Tuesday, May 31, 2016

ادبي پڪوڙا؛ مون کي اجايو مٿو هڻڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!!!



هڪڙي ڏينهن ملا نصيرالدين منبر تي وعظ ڪرڻ پهچي ويو ۽ هن حاضرين کان پڇيو؛  توهان کي خبر آهي ته  آئون اوھان کي  ڇا ٻڌائڻ   وارو آهيان ؟  ماڻهن چيو ته: اسان کي ڪابه خبر نه آھي. ملا نصيرالدين اهو ٻڌي بنان تقرير جي  منبر تان هيٺ لٿو ۽ چوڻ  لڳو ؛ مون کي ٻڌايو ته  جڏهن توهان کي ڪا خبر ئي نه آهي ته اهڙن بيخبر ماڻهن  کي ٻڌائي آئون پنهن جو وقت ڇو ضايع ڪريان!
ٻئي ڏينهن تي ملا نصيرالدين وري ممبر تي پهتو  ۽ چوڻ لڳو ؛ ڇا توهان کي خبر آهي ته آئون اوھان کي ڇا ٻڌائڻ وارو آهيان؟  پهرئين ڏينهن جي تجربي کي سامهون رکندي ماڻهو چوڻ لڳا ته ؛  ها، اسان کي خبر آهي جيڪي تون اسان کي ٻڌائڻ چاهين ٿو.اهو جواب ٻڌي ملا وري ممبر تان لهي پيو ۽ چوڻ لڳو؛ جڏهن جيڪي آئون اوهان کي ٻڌائڻ گھران ٿو ان سڀ جي اوهان کي اڳيئي خبر آهي ته پوء  باقي منهن جي ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت !
ٽئين ڏينهن هو وري  منبر تي پهچي ويو ۽ اهو ساڳيوسوال ورجايائين ، ماڻهن کي ڇوته پهرين ٻن ڏينهن جي جوابن منجھائي ۽ بتال ڪري رکيو هو سو اهي اڄ ڪو هڪڙو جواب ڏيڻ ۾ منجھي پيا.هڪڙن چيو ته ؛ اسان کي خبر آهي جڏهن ته ٻين چيو؛ اسان کي خبر ناهي.
ملا نصيرالدين اهو ٻڌي ممبر تان لٿو ۽ چوڻ لڳو؛ جڏهن هڪڙن کي خبر آهي ته پوء اهي باقي ٻين کي  به ٻڌائي ڇڏين. مون کي اجايو مٿو هڻڻ ۽ ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي!!!


اڄ تائين هن قوم جي حالت ناهي بدلي

محمود شام


آئون تمام گهڻو ممنون ۽ مطمئن به آهيان ته هم وطنو پاڪستان ۽ پاڪستان کان ٻاهر منهنجي ان تجويز جي تائيد ڪئي وئي آهي ته اسان ميان محمد نوازشريف، رئيس آصف علي زرداري، ڪپتان عمران خان، قائد تحريڪ الطاف حسين ۽ قبله مولانا فضل الرحمان ۾ تبديلي ناهيون آڻي سگهيا، پر اسان پنهنجي اصلاح ڪري سگهون ٿا پنهنجو پاڻ ۾، گهر ۾، محلي ۾، پنهنجي آفيس ۽ پنهنجي اداري ۾ تبديلي آڻي سگهون ٿا، جيڪي تجويزون ۽ مشورا اسان حڪمرانن کي ڏيندا آهيون، انهن تي پاڻ عمل ڪريون ته ملڪ جو هڪ وڏو حصو بهتر ٿي سگهي ٿو. ڪجهه ماڻهن ته ان کي قوم جو چارٽر به چئي ڇڏيو آهي، جيڪو ايترو ڏکيو ڪم به ناهي، اهو ته قرآن پاڪ ۾ پڻ چيو ويو آهي، جنهن جو ترجمو اوهان سڀ ڄاڻو ٿا.
خدا ني آج تڪ اس قوم ڪي حالت نهين بدلي،
نه هو جس ڪو خيال آپ اپني حالت بدلني ڪا.
سچي ڳالهه ته اها آهي ته جنهن قوم وٽ الله تعاليٰ جو آخري ڪتاب قرآن پاڪ هجي، حديث پاڪ هجن، سهڻو اخلاق هجي، خلفه راشدين جي طرز حڪومت هجي، اوليائن جي زندگي گذارڻ جو طريقو هجي ته ان کي ڪنهن نئين قيادت جي ڪهڙي ضرورت آهي، اسان کي هن خود غرض حڪمرانن کان تعمير قوم جي اميد ئي ڇو هجي.
بتون سي تجهه ڪو اميدين خدا سي نااميدي،
مجهي بتا تو سهي اور ڪافري ڪيا هي؟
آئون هتي ڪئنيڊا ۾ ڪجهه هفتن لاءِ جنهن ماحول ۾ آهيان، اهو هتان جي رهندڙن جو پاڻمرادو تخليق ڪيل آهي ۽ اهي هتي ان کي برقرار به پاڻ رکندا آهن، ٻن هفتن کان وٺي مون هتي ڪنهن به پوليس واري کي ناهي ڏٺو، نه وري ٽرئفڪ سارجنٽ نظر آيو آهي، نه وري رينجرز بندوق تاڻي گهمندي ڏٺي آهي، نه وري ڪير وي آءِ پي سائرن وڄائيندڙ گاڏين سان گڏ دٻدٻو ڏيکاريندو اچي ٿو، نه ڪو وڏيرو يا امير ڪڏهن پرائيوٽ هٿياربند گارڊز سان گڏ اسان جو عزت نفس مجروح ڪري ٿو، نه وري ڪير پنهنجو پاڻ کي ٻين کان ممتاز ظاهر ڪندي گذري ٿو. نه ڪو عالم دين يا پادري منهنجي يا منهنجي رب تعاليٰ جي وچ ۾ رڪاوٽ وجهندڙ فتويٰ ڏئي ٿو.
هر قدم تي ساوڪ، خوبصورت شاهراهه، بزرگ، ٻار، عورتون، اڪيلي اڪيلي، نه ڪو موبائيل کسجڻ جو خوف نه وري بم ڌماڪي جو ڊپ.
ٻار وڏا ڪاغذ ٽشوز، خالي گلاس، بوتلون هٿ ۾ کڻي ڪچريدان طرف وڌن ٿا، گاڏيون پيدل هلندڙن جو احترام ڪن ٿيون، جواب ۾ واٽهڙو ڪار سوار جو شڪريو ادا ڪن ٿا، هر گهٽي ۽ رستي جي موڙ تي ڳاڙهن لفظن ۾ ”اسٽاپ“ لکيل آهي، رستو يا گهٽي خالي هجي ته به ڏينهن رات، هر وقت ۽ اتي هر گاڏي ڪجهه سيڪنڊن لاءِ لازمي رُڪي ٿي.
ٽي وي چئنل هتي به تمام گهڻا آهن، پر رڙيون ۽ مار ڌاڙ ناهي، هڪجهڙيون پٽيون ناهن، ٽاڪ شوز ۾ سياستدان نه پر صرف لاڳاپيل موضوع جا ماهر ويٺل آهن، اسان وٽ اهي سياستدان پهرين رڳو جلسن ۽ جلوسن تائين محدود هوندا هئا، پرائيوٽ چئنل انهن کي اسان جي گهرن، ٽي وي لائونجز ۽ خواب گاهن اندر وٺي آيا آهن.
هتي ماڻهو پنهنجا گهر پاڻ صاف سٿرا رکن ٿا، ڪنهن قانون جو خوف ناهي، پر هڪ نظم و ضبط سان گڏ رهڻ، ان جي عادت بڻجي وئي آهي، آئون ته انهن جي پبلڪ لائبريري تمدن سان تازو ولولو حاصل ڪري رهيو آهيان، لائبريريون رڳو ڪتابن تائين محدود ناهن، هتي سکيا گهر آهن، جتي ٻارن جون ڪلاسون به ورتيون وڃن ٿيون، وڏن جون به، سڀ ڪجهه مفت آهي، ڪتاب به، وڏيون فلمون به، آڊيو ڪيسٽ به، ڪتاب واريون وڊيوز واپس ڪرڻيون پونديون آهن، لائبريري بند هجي ته هڪ ليٽر جهڙو خانو آهي، ان ۾ هڪ هڪ ڪري ورتل مواد واپس وڌو وڃي ٿو.
لائبريري ٽائون هڪ وڏي ايراضي جو آهي، جنهن ۾ ٿيٽر هال به آهي، ان کانسواءِ ٽائون جي محلن ۾ ننڍيون لائبريريون به آهن، واءِ فاءِ آهي، ماڻهو پنهنجي ليپ ٽاپ تي ڪم ڪن ٿا، لائبريري جا پنهنجا ڪمپيوٽر به آهن، ٽيوٽر به پنهنجي شاگردن کي هتي وٺي ايندا آهن، اهي سڀ شهري، ڪميونٽي سڀ ڪجهه پاڻ پنهنجي مرضي سان آزادي سان ڪري رهيا آهن، ڇوته هو سمجهن ٿا ته پنهنجي علائقي کي صاف سٿرو، پرامن، پرسڪون رکڻ، انهن جي پنهنجي ذميواري آهي، سندن وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ اپوزيشن ليڊر جي ناهي.
اها به حقيقت آهي ته اهي شهري به پنهنجون ذميواريون پوريون ڪري رهيا آهن، انهن جي مملڪت، حڪمران به، وزير به پنهنجا فرض پورا ڪري موذي مرض کي انجام تائين پهچائين ٿا. پر اسان وٽ حاڪم محڪوم ٻئي پنهنجي پنهنجي ذميوارين کان پاسو ڪن ٿا، اهڙن ملڪن ۾ رهندڙ اسان جا سفير، هاءِ ڪمشنر پنهنجي ڊپلوميٽ بيڪ ۾ اهي سٺيون ڳالهيون لکي حڪمرانن کي ڇو نٿا موڪلين.
آئون صرف اهو چوڻ چاهيان ٿو ته اسان جيڪو ڪجهه ڪري سگهون ٿا، جيڪو اسان جي وس ۾ آهي، ان کي ته ڪريون، اسان جي خواهش ڇو هوندي آهي ته اسان جي شادين ۾ وزيراعظم يا ڪو وزير اچي، اسان جي جنازن ۾ وي آءِ پي اچن، اسان جي سيلفي انهن وڏن پر دل جي ننڍن ماڻهن سان گڏ هجي.
ڪوبه مسيحا ناهي لهڻ وارو، ڪوبه معجزو ٿيڻ وارو ناهي، اهي حڪمران خاندان ئي وارا وٺندا رهندا، پر ان تي ايندڙ ڪالم ۾ ڳالهه ٿيندي ته ايندڙ چونڊن ۾ ڪهڙي صورتحال رهندي. هاڻي نظرياتي انقلاب جو زمانو به ناهي رهيو، هاڻي اها ئي قوم طاقتور آهي، اهو ئي فرد خودمختيار آهي، جنهن وٽ هنر آهي، صلاحيتون آهن، اقتصادي نقطه نظر آهي، جذبن سان نه پر جيڪو حقيقت پسندي سان ڪم وٺي ٿو، زميني حقيقتن کي سامهون رکي ٿو.
توهان پڙهيل لکيل آهيو، جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ آهيو، توهان هڪ عالمگير شهري آهيو، صرف چيچه وطني، مظفرڳڙهه، مردان، گلگت، مظفرآباد، ڪراچي تائين محدود ناهيو، سوشل ميڊيا، فيس بڪ، انٽرنيٽ، اوهان کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ سان جوڙي رکي ٿو، پنهنجي اهميت ۽ قدر ڄاڻو، پنهنجي وطن جي مسئلن کان ته اوهان واقف آهيو، ان عظيم سرزمين جي قدرتي وسيلن کان به آگاهي حاصل ڪريو، پنهنجو پاڻ کي، پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن، پوٽن ۽ پوٽن، ڏوهٽن ۽ ڏوهٽين کي اهڙن علمن جي تدريس سان وابسته ڪريو، جنهن سان اوهان زمين ۾ لڪل خزانن کي ٻاهر ڪڍي سگهو.
الله تعاليٰ اوهان کي آزاد پيدا ڪيو آهي، هاڻي غلامي جو دور ناهي، توهان حڪمرانن جا غلام ڇو ٿا بڻيو، توهان پنهنجي تقدير جا پاڻ مالڪ آهيو، پنهنجي آزادي جو قدر ڪريو. رمضان شريف جو مقدس مهينو شروع ٿيڻ وارو آهي، اهي برڪتن، رحمتن ۽ مغفرتن جا ڏينهن اسان کي سوچڻ لاءِ گهڻو موقعو ڏينديون.
قرآن پاڪ رمضان مبارڪ ۾ نازل ٿيو، اهو اسان جي معاملن تي غور ۽ فڪر ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو، هڪ ضابطه حيات ڏئي ٿو، انهن 30 ڏينهن ۾ پنهنجون پاڻ سان هم ڪلام ٿيون، پنهنجي گهروارن سان، محلي وارن سان، انهن سان افطار تي ملون ۽ ٻين کي افطار تي سڏايون. فيصلو اهو ڪرڻو آهي ته توهان پنهنجي قيادت پاڻ ڪريو، هڪ آقا کي تبديل ڪري ٻئي آقا جا غلام نه بڻجو، پنهنجي دين کي به پاڻ سمجهو، عالمن جا محتاج نه ٿيو، ڇا خيال آهي اوهان جو؟


