Monday, August 22, 2016

ٻارڙن جي محفل ؛ احسان فراموش

ٻارڙن جي محفل ؛ احسان فراموش



Friday, August 19, 2016

Wednesday, August 17, 2016

سرهي سوچ ؛ ” مذهب ۽ فلسفو “


مذهب جي صورتحال فلسفي کان گهڻي مختلف آهي. مذهب ۽ انسان جو چولي دامن جو ساٿ رهيو آهي. قديم آثارن، علم الانسان ۽ جاگرافيائي تحقيقن هيءُ واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اڃا تائين انسانن جي ڪابه مستقل جماعتي، قومي يا تهذيبي زندگي اهڙي لڌي وئي آهي جيڪا مذهب جي ڪنهن به شڪل کان بلڪل عاري هجي. هن وقت دنيا جي اهم مذهبن ۾ عيسائيت، اسلام، ٻڌمت، هندومت ۽ يهوديت وغيره شامل آهن. انهن سڀني جو اظهار مخصوص عقيدن، عملن ۽ رسمن جي صورت ۾ ٿيندو آهي. مذهبي احساس جي اظهار جي انهن گهڻين ۽ الڳ الڳ شڪلين جي باوجود مذهب جو جوهر هڪ ئي آهي. بنيادي طور تي مذهب جي آڏو ٻه مقصد رهيا آهن: پهرئين جو تعلق انفرادي زندگيءَ سان ۽ ٻئي جو تعلق اجتماعي زندگيءَ سان آهي. فرد مذهب جي حقيقت مان، هڪ احساس ۽ باطني واردات جي طور تي گذري ٿو. پنهنجي باطني تجربي ۾ هو هڪ عظيم ۽ برتر هستيءَ سان تعلق قائم ڪري ٿو ۽ پنهنجو پاڻ کي ان جي خاصيتن ۽ صفتن جي ويجهو ڪرڻ گهري ٿو. ٻئي پاسي اجتماعي زندگيءَ ۾ مذهبن جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته جڏهن به ڪنهن معاشري ۾ حقيقي ۽ سچي مذهب جي پرچار ڪئي وئي، تڏهن ان دؤر جي ظالم ۽ مراعات يافته طبقن ان کي سختيءَ سان ڪچليو. بنيادي طور تي هر مذهب خدا پرستيءَ ۽ انسان دوستيءَ جي تعليم ڏني آهي ۽ ڪجهه مذهبن ته پنهنجي دؤر ۾ ٿيندڙ سماجي ظلم خلاف پنهنجي پيروڪارن کي منظم به ڪيو. حضرت ابراهيم نمرود خلاف جدوجهد ڪئي. حضرت موسيٰ فرعون جي ظالماڻي نظام خلاف پنهنجن پيروڪارن کي منظم ڪيو. حضرت مسيح عه جي تعليم پڻ هينئن هئي:
”خداوند، مون کي غريبن کي خوشخبري ڏيڻ لاءِ مسيح ڪيو. هن مون کي (ان لاءِ) موڪليو آهي ته قيدين کي آزادي ۽ انڌن کي نظر جي خوشخبري ٻڌايان ۽ مظلومن کي آزاد ڪريان.“ (لوقا: 16-19)
حضرت محمد
جن حجاز ۾ سماجي ابتريءَ جي محرڪ نظام کي ۽ سندن اصحابن جي جماعت قيصر ۽ ڪسريٰ جي استحصالي نظامن کي ختم ڪيو، جنهن جو ٽارگيٽ کين پيغمبر ڪريم مقرر ڪري ڏنو هو. مطلب ته مذهب جو مقصد هي آهي ته انسانيت جي ارتقا ۾ پوندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي، پوءِ اُهي رڪاوٽون فرد جي اندر داخلي سطح تي منفي جذبن ۽ رذيل اخلاقن جي شڪل ۾ هجن يا خارجي سطح تي انساني سماج ۾ غلط رسمن ۽ رواجن ۽ ظالم نظام جي شڪل ۾ هجن.
مذهبن جون مٿي ذڪر ڪيل خاصيتون هڪ حقيقي ۽ آزاد مذهب جون خاصيتون آهن. پر تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته مذهب هميشه آزاد نه رهيو آهي بلڪ اڪثر دؤرن ۾ هڪ حربو ۽ اوزار پڻ بڻجي رهيو آهي. مذهب جو باطل تصور، انسان جو سڀ کان وڏو الميو آهي. يعني انسان ان رستي تان غلام بڻايو ويو جيڪو سندس آزاديءَ جو رستو هيو ۽ خاص طور تي ان حوالي سان يورپ وارن جا تجربا ڏاڍا تلخ آهن. اتان جي ماڻهن مذهب کي ڪليسائي نظام جي تعارف سان سڃاتو. ڪليسا بادشاهه سان گڏجي عوام جو استحصال ڪيو. پنهنجي استحصالي ڪردار دوران مذهب وارن عقل ۽ دانش تي پابندي لڳائي ۽ اهڙيءَ ريت انساني فطرت تي پابندي لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي پر فطرت پنهنجو رستو ڪڍي وٺندي آهي. تنهن ڪري مذهب کي يورپ مان نڪرڻو پيو. ڇاڪاڻ ته يورپ وارن جي نظر ۾ ان جي سڃاڻپ استحصال ۽ عقل دشمنيءَ واري ٿي وئي. ظاهر آهي ته مذهب جي اهڙي تعارف جا ذميوار خود مذهب جا نام نهاد پيروڪار آهن. اڄ يورپ ۾ مذهبي انسان مان مراد هڪ جنوني ۽ متعصب جي طور تي ورتي ويندي آهي، جنهن لاءِ انساني رشتن جي ڪابه اهميت ناهي. هو خون وهائڻ کان به نه ٿو گسي ۽ حقيقت ۾ ايئن ٿيو به آهي. مذهبي ماڻهن جو اهو تعارف ائين خواهه مخواهه مشهور ناهي ٿيو. مذهبي ماڻهن جي انهن غلطين ۾ ڪجهه جهالت کي دخل هيو ۽ ڪجهه مذهب جي خلاف سازش به ٿي. اصل ۾ مذهب ڏانهن عوام جو لاڙو ايتري قدر ته مضبوط هيو جو مراعات يافته طبقو مذهب کي ختم نه پئي ڪري سگهيو. تنهن ڪري هن مذهب جي ظاهري ڍانچي کي برقرار رکندي ان جي جوهر ۽ روح کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان مقصد لاءِ هن مذهبي نمائندن کي خريد ڪيو، جن عوام ۾ پنهنجو اثر رسوخ قائم ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح مراعات يافته طبقن کي تحفظ فراهم ڪيو. مشرق ۾ اهڙا سڌارڪ ايندا رهيا جيڪي مذهب جي ڍانچي ۾ حقيقي روح ڦوڪيندا رهيا، پر مغرب کي اهڙا ماڻهو نه ملي سگهيا. جنهن جو نتيجو هي نڪتو ته يورپ وارن مذهب جي ان بي روح ڍانچي کي به پاڻ وٽان ڪڍي ڇڏيو
(شاهد رشيد)

