ڪٿي اوهان کي ڪاميابي ملي.پنهنجو پاڻ کي ڄاڻڻ لاء انهن سوالن جا جواب ڳولهي اوهان کي پنهنجي ڊائريء ۾ لکڻا پوندا.پوء ڪو وقت ايندو جو اوهين گھڻي حد تائين پنهنجي ذات کي ڄاڻي چڪا هوندا.اهو پهريون مرحلو ”پاڻ سڃاڻڻ “ سڏجي ٿو.ٻيو مرحلو پنهنجي ذات جي تنظيم ۽ ترتيب جي صلاحيت آهي.انسان کي پنهنجي ذات جو ادراڪ حاصل ٿي وڃي، پنهن جن خامين ۽ خوبين جو علم حاصل ٿي وڃي ته اها ان جي وڏي خوش قسمتي آهي.جيئن هڪ حديث پاڪ جو مفهوم آهي ته جڏهن ڪنهن ماڻهو تي الله جو ڪرم ٿيندو آهي ته ان کي سندس عيب نظر اچڻ شروع ٿي ويندا آهن.جنهن کي پنهنجون برايون نظر اچڻ شروع ٿي وڃن ته پوء هو انهن جي سڌاري جي به ڪوشش ڪندو آهي.جيڪر اسان دنيا کي بدلائڻ گھرون ٿا ته پوء سڀ کان پهرين اسان کي پنهنجو پاڻ کي بدلائڻو پوندو.جيڪي اسان پنهنجي لاء پسند ڪيون ٿا ٻين لاء به اهو ئي پسند ڪيون.ڪڏهن به ٻئي جا محتاج نه بڻجون بلڪ پنهنجي خداداد صلاحتين تي اعتماد ڪيون.زندگيء جي تجربن مان سدائين ڪجهه سکڻ جي ڪوشش ڪيون.ڪڏهن به ڪنهن ڳالهه يا ڄاڻ کي حتمي ۽ آخري نه سمجھون.سدائين تبديليء جي گنجائش رکون.ڏينهن ۽ رات ۾ ڪجهه وقت ضرور رکون جيڪو نج اسان جي پنهنجي ذات جي لاء هجي،جنهن ۾ پنهنجو پاڻ سان ڳالهه ٻولهه ڪجي،پنهنجو پاڻ کان سوال جواب ڪجن،پنهنجن سٺن ڪمن تي پاڻ کي شاباس ۽ برن ڪمن تي محاسبو ڪجي.پنهنجن احساسن،جذبن،خواهشن ۽ عادتن کي هڪ وڏي مقصد لاء هڪ خاص طرف ۾ لڳائي ڇڏڻ ئي ”ذات جي تنظيم“ سڏائي ٿو.ان کي سادي انداز ۾ سمجھڻ لاء واصف علي واصف جو هڪڙو قول آهي ته ”ڪاوڙ عظيم ماڻهن کي ٺاهي وڃي ٿي جڏهن ته ننڍن ماڻهن کي کائي وڃي ٿي.“ يعني جذبات کي دٻائڻ سان اهي لاوي جي صورت اختيار ڪري وٺن ٿا پوء ڪنهن ٻئي طرف وهي نقصان ڪن ٿا جڏهن ته انهن جي صحيح رخ ۾ استعمال ٿيڻ سان انسان جي وقار ۾ اضافو ٿئي ٿو. ٽيون مرحلو ٻين سان همدردي ۽ ٻين جي دل جوئي ڪرڻ آهي.ڊينيل گولمين جي چوڻ مطابق ” سچي همدردي اها ناهي ته اوهان کي ٻين جي درد جو احساس هجي بلڪه ان درد کي دور ڪرڻ جي تدبير به ڪيو.“ همدردي ۽ دل جوئي مان مراد اها آهي ته انسان پنهنجو پاڻ کي ٻئي جي جاء تي رکي سوچي،ٻين جي درد کي محسوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.اهو آهي ته ڏاڍو ڏکيو ڪم پر رڳو ايترو سوچڻ سان اسان جا اڌ کان مٿي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا ڇو ته اسان جي ترجيح ۽ گھڻي ۾ گھڻو ڌيان ان ڳالهه تي هوندو آهي ته اسان ڇا سوچي رهيا آهيون، اسان جي لاء ڇا مناسب آهي،اسان جا جذبا ڇا چئي رهيا آهن پر جيڪر اسان ان سان گڏوگڏ ٻين جي جذبن ۽ احساسن جو خيال رکڻ به شروع ڪري ڏيون ته اها خوبي اسان کي ٻين کان ممتاز بنائي ڇڏيندي.جذباتي طور تي ذهين ماڻهن ۾ اها خوبي پوري پوري ڀريل هوندي آهي.دنيا ۾ جيترا به ڪامياب ۽ نامور ماڻهو گذريا آهن انهن سڀني ۾ اها عادت ساڳي هئي جو اهي پاڻ سان ڳنڍيل ماڻهن جي جذبن کي سمجھندا هئا ۽ انهن کي گڏ کڻي هلندا هئا.چوثون مرحلو آهي ماڻهن سان بهتر لاڳاپا پيدا ڪرڻ.جذباتي ذهانت حاصل ڪرڻ لاء پنهنجي جذبات کي سمجھڻ،پنهنجن جذبن کي صحيح طرف ۾ لڳائڻ ۽ پوء ٻين جي جذبن کي سمجھڻ ۽ سمجھي ڪري انهن سان بهتر لاڳاپا قائم ڪرڻ به اهم مرحلو سمجھيو ويندو آهي.جذباتي طور تي ذهين ماڻهو ٻين سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ.اٿڻ ويهڻ ۽ سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ چڱيء ريت ڄاڻندا آهن.انهيء کي ”سماجي ذهانت“ به ڇيو وڃي ٿو.جهڙيء طرح شهرت ۽ دولت ڪمائي وڃي ٿي اهڙيء طرح اسان کي عزت به ڪمائڻي پوندي آهي.