Monday, May 30, 2016

سرهي سوچ ؛ دراصل سياست وڏي سگھه آهي.


(مشهور ڪالمڪار اعجاز منگيء جي ڪالم تان ورتل)


دل جو ڪتاب ؛ گھرا لاڳاپا صرف تڏهن قائم ڪري سگھجن ٿا جڏهن ...



ٻين کي مجبور ڪجي ته اهي اوهان کي سمجھن ان سان گھرا لاڳاپا قائم ڪري نٿا سگھجن پر گھرا لاڳاپا صرف تڏهن قائم ڪري سگھجن ٿا جڏهن ٻين کي اهو اعتماد ڏياريو وڃي ته اوهين هنن کي پوريء طرح سمجھو ٿا...!!!

دل جو ڪتاب ؛ زندگيء ۾ گھڻي کان گھڻا مسئلا صرف ٻن معاملن جي ڪري پيدا ٿين ٿا،


زندگيء ۾ گھڻي کان گھڻا مسئلا صرف ٻن معاملن جي ڪري پيدا ٿين ٿا،
1.اسان ڪوبه ڪم بنان سوچڻ جي ڪيون ٿا يا 2. ڪم ڪرڻ جي بدران صرف سوچيندا رهون ٿا ....!!!

Sunday, May 29, 2016

دل جو ڪتاب ؛ منفي سوچن سان ڀريل دنيا اوهان جو ڪجھه به بگاڙي نٿي سگھي



پاڻيء سان تار سمورو سمنڊ ٻيڙيء کي ٻوڙي نٿو سگھي جيستائين پاڻي ٻيڙيء ۾ اندر داخل نه ٿئي.اهڙيء طرح منفي سوچن سان ڀريل دنيا اوهان جو ڪجھه به بگاڙي نٿي سگھي جيستائين اهي منفي سوچون اوهان جي اندر ۾ داخل نه ٿين!

سرهي سوچ ؛ جيستائين اهي مون کي سر پيا چون....

مون چيو فرمايو!ته هو چوڻ لڳو ته آئون توکي عرض ڪيان ٿو ته اوهين منهن جي نماز ۽ ڏاڙهيء تي نه وڃو۽ منهن جي حصي جي رقم الڳ ڏيو.
هن جي اهڙيء طرح سڌا سنوان لفظ چوڻ تي مون کي تڪليف به ٿي،ان ڪري هن چيو ته اوهان دل ۾ نه ڪجو،اهو ته اسان جو ..... انهن ايڪويهن ماڻهن کان جاچ ڪندي خبر پيئي ته سڀ کان پهرين، رشوت وٺندڙ ڪو شخص پنهن جو پاڻ کي هڪ بي عزت ماڻهو سمجھي ٿو ۽ هو سوچي ٿو ته آئون ته ٽڪي جو ماڻهو آهيان.نه منهن جي ڪو اڳيان آهي نه پٺيان.هو ايئن لاشعوري طور تي سمجھندو آهي.بابا چون ٿا ته جيستائين اوهين پنهن جو پاڻ کي عزت نه ڏيندا ڪم نه ٺهندو.
لاهور ۾ هاڻي جنهن هنڌ واپڊا هائوس آهي جڏهن اتي اها بلڊنگ نه هئي ته ڪنهن زماني ۾ اتي هڪڙو پوليس جو سپاهي بٺل هوندو هو.ٽريفڪ جو اشارو موجود نه هوندو هو ءُ اهو سپاهي ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪري رهيو هوندو هو.ان سان گڏ نيري وردين وارا ست اٺ خوبصورت ۽ چست نوجوان اسڪائوٽ بيٺل هوندا هئا.هڪ اسڪائوٽ اچي سپاهيء کي سيليوٽ ڪيو ۽ چيائين ته سر! هو ماڻهو خلاف ورزي ڪري ويو آهي ته سپاهيء چيو يار، وڃڻ ڏينس،خير آهي.وري ٻيو اسڪائوٽ آيو ۽ چيائين ته هو موٽرسائيڪل وارو قانون جي خلاف ورزي ڪري ويو آهي.ته به سپاهيء چيو ته يار،پهرين گاڏيء واري کي وڃڻ ڏنو آهي ته هن کي به وڃڻ ڏي.
( هاڻي آئون اتي بيٺوتماشو ڏسي رهيو هئس) پوء جڏهن ٽيون اسڪائوٽ ڪا شڪايت کڻي آيو ته مون سپاهيء کي اچي چيو؛ يار تون باڪمال ۽ چوڌري قسم جو سارجنٽ آهين،سڀني کي ڇڏي ڏين ٿو ۽ هي سمورا اسڪائوٽ توکي سيليوٽ ڪري رهيا آهن!
هو چوڻ لڳو ؛ هي سڀ ايڇي سن ڪاليج جا ڇوڪرا آهن، انهن جا گھر وارا انهن کي گاڏين ۾ ڇڏي ويندا آهن ۽ لعنت آهي جو ٽي ڏينهن ٿي ويا آهن ته ڪنهن کان هڪڙو پئسو به رشوت نه ورتي اٿم.مون چيو؛ شايد ان ڪري جو اهي سڀ تنهن جي مٿان ٽنگيل بيٺا رهن ٿا.تون پئسا وٺ،ڇا اهي توکي پئسي وٺڻ کان روڪين ٿا؟ ته چوڻ لڳو؛ نه سائين.ان ڪري نه جو اهي منهن جي مٿان بيٺل رهن ٿا.پر ڳالهه هيء آهي جو اهي اچي مون کي سلام ڪن ٿا ۽ ”سر“ چون ٿا.چوان ٿو ته جيڪر هڪڙو پئسو به وٺان ته لعنتي ٿيان.ان ڪري جو انهن جو سيليوٽ مون کي هڪ معزز شخص بنايو ڇڏي ۽ معزز ماڻهو رشوت نه وٺندو آهي.هن چيو ته هن جي زال رشوت جا پئسا نه ڪمائي اچڻ تي ناراض آهي ۽ هي اٺن ڏينهن کان مون کي سليوٽ مٿان سليوٽ ڪندا ٿا وڃن! اهو سپاهي چوڻ لڳو؛ سر! آئون رکي سکي کائيندس پر جيستائين اهي مون کي سر پيا چون ۽ جيستائين مون کي سيليوٽ پيا ڪن تيستائين آئون رشوت هرگز نه وٺندس.