دل جو ڪتاب : ڪيترن ئي رشتن کي ٽٽڻ کان بچائي سگھون ٿا


اسان ڪيترن ئي رشتن کي ٽٽڻ کان بچائي سگھون ٿا جيڪڏهن اسان هن سادي حقيقت کي سمجھي وٺون ته  ماڻهو غلط نه پر مختلف هوندا آهن.!!

ٻارڙن جي محفل ؛ ايماندار حجام


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   

نڪي اوڏو اک کي،نڪي نظران ڏور.


(روزاني سنڌ ايڪسپريس)   


تون جا چئين تبديلي، ان جا گهڻا انگل


اها انساني فطرت آهي ته هو ”حال“ ۽ ”حالتن“ مان خوش نه هوندو آهي ۽ انهن کي بدلائڻ جا ڏاڍا وڏا جتن ڪندو آهي. ايتري قدر جو انهيءَ اڻ-ڏٺي تبديليءَ لاءِ هو پنهنجي جان جي قرباني ڏيڻ کان به ڪو نه ڪيٻائيندو آهي. ڪي اهڙا انفرادي ۽ اجتماعي خواب آهن، جن جي تعبير لاءِ هو هميشه حيران، سرگردان ۽ پريشان رهي ٿو.
بهتر کان بهترين ٿيڻ جو شوق ۽ ڪا تبديلي آڻڻ جي آس جيڪڏهن منطقي طريقي سان واڳيل ناهي ته پوءِ نتيجا ڏاڍا ڀيانڪ ۽ تباهه ڪن ئي نڪرندا. ڇا اها تبديلي انهيءَ سوچ ۽ لوچ جو نالو آهي ته دنيا جهان کي ته بدلائجي، پر پنهنجي اندر ۽ ٻاهر ۾ ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه واري صورتحال هجي! هن خفت ۾ ماڻهو ٻين جو هٿ ٺوڪيو هادي ۽ رهبر ٿئي ٿو، پر پنهنجو منڪر ۽ ويري بڻجي وڃي ٿو. هن ئي موڙ تي ”نظرياتي مبلغ“ ٺيڪيدار بڻجي، بلڪه ڪمدار بڻجي قوم جي نظرياتي تشخص ۽ اجتماعي سوچ کي ڇيهو رسائيندا آهن ۽ بلڪه داعش يا طالبان جو ڪردار ادا ڪندا آهن. پوءِ اهي، ماڻهو سڌارڻ بدران ماڻهو مارڻ کي ئي عين ثواب ۽ زندگيءَ جو مقصد بڻائي ڇڏيندا آهن.
ان ڪري ڪنهن به تبديليءَ جو بنيادي شرط اهو آهي ته پهريون اها تبديلي پاڻ ۾ اچي ۽ اها تبديلي اسان کي ٻين اڳيان کليو ڪتاب بڻائي ڇڏي ته جيئن ماڻهو ان کي پڙهي پرجهي سگهن ۽ اتساهه وٺي سگهن. ايئن ئي تبديليءَ جي آس ٻين جي من ۾ واسو ڪري سگهي ٿي.
تبديليءَ جو ٻيو شرط اهو آهي ته اها وقت ۽ حالتن مان ڦٽي نڪري ۽ انهيءَ حوالي سان دلين خواهه ذهنن جي زمين ۾ اهڙو ٻج ڇٽيو وڃي. هن کي ٻين لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته زميني حقيقتن کي سمجهڻ ۽ انهن جي برعڪس سوچڻ ۽ لوچڻ سان تبديليءَ جو رستو ته روڪي سگهجي ٿو، ليڪن ان کي منطقي نتيجي طرف وڌائي نه ٿو سگهجي. ان ڪري جيڪو زميني حقيقتن کي نه ٿو مڃي ۽ سمجهي، ان ۾ معامله فهمي جي صلاحيت گهٽ آهي ۽ هن جي سوچ ۽ لوچ جا مقصد ۽ مرادون هن لاءِ نقصانڪار ۽ ٻين لاءِ هاڃيڪار بڻجي ويندا. مثال طور منجهند ٽاڪ جو جڏهن نٽهڻ اس ۾ ڪانوءَ جي اک به نڪرندي هجي، اسان سج کي لاهي يا رات کي آڻي نه ٿا سگهون. ان لاءِ اسان کي انتظار ڪرڻو پوندو يا ڌرتتيءَ وقت پاڻ کي بچائڻو پوندو. ان ڪري ڪنهن به تبديلي لاءِ اوس ئي وقت جو انتظار ڪرڻو پوندو ڇو ته وقت کي پاڻ بدلائي نه ٿا سگهون، البته حالتون بدلائي سگهبيون، جيئن ڌرتتيءَ جو پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪندا آهيون. اها ڪوشش جهڙوڪ حالتون بدلائڻ برابر آهي.
اهي دوست جيڪي ڪا سياسي، سماجي يا نظرياتي تبديلي آڻڻ لاءِ آتا آهن، انهن کي اڳ ۾ حالتون بدلائڻ جا جتن ڪرڻا پوندا ۽ حقيقتن، يا چئجي ته زميني حقيقتن کي نظرانداز ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو. اهڙيءَ ريت اجتماعي تبديلين آڻڻ لاءِ اجتماعي ذهنن ۽ زبانن، عملن ۽ روين جي زمين تي هڪ جاکوڙي هاريءَ جيان ڪم ڪرڻو پوندو.
جيڪڏهن آئون ڪا تبديلي چاهيان ٿو ته ان جو اهو مطلب به مون کي وٺڻ نه گهرجي ته هر ڪو اکيون ٻوٽي اها ۽ اهڙي تبديلي چاهيندو ۽ گهرندو هوندو. ڇو ته انسان هڪ ئي وقت شاندارماضيءَ جي يادن ۽ حال جي صورتحال کان تڪڙو پاڻ آزاد ڪري نه سگهندو آهي. ان ڪري ماضيءَ ۾ مگن ۽ حال ۾ مست ماڻهو مستقبل، يعني تبديليءَ کي تڪڙو قبول ڪو نه ڪندا آهن.
اسان مان جيڪو ڪنهن نه ڪنهن ”تبديليءَ“ لاءِ سوچي ۽ لوچي ٿو، ان کي اها ڳالهه به ڌيان ۾ رکڻ گهرجي ته هن جي خاندان ۽ هن جي قوم مان وڏي اڪثريت ماضيءَ سان محبت ۽ حال سان نسبت ڪري ڪنهن اهڙيءَ تبديليءَ کي قبول نه ڪندي، جنهن ۾ ان کي اهڙيءَ تبديليءَ ۾ ڪا ماضيءَ جي جهلڪ يا حال جي خوشبوءِ نه ٿي ملي. انهن ۽ ايترن ماڻهن جي مخالفت سان گڏوگڏ زميني حقيقتون پڻ ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن تبديليءَ کي تڪڙو قبول ڪو نه ڪنديون آهن، بلڪه ان جي شدت سان مخالفت ڪنديون آهن.
اهڙي ڳنڀير صورتحال ۾ تبديليءَ لاءِ سوچيندڙن ۽ لوچيندڙن کي پنهنجي حڪمت عملين تي نظرثاني ڪرڻي پوندي، پاڻ کي تبديليءَ جو کليو ڪتاب بڻائڻو پوندو. ٻيءَ صورت ۾ فقط نعرن تي گذارو ڪرڻو پوندو.
(روزاني عوامي آواز)   