جيڪر اوهان ٻين سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ نٿا ڄاڻو ته پوء اوهان ڪڏهن به سٺا منتظم،سٺا استاد يا سٺا واپاري بڻجي نٿا سگھو توڙي اوهان ڪيترا به تعليم يافتا ۽ پنهنجي فن ۾ ڪيترا به ماهر ڇو نه هجو.سماجي ذهانت سکڻ لاء معروف مصنف ”ڊيل ڪارنيگي“ جي ڪتابن مان فائدو حاصل ڪري سگھجي ٿو.ياد رکڻ گھرجي ته انسان هن ڪائنات جي ذهين ترين مخلوق آهي ۽ ذهانت جا ڪيترائي قسم هن وقت تائن دريافت ٿي چڪا آهن جن مان جذباتي ذهانت به هڪ قسم آهي.انسان دنيا ۾ پنهنجن جذبن جو اظهار ڪرڻ گھري ٿو.ماء جو پنهنجي ٻار کي پيار مان چمي ڏيڻ،ماڻهوء جو ڪاوڙ وچان ڙڙيون ڪرڻ ۽ ٻارن جو وڇن جي خوف کان لڪي وڃڻ جذبن جو اظهار ئي ته آهي.جذبا انسان جي اندر لڪيل توانائي آهي جيڪا ڪٿان نه ڪٿان نڪرڻ لاء آتي رهي ٿي.هاڻي اهو اسان جو ڪم آهي ته اسان انهن جذبن کي آزاد ڇڏڻ بدران انهن کان مثبت ڪم وٺڻ سکون.اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪريون ته ڪهڙي جذبي کي ڪٿي استعمال ڪرڻ بهتر آهي ۽ ڪٿي نقصانڪار آهي.زندگيء جي ننڍن ننڍن مسئلن جو مثبت رد عمل ڏيڻ سکجي،ان طرح جزبا فائدو ڏيڻ لڳن ٿا.شخصيت ۾ اعتماد اچي ٿو ۽ زندگيء جي مسئلن سان منهن ڏيڻ ۾ آساني پيدا ٿئي ٿي.

(روزاني هلال پاڪستان 6 آگسٽ 2019ع)

Thursday, July 4, 2019

ايف ايم ريڊيو جي دنيا...!



شفيق الرحمان شاڪر
ايف ايم ريڊيو چينل اچڻ سان هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ڇوڪريون ويچاريون جيڪي گھرن ۾ ويٺيون رهنديون هيون ۽ ماء پيء جي ڊپ وچان ڪنهن غير مرد سان ڳالهه ٻولهه ئي نه ڪنديون هيون هاڻي رات سڪون سان ڪنهن ”ادي جنيد“ سان آن ايئر ڳالهيون به ڪن ٿيون،سندس آواز جي تعريف به ڪن ٿيون ۽ پنهنجي پسند جو گانو به ٻڌي وٺن ٿيون.”ادو جنيد“ به پنهنجي آواز کي وڌيڪ پرخمار بڻائي پندرهن سو روپين ۾ رات جو ٻن ڪلاڪن تائين آهون ڀريندو رهندو آهي ۽ اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش  ۾ پوريء طرح ڪامياب ويندو آهي ته هو ڪنهن ”رومانٽڪ “ شخصيت جو مالڪ آهي ۽ ساغر صديقيء کان ناصر ڪاظميء تائين هن جا نهايت ئي ويجھا لاڳاپا رهيا آهن.رات جي ميزبانن کي وحيد مراد ۽ ڏينهن جي ميزبانن کي شوخ ۽ لاپرواهه شاه رخ بنجڻ جو جنون هوندو آهي. ڏينهن جو اهي مائيڪ وات جي اندر وجھي اهڙي ته خوش خوش ۽ تيز گفتگو ڪندا آهن جو ڪو ماء جو لال اندازو نه ڪري سگھندو ته ويهه منٽ پهرين اهو ڍالي ۾ لٽڪي اسٽوڊيو پهتو آهي.ڪيترين ئي ميزبان ڇوڪرين جي ته ڳالهه ڳالهه تي ايتري کل نڪري ويندي آهي جو ريڊيو ٻڌندڙ ڏند پيهي سندس زال کي پٽڻ لڳندو آهي.انهن مان گھڻيون اهي هونديون آهن جن جون شڪليون سندن آواز جي بلڪل ابتڙ هونديون آهن.گھر ۾ مڙس انهن سان ڊڄندي ۽ هٻڪندي ٿوري به پيار جي ڪا ڳالهه ڪري ته مٺيون ڀڪوڙي سندس پويان پئجيو وڃن پر آن ايئر اهڙي ته محبت سان فون ڪالس جو جواب ڏينديون آهن جو ”چوهڙ جي زبير“ جي هڪ دفعو به ڪال ملي وڃي ته سڄو ڏينهن پنهنجي پان جي مانڊڻيء تي ويٺو حسين خيالن ۾ گم رهندو آهي.ايف ايم ريڊيو سبب حڪيمن جي به چاندي ٿي ويئي آهي.حڪيمن پورا پورا پروگرام نشر ڪرڻ شروع ڪري ڏنا آهن ۽ انهن ”حڪيمي پروگرامن“ ۾ اڪثر حڪيم صاحب ۽ ”صائما جي“ پري پري جي ”مايوس“ مريضن کي نه رڳو دوائون پارسل ڪندا آهن پر انشاءالله انشاءالله چوندي بواسير کان هارٽ اٽيڪ تائين جو آن ايئر علاج به تجويز ڪري وٺندا آهن.صائما جي پاڻ به حڪيم صاحب کان گھڻو متاثر نظر ايندي آهي.وقت بوقت سندس بيمارين جو علاج به پڇندي رهندي آهي ۽ جذبات کان متاثر ٿي بار بار اعتراف به ڪندي آهي ته حڪيم صاحب تو منهنجو مسئلو ئي حل ڪري ڇڏيو.