اشفاق احمد ( چيلسي ڪي باعزت ماجھي گامي)

                                                                                                                     sindhsujag.blogspot,com
 .

Saturday, May 28, 2016

سرهي سوچ ؛ ”ڪير ڪهڙي وقار سان جيئڻ چاهي ٿو!“


مون کي حضرت نظام الدين اولياء رح  جي خليفي خواجا نصيرالدين چراغ دهلويء  جي اها ڳالهه ياد اچي ٿي جڏهن هڪ دفعي ڏڪار پيو ۽ دهليء ۾ گھڻو سوڪهڙو پئجي ويو ته ماڻهن چيو ته اي حضرت! ( پاڻ هڪ چبوتري تي ويٺل هئا) اوهان ته دهليء جا چراغ آهيو.اوهين وڃي مينهن نماز پڙهو ۽ رحمت ڀري برسات جي لاء دعا ڪريو ته پاڻ چوڻ لڳا ته آئون ڪجھه مونجھاري ۾ پئجي ويس.پريشان ٿيس ته آئون ڪيئن دعا ڪريان.اها ته خدا جي مرضي آهي ته هو رحمت جي برسات وسائي يا نه وسائي.خير، هو مقرر ٿيل جڳهه تي مينهن نماز پڙهائڻ هليو ويو.اتي نماز پڙهائي دعا گھريائون ۽ نماز کان پوء ڏٺائون ته آسمان تي ته ڪابه شيء ناهي.نه ڪنهن جھڙ جا آثار آهن ۽ نه برسات جا! پاڻ موٽي آيا ۽ ڪجھه شرمنده به هئا.اتي هڪڙو ٻيو بزرگ يوسف سرهندي به هو.ان چيو ته صاحب پهرين به اهڙو هڪ واقعو پيش اچي چڪو آهي.اسان به هڪ دفعو برسات لاء دعا گھري هئي پر اڃا به وڌيڪ ڏڪار جي ٻيو ڪجھه به حاصل نه ٿي سگھيو ۽ هن دفعي به ايئن ئي ٿيو آهي.چوڻ لڳو ته اسان جي زماني ۾ جڏهن اسان جي دعا قبول نه ٿي ٿي ته هڪڙو ماڻهو مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو جيڪر توهان برسات جي لاء دعا ڪرائڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن باوقار ماڻهوء کان ڪرايو ۽ اللھ باوقار ۽ غيرتمند ماڻهوء تي وڏو اعتماد ڪري ٿو ءُ ان جي ڳالهه ٻڌي ٿو.تڏهن مون چيو ٺيڪ آهي،اسان کي ڀلا ان ڳالهه تي ڪهڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو.هاڻي ٻڌايو ته ڪنهن کان دعا ڪرائجي؟ ته ان شخص ٻڌايو تهسيري دروازي وٽ هڪ بزرگ رهي ٿو،ان وٽ هلون ٿا.يوسف سرهنديء وڌيڪ چيو ته اهو شخص مون کي ان بزرگ وٽ وٺي ويو. ۽ آئون اهو ڏسي گھڻو حيران ۽ شرمندو ٿيس جو اهو بزرگ خواجا سرا يعني کدڙو هو ۽ سندس نالوخواجا راحت هو. هاڻي ان شخص جيڪو مون کي اتي وٺي ويو هو تنهن خواجا راحت کي چيو ته هي (يوسف سرهندي) اوهان جي خدمت ۾ ان ڪري حاضر ٿيو آهي ته اوهان برسات جي لاء دعا گھرو.تنهن تي هن (خواجا راحت) چيو ته ڇو. ڇا ٿيندو؟ هن شخص چيو حضرت! دهلي سڪي ويو آهي،برسات نه پيئي وسي.ان بزرگ (خواجا راحت) پنهن جي خادمه کي وضوء لاء پاڻي گرم ڪرڻ لاء چيو،وضو ڪري دعا گھريائين پوء اٿي بيٺو،پوء چوڻ لڳو اي يوسف سرهندي! اوهين وڃو ۽ پنهن جي مقرر طريقي سان وڃي برسات لاء نماز پڙهو ۽ اللھ کان دعا گھرو ته هو پنهن جي مخلوق کي برسات عنايت فرمائي.پر جيڪر پوء به برسات نه وسي ته ( هن پنهن جي جبي مان هڪڙو ڌاڳو پٽيندي چيو) هن ڏوري کي پنهن جي ساڃي هث تي رکي، اللھ رب العزت کي درخواست ڪجو ته خواجا راحت جنهن تنهن جي رضا جو چولو پائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ماڻهن سان نٿو ملي ۽ هڪ جڳهه تي هڪ وقار سان زندگي گذاري رهيو آهي،اهڙيء طرح مخلوق ۾ به شامل نٿو ٿئي جو دعائون گھرائيندو رهي،ان برسات لاء عرض ڪيو آهي.يوسف سرهنديء جو چوڻ آهي ته اسان ايئن ئي ڪيو.اتي ڪيترا ئي ماڻهو جمع هئا،پوري دهلي اٿلي اتي پهتي هئي.اتي مينهن نماز پڙهينسين پر بدقسمتيء سان ڪجھه به نه ٿيو.پوء مون پنهن جي پٽڪي مان خواجا سرا جي ان ڏوري کي ڪڍي انهيء کي ساڄي هٿ تي رکي،خدا کان دعا گھري ته اتي بيٺي بيڍي ڪڪر چڙهي آيا۽ زوردار برسات شروع ٿي ويئي.۽ اهڙي ته زبردست برسات ٿي جو ماڻهو تيز ڊوڙڻ باوجود پنهن جن گھرن تائين نه پهچي سگھيا.