Tuesday, August 16, 2016

نمڪ حلالي ۽ حراميءَ جو نفسياتي جائزو


قبيلائي، غلاماڻي ۽ جاگيرداري قدرن جي گاڏڙ سماج ۾ سٺا ۽ خراب گُڻ يا قدر هوندا آهن، جن جو بنياد يا پيدا ٿيڻ جو ڪارڻ فطري، جاگرافيائي تبديليون هونديون آهن، مثال طور ڏڪار، ٻوڏون، پاڙيسري ملڪن جو ڦورو جيڪي وسيلن گهٽجڻ ڪري لٽ مار تي گذارو ڪندڙ هوندا آهن. ڦورو ۽ ڌاڙيل مان ڦري ويجهي سکئي ستابي ملڪ تي قبضو ڪري وڌ ۾ وڌ ڦرلٽ ڪندي رهڻ واري لڳاتار عمل ڪري محڪوم قوم يا سماج مان به ڪي فرد ساڳيو ڌنڌو ڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهن، ڇاڪاڻ ته کين سک سان جيئڻ ناهي ڏنو ويندو. مثال طور سيوهڻ جي مغل غاصب صوبيدار مرزا احمد بيگ راهه تيار ٿيڻ جو ٻڌي پنهنجا ڪارندا موڪلي سڄي ٻار يا ٻاراههِ جو ان کڻائي ويندو هو. احتجاج ڪرڻ تي هارين کي مارڪٽ ڪري سندن ڍور ڍڳا به ڪاهرائي ويندو هو. مسلسل اهڙي ڦرلٽ ڪري ماڻهن پوکي راهي ڪرڻ ئي ڇڏي ڏني هئي. جهنگ جي زندگي گذارڻ ۽ مال ڍڳي چارڻ تي گذران ڪيو وڃڻ لڳو هو.
مختلف جاگرافيائي حالتن جي ستم ظريفين ڪري به ماڻهو پنهنجا پيداواري وسيلا تبديل ڪندا هئا. ٻوڏن ۽ برساتن نه پوڻ يا برف باري گهڻي ٿيڻ ڪري ساوا چاراگاهه سڪي يا برف سان ڍڪجي ويندا هئا، جنهن ڪري اناج جي کوٽ ٿي ويندي هئي، جنهن ڪري ماڻهو پنهنجا يا پراوا چورايل ڍور ڪهي صرف گوشت تي گذران ڪندا هئا. گرم علائقن ۾ گوشت گهڻو ڪري کائي ختم ڪيو ويندو هو، ڇاڪاڻ ته گوشت کي ذخيرو ڪرڻ ممڪن ڪونه هوندو هو. ڪٿي ڪٿي اهو رواج هوندو هو ته بچيل گوشت کي اُٻاري سڪائي ڪجهه وقت لاءِ ذخيرو ڪيو ويندو هو، پر برفاني علائقن ۾ بچيل گوشت کي برف ۾ پوري گهڻو وقت ذخيرو ڪري سگهبو هو. ان طرح ڏڪار جي ڏهاڙن ۾ بک جي احساس جو پيدا ٿيڻ فطري هو. اهڙي صورتحال ۾ اجتماعي طور وجود بچائڻ جون ڪوششون ذاتي وجود بچائڻ جي برابر هونديون هيون، ڇاڪاڻ ته اڪيلي سر خوراڪ جو انتظام ڪرڻ ڏاڍو مشڪل هوندو هو. خوراڪي وسيلن جي ڪجهه موجودگيءَ جي ڪري ڪٿي ڪٿي ڪي وسنديون يا ننڍڙا ڳوٺ آباد ٿيل هندا هيا، جن وٽ ڪجهه خوراڪ ذخيرو ٿيل هوندي هئي. خوراڪ جي تلاش ۾ ڪي رولو ٽولا يا گروهه بک جي باهه وسائڻ لاءِ اهڙين وسندين جو رخ ڪندا هئا، جيڪي گهڻي خوراڪ ذخيرو هجڻ جي صورت ۾ ڪجهه کائڻ ڪاڻ ڏيندا هيا. نه ڏيڻ جي صورت ۾ بکايل گروهه افرادي قوت جي سهاري سان وسندين تي حملو ڪري ذخيرو ٿيل خوراڪ سان گڏ سندن ماڻهو به اغوا ڪري ڪهي کائي ويندا هيا.
ان طرح بکايل گروهه پنهنجو ڪو مستقل ٺڪاڻو ٺاهي ويهڻ جي بجاءِ وسندين تي حملا ڪري خوراڪ حاصل ڪندا هئا. ڏڪارن جي اهڙي صورتحال کان پوءِ ڦورو قدرن جو جنم ورتو ٿو ڀائنجي، جنهن ۾ ڦرڻ واري ڪڌي قدر سان گڏ هڪ اهڙي قدر به جنم ورتو، جنهن ۾ ڇڙواڳ جهنگلي گروهن جي مالي يا خوراڪ جون ضرورتن پورين ڪرڻ کان پوءِ اهي گروهه وسندين جا گهڻ گهرا ۽ خيرخواهه به ٿي ويندا هئا. اهڙي خيرخواهيءَ جو بنياد بک محل ڏنل خوراڪ هوندي هئي، جنهن سندن جان بچائي. اهڙي مدد يا احسان ۽ ٿوري کي ياد رکيو ويندو هو. برفاني علائقن ۾ گوشت کي لذيذ ڪرڻ لاءِ يا جسم کي گرمي پهچائڻ لاءِ نمڪ يا لوڻ جي وڏي اهميت هوندي هئي. گوشت نه هجڻ جي صورت ۾ پاڻي ۽ لوڻ به جيئري رهڻ لاءِ وڏو سهارو هوندو هيو. اهو ئي سبب هيو جو خاص طور برفاني علائقن جي ماڻهن ۾ لوڻ جي وڏي اهميت هوندي هئي. ڪنهن بکايل مسافر کي جيڪڏهن لوڻ به ملي ويندو هو ته هو پاڻ کي ڀاڳ وارو سمجهندو هو. جان بچائڻ لاءِ لوڻ جي حاصلات لاءِ وسندين جي ڪجهه فردن جون ذميداريون صرف لوڻ حاصل ڪرڻ هونديون هيون، جيڪي هفتن جا هفتا پنڌ ڪري لوڻ حاصل