ايف ايم ريڊيو سبب هاڻي گاڏين ۾ ٽيپ جي بدران ريڊيو گھڻو ٻڌو وڃي ٿو،گانا به سٺا لڳندا آهن پر حرام آهي جو ڪوبه گانو پورو ٻڌايو وڃي.اڌ کان مٿي گاني ۾ ميزبان سندس انٽري وجھي گاني جي ستيا ناس ڪري ڇڏيندا آهن.ڪيترا ئي شوقين قسم جا ميزبان ته گاني سان گڏ پنهنجي گلوڪاريء جو مظاهرو به ڪرڻ لڳندا آهن نتيجي ۾ سونون نگم به برو لڳڻ لڳي ٿو.ايف ايم ميوزڪ جو اهڙو نئون ٽرينڊ متعارف ڪرايوآهي جو هاڻي ڳالهه ٻولهه دوران به هر خالي جڳهه تي ميوزڪ وڄڻ شروع ٿي وڃي ٿي.ان جو هڪڙو فائدو ضرور ٿيو آهي جو ميزبان جيڪر ڇهه سٽون به ياد ڪيو ويٺو هجي ته ڳالهه ٻولهه ۾ اڌ ڪلاڪ ته سولائيء سان گذريو وڃي.ڪنهن ڳالهه ۾ ميوزڪ وجھي ايترو ته پکيڙيو وڃي ٿو جو پوري ڳالهه ٻڌڻ لاء ڪن سڪيو وڃن.مثال اوهان جيڪر ڏينهن جو ريڊيو آن ڪيو آهي ته  گفتگو ڪجهه هن قسم جي هوندي؛ ”جي لسنرز آئون آهيان اوهان جو ڀاء،اوهان جو ڀائيٽو،اوهان جو ڀاڻيجو،اوهان جو چاچو،اوهان جو مامو،اوهان جو دوست،اوهان جو ساٿي،اوهان جو همراز..لسنرز اڄ نهايت ئي وڻندڙ ڏينهن آهي ۽ ان ڏينهن جي مناسبت سان مون اڄ هي ميوزڪ.. ايتري دير ۾ ته ماڻهو هوند آفيس يا گھر مان ٿي موٽي اچي.ايف ايم تي هر اهو ماڻهو ڪامياب ”ڊي جي“ بنجي سگھي ٿو جنهن ڏيڍ ٻه سال لاري اڏي تي ”دادو لاڙڪاڻو“ جا آواز لڳايا هجن يا بسن ۾ چورن وڪيو هجي.ساهه کڻڻ سواء ڳالهائڻ جو فن ايف ايم جي ميزبان کان وڌيڪ ٻئي ڪنهن کي نٿو اچي.ايف ايم ۾ موجود ڊي جي گھڻي ڳالهائڻ جا ايترا ته عادي ٿي چڪا آهن جو جيڪر اهي ڪجهه منٽن لاء چپ ٿي وڃن ته مري وڃن.ڌڙا ڌڙ ايندڙ ايف ايم ريڊيو چينلن ”هي ريڊيو پاڪستان آهي“ جهڙي خوبصورت آواز کي به دٻائي ڇڏيو آهي.هاڻي عشق ڪرڻ جا طريقا،ڪاوڙيل ڇوڪريء کي پرچائڻ جا طريقا ۽ دل جو حال شعرن ۾ ٻڌائڻ جي ذميداري ايف ايم ريڊيو وارن سنڀالي ورتي آهي. گھريلو پابندين ۾ جڪڙيل ڇوڪرا ڇوڪريون دل کولي پنهنجي وڻندڙ شخصيت سان گفتگو ڪن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ايئن لڳندو آهي ته ڪال ڪندڙ کي وسري ويو آهي ته اها ڪال آن ايئر به وڃي رهي آهي.انهن سمورين ڳالهين باوجود هڪ ڳالهه جو ڪريڊٽ ايف ايم ريڊيو چينلز کي ضرور ملڻ گھرجي جو انهن ريڊيو کي وري زندهه ڪري ورتو آهي نه ته ريڊيو پاڪستان جو ڪم رڳو ايترو رهجي ويو هو ته مارڪيٽن جا اگھه،حڪومتي موقف تي ٻڌل ٽاڪ شوز ۽ بور قسم جا گانا بار بار ٻڌايا وڃن.مون پنهنجي هڪ ڊي جي دوست کان پڇيو ته تون روزانو ساڍا ڇهه ڪلوميٽر ڳالهائين ٿو ته ٿڪين نٿو؟ اطمينان سان جواب ڏنائين جڏهن گھر ۾ ڪو ڳالهه ٻڌڻ وارو ئي نه هجي ته پنهنجو ٽيلنٽ آزمائڻ لاء ايف ايم جو ڊي جي بنجڻ کان وڌيڪ ٻيو زبردست ڪم ٻيو ڪهڙو ٿي سگھي ٿو؟ منهنجي خيال م صحيح ٿو چوي،روزانو پندرهن ويهن خوبصورت آوازن سان گپ لڳائڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي.دنيا ترقي ڪري آهي،هاڻي گھر ويٺي ئي دنيا جي ميلي ۾ شامل ٿي سگھجي ٿو ۽ ”ادي جنيد“ سان نه رڳو پاڻ ڳالهه ٻولهه ڪري سگھجي ٿي پر ”باجي“ جي ڳالهه به ڪرائي سگھجي ٿي.رات جوڪنهن به لمحي ٿورو ايف ايم چينل ٽيون ڪيو ۽ ڪالرز جي گفتگو ٻڌو،اوهان کي لڳندو ته ڄڻ ڊي جي ۽ خاتون ڪالر باغ جناح ۾ فروٽ چاٽ کائيندي دل جون ڳالهيون ڪري رهيا هجن.رات هڪ خاتون ڪنهن ميزبان کي چئي رهي هئي”پيارا ڀاء!..هاڻي ته اوهان جو آواز نه ٻڌان ته مون کي ننڊ ئي نٿي اچي!“

(روزاني هلال پاڪستان) 

Saturday, June 15, 2019

انساني نفسيات ۾ وهم،شڪ ۽ خوف !