                                                                                           (اشفاق احمد “ زاويه“)
مون کي حضرت نظام الدين اولياء رح  جي خليفي خواجا نصيرالدين چراغ دهلويء  جي اها ڳالهه ياد اچي ٿي جڏهن هڪ دفعي ڏڪار پيو ۽ دهليء ۾ گھڻو سوڪهڙو پئجي ويو ته ماڻهن چيو ته اي حضرت! ( پاڻ هڪ چبوتري تي ويٺل هئا) اوهان ته دهليء جا چراغ آهيو.اوهين وڃي مينهن نماز پڙهو ۽ رحمت ڀري برسات جي لاء دعا ڪريو ته پاڻ چوڻ لڳا ته آئون ڪجھه مونجھاري ۾ پئجي ويس.پريشان ٿيس ته آئون ڪيئن دعا ڪريان.اها ته خدا جي مرضي آهي ته هو رحمت جي برسات وسائي يا نه وسائي.خير، هو مقرر ٿيل جڳهه تي مينهن نماز پڙهائڻ هليو ويو.اتي نماز پڙهائي دعا گھريائون ۽ نماز کان پوء ڏٺائون ته آسمان تي ته ڪابه شيء ناهي.نه ڪنهن جھڙ جا آثار آهن ۽ نه برسات جا! پاڻ موٽي آيا ۽ ڪجھه شرمنده به هئا.اتي هڪڙو ٻيو بزرگ يوسف سرهندي به هو.ان چيو ته صاحب پهرين به اهڙو هڪ واقعو پيش اچي چڪو آهي.اسان به هڪ دفعو برسات لاء دعا گھري هئي پر اڃا به وڌيڪ ڏڪار جي ٻيو ڪجھه به حاصل نه ٿي سگھيو ۽ هن دفعي به ايئن ئي ٿيو آهي.چوڻ لڳو ته اسان جي زماني ۾ جڏهن اسان جي دعا قبول نه ٿي ٿي ته هڪڙو ماڻهو مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو جيڪر توهان برسات جي لاء دعا ڪرائڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن باوقار ماڻهوء کان ڪرايو ۽ اللھ باوقار ۽ غيرتمند ماڻهوء تي وڏو اعتماد ڪري ٿو ءُ ان جي ڳالهه ٻڌي ٿو.تڏهن مون چيو ٺيڪ آهي،اسان کي ڀلا ان ڳالهه تي ڪهڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو.هاڻي ٻڌايو ته ڪنهن کان دعا ڪرائجي؟ ته ان شخص ٻڌايو تهسيري دروازي وٽ هڪ بزرگ رهي ٿو،ان وٽ هلون ٿا.يوسف سرهنديء وڌيڪ چيو ته اهو شخص مون کي ان بزرگ وٽ وٺي ويو. ۽ آئون اهو ڏسي گھڻو حيران ۽ شرمندو ٿيس جو اهو بزرگ خواجا سرا يعني کدڙو هو ۽ سندس نالوخواجا راحت هو. هاڻي ان شخص جيڪو مون کي اتي وٺي ويو هو تنهن خواجا راحت کي چيو ته هي (يوسف سرهندي) اوهان جي خدمت ۾ ان ڪري حاضر ٿيو آهي ته اوهان برسات جي لاء دعا گھرو.تنهن تي هن (خواجا راحت) چيو ته ڇو. ڇا ٿيندو؟ هن شخص چيو حضرت! دهلي سڪي ويو آهي،برسات نه پيئي وسي.ان بزرگ (خواجا راحت) پنهن جي خادمه کي وضوء لاء پاڻي گرم ڪرڻ لاء چيو،وضو ڪري دعا گھريائين پوء اٿي بيٺو،پوء چوڻ لڳو اي يوسف سرهندي! اوهين وڃو ۽ پنهن جي مقرر طريقي سان وڃي برسات لاء نماز پڙهو ۽ اللھ کان دعا گھرو ته هو پنهن جي مخلوق کي برسات عنايت فرمائي.پر جيڪر پوء به برسات نه وسي ته ( هن پنهن جي جبي مان هڪڙو ڌاڳو پٽيندي چيو) هن ڏوري کي پنهن جي ساڃي هث تي رکي، اللھ رب العزت کي درخواست ڪجو ته خواجا راحت جنهن تنهن جي رضا جو چولو پائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ماڻهن سان نٿو ملي ۽ هڪ جڳهه تي هڪ وقار سان زندگي گذاري رهيو آهي،اهڙيء طرح مخلوق ۾ به شامل نٿو ٿئي جو دعائون گھرائيندو رهي،ان برسات لاء عرض ڪيو آهي.يوسف سرهنديء جو چوڻ آهي ته اسان ايئن ئي ڪيو.اتي ڪيترا ئي ماڻهو جمع هئا،پوري دهلي اٿلي اتي پهتي هئي.اتي مينهن نماز پڙهينسين پر بدقسمتيء سان ڪجھه به نه ٿيو.پوء مون پنهن جي پٽڪي مان خواجا سرا جي ان ڏوري کي ڪڍي انهيء کي ساڄي هٿ تي رکي،خدا کان دعا گھري ته اتي بيٺي بيڍي ڪڪر چڙهي آيا۽ زوردار برسات شروع ٿي ويئي.۽ اهڙي ته زبردست برسات ٿي جو ماڻهو تيز ڊوڙڻ باوجود پنهن جن گھرن تائين نه پهچي سگھيا.



مون کي حضرت نظام الدين اولياء رح  جي خليفي خواجا نصيرالدين چراغ دهلويء  جي اها ڳالهه ياد اچي ٿي جڏهن هڪ دفعي ڏڪار پيو ۽ دهليء ۾ گھڻو سوڪهڙو پئجي ويو ته ماڻهن چيو ته اي حضرت! ( پاڻ هڪ چبوتري تي ويٺل هئا) اوهان ته دهليء جا چراغ آهيو.اوهين وڃي مينهن نماز پڙهو ۽ رحمت ڀري برسات جي لاء دعا ڪريو ته پاڻ چوڻ لڳا ته آئون ڪجھه مونجھاري ۾ پئجي ويس.پريشان ٿيس ته آئون ڪيئن دعا ڪريان.اها ته خدا جي مرضي آهي ته هو رحمت جي برسات وسائي يا نه وسائي.خير، هو مقرر ٿيل جڳهه تي مينهن نماز پڙهائڻ هليو ويو.اتي نماز پڙهائي دعا گھريائون ۽ نماز کان پوء ڏٺائون ته آسمان تي ته ڪابه شيء ناهي.نه ڪنهن جھڙ جا آثار آهن ۽ نه برسات جا! پاڻ موٽي آيا ۽ ڪجھه شرمنده به هئا.اتي هڪڙو ٻيو بزرگ يوسف سرهندي به هو.ان چيو ته صاحب پهرين به اهڙو هڪ واقعو پيش اچي چڪو آهي.اسان به هڪ دفعو برسات لاء دعا گھري هئي پر اڃا به وڌيڪ ڏڪار جي ٻيو ڪجھه به حاصل نه ٿي سگھيو ۽ هن دفعي به ايئن ئي ٿيو آهي.چوڻ لڳو ته اسان جي زماني ۾ جڏهن اسان جي دعا قبول نه ٿي ٿي ته هڪڙو ماڻهو مون وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو جيڪر توهان برسات جي لاء دعا ڪرائڻ چاهيو ٿا ته ڪنهن باوقار ماڻهوء کان ڪرايو ۽ اللھ باوقار ۽ غيرتمند ماڻهوء تي وڏو اعتماد ڪري ٿو ءُ ان جي ڳالهه ٻڌي ٿو.تڏهن مون چيو ٺيڪ آهي،اسان کي ڀلا ان ڳالهه تي ڪهڙو اعتراض ٿي سگھي ٿو.هاڻي ٻڌايو ته ڪنهن کان دعا ڪرائجي؟ ته ان شخص ٻڌايو تهسيري دروازي وٽ هڪ بزرگ رهي ٿو،ان وٽ هلون ٿا.يوسف سرهنديء وڌيڪ چيو ته اهو شخص مون کي ان بزرگ وٽ وٺي ويو. ۽ آئون اهو ڏسي گھڻو حيران ۽ شرمندو ٿيس جو اهو بزرگ خواجا سرا يعني کدڙو هو ۽ سندس نالوخواجا راحت هو. هاڻي ان شخص جيڪو مون کي اتي وٺي ويو هو تنهن خواجا راحت کي چيو ته هي (يوسف سرهندي) اوهان جي خدمت ۾ ان ڪري حاضر ٿيو آهي ته اوهان برسات جي لاء دعا گھرو.تنهن تي هن (خواجا راحت) چيو ته ڇو. ڇا ٿيندو؟ هن شخص چيو حضرت! دهلي سڪي ويو آهي،برسات نه پيئي وسي.ان بزرگ (خواجا راحت) پنهن جي خادمه کي وضوء لاء پاڻي گرم ڪرڻ لاء چيو،وضو ڪري دعا گھريائين پوء اٿي بيٺو،پوء چوڻ لڳو اي يوسف سرهندي! اوهين وڃو ۽ پنهن جي مقرر طريقي سان وڃي برسات لاء نماز پڙهو ۽ اللھ کان دعا گھرو ته هو پنهن جي مخلوق کي برسات عنايت فرمائي.پر جيڪر پوء به برسات نه وسي ته ( هن پنهن جي جبي مان هڪڙو ڌاڳو پٽيندي چيو) هن ڏوري کي پنهن جي ساڃي هث تي رکي، اللھ رب العزت کي درخواست ڪجو ته خواجا راحت جنهن تنهن جي رضا جو چولو پائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي ماڻهن سان نٿو ملي ۽ هڪ جڳهه تي هڪ وقار سان زندگي گذاري رهيو آهي،اهڙيء طرح مخلوق ۾ به شامل نٿو ٿئي جو دعائون گھرائيندو رهي،ان برسات لاء عرض ڪيو آهي.يوسف سرهنديء جو چوڻ آهي ته اسان ايئن ئي ڪيو.اتي ڪيترا ئي ماڻهو جمع هئا،پوري دهلي اٿلي اتي پهتي هئي.اتي مينهن نماز پڙهينسين پر بدقسمتيء سان ڪجھه به نه ٿيو.پوء مون پنهن جي پٽڪي مان خواجا سرا جي ان ڏوري کي ڪڍي انهيء کي ساڄي هٿ تي رکي،خدا کان دعا گھري ته اتي بيٺي بيڍي ڪڪر چڙهي آيا۽ زوردار برسات شروع ٿي ويئي.۽ اهڙي ته زبردست برسات ٿي جو ماڻهو تيز ڊوڙڻ باوجود پنهن جن گھرن تائين نه پهچي سگھيا.

( اشفاق احمد ”زاويه“ )

شعور ۽ احساس کان خالي اڄ جو انسان.