ڪري ايندا هيا. لوڻ مِلڻ جا هنڌ هڪ ته لوڻياٺا جبل هوندا هيا ٻيو سامونڊي ڪنارن سان ننڍن تلائن ۽ ڍنڍن ۾ وير چڙهڻ ڪري آيل پاڻي سڪي وڃڻ واري لاڳيتي عمل سان لوڻ جو ٿلهو تهه هوندو هو. درياهن جي اٿلن پٿلن ڪري اهڙا تهه واري ۽ مٽيءَ ۾ لٽجي ويندا هئا، جن کي کوٽي ڪڍڻ لاءِ ٻرون، چرون يا سرنگهون هڻي ڪڍبو هو. لوڻ ڪڍڻ جا اهڙا طريقا موجوده دور ۾ ڏيپلي تعلقي جي رڻ ڪڇ جي گسن سان هاڻ به ڏسي سگهجن ٿا. اهڙيون لوڻ جون کاڻيون وارياسن سامونڊي ڪنارن سان اڪثر ڪري ٺهنديون هيون ۽ جابلو ڪنارن جا سوين ميل اهڙين کاڻين کان وانجهيل هوندا هئا.
کاڌ خوراڪ جي وکرن جي کوٽ انهن جي اهميت کي وڌائيندي آهي. ڪو اهڙو به وقت هوندو هيو جو دشمن، موجوده دور ۾ به ٻيلي يا جبلن ۾ لڪل ڌاڙيل ماني کارائڻ يا لسي ۽ چانهه پياريندڙ وسندين جي رهاڪن کي ڪونه ٿا ڦرين، ڇاڪاڻ ته اهي سندن ڏکئي وقت ۾ ڪم ٿا اچن. اهڙين وسندين وارن جا ڍور ڍڳا بنا ڪنهن ڌنار جي جهنگ چري شام جو صحيح سلامت واپس پنهنجن وٿاڻن تي اچن ٿا. ڳئون يا مينهن چور به جوءِ جي ڍور کي چورائڻ کي عيب سمجهندو آهي. يا ويجهي جوءِ مان ڍور چورائڻ واري چور کي پنهنجا ساٿي چور ڀاڙيو چور چون. معزز چور اهڙو هجي ٿو، جيڪو جوءِ کان پري يا ٻئي ڪنهن ڏورانهين جوءِ مان ڍور چوري ڪري اچي. چورن کان علاوه ٻئي ڪنهن شئي جو چور به چڱو اهڙو ليکيو ويندو آهي، جيڪو وڌ کان وڌ پري کان چوري ڪري اچي. چوري ۽ ڌاڙي ۾ به سچائيءَ وارا قدر هوندا آهن، جيڪي موجوده دور ۾ آهستي آهستي گهٽبا ٿا وڃن. ڪو وقت هوندو هو جو ماني کارائڻ، پاڻي پيارڻ يا اجهو ڏيندڙ جو ڪڏهن به مندو ڪونه ٿبو هو. چور يا ڌاڙيل اهڙي ڪريل حرڪت ڪرڻ واري کي طعنو ۽ مهڻو ڏيندا هيا ته جنهن جو نمڪ کاڌئي تنهن جي چوري ڪيئي، وڏو ڪو ڀاڙيو آهين. وڏن وڏن نامي گرامي يا مشهور چور يا ڌاڙيل ۾ نمڪ حرامي جو تصور به ڪو نه هوندو هيو. ميري لانگاهه اغوا ڪيل جوان عورت سان سڄي رات هڪ کٽ تي سمهڻ کانپوءِ به صبح جو بنا وهنجڻ جي نماز ادا ڪئي. ڌاڙي دوران هڪ روئندڙ هندو ڪنوار عورت کي سڄو سامان موٽائي ڏنو هيائين. ڌاڙي دوران عورت کي نه ڦرڻ جي روايت اڃا به ڪنهن ڪنهن وڏي نامي گرامي پرو چانڊيي جهڙي ڌاڙيل ۾ موجود ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
اهڙن قدرن جو ڪارڻ شايد اهو هجي ٿو ته اهڙا چور ۽ ڌاڙيل پاڻ سان مسلسل ٿيندڙ ظلمن ۽ زيادتين جي سهڻ جي برداشت ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ بغاوت ڪندا آهن، پر سندن تعلق جيئن ته مظلوم طبقي سان هوندو آهي، جنهن ڪري انهن کي ٻئي مظلوم تي جلد رحم به اچي ويندو آهي. نمڪ حرامي ۽ نمڪ حرامي جو اصطلاح به اهڙن ئي ڏوهارين جو ٺاهيل گڻ ٿو ليکجي، جنهن جو مطلب اهو نڪري ٿو ته جنهن جي گهر جو پاڻي، لسي، کير، ماني يا کاڌي جي ڪا شئي کائجي ته ان سان وفاداري ڪجي، ان جو مندو نه ٿجي، ان سان ڪا دشمني نه ڪجي بلڪه ان جي دشمن سان وڙهڻ ۾ مدد ڪرڻ کي جوان مڙدي جو گڻ ليکيو ويندو آهي.
نمڪ حرامي ۽ حلاليءَ جو گڻ ٻئي ڪردار يعني نوڪرن ۾ به ڏٺو ويو آهي. موجوده سرمائيداريءَ جي منافقاڻن روين کان اڳ ماهوار يا سالوار پگهار ۽ صرف کاڌو کارائڻ جي بدلي ۾ گهر جو اندريون يا ٻاهريون ڪم ڪار ڪندڙ نوڪرن ۾ به سچائي ايتري قدر هوندي هئي جو مهل اچڻ تي سر به قربان ڪري ڇڏيندا هيا، پر پاڻ تي نمڪ حراميءَ جو ٽڪو ڪونه لڳائيندا هيا. ان طرح نمڪ حلالي جو مطلب وفاداريءَ جي انتها هوندي هئي، جيئن نياڻيءَ جي در جي پاڻي پيئڻ کي به عيب سمجهيو ويندو هيو، ان طرح ”جنهن گهر جو نمڪ کائجي ته ان سان وفاداري ڪجي“ وارو گڻ گهڻو ڪري گرم علائقن سان واسطو ڪونه ٿو رکي ڇاڪاڻ ته گرم علائقن ۾ اهميت پاڻيءَ جي وڌيڪ هجي ٿي، جڏهن ته برفاني علائقن ۾ اهميت لوڻ جي وڌيڪ هجي ٿي ان ڪري اهو اندازو ڪرڻ ۾ حق بجانب هونداسين ته نمڪ حلالي يا حرامي وارو گڻ ڌرتيءَ جي اترين سرد علائقن مان آيل ٿو ڀائنجي.  جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اسان وٽ اهو اصطلاح آرين جي اچڻ کان اڳ نه هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان وٽ لوڻ جي اڻاٺ ڪڏنهن به ڪانه رهي آهي. ڪيوڙا جبلن مان نڪرندڙ جابلو لوڻ هزارن سالن کان ڪتب آندو ويو آهي. ان کان سواءِ سامونڊي ڪنارن سان لوڻ جون کاڻيون به ايترو ئي پراڻيون ڀائنجن ٿيون. ان کان سواءِ تاريخ ۾ ڪيترائي مثال ملن ٿا ته اسان جي گرم علائقن جا واپاري ٻين گرم مسالن ۽ گرم وکرن سان گڏ لوڻ به ٿڌن علائقن ڏانهن کپائڻ لاءِ کڻي ويندا هيا، جنهن ۾ خاص ڪري ڪيوڙا جبلن وارو سينڌو لوڻ مشهور هوندو هيو. ان ڪري اسان ان راءِ قائم ڪرڻ ۾ حق بجانب آهيون ته لوڻ جي اهميت گرم علائقن جي مقابلي ۾ ٿڌن علائقن ۾ وڌيڪ رهي آهي ۽ اڃا به آهي. ان طرح اسان جي عنوان وارو اصطلاح به اتر کان آيل ٿو ڀائنجي.
سماجي ڪردار اتفاقي طور تي يا طاقتور گروهن طرفان مجبورن مڙهيا ويندا آهن، مسلسل مڙهجڻ ۽ ملن جي قسمت واري راڳ آلاپڻ کان پوءِ مظلوم ڪردار اڪثر ڪري پاڻ کي اهڙي وهڪري ۾ اڇالائي يا وهائي ڇڏيندا آهن، جنهن ۾ قسمت يا بي همتي ۽ سهاري جي ڪابه اميد نظر نه اچڻ ڪري اهي هٿوراڙيون هڻڻ ڇڏي ڏيندا آهن. خدا جي طرفان اهڙي ڪردار ملڻ کي احسن طريقي سان نڀائڻ ۽ ان ۾ سچائيءَ جي انتها ڏيکارڻ تي فخر ڪرڻ سندن نفسيات ۾ شامل ٿي ويندو آهي. ان کانپوءِ اهڙي سماجي بيهڪ يا ڪردار بدلائڻ کي عيب سمجهي ويهندا آهن. ان کان پوءِ مجموعي طور تي اهڙن هڪ جهڙن ڪردارن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي چٽاڀيٽي اڻ اعلانيل طريقي سان شروع ٿي ويندي آهي. اهو ئي ڪارڻ هوندو آهي ته غلامن ۾ ڀلو غلام، نوڪرن ۾ ڀلو نوڪر، خادمن ۾ ڀلو خادم، وفادارن ۾ ڀلو وفادار، دوستن ۾ ڀلو دوست، خيرخواهن ۾ ڀلو خيرخواهه، سڄڻن ۾ ڀلو سڄڻ وغيرهه جهڙا لقب حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ وفادار رهڻ واري جستجو اجتماعي طور تي ڪئي ويندي آهي. ڪي اهڙا به مثال ملن ٿا ته نوڪرن پنهنجا ٺهيل ٺڪيل گهر هميشه لاءِ ڇڏي وفادار نوڪر جو مرتبو حاصل ڪرڻ جي پويان پنهنجون زندگيون وڃائي ڇڏيون. موٽ ۾ سندن نالو هڪ يا وڌ ۾ وڌ ٻن پيڙهين تائين ڳائبو يا مشهور رهيو.
زندگي سڌارڻ ۾ نااميدي، بي سهارگيءَ جي انتها، سماجي بيهڪ ۽ ڪردار نصيب ٿيڻ  قسمت تي بي انتها يقين، هم منصبن سان مقابلو ڪرڻ جي بيوقوفي، زندگيءَ ۾ بهتري نه آڻڻ واري بي همتي، اوطاقي ڪلچر ۾ زم ٿي وڃڻ واري اڻ سرتائي، تعريفي ٻه لفظ ٻڌڻ لاءِ زندگي گهاري ڇڏڻ، چئو واٽي تي بيٺل وانگي واقفيت وڌائڻ وارو حرس، بي لوس خدمت ڪرڻ وارو جذبو وغيرهه جهڙيون سماجي نفسياتي بيماريون شايد انسان کي اهڙي ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ همٿائين ٿيون.  اهي نفسياتي سماجي بيماريون اهڙيون ته ڳجهيل هونديون آهن جو اهڙين بيمارين وارو شخص ڪڏهن به پاڻ کي سماجي بيمار ناهي سمجهندو.  اها بيگانيگيءَ جي اوائلي شڪل ڀائنجي ٿي، جيڪا بيگانگيءَ کان پراڻي آهي. بيگانگي سماجي ارتقا جي سڀني دورن ۾ رهي آهي، پر انهن جي ڪيفيتن ۾ فرق رهندو آيو آهي. يا ايئن چئجي ته سماجي ارتقا ۾ دورن تبديل ٿيندي رهڻ سان گڏوگڏ بيگانگيءَ به ارتقا ڪئي آهي، جنهن کي نفسياتي ارتقا به چئجي سگهجي ٿو.
(روزاني عوامي آواز)   