شفيق الرحمان شاڪر
ان سچائيء کان منهن موڙي نٿو سگھجي ته هر انسان جي فطري طور تي پنهنجي پنهنجي نفسيات هوندي آهي.انساني طبيعت ۾ فطري طور تي خوشي ۽ غم ٻنهي قسمن جا جذبا هوندا آهن جن جو تعلق سڌو ان جي طبيعت سان هوندو آهي.انسان جڏهن خوش هوندو آهي ته خوشيء جو اظهار ڪرڻ لاء ڪڏهن ڳائي ٿو ته ڪڏهن تاڙيون وڄائي ٿو.اهڙيء طرح جڏهن ان تي غم جي ڪيفيت طاري ٿئي ٿي ته هو پنهنجي غم ڀريل جذبن جو اظهار ڪرڻ لاء ڪڏهن روئندو آهي ته ڪڏهن دردناڪ نغما ۽ نوحا پڙهندو آهي.حقيقت ۾ انساني نفسيات جو تعلق سڌو ان جي سوچ ۽ ويچار يعني دماغ سان هوندو آهي.انساني زندگيء ۾ ٻن قسمن جي نفسيات ڪم ڪندي آهي جن ۾ هاڪاري يا مثبت ۽ ناڪاري يا منفي احساسن جو اهم ڪردار هوندو آهي.زندگيء جي هر شعبي ۾ اهي ٻئي نفسياتي سوچون مختلف قسمن جي احساسن کي جنم ڏين ٿيون.جن ۾ منفي لاڙن ۽ احساسن جي سختيء سبب ئي اڪثر انسان احساس برتري يا احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي ويندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ انسان ڪڏهن دشمنيء واري جذبي ته ڪڏهن حسد جو شڪار ٿئي ٿو.ناڪاري سوچ سبب انساني طبيعت مايوسي ۽ نااميدي ته ڪڏهن وري خوف ۽ وهم جهڙن نفسياتي مرضن جو شڪار ٿي ڪري رهجي وڃي ٿي.نفسيات جا ماهر ان قسم جي شديد احساسن کي ذهني يا نفسياتي بيمارين سان تعبير ڪن ٿا.اهڙيء طرح جي ڪمپليڪس ۾ ڦاٿل ماڻهن جي شخصيت سماج ۾ بريء طرح متاثر ٿي رهجي وڃي ٿي.ڪو انهن کي مغرور چوندو آهي ته ڪو انهن کي خبطي.بهرحال انهن جي رويي سبب سماج ۾ انهن بابت جيڪا راء قائم ٿئي ٿي اها سندن شخصيت کي گھائل ڪري ڇڏي ٿي جنهنجو هنن کي احساس به نه ٿيندو آهي.ان قسم جي نفسياتي مريضن سان وڏي مشڪل اها هوندي آهي جو کين پنهنجي مرض جو احساس ئي نه هوندو آهي جڏهن ته جيڪي جسماني مريض هوندا آهن انهن کي سندن مرض جو چڱيء طرح احساس هوندو آهي ته کين ڪٿي ۽ ڪهڙي تڪليف آهي.نفسياتي مريض پنهنجي ناڪاري سوچ ۽ فڪر سبب جيڪا سندن ذهن ۾ اوتجي چڪي هوندي آهي،غير معمولي عادتن جو شڪار ٿي پنهنجو پاڻ کي هر وقت صحيح سمجھڻ لڳندا آهن.ان قسم جي ذهني مريضن کي نفسيات جي ماهرن او سي ڊي (Obsessive Compulsive Disorder) سان تعبير ڪيو آهي جنهن ۾ مريض ڪنهن هڪ شيء جي باري م وري وري سوچيندو آهي يا ڪنهن عمل کي بار بار ورجائيندو آهي.جيڪي ماڻهو ان نفسياتي بيماريء جو شڪار ٿين ٿا انهن جي ذهن ۾ جيڪو خيال ايندو آهي انهيء تي اهي ترت عمل ڪرڻ لڳن ٿا پر انهن کي خود پنهنجي غير معمولي  رويي جو احساس ئي نه هوندو آهي.عام زبان ۾ ان عمل کي ”خبط جبراني“ چيو وڃي ٿو.ان قسم جا نفسياتي مريض ڪڏهن ڪڏهن مختلف قسمن جي شڪن شبهن ۽ وهمن ۾ ڦاسي خوف جو شڪار ٿي وڃن ٿا.انهن جون عادتون پوريء طرح بدلجي وڃن ٿيون.مثال،ڪو شخص وري وري هٿ ڌوئڻ بعد به مطئمن ناهي ٿيندو.هن کي ڪٿي نه ڪٿي ان ڳالهه جو احساس ۽ گمان رهي ٿو ته سندس هٿ ۾ ڪا گندگي رهجي ويئي آهي ۽ سندس هٿ صاف ناهن ٿيا ان ڪري هو پنهنجي وهم سبب هٿن کي بار بار ڌوئڻ پنهنجي عادت ٺاهي ڇڏي ٿو.ان قسم جي نفسياتي مريضن جو استخاري تي اعتماد وڌي وڃي ٿو ۽ اهي ننڍي کان ننڍي ڳالهه لاء به استخاري جو سهارو وٺن ٿا ايستائين جو استخارو ڪرڻ سندن عادت بڻجي وڃي ٿو.اهو مرض ايترو وڌي ٿو جو ماڻهن سان ملڻ ٻاهر نڪرڻ،ڪنهن پروگرام ۾ شريڪ ٿيڻ يا نه ٿيڻ،نماز جماعت سان يا اڪيلي پڙهڻ،مطلب ته هر شيء ۾ استخارو ڪرڻ جا قائل ٿي وڃن ٿا.