Friday, May 27, 2016

دل جو ڪتاب ؛ زندگيء جو مثال ڪنهن سڪي وانگرآهي

زندگيء جو مثال ڪنهن سڪي وانگرآهي جنهن جي هڪ پاسي خوشيون جڏهن ته ٻئي پاسي غم آهن.هڪ ئي وقت صرف هڪڙو پاسو ئي ڏسي سگھجي ٿو.پر ياد رکو ته ان جو ٻيو پاسو پنهن جي واريء جي انتظار ۾ آهي!!!

سرهي سوچ ؛ ” ڪڏهن اهو به سوچيو “


مون ۾ اها کوٽ آهي جو مون کي ايترو وقت ئي نٿو ملي،اهڙي اس ئي نٿي ملي،اهڙي لان نٿي ملي جتي آئون هجان ۽ ٻيو منهن جو پالڻهار ۽ بس! ۽ هن سان ڪان ڪا ڳالهه ٻولهه ٿئي،عبادت پنهن جي جڳهه بلڪل ٺيڪ آهي پر الٰلھ سائين پاڻ فرمائي ٿو ته جڏهن اوهين نمازادا ڪري وٺو ته ته پوء منهن جي يادگيري ڪريو،ليٽندي،ويهندي يا پاسو ورائيندي.
پر انسان ايترو مجبور آهي جو هو ان يادگيريء کان خالي رهجي وڃي ٿو.ڪڏهن ڪڏهن اهو به سوچيو ته هن وقت منهن جو اللھ ڪٿي آهي؟ ڪيئن آهي؟نڙگھٽ جي نس جي ويجھو ته آهي پر آئون پنهن جو پاڻ کي ڇو خالي خالي محسوس ڪري رهيو آهيان؟
ته پوء توهان کي هڪ قسم جي حيرت ۽ لرزش محسوس ٿئي ٿي.
هي ڏاڍيون مزي واريون ۽ دلچسپ ڳالهيون آهن پر اسين ايترو مصروف ٿي ويا آهيون جو ان طرف خيال ئي نٿو وڃي!

(مشهور ليکڪ اشفاق احمد  ”زاويه “ )