Thursday, August 11, 2016

ڀيڄ ڀٽائي


ڪيترا پهاڪا ۽ چوڻيون اهڙيون آهن، جن سان آئون سهمت ناهيان، مطلب ته مون کي انهن جي معنيٰ يا مطلب کان انڪار آهي، جيئن چوندا آهن ته ”مولا وسائي مينهن ته ڪوڙا ڇٽن ڪم کان“ ان سان به سهمت ناهيان، ڇو ته مينهن پوڻ سان سچا ته ويچارا ڏچي ۾ هوندا آهن، پر ڪوڙا به ويل ۾ هوندا آهن، ڪو پاڻ کي مينهن کان بچائڻ ۾ مصروف هوندو، ڪنهن کي پنهنجي گهر کي بچائڻ جي لڳل هوندي، ڪو گهر ۾ يا گهٽيءَ ۾ بيٺل پاڻي ڪڍڻ ۾ لڳو پيو هوندو، شهري ٿوري مينهن مان بيزار ٿي ويندا آهن، پر ڳوٺاڻا ڪڏهن به مينهن کان بيزار ناهن ٿيندا، ڏٺو وڃي ته شهرين جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻا مينهن جي ڪري وڌيڪ ڏچي ۾ هوندا آهن، پوءِ به وڏي واڪي چوندا آهن ته ”ڀيڄ ڀٽائي ڪر ملڪ مٺائي“ ڀيڄ ڀٽائي واري ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي، پر مينهن ۾ ملڪ مٺائي واري ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇو جو مينهن ۾ گپ هوندي آهي، ڇتيون ۽ منهه پيا ٽمندا آهن، بجلي جيڪا عيد براد تي ڳوٺاڻن کي نصيب ٿيندي آهي، سا مينهن ۾ موڪلائي هلي ويندي آهي ته وري ورڻ جي ڪانه ڪندي آهي، ان جو ذميوار ڪنهن کي قرار ڏجي. عابد شير علي جون خبرون ٻڌون ٿا ته ائين ٿو لڳي ڄڻ ڪو ڊيزل وارو جنريٽر هجي، جيڪو ماڻهن جو سُک ڦٽائيندو هجي. فيس بڪ تي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ تصوير نظر آئي، جنهن ۾ ڪنهن ملڪ جو سربراهه پارليامينٽ جي ميمبرن آڏو ڪنڌ جهڪايو بيٺو هوندو آهي، تصوير هيٺان لکيل هو ته فلاڻي ملڪ ۾ ويهن منٽن لاءِ بجلي نه هئڻ ڪري اتان جو سربراهه پارليامينٽ آڏو 20 منٽن تائين ڪنڌ جهڪائي سزا طور بيٺو رهيو، اسان وٽ وري ان جي بلڪل ابتڙ آهي. خير ڳالهه مينهن يعني برسات کان شروع ٿي هئي، ان ڪري ان ڳالهه جو ئي ذڪر ٿيڻ گهرجي، جڏهن مينهن جا ڦڙا ڌرتيءَ تي ڪرندا آهن ته سڪل مٽي ڀڄي پوندي آهي ته ان مان هڪ اهڙي سرهاڻ اُٿندي آهي جو ڇا کڻي چئجي، ان جو هڪ سبب اِهو به ٿي سگهي ٿو ته انسان مٽيءَ مان ٺهيو آهي، مٽي آهي ۽ مٽيءَ ۾ وڃڻو اٿس ته کيس مٽيءَ جي خوشبوءِ خمار ڏئي ڇڏيندي.