اهي ضروري ۽ لازمي ڪمن جي ادائيگيء لاء جنهن ۾ عقلي ۽ فطري حڪم هوندو آهي انهيء ۾ به استخاري جا عادي بڻجي وڃن ٿا.ايستائين جو پنهنجي ان عادت سبب پنهن جا ڪيترا نقصان به ڪري ويهن ٿا.حقيقت م اهڙي نفسيات رکندڙ ماڻهو ڪٿي نه ڪٿي پنهنجي خود اعتمادي وڃائي ويهن ٿا جيڪا انهن کي بار بار اهو عمل ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.ڪڏهن ڪڏهن اڻ ڄاتل خوف به کين ستائيندو آهي جنهن سبب اهي ايئن ڪندا آهن.انهن جي ان نفسياتي رويي جو تعلق انهن جي ان ذهني ايپروچ سان هوندو آهي جيڪا سندن ذهن ۾ پهرين کان ئي گھڙي چڪي هوندي آهي.ماهر نفسيات پروفيسر آئي اي ترين لکيو آهي؛ ” ڪجهه ذهني بيمارين ۾  مريض جي ڪنن ۾ مليل جليل شور ۽ آواز بڌڻ ۾ ايندا آهن.جڏهن مرض وڌي ٿو ته باقائدي مردن ۽ عورتن جي ڳالهائڻ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا آهن پر ڳالهه ڪندڙ ماڻهو نظر نه ايندا آهن.ڪڏهن ڪڏهن مريض انهن جي ڳالهين جو جواب به ڏيندو آهي جڏهن ته ماڻهو سمجھندا آهن ته هو پنهنجو پاڻ سان ڳالهائي رهيو آهي.ڪڏهن ايئن به ٿيندو آهي ته مريض کي انهن مان مزو ايندو آهي جڏهن ته حقيقت ۾ ايئن نه هوندو آهي مريض کي اهي ئي آواز جيڪي هن سان ڳالهائين ٿا هن کي الهام هئڻ جو احساس ڏيارڻ لڳن ٿا.“
ڪنهن به قسم جي اڻ ڄاتل خوف ۽ شڪن جي بنياد تي ان قسم جا نفسياتي مريض ماڻهن کي پنهنجو دشمن به سمجھڻ لڳن ٿا جڏهن ته ماڻهو انهن جا دشمن نه هوندا آهن ڇو ته جڏهن اهي پاڻ ڪنهن جا دشمن ناهن ته ٻيا انهن جا دشمن ڇو ٿيندا پر هو ان نموني نه سوچيندا آهن.ان قسم جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن اڪيلائي پسند ٿي ويندا آهن.پنهنجو پاڻ کي گھر ۾ قيد ڪري ڇڏيندا آهن ۽ ماڻهن سان ملڻ جلڻ پسند نه ڪندا آهن.کين ڊپ لڳندو آهي ته منهن جا دشمن منهنجي پويان لڳل آهن جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ گھرن ٿا.منهنجي خلاف سازشون ڪيون پييون وڃن ايستائين جو ان سان جڏهن ڪو سندس پنهن جو ويجهو به ملڻ ويندو آهي ته اهي سمجھندا آهن ته ان کي منهنجي ڪنهن دشمن مون ڏانهن موڪليو آهي.ان قسم جا ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجي پاڇي کان به ڊڄڻ لڳندا آهن ۽ پنهنجن مٽن مائٽن ۽ دوستن کي به شڪ جي دائري ۾ ڏسڻ لڳن ٿا جڏهن ته حقيقت ۾ اهي سندن همدرد ۽ چاهيندڙ هوندا آهن.ايستائين جو ان قسم جا ذهني مريض سندن شخصيت جي برن اثرن ۽ منفي روين ۽ سلوڪ سبب  آهستي آهستي سماج ۽ گھر وارن جي محبت ۽ پيار کان دوري ۽ بي ڌيانيء جو شڪار ٿيڻ لڳن ٿا.اهي پنهنجي لاء پاڻ پيدا ڪيل وهمي دنيا ۾ گم ٿيڻ لڳن ٿا جيڪا نهايت ئي خوف،شڪ ۽ بي يقينيء جي دنيا ٿئي ٿي.اها هڪ اهڙي بيماري آهي جو شڪ کان شروع ٿي يقين ۾ بدلجڻ لڳي ٿي.ان جو مثال ايئن سمجھو ته ڪڏهن ڪڏهن اسان ڪنهن پراڻي ديوار تي جنهنجو پلاسٽر يا پينٽ اڍڙي ويو هجي ۽ اسان ان کي جڏهن ڌيان سان ڏسڻ شروع ڪيون ٿا ته ان ۾ اسان جيڪا تصوير به پنهنجي ذهن ۾ اڀارينداسين اها ئي تصوير اتي نظر ايندي.جيڪڏهن اسان ان کي ڪنهن پوڙهي جي شڪل ۾ يا ڪنهن جانور جي شڪل ۾ سوچينداسين ته اهو ئي نقش اڀري ايندو جيڪو يقين جي صورت اختيار ڪرڻ لڳي ٿو.اهو سڀ ان ڪري ٿيندو آهي جو اسان جي نظر تي اسان جي سوچ غالب اچي وڃي ٿي.