شفيق شاڪر  هيپي هرٽ پوائنٽ


خوشامندي، چمچاگيري ۽ اسان جو معاشرو

خوشامد ـــ هن دور ۾ هڪ آرٽ ، هڪ فن جيان آهي .هر ڪنهن کي اهڙو هنر نصيب ۾ نه ٿو اچي هن گڻ کي جيتوڻيڪ مَعيوب سمجهيو ويو آهي يا ڄاتو ويو آهي ، پر هن دور ۾ هي گڻ به ڪاميابيءَ جي هڪڙي ڪِِي ( چاٻي ) آهي . جنهن ڪري نه چاهيندي به هن جي اهميت کان ڪو به انڪار نه ٿو ڪري سگهي .جيڪڏهن انڪار ڪري ٿو ته اهو هُوصرف پنهنجي انا کي تسڪين ڏي ٿو يا پنهنجي پاڻ کي دوکي ۾ رکي ٿوتنهنڪري هيءُ هنر ڪن اڻ ڄاتل سببن جي ڪري جيڪڏهن ڪنهن وٽ ناهي ته معاشري ۾ يا سندس حلقي احباب ۾ کيس اهو مقام کيس ناهي ملي سگهندو جيڪو هو لهڻو هوندو آهي.ان جو مطلب هر گز اهو نه سمجھڻ گھرجي ته علمي استعدادي قوت يا فني مهارتون ڪا معنى نه ٿيون رکن . انهن جي اهميت اولين درجي آهي خوشامد دراصل واڌو پوائنٽن ۾ شمار ٿي ٿيندي آهي .پاڻ وڻائڻ جي آرزو انسان ۾ روز اول کان رهي آهي ، ان لاءِ هو اڪثر پنهنجن عيبن کي ڍڪڻ ۽ مروج خوبين جي پاڻ لاءِ دعویٰ ڪرڻ ۾ وسان ڪين ٿو گھٽائي . اسان وٽ خوشامدي کي ايترو برو نه ٿو سمجهو وڃي جيترو ان لفظ خوشامد سان گڏ کودڙو ڳنڍي ڪري لفظ خوشامد جو تقدس پائمال ڪيو وڃي ٿو . هاڻي اهڙا حرف اضافت جيڪي بنا ڪنهن مقصد جي لفظن سان چنبڙايا وڃن ٿا . جن جي ڳنڍجڻ سان اڻڄاتي توهين جو احساس ٿئي ٿو. ٻوليءَ جي اهڙي استعمال جي جيتري نندا ڪجي گھٽ آهي.خوشامد جهڙي آرٽ کي سکڻ ، سيکارڻ جا ٻين ملڪن ۾ ته ادارا ضرور هوندا پر اسان وٽ اهڙا ادارا مورڳو آهن ئي ڪونه ، جو اتي وڃي اهڙي مهارت جا داوَ پيچ ، ڪنهن ماهر کان سکجن . ها ، پر اسان جي ارد گرد جو ماحول اهڙي مشاهداتي تعليم ، مفت ۽ بنا ڪنهن طبقاتي تفريق جي ڏئي ٿو . صرف ضرورت ان ڳاله جي آهي ته اوهان ۾ سکڻ جي صلاحيت هجي ، جيتوڻيڪ هيءَ صلاحيت موروثي به ٻڌائي وڃي ٿي پر هاڻ سائينس ايتري ترقي ڪئي آهي جو موروثي جزا به هڪٻئي ۾ منتقل ڪيا وڃن ٿا ، جنهن سان قومن جي ڌار ڌار سڃاڻپ جيتوڻيڪ ختم ٿيندي پئي وڃي پر دنيا هاڻ هڪ قوم يا هڪ اصول آڌار هڪ ٿيندي نظر اچي ٿي اهو آهي ذاتي مفاد .... ڪٿي ڪٿي اهو ذاتي مفاد اجتماعي مفاد جي شڪل به اختيار ڪري ويندڙ ڏٺو ويو آهي پر اهو تمام گھٽ مقدار ۾ هجڻ ڪري ڳڻائي نه ٿو سگهجي . لفظ خوشامند يا ان جي فاعل خوشامديءَ کي خبر ناهي ڪهڙي ڏوهه ڪري خراب ڏٺو ويندو آهي ۽ سمجهيو ويندو اهي جيتوڻيڪ هن گڻ ۾ ايڏي وڏي قباحت به ڪونه آهي.لغتون ٻڌائن ٿيون ته لفظ خوشامد کي چاپلوسي جهڙي فعل سان ڳنڍيو ويندو آهي اهو ته لغت دان ئي درست سمجهي سگهن ٿا پر مان صرف ايترو چوندس ته چاپلوسيءَ جي آخري چئن اکرن لوسيءَ کي زحاف ڪري ڪو ٻيولفظ آڻجي ، ته جيڪر خوشامد جهڙي ڪارائتي لَڇَڻ کي ڪو به سُلڇڻوسڏائيندڙ فرد ڪُلڇڻ نه چئي سگهي . يا ضروري آهي ڇا ته لفظ خوشامد جي معنى چاپلوسي وٺجي يعني چوپل لوسڻ يا چٽڻ ... اهو لفظ ڪو الهامي ته ناهي جو ان جي معنى نه ٿي مٽائي سگهجي .منهنجو هڪ يار آهي ان کي اجايو فلسفو جھاڙڻ جي عادت آهي اهو اڪثر انهن ماڻهن آڏو عام فهم ڳالهين کي به فلسفي انداز ۾ جھاڙيندو آهي جيڪي لفظن جي ڇِپَ جيڏين معنائن ۾ دٻجي نهايت ئي انڪساريءَ سان بنا سمجهڻ جي واه واه ڪندا آهن . هاڻ ڇا انهن جي اخلاص کي به اسان خوشامد ته نه ٿا چئي سگهون نه ، ان کي اسان حضور شرمي چئون ته بهتر ٿيندو . سنڌ ۾ اهڙن حضور شرمن جو تعداد به لکن ڪروڙن ۾ آهي يا ائين کڻي چئجي ته سنڌ جو90 سيڪڙو عوام حضور شرم آهي . يا ڳاله کي هن درست نموني سان سمجهجي ته ، خوشامد ڪرڻ مان جنهن کي فائدو پوي ٿو يا ڪا مراعت ملي ٿي ان کي اسان خوشامدي چئون ٿا ۽ جنهن کي فائدو نه ٿو ملي ته ان کي اسان حضور شرم چئون ٿا .ائين کڻي ڪيترو به درست ڇو نه هجي پر مان ان کي مثبت انداز ۾ وٺندس ته جنهن کي خوشامد يا چاپلوسي ۾ وڌيڪ قابليت آهي ان کي فائدو رسي ٿو ۽ جنهن کي صحيح انداز ۾ خوشامد نه ٿي ڪرڻ اچي ان کي فائدو نه ٿو رسي ، ان کي اسان حضور شرم چئون ٿا. يارڙو فلسفي چئي ٿو ته ، ائين ناهي جيڪو بوٽ لوسڻ يا چٽڻ جو ماهر آهي ان کي فائدو رسندو نه ڪي ان کي جيڪو بوٽ کي چٽي چمڪائڻ بداران بوٽ تي پنهنجي سڪل زبان جا لينگها هڻي چڏي ، اهڙي خوشامدي يا چاپلوس جي ڪنهن وٽ عزت ڪانهي ۽ هجڻ به نه گهرجي اها انهن ماهر خوشامدين جي حق تلفي ٿيندي جيڪي بوٽ چٽي ڪري نه صرف ان کي چمڪائين ٿا ، پر بوٽ کي تيسيتائين چٽيندندا رهن ٿا جيستائين بوٽ ۾ پنهنجو منهن نه ٿا ڏسن .. بحرحال يارڙي فلسفيءَ سان ڪو مناظرو ته آهي ڪونه .. مان اوهان کي اڳ ئي چئي چڪو آهيان ته خوشامد جي هنر سکڻ لاءِ مڃيل ادارن جي سخت اڻاٺ محسوس ٿي رهي آهي جيڪر هر تعلقي سطح تي سرڪار پاران خوشامد سيکارڻ جا ادارا جوڙيا وڃن جتي ماهر خوشامدين کي رکيو وڃي . ڇاڪاڻ ته خوشامديءَ ۾ ئي ڪاميابيءَ جو راز رکيل آهي . انگريزي ٻوليءَ ۾ خوشامد کي Flattery۽ خوشامديءَ کي Adulatory چون . اصل ۾ انگريزن ئي لفظ خوشامد سان انصاف ڪيو آهي، اها ئي ڪامياب قوم جي نشاني هوندي آهي جنهن وٽ لفظن جو تقدس پائمال نه ٿيندو آهي . هاڻ ادا چاپلوسي به ڪا معنى آهي جيڪا لفظ خوشامد جي ڏني وئي آهي؟؟ . هز هائينس ... ماءِ ميجسٽري .. ماءِ لارڊ .. هانرايبل .. اهڙن لفظن مان عاجزي ۽ انڪساري جي بوءِ ته برابر اچي ٿي پر ڪٿي به چاپلوسِيءَ جي بوِءِ نه پئي اچي .. هر قوم جي هڪڙي نفسيات به ٿيندي آهي ڊاڪٽر بلوچ جي چوڻ موجب” اها نفسيات صدين تمندني ڦيرن بعد جڙندي آهي “ . ان ڳالهه جي حقيقي تهه تائين پهچڻ لاءِ غير جانبدارانه تحقيق جي ضرورت آهي . سماجي سائينس جا دوست ان تي پي ايڇ ڊي ڪن ته اڃان ڀلو ٿئي . هونئن ڀي پڪوڙن ۽ سنبوسن جي دعوتن بعد ملندڙ پي ايڇ ڊي جي ڊگريءَ کان ته بهترآهي ته خوشامد جهڙي اهم موضوع تي حقيقي نتيجا اخذ ڪري عوام الناس جي ڀلائي ۾ پنهنجي علمي عرق ريزي ڪجي . يارڙو فلسفي چئي خوشامد سان فرد منجهان ارڏائپ وارا جزا مري وڃن ٿا ۽ هو ٻين لفظن غير مزاحمتي بڻجي وڃي ٿو ۽ هر مسئلي کي رب جي رضا ڄاڻي سمهي پوي ٿو . خوشامد ڪرڻ ڪري هن منجهان جرئت جا جراثيم سڙي ڳري وڃن ٿا جنهن ڪري قومن مان انهن جا دائمي قدر ڇڏائبا وڃن ٿا . يارڙو فلسفي جنهن جو پورو نالو يار محمد آهي پر کيس سمورا دوست ياروءَ جي نالي سان سڃاڻن مان کيس يارڙو جو اسم تسغير هڻي مخاطب ٿيندو آهيان سو اڃان وڌيڪ چوي ٿو ته خوشامدي ماڻهوءَ مان ڪڏهن به ڪنهن کي غذا نه پوندي آهي ، خوشامد هميشه قومي غدارن کي پاليو آهي . خوشامدي ماڻهوءَ کي لوسڻ جو نڪ ٿيندو آهي ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي پر ايترو سو اسان سمجهون ٿا ته خوشامدي ماڻهو پنهنجي مقصد سان 100سيڪڙو سچا هوندا آهن ۽ ڪنهن به ايري گيري نَٿو خيري جي جملن ٿي ڌيان ناهن ڏيندا . خوشامد جي اسان جي زندگيءَ ۾ اهميت ته آهي ئي ، پر هاڻ ته خوشامد اسان جي زندگيءَ جي ضرورت به بڻجندي پئي وڄي ، ڏسو اسان جي هميشه اها روايت رهي آهي ته اسان شين جي اهميت بجاءِ شين جي ضرورت آڌار متوجه ٿيندا آهيون . ۽ ضرورت ايجاد جي ماءُ جهڙيون چوڻيون به اسان ان اصول تحت آنديون سي . خوشامد جي عمل کي جيتوڻيڪ هر معتبر ماڻهو حسد طور نازيباتو عمل قرار ڏيندو آهي پر ان عمل ڪرڻ ۾ پاڻ به سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح مصروف عمل هوندو آهي .جنهن ڪري خوشامد جو واهپو زندگيءَ جي هر شعبي سان لاڳاپيل ماڻهن ۾ عام جام ۽ پڪو پختو ٿيندو پيو وڃي . ڇاڪاڻ ته هر ماڻهو چاهي ٿو ته کيس پنهنجي شعبي ۾ اهميت ڏني وڃي کيس پسند ڪيو وڃي . اسان جي سرڪاري ادارن ، سياسي پارٽين ، ادبي ۽ سماجي تنظيمن جو گھرائيءَ سان مشاهدو ڪجي ٿو ته خوشامد جي گڻ جي درست سُڌِ پوي ٿو .وڏي صاحب وت پنهنجي اهميت وڌائڻ لاءِ صاحب جا عيب ڍڪڻ ۽ ان جي انهن خوبين کي ڪوٽي نروار ڪرڻ جيڪي گڻ صاحب ۾ سِري سان هجن ئي ڪونه ٿا . اهڙا عمل خوشامد جي بنيادي نقطن ۾ اچن ٿا .جنهن سان سماج جي ترقي ۽ تعمير ۾ ڀلي کڻي جمود اچي وڃي ٿو پر خوشامديءَ جي ترقيءَ کي برقي توانائي ملي وڃي ٿي . اهڙن خوشامدين جا پنهنجي اداري ۾ وڏا ٺٺ هجن ٿا ۽ گھڻي ڀاڱي اهي ڪمن جي بار کان آجا بڻجي وڃن ٿا ڇاڪاڻ ته اهي وڏي صاحب جي گُڊ بُڪُ ۾ هوندا آهن انهن کي لهر نه ڪي لوڏو .. مان ڪجه خوشامدي ماسترڙن کي سڃاڻان جيڪي اسڪول ۾ سمورو ڏينهن وڏي ماستر جي انهن خوبين کي به ڳولهي ظاهر ڪندا رهندا آهن جن جي ان ويچاري کي خبر به ناهي هوندي . سندن اهڙي تحقيق جو ڦل کين ان صورت ۾ ملندو آهي ته اهي ڪلاس ۾ وڃڻ کان آجا هوندا آهن . ۽ وڏو ماستر زمين کان ٻه فٽ مٿي هلندي ڪلاسن جو وزٽ ڪندي پگھريل ماسترن کي درست تدريس جا گُرَ سيکارڻ نڪري پوندو آهي .