ڪافي وقت کان ملڪي توڙي غير ملڪي ٽي وي چئنلن تي مختلف مرداني پرفيومز جا اشتهار ڏيکاريا ويندا آهن، جن ۾ ڪو پٺن اگهاڙو مرد اها پرفيوم پاڻ کي هڻي نڪرندو آهي ته عورتون ڏينڀن وانگر کيس چهٽي وينديون آهن، ڪيترا ڀيرا مون کي به شوق جاڳيو ته آزمائي ڏسان پر پوءِ ان ڊپ کان ارادو بدلائي ڇڏيم ته ايترين بلائن کي ڪير منهن ڏيندو، سو به هِن ”حال“ ۾. بهرحال، ڪنهن دوست ٻڌايو ته پاڙيسري ملڪ هندوستان ۾ به اهڙيون ڪيتريون ئي مردانيون پرفيوم آهن، هڪ شخص عدالت ۾ ڪنهن پرفيوم ڪمپني تي چڱي موچاري رقم جي دعويٰ داخل ڪئي. سندس مؤقف هو ته مون اِن ڪمپنيءَ جي پرفيوم جو اشتهار ڏسي ڪيترا سال اِها پرفيوم استعمال ڪئي پر مون کي ڪنهن ڇوڪري ڀوندو به ڪونه هنيو. سنڌي چوڻيءَ ۾ آهي ته ”پرائي ڌيءُ جو ڌڪو به ڀلو، ٻانهين واري جو ڀونڊو به ڀلو“. مطلب ته ”.......... ڏينهن نه کار“ واري ڳالهه ٺهڪي ٿي.
هڪ ڳالهه مون اڪثر نوٽ ڪئي آهي ته دوست يا واقفڪار سيد هئڻ جي ناتي مون کي چوندا آهن ”ٻنهين جهانن جا ٻوڙ پلاءُ“ اِن تي مون کي کل ايندي آهي ۽ موٽ ۾ کين چوندو آهيان ته ”اوهان ٻنهين جهانن ۾ يعني هِتي ۽ هُتي ٻوڙ پلاءُ کائڻ ٿا چاهيو“ ڪڏهن دال ماني، ڀاڄي ماني، چٽڻي ماني يا پڪوڙا ڊبل روٽي جي فرمائش ڪريو ۽ ٻي ڳالهه اِها ته هتي ڀلي ٻوڙ پلاءُ کائو، پر جيڪڏهن اوهان جا اعمال سٺا نه هوندا ته ٻيئي جهان ۾ ٻوڙ پلاءَ بدران اوهان کي پسيل ملندا“.
جڏهن به اهڙي ڪنهن موضوع جو ذڪر ٿيندو آهي ته مون کي ناليواري ليکڪ اشفاق احمد جي ڳالهه ياد ايندي آهي ته، ”اسان خوش نصيب آهيون جو الله کي هڪ مڃون ٿا، پر ايترا ته بدنصيب آهيون جو الله جي هِڪ به نٿا مڃون“.
جنهن وقت هي ڪالم پئي لکيم ته ارشد شاهه چيو ته اسان جي پاڙي هڪ ٿري رهندو آهي، اهو وزم پي ڪالهه شام ستو پيو هو، برسات وسي بند ٿي ته سجاڳ ٿيو ۽ چوڻ لڳو ته ”افسوس مون کي ڪنهن ڪونه جاڳايو ته برسات ۾ ڀڄي مزو وٺان“ ان تي جئه پرڪاش چيو ته منهنجي فيس بڪ تي هڪ ٿري دوست پنهنجي تصوير موڪلي، جنهن ۾ برسات ۾ هو ڇٽي کنيو بيٺو هو، مون تصوير تي ڪمينٽس ڏنا ته ٿر ۾ برسات هجي ۽ ٿري ڇٽي کڻي بيٺو هجي، ان جو مطلب ته اهو ٿري هاڻي شهري ٿي ويو آهي. بهرحال ٿري هجي يا شهري برسات جو مزو سڀني کي وٺڻ گهرجي ۽ برسات جا جيڪي لوازمات آهن تن مان به انجواءِ ڪرڻ گهرجي، اڳ ڳوٺن ۾ ماڻهو برسات جي مند ڳڙ ڀت (طهري) رڌي کائيندا هئا، هاڻي ڳوٺاڻا به شهري ٿي ويا آهن، سي پڪوڙا، ڪچوريون، پوريون ۽ ٻيا پڪوان ٺاهي برسات جو مزو وٺندا آهن.
الله اهڙن ماڻهن کي ساڃاهه ڏئي، جيڪي ضرورت کان وڌيڪ کاڌا رڌي، بچيل کاڌو ڪنهن بکايل کي ڏيڻ بدران در وٽ اڇلائي ڇڏيندا آهن.
(روزاني عبرت)  