ان قسم جي نفسياتي بيمارين جا مختلف سبب ٿي سگھن ٿا.اهو به ممڪن آهي ته ڪو حادثو جنهنجو شڪار مريض ٿيو هجي،ان حادثي جو هن ڪنهن سان به ذڪر نه ڪيو هجي ۽ اهو خوف ۽ شڪ ان جي ذهن جي لڪيل خانن ۾ شڪ مان گذري يقين جي صورت اختيار ڪري ويو هجي.اهڙن نفسياتي مريضن جو علاج ناممڪن ڪونهي ڇو ته اها ڪا لاعلاج بيماري ناهي.اهڙن مريضن کي پاڻ يا سندن گھر وارن کي گھرجي ته اهي ڪنهن ماهر نفسيات سان ترت رابطو ڪن ته جيئن مشاورت ذريعي سندن مرض جو علاج ٿي سگھي.اهڙا مريض رحم ۽ همدرديء لائق ٿين ٿا.سندن ذهني ڪيفيت کي ڏسندي ساڻن ان قسمن جو همدرداڻو رويو اختيار ڪرڻ گھرجي.انهن سان الجھڻ يا بحث ڪرڻ جو ڪو فائدو ناهي.جاهل سماج ۾ اهو به ڏٺو ويو آهي ته اهڙن مريضن جي علاج لاء ماڻهو جاهل ۽ ٺڳ عاملن جي چڪرن ۾ ڦاسي وڃن ٿا ۽ اهي اهڙن مريضن کي جن يا آسيب ۾ ورتل،جادو ڪيل وغيره قرار ڏيئي اهو ٻڌائيندا آهن ته اهڙيون نظر نه ايندڙ طاقتون انهن کان اهو ڪم ڪرائي رهيون آهن جڏهن ته سچائي اها ناهي هوندي. اها هڪ اوسي ڊي جهڙي بيماري آهي جنهن لاء مريض ۽ مريض سان لاڳاپيل ماڻهن کي ڪنهن عامل يا جادوگر بدران ڪنهن ماهر نفسيات سان رجوع ڪرڻ گھرجي.
(روزاني جيجل 15 جون 2019ع)

Tuesday, January 8, 2019

شامتن کي سڏيندڙ ۽ دعوتون ڏيندڙ اسان جون دليون.



ڊاڪٽر در  محمد پٺاڻ
مان جڏهن وقت ۽ حالتن تي ويچار ونڊڻ سان گڏ سنڌ ۽ سنڌ واسين جو ذڪر ڪندو آهيان ته اها ڳالهه زور ڏئي چوندو آهيان ته اسان جي معاشري ۾ اڪثر فرد اڌورا ۽ اڻپورا آهن، ان ڪري ادارا الله کي پيارا ٿي ويا آهن. ادارا لولا ۽ لنگڙا آهن، ان ڪري فردن جي جوڳي فڪري ۽ نظرياتي تربيت ٿي نه ٿي سگهي. انهن ڳالهين اسان جي حالتن ۾ مرڻ يا مارڻ واري رنگ کي ڀري ڇڏيو آهي ۽ اسان پاڻ شامتن کي دعوتون ڏيندا آيا آهيون.
ڪلهوڙن جي دور ۾ اسان جي اهڙن روين نادر شاهه جهڙي ظلم کي ڪاهي اچڻ ۽ اسان کي برباد ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪري ڏنو. هن سنڌ ۾ جيڪا تباهي آندي، ان تي هڪ شاعر لکيو ته ”شامتِ اعمال مان، صورتِ نادر گرفت“. مطلب ”نادر شاهه اسان جي عملن جي شامت بڻجي آيو آهي.“
ظاهر آهي ته جهڙا عمل هوندا، نتيجا به اهڙا ئي نڪرندا، ساريون پوکي اسان ڪڻڪ لڻي نه ٿا سگهون، ديني تعليم ٻڌائي ٿي ته عملن جو دارومدار نيت تي آهي. نيت جي معنيٰ ٿيندي ڪنهن مقصد کي حاصل ڪرڻ جي منصوبه بندي. اسان جي سماج ۾ سماجي روين جي اها منصوبه بندي اڪثر ڪري ماڻهوءَ کي پاڇي بنائڻ جو ذريعو آهي، ان ڪري اسان مان ڪيترا اڌورا ۽ اڻپورا انسان بڻجي پون ٿا. انهيءَ سوچ اسان کي ڌارين جي در تي جهڪڻ سيکاريو آهي ۽ پنهنجن کي پنهنجي پيرن هيٺان جهڪائڻ جي خفت ۾ مبتلا ڪري ڇڏيوآهي. تعليم، مذهب، نظريا، قدر ۽ اصول اسان کي پنهنجي اهڙن روين بدلائڻ کان جهڙوڪ روڪي نه ٿا سگهن. اسان پنهنجي انا، ضد ۽ هوڏ ۾ اهي سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيون ٿا.