خوشـــــــــــامد اســـــــــــــان جي ســــــــياســــــــي پــــــــارٽيــــــــن ۾ عــــــــــام جــــــــام نظـــــــر اچـــــــي ٿــــــــــــي . هتي خوشامديءَ کي ٿورو وسيع پيماني تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي ٿي . پنهنجي سياسي عهدي ۾ ترقي وٺڻ لاءِ اعلى قيادتن جي اڳ پُٺِ ڪرڻي پوي ٿي منهنجو فلسفي يار اهڙي قسم جي خوشامدي عمل کي اڳ پُٺ جو اصطلاح ڏئي ٿو . هن ڪِرت ۾ ننڍا اڳواڻ وڏن اڳواڻن جي لڪل ڪارنامن کي وڏي طمطراق سان سياسي جلسن ۾ فلڪ شگاف رڙين سان ظاهر ڪندا رهن ٿا جيڪي ڪارناما گھڻي ڀاڱي حادثاتي هوندا آهن . ڪرپشن جي ڏوهن ۾ ڪاٽيل جيلن وارن ڏينهن کي پارٽيءَ لاءِ ڏنل قربانين سان ڀيٽا ڏيڻ ۽ انهن سزائن کي جمهوريت لاءِ ڏنل ٻليدان سڏيو وڃي ٿو . ۽ اهڙا خوشامدي انهن تقريرن تائين دنگ نه ٿا ڪن پر ، هڪ مخصوص ٽولو به جلسي گاهه جي ويجھو رکن ٿا جيڪي وڏي قيادت جي قربانين جي نعرن سان گڏوگڏ ان جيتامڙي سياسي ڪارڪن جي به پارٽيءَ لاءِ قربانين جا نعرا هڻي اعلى قيادت کي سندس سياسي اهميت ۽ حيثيت جو احساس ڏيارن ٿا . پــــــــوءِ ڀلي کڻـــــــــــــــــي اهـــــــــو همــــــــــراه پنهنـــــــــــجي پـــــــارٽــــــــيءَ جـــــــي منـــــــــــشور ۽ پـــــــروگــــــــرام کـــــــــان نــــــاواقــــــف ڇــــــو نه هــــــــــــجي . سو سياسي پارٽين ۾ خوشامد جو ڪاروهنوار انهن ڏينهن ۾ اڃان وڌيڪ عروج تي هجي ٿو جڏهن اها سياسي پارٽي اقتدار ۾ هجي ٿي . ۽ مراعتن جي سخا جي بارش ڪارڪنن مٿان پوندي رهي ٿو . خوشامد ــ هاڻ جيتوڻيڪ زندگيءَ جي هر شعبي ۾ پنهنجي اهميت ۽ ضرورت سان روان دوان آهي . ادبي حلقن ۾ پڻ هيءُ گڻ عام جام ملي ٿو جيتوڻيڪ هن کي ڪجه دوست وبا جي نالي سان سڏين ٿا پر مان هن کي فرد جي قابليت قرار ڏيندس . ڇو ته پنهنجي اهميت جو ڌاڪو ويهارڻ هر انسان جو بنيادي حق آهي پوءِ هو ان اهميت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪهڙو به عمل ڪري ٿو . اسان وٽ سيکڙاٽ اديب هميشه سينيئر اديبن وٽ پنهنجي حيثيت حاصل ڪرڻ لاءِ خوشامد ڪرڻ ۾ وَسان نه ٿا گهٽائن . کيس لقب القاب ڏيڻ ادبي محفلن ۾ ٻڌبا رهبا آهن . سائين لطيف ثاني آهي . سائين جي شخصيت جو سنڌي ادب ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي . سائين جو وڇوڙو سنڌي ادب جو وڏو سانحو آهي اهڙو خال ڀرجي نه ٿو سگهجي .مختصر تقرير پر اهڙين تقريرن سان سڀني سينئر اديبن جي هنج ۾ ويهڻ لاءِ ڪشادي جاءِ ملي وڃينس ته گھڻي محنت ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت ؟؟ اسان جي ادبي حلقن ۾ عورت ليکڪائن جي تخليقن تي به وڏي فراخدليءَ سان راءِ زني ڪئي ويندي آهي . موجوده دور ۾ سوشل ميڊيا تي مون کي هڪڙي به اهڙي ڪمينٽ پڙهڻ لاءِ ناهي ملندي جنهن ۾ ڪنهن عورت ليکڪا جي لکڻيءَ جي عيب جوئي ڪئي وئي هجي ، هر عورت ليکڪا جي هر لکڻي فني ۽ فڪري حوالي سان شاهڪار لکڻي تصور ڪري ڏٺي وڃي ٿي اهڙي عمل کي حضور شرمي چوان يا خوشامد چوان پر مون وارو فلسفي يار ان عمل کي همت افزئي چئي ٿو. پر مان کيس چوان ٿو ته اهڙي همت افزائي مرد ليکڪن جي نه ڪرڻ واري عمل کي ڪهڙو نالو ڏجي ته ان جو جواب ڪونه ٿو ڏنو وڃي .ڪڏهن به ڪنهن سينئر ليکڪ ڪنهن جونيئر جي انتهائي پختين تخليقن کي لائيڪ ڪرڻ به گناه ڪبيره سمجهو وڃي ٿو . اهڙي عمل سان سنڌي ادب ۾ سينئر ۽ جونيئر ٽهيءَ ۾ وڃوٽيون پيدا ٿيل آهن جنهن سبب ادبي کيتر ۾ تعميري ڪم ۾ جمود طاري ٿيل ڏسجي ٿو . جونيئر اديب پنهنجي هينانءَ سوجھري تي ادبي سفر طئه ڪرڻ تي مجبور آهي . جنهنڪري درست ڊائريڪشن وٺڻ لاءِ جونيئر اديب کي ڪيترو ئي وقت لڳي وڃي ٿو . اسان وٽ جيڪو اديب قلم جي قط کي قرطاص تي هلائي نه ٿو سگهي ته وري ايڊيٽر بڻجي وڃي ٿو ۽ پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي ڪيترا قلم ڪار ۽ ڏات ڌڻي پنهنجون رچنائون شايع ڪرائڻ لاءِ ايڊيٽر صاحب جي اڳ پُٺِ يا ٻين آسان لفظن ۾ خوشامد ڪندي نظر اچن ٿا .هي ته مار پوي فيس بڪ واري ذڪر بگرڪ کي جنهن جي ڪري ڪجه وائڙا ليکڪ ايڊيٽرن جي ڪاڻ نه ٿا ڪڍن نه اسان جي ايڊيٽرن جو شان ۽ مانُ گذريل صديءَ جي پوين ٻن ڏهاڪن ۾ ڏسڻ وٽان هو . ماکين جا شيشا ، انبن جون پيٽيون ، سچي گيهه جي تحفن جي پارسلن سان گڏ پوسٽ مين جڏهن ليکڪ جا لکيل چار پنا کڻي اچي ايڊيٽر صاحب کي ڏيندو هو ته سندس دل باغ بهار ٿي پوندي هئي.۽ صبح واري پرچي ۾ شيڊول ٿيل ليک کي ملتوي ڪري به تازي آيل ليک کي جاءِ ڏني ويندي هئي جو اهو برننگ اشو تي لکيل هوندو هو . چون ٿا ته سوسائٽي پيپر ليس ٿيندي پئي وڃي سموري لکڻ پڙهڻ جو ڪم هاڻ اليڪٽرونيڪل ٿيندو پيو وڃي . اهڙي صورتحال ۾ سنڌي ادب جي مستقبل لاءِ ڪهڙي رٿا ڪئي پئي وڃي ڪا خبر ڪانهي باقي اسان وارو يارڙو فلسفي ته ڏينهن 18 ڪلاڪ فيس بڪ تي گذاري ٿو . سندس فيس بڪ لاءِ چوڻ آهي ته فيس بڪ تي گذاري ويلن تي تعذيتن ۽ جنم ڏينهن جي مبارڪن وارين پوسٽن مان هو بيزار ٿيندو پيو وڃي باقي فيس دنيا سان ڳنڍجڻ جو سگهارو ذريعو آهي . عربن ۾ انقلاب فيس بڪ آندا ۽ بادشاهيون برباد ڪري ڇڏيائين . سنڌي ماڻهو اڄ وڌيرن جي رحم ڪرم تي آهن اڃان تائين وڏيرا هنن جي وات ۾ پادر کڻائن ٿا اڄ اهي معاشي استحصال ڪندي عصمتن کي داغدار ڪن ٿا . سنڌي قوم هن تيزيءَ سان بدلجندڙ دنيا ۾ ويڳاڻي ڪيفيت ۾ آهي . سنڌ جي اهڙي ويڳاڻپ جو دارون نه اسان جي اديب وٽ نظر ٿو اچي نه ئي وري سياسي نيم حڪيمن وٽ .. ؟؟؟

دل جو ڪتاب : پرن تي اعتماد



ڪنهن وڻ جي ٽاريء تي ويٺل پکي ٽاريء جي لڏڻ کان ڪڏهن به ڊنل نه هوندو آهي.سبب ڇا؟ هن کي پنهن جن پرن تي اعتماد هوندو آهي...!!!