درگذر ڪرڻ، معاف ڪرڻ، افهام تفهيم سان ڪنهن سمجهوتي تي اچڻ بدران اڪثر روين ۾ اسان واپسيءَ جا دروازا بند رکندا آهيون ۽ پنهنجي نيت خواهه رويئي کي پٿر تي ليڪ ڄاڻي. ان کي سڌارڻ يا بدلائڻ جي ڪوشش ئي ڪري نه سگهندا آهيون. ان ڪري ٻئي طرف کان به اسان کي اهڙي تباهي آڻيندڙ ۽ شامتن جهڙي موٽ ملندي آهي. ڇوته ان لاءِ اسان ٻيو رستو ڇڏيندا ئي ڪونه آهيون.
مثال طور پوليس جو رويو اڪثر حالتن ۾ هڪ ”معمولي ڏوهي“ کي ” غير معمولي ڏوهي“ بڻائيندو رهيو آهي. سنڌ ۾ جيڪي ڌاڙيلن پيدا ٿيا. انهن جي اڪثريت پوليس جي روين ۽ وڏيرن جي ڏاڍ ڪري ٿيا. انهن کي عام ماڻهوءَ ڪونه آزاريو پر ظلم ڪرڻ ۽ ڏاڍ ڪرڻ جو فيض کين ٿاڻن يا وڏيرن جي اوطاقتن مان ئي مليو. پوءِ تباهين ۽ شامتن جي بارش ٿيڻ شروع ٿي ۽ جڏهن باهه ٻري ته پوءِ سڪن سان گڏ ساون کي ساڙي ڇڏي ٿي.
اڳي پوليس، ڪامورو، وڏيرو ۽پير ليکڪن قلم جو نشانو بڻيا رهيا ۽ انهيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ اهڙي قسم جو ڳچ سارو ادب پيدا ڪيو.  پر هاڻي جهڙوڪ هر ڪو پنهنجي وجود ۾ هڪ ئي وقت تي پير، وڏيرو ۽ ڪامورو آهي. هر ڪو جهڙوڪ پوليس وارو ڪنهن وڏيري جو منشي ۽ ڪنهن پير جو خليفو آهي. گهٽائي ڪوئي ڪونه ٿو. جنهن کان جيترو پڄي ٿو، اهو پنهنجي روين ۽ عملن سان پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ شامتن ۽ مصيبتن کي دعوت ڏئي ٿو. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته متضاد گروهه، يعني ظالم ۽ مظلوم، حاڪم ۽ محڪوم، غريب ۽ امير، پڙهيل ۽ اڻپڙهيل اهڙن روين ۾ هڪ ٻئي کان ٻه قدم اڳتي هوندا. ان ڪري هر ڪو ڄڻ اهو پيو هوڪو ڏئي ته ”تون منهنجي هٿان مر، يا مان توکي ماريان“ مرڻ مارڻ کانسواءِ اسان جي وات تي، نيتن ۾ ۽ عملن ۾ ٻي ڪا وائي ئي ڪانهي.
جيڪڏهن ظالم باهه ٻاري ٿو ته مظلوم باهه کي پاڻي سان نه پر باهه سان ئي وسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڇو ته اهي کوهه ئي سڪي ويا آهن، جن ۾ ڪا پاڻيءَ لپ بچي هجي. متضاد طبقا ، پوءِ اهو ظلم هجي يا مظلوم، مرد هجي يا عورت، دوست هجي يا دشمن، پڙهيل هجي يا اڻ پڙهيل انهن جي دلين مان شڪ، وهم ۽ مفروضن جا مرض ڪڍي ئي نه ٿا سگهجن. هر ڪا ڌر پاڻ کي سرخرو ۽ فتح ياب ڏسڻ گهرندي ۽ان جو اهو پڪو ايمان هوندو ته ٻئي طرفان مرڻ مارائڻ کانسواءِ ٻي ڪا چڱائي ٿيندي ئي ڪونه. پوءِ اهڙيءَ صورت ۾ هر ڪو اهڙو ڌڪ هڻڻ جي ڪوشش ڪندو، جيڪو ماري، پر جيڪڏهن ماري نه ٿو سگهي ته کاري ضرور.
اسان درگذر ڪرڻ ۽معاف ڪرڻ جي جهڙوڪ سُتي ئي ڪونه پيتي آهي. بدلو وٺڻ جهڙوڪ اسان جي دين ايمان جو حصو بڻجي ويو آهي. اسان جون دليون اهي اهرام آهن، جن ۾ نفرتن جا لاش ڳرندا ئي ڪونه آهن. وقت گذرڻ سان گڏ نفرتن تي اسان جو وياج چڙهندو ويندو آهي، پوءِ جڏهن موقعو ملي ٿو ته سود سميت پنهنجون نفرتون، وير ۽ بدلا چڪايون ٿا.
جڏهن روين جي اهڙي پڪائي يا چئجي ته راسخ عقيدو ذهن ۾ گهر ڪري ويهي ٿو ته ماڻهو پاڻ لاءِ ۽ ٻين لاءِ مصيبتون ۽ شامتون بڻجي وڃي ٿو. انهيءَ صورتحال اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. ان ڪري ڪنهن کي قرار ڪونهي. ان ڪري روين جا اهي ردعمل ظاهر ٿين ٿا، جن تي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.  مثال طور ٻارن ٻچن واري ماءُ سان سندس مڙس ڏاڍ ڪندو مائي ڇهن ٻچن کي نظرانداز ڪري گهر ڇڏي ويندي. مائي ۽ مڙس پاڻ ۾ نه ٺهيا ته همراهه وڃي شاديءَ مٿان شادي ڪندو ۽ اهو نه ڏسندو ته پٺيان ڪرڪيٽ ٽيم جيترا ٻار ڇڏي آيو آهيان. سنڌ ۾ ٻي شاديءَ جو اڪثر پس منظر اهو ئي ٿئي ٿو. هڪ گهر ڊاهي ٻيو ٺاهجي ٿو ته پهرئين گهر کي ڏکن ڏوجهرن ۾ وڌو ٿو وڃي.
بدلي، وير ۽ نفرت وارن روين ۾ شدت اچڻ جو اسان وٽ اهو ڪارڻ به آهي ته اسان من ڪچا نه ٿيندا آهيون پر ڪن ڪچا ٿيندا  آهيون. اسان جيڪو ٻڌانداسين. يا جيئن اسان جا ڪن ڀريا ويندا، ان تي ايمان آڻينداسين، من ڪچو ٿي مامري کي  نظرانداز نه ڪنداسين، پرڪن ڪچو ٿي ٻين جي خواهشن ۽ نيتن جي نهن ته نچڻ شروع ڪنداسين. انسان ته انسان آهي چڱايون ۽ لڱايون سڀني ۾ ٿين ٿيون. پر اسان کي ٻئي جي لڱائي ڪانه وڻندي، پر ان صورت ۾ زهر لڳندي، جڏهن ان بابت ڪوڪن ڀري يا ڳالهه ٻڌجي، تصديق نه ڪنداسين، حق ۽ سچ جو فرق نه ڪنداسين، پر ٻڌل ڳالهه تي ڳنڍ ٻڌنداسين. انهن روين ۽ نظرين به اسان ۾ وڏا ويڇا وڌا آهن. انڪري اڪثر ڪري اسان ماڻهن سان انڪري نفرت نه ڪندا آهيون ته هن ۾ ڪي اوڳڻ ۽ لڱايون آهن پر ان ڪري نفرت ڪندا آهيون ته ڪنهن هڪ اڌ ماڻهوءَ ڳالهه ڪئي ته هن ۾ لڱايون آهن.
اختلاف ٿيندا آهن ۽ اهي اختلاف ئي آهن جن ڪري ماڻهن جي انفراديت ۽ تشخص جي خبر پئي ٿي. جيڪو ماڻهو اختلاف نه ٿو ڪري، اهو ته حرام ۽ هلال جي ڪاتي آهي، ان کي پنهنجو نظرياتي موقف  آهي ئي ڪونه. بنهه ائين جيئن جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا دشمن يا مخالف گهٽ هوندا آهن، اهو وڏو مفاد پرست ۽ سمجهوتي باز هوندو آهي، يا ان ۾ منافقيءَ  جا جراثيم گهڻا هوندا آهن. ان ڪري مخالفت ضروري آهي ۽ٿيڻ گهرجي. پر اسان وٽ مخالفت نه پر دشمني ٿيندي آهي. اسان ڪنهن کي برداشت ڪري نه سگهندا آهيون. ڪو پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان اڳتي وڌندو ته اسان جي ننڊ ڦٽي ويندي. جيستائين هن جا پير نه ڪڍنداسين، ان وقت تائين اسان کي آرام نه ايندو.
مون کي ڪڏهن ڪڏهن ماڻهن جي روين مان ائين لڳندو آهي ته اسان جهڙوڪ دنيا جي اها واحد قوم آهيون جن جي ڪيترن ماڻهن جي عادت ئي اها آهي ته وڻن تان جهيڙا لاهي ماڻهن جي ڳچيءَ ۾ وجهون. دشمني ڪرڻ اسان جو شوق ۽ ذوق ٿي چڪو آهي. اسان جي نظرن ۾ مخالفت جو مطلب آهي دشمني ڪرڻ ۽ دشمني جو مطلب آهي مارڻ يا مرڻ جڏهن اسان جي اهڙن آپگهاتي روين کي غير سمجهي سڃاڻي وڃن ٿا ته انهن کي اسانجي هاديءَ ۽ رهبر ٿيڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ٿي لڳي. دلين ۽ ذهنن جي اهڙي وڇوٽيءَ سبب اسان سنڌ سطح تي ڪو اجتماعي ۽ قومي اتحاد قائم ڪري نه ٿا سگهون، ڪا گڏيل ايجنڊا ٺاهي نه ٿا سگهون ۽ هر ڪو هڪ سر جي مسجد ٺاهي ٻانگون ڏيڻ کي ئي انفرادي ۽ قومي خدمت سمجهي ٿو. اهڙي صورتحال ۾ اسان جون دليون پاڻ ۽ ٻين لاءِ آفتن ۽ .شامتن کي سڏڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه سوچي ۽ لوچي نه ٿيون سگهن.
(روزاني عوامي آواز 8 جنوري 2019ع)
tsApp