ڳالهيون پيٽ ورن ۾

سلطانه وقاصي
دل ۽ دماغ جي جنگ ۾ هارائڻ ۽ کٽڻ انسان جو معمول آهي. دل نرم نازڪ ٻن لفظن تي راضي ٿيو وڃي. دماغ سخت، ڏاڍو ۽ دليلن سان سوال جواب ڪندو آهي. دل ۽ دماغ جو انسان جي وجود ۾ هجڻ ۾ وڏي ڪا حڪمت هوندي. ڇو ته هيءَ دنيا ڏاڍي ڏکي آهي. جيون گذارڻ ڏاڍو اڙانگو آهي. صبر ڪري درگذر ڪي ڏاڍ جو مقابلو ڪرڻ اڙانگو آهي. اسان جي وجود جا هي ٻه حصا دل ۽ دماغ اڪثر ڪري ارڏا به ٿي پوندا آهن. جنهن وجود ۾ ويٺا آهن ان وجود جي ڳالهه به نه مڃيندا آهن. وجود ته رت، ماس ۽ هڏ چم جو جُڙيل آهي. ان کي ڌڪ لڳڻ سان سور ٿئي ٿو ۽ ان کي ٺاهڻ ۽ سنوارڻ ۾ سرهائي به ٿيندي آهي.
هي وجود دنيا ۾ هلي چلي ٿو. ڪوسي ٿڌي سهي ٿو. اکين سان ڏسي، ڪنن سان ٻڌي ۽ وات سان ڳالهائي ٿو. ها پر ڇا ڪري هي ويچارو وجود ڇو ته ان سان گڏ ٻه شيون دل ۽ دماغ جي روپ ۾ جُڙيل آهن. وجود جي اندر انهن جا اختلاف، جهيڙا فساد اندر جو اُڌما وڌائي ڇڏيندا آهن. دل پيار ۽ احساس ڪندي آهي. دل ۾ ڏک ٿيندو آهي دل ۾ آيل پيار ۽ لک درد دماغ پاڻ وٽ گهلي وٺي ويندو آهي. هاڻ دماغ جا ڪيل فيصلا ڏاڍا ڏکيا به هوندا آهن ته ڪنهن ويل سچا ۽ کرا به هوندا آهن. هر قدم تي ساٿ ۽ واسطيداريون هونديون آهن. هڪ ٻئي ۾ ڪم ڪار پيو پوندو آهي. وڏڙيون چونڊيون آهن انسان، انسان جو کاڄ آهي، ڪير به انسان اڪيلو جيون گهاري نه ٿو سگهي. ناتا، رشتا ٽٽي نه ٿا سگهجن، رت دانگيءَ تي به ورندو آهي، پنهنجو ماريندو ته به ڇانو ۾ ڦٽي ڪندو، زخم ڏيندو ته مرهم پٽي به ڪندو. اها به چوڻي آهي ته ڏکن پٺيان سک، ايئن ڪير ڪونه چوندو آهي سکن پٺيان ڏک… بس هيءَ جيون جي راند آهي جنهن ۾ تشدد ۽ اڻ سهپ وڌيل آهي. پنهنجن پروان وٽان مليل درد ۽ خوشيون وجود ۾ هلچل مچائيندا آهن. جن مان اميد رک اهي ئي نااميد ڪندا. جن کي اسان وساري ڇڏيندا آهيون اهي ئي وقت تي اچي سار لهندا آهن ڀرجهلا ٿيندا آهن. زندگي جي هن چوپڙ راند ۾ ڪنهن به ڪردار کي پرکڻ ڏکيو آهي. سچ ته اهو آهي ته دنيا مان سچائي ختم ٿي وئي آهي هاڻ ته انسان به پنهنجي وجود سان سچو نه رهيو آهي.
وجود جي سچائي انسان جو انفرادي عمل آهي. ان عمل ۾ جڏهن کاٽ پوي ٿو. ان ويل سڀ ڪو نفسانفسيءَ جي ماحول ۾ پنهنجي مطلب کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪندو آهي. ان ڪوشش ۾ جسم جا اهي ٻه حصا جن کي اسان دل ۽ دماغ چئون ٿا انهن جي اهميت وڌي ويندي آهي.
دل ڪونئري آهي، پيار ۽ احساس ڪندڙ آهي. دل جي ذريعي هي اکيون دنيا ۾ سٺائي، محبت، خلوص ڏسنديون رهنديون آهن. دل انسان جي زندگي گذارڻ لاءِ آسانيون پيدا ڪندي آهي. دماغ سوچيندو آهي صحيح ۽ غلط جي فرق کي سمجهندو آهي. اڪثر دل جي ڪيل فيصلن جي اڳيان دماغ جا فيصلا رستا روڪي بيهي رهندا آهن. دل چوندي آهي ته مان صحي آهيان ۽ دماغ چوندو آهي ته مان صحيح آهيان.
هي انسان جيڪو هڏ چم، ماس ۽ رت سان ٺهيل آهي ڄمڻ کان وٺي مرڻ گهڙيءَ تائين دل دماغ جي جهيڙن ۾ زندگي گذاري ڇڏيندو آهي. ها ڪڏهن ڪڏهن دل ۽ دماغ ڪنهن هڪ ڳالهه تي متفق به ٿيندا آهن پر اهو به ڪڏهن ڪڏهن.
سچ ته اهو آهي ته مان به پنهنجي وجود جي هارايل ۽ لٽيل جنگ ۾ هن دل ۽ دماغ کي ئي ذميدار سمجهندي آهيان. مون وانگر هر انسان ايئن ئي زندگي گذاريندو آهي. وجود سان گڏ هي دماغ نه هجي ها ته پوءِ هي جيون گهارڻ مشڪل ٿي پوي ها.

شفيق شاڪر  هيپي هرٽ پوائنٽ


Thursday, May 26, 2016

دل جو ڪتاب ؛ هاڪاري سوچون اختيار ڪريو.


سدائين اسانجون سوچون اسان جي عملن تي ڪنٽرول ڪن ٿيون  اسان جاعمل اسان جي تقدير کي ڪنٽرول ڪن ٿا.سڪون واري گڻ جي مشق ڪيو ۽ هر معاملي ۾ هاڪاري سوچ اختيار ڪريو. 

“مزاحيه وڊيوز ؛ ” انگريزيء جو مقابلو “. جانو جرمن COMEDY VIDEOS: ” ENGLISH COMPITITION ” JANU GERMEN



“مزاحيه وڊيوز ؛ ” انگريزيء جو مقابلو  “.
                                         جانو جرمن              

COMEDY VIDEOS:           
 ” ENGLISH COMPITITION ” 
         JANU GERMEN         

شفيق شاڪر  هيپي هرٽ پوائنٽ


مزاحيه وڊيوز ؛ ” مسٽر بادشاه “. بصر بادشاه ....ذلفي شاه COMEDY VIDEOS: ” MR.BADSHAH ” BASAR BADSHAH / ZULFI SHAH




                                     مزاحيه وڊيوز ؛ ” مسٽر بادشاه  “.
                                     بصر بادشاه ....ذلفي شاه
COMEDY VIDEOS:                                
 ” MR.BADSHAH ”                  
      BASAR BADSHAH / ZULFI SHAH
                                  شفيق شاڪر هيپي هرٽ پوائنٽ

مزاحيه وڊيوز ؛ ” عاشق “. بصر بادشاه ....ذلفي شاه COMEDY VIDEOS: ” ASHIQUE ” BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH





مزاحيه وڊيوز ؛ ” عاشق  “.
بصر بادشاه ....ذلفي شاه
COMEDY VIDEOS:                  
         ” ASHIQUE ”     
BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH        

مزاحيه وڊيوز ؛ ” ڀتو “. بصر بادشاه ....ذلفي شاه COMEDY VIDEOS: ” BHATTO ” BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH




مزاحيه وڊيوز ؛ ” ڀتو  “.
بصر بادشاه ....ذلفي شاه
COMEDY VIDEOS:                             
 ” BHATTO ”     
BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH


مزاحيه وڊيوز ؛ ” عامل بابا “. بصر بادشاه ....ذلفي شاه COMEDY VIDEOS: ” AMIL BABA ” BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH




مزاحيه وڊيوز ؛ ” عامل بابا  “.
بصر بادشاه ....ذلفي شاه
COMEDY VIDEOS:
AMIL BABA ”
BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH

مزاحيه وڊيوز ؛ ” شهنشاه ٽيلي فلم “. بصر بادشاه ....ذلفي شاه COMEDY VIDEOS: ” SHAHNSHAH TELEFLIM ” BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH



مزاحيه وڊيوز ؛ ” شهنشاه ٽيلي فلم  “.
بصر بادشاه ....ذلفي شاه
COMEDY VIDEOS:
” SHAHNSHAH TELEFLIM ”
BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH

مزاحيه وڊيوز ؛ ” فلم جي شوٽنگ “. بصر بادشاه ....ذلفي شاه COMEDY VIDEOS: ” FLIM SHOOTING ” BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH




           مزاحيه وڊيوز ؛ ” فلم جي شوٽنگ  “.
بصر بادشاه ....ذلفي شاه
COMEDY VIDEOS:
FLIM SHOOTING ”
BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH

مزاحيه وڊيوز ؛ ” ڪاسائي “. بصر بادشاه ....ذلفي شاه COMEDY VIDEOS: ” KASAEE ” BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH


مزاحيه وڊيوز ؛ ” ڪاسائي  “.
بصر بادشاه ....ذلفي شاه
COMEDY VIDEOS:
KASAEE ”
BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH

مزاحيه وڊيوز ؛ ” ٻڪر “. بصر بادشاه ....ذلفي شاه COMEDY VIDEOS: ” BAKAR ” BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH



مزاحيه وڊيوز ؛ ” ٻڪر  “.
بصر بادشاه ....ذلفي شاه
COMEDY VIDEOS:
” BAKAR ”
BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH

مزاحيه وڊيوز ؛ ” قرباني “. بصر بادشاه ....ذلفي شاه COMEDY VIDEOS: ” QURBANEE ” BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH



مزاحيه وڊيوز ؛ ”  قرباني  “.
بصر بادشاه ....ذلفي شاه
COMEDY VIDEOS:
QURBANEE ”
BASAR BADSHAH/ZULFI SHAH


مزاحيه وڊيوز ؛ ” غربت “. اصغر کوسو COMEDY VIDEOS: ” GHURBAT ” ASGHAR KHOUSO



مزاحيه وڊيوز ؛ ” غربت  “.
اصغر کوسو
COMEDY VIDEOS:
GHURBAT ”
ASGHAR KHOUSO