Tuesday, August 9, 2016

ٻارڙن جي محفل؛ کلڻ منع آهي ؛( فقير)


ٻارڙن جي محفل : ڏاهي جھرڪي


دل جو ڪتاب ؛ “ غلط نه پر مختلف ”


اسان ڪيترائي ناتا وڃائڻ کان بچائي سگھون ٿا جيڪر اها سادي حقيقت سمجھي وڃون ته ماڻهو غلط نه پر مختلف هوندا آهن ...!!!

آوازن کي زخمي ڪرڻ سان احساس ناھن مرندا...!


اکين اڳيان اوندھ ورھائيندڙن کي ڪھڙي خبر ته خواھشن جي ڪا سرحد ناھي ٿيندي، ليڪا ته سياست جو ڪاروبار آھي، محبتن کي نقصان ۽ فائدي جي ڪھڙي پرواھ! ملڪن جون ڀلي ڪنڊيدار تارون ھجن يا وري گھرن کي ڏنل ٻاٻري لوڙھا، محبت لاءِ قيد جي ڪھڙي معنيٰ!؟ وجود جيڪڏھن ڪنھن ڪوٺيءَ ۾ قيد به ڪري ڇڏجي ته ڇا محبت جو پويتر شعور قيد ٿي ويندو؟ جيڪو پويتر شعور انساني وجود ۾ به قيد نه ٿو ٿي سگھي، سو ڪنھن چؤديواري ۾ قيد ٿئي، سا ڳالھه ته ائين آھي جيئن سج کي غُسل ڪرائجي.... ممڪنات جي قيدي روحن کي اھا سادي ڳالھه به سمجھه ۾ نه ٿي اچي ته ميلاپ رڳي جسمن جو نه پر شعور جو به ٿيندو آھي، جنھن ۾ به ٿڌا ساھ ھوندا آھن، ڀاڪرن جون ڀَريون ھونديون آھن، ڳوڙھا ھوندا آھن ۽ ٽھڪ به... جن ٽھڪن جو آواز ٻوڙا نه ٻُڌي سگھندا آھن... عشق ممڪن ۽ ناممڪن جي وچ تي جو ڪجھه ھوندو آھي، اُھو ئي ته عشق ھوندو آھي ۽ جيڪڏھن وچ تي ڪجھه به ناھي ھوندو ته پوءِ الائي ڇو قيدي روحن جا ڌڻي پنھنجي ئي قيد جي چوڪيداري ڪندا آھن. جتي ڪجھه به ناھي ھوندو، اُتي ئي ته سڀ ڪجھه ھوندو آھي، ممڪنات ۽ ناممڪن جي وچ تي اميدن جي اجائيپڻي کان سواءِ ڇا ھوندو آھي؟ پر پوءِ به اميدون سدائين ناھن مرنديون جو آسمان ۽ ڌرتي جو عشق لاحاصل ھوندي به قائم آھي. ڇو ته سندن جُز ۽ ڪل واري رشتي جي تاريخ لکين سال پراڻي آھي. اسان جي ڌرتي ۽ آسمان جي وچ تي ھر وجود جي وائِي جا ويري بڻيا آھيون، انھن کي ڪھڙي خبر ته آوازن کي زخمي ڪرڻ سان احساس ناھن مرندا. جي احساسن کي نه ٿا ماري سگھون ته پوءِ آوازن کي زخمي ڪرڻ جو ڪھڙو ضرور! پر اسان جا روح به قيدي پکين وانگر آھن، پڃرن ۾ رھي رھي قيد جا عادي ٿي وڃن ٿا ۽ پوءِ جڏھن کين آزاد ڪيو وڃي ٿو، تڏھن به ھو پڃري کي ئي پسند ڪن ٿا ۽ پوءِ به ھو پڃرن ۾ ٻولين ٿا پر اھو قيدي پکين جو ڪلام ڪھڙي ڪم جو جنھن تي وڻ رقص ڪري نه سگھن!؟ اسان الاءِ ڇو اجايو ڪنھن ڪمري جا دروازا بند ڪري سمجھندا آھيون ته سج ناھي اڀريو، شايد پکين جي قيد وانگر اسان کان به اڏرڻ وسري ويندو آھي ۽ محروم ٿي ويندا آھيون، ان اتم اڏار کان جيڪا ڌرتي جا نياپا آسمان ڏانھن کڻي ويندي آھي. ڌرتي ۽ آسامان جي وچ تي جو ڪجھه آھي، اھو ڌرتيءَ جو درد آھي ۽ ڪائنات جو وڏو درد ئي ھيڪڙائي وارو عشق آھي، جنھن کي اسان نظرين جي پڃرن ۾ رھي قيدي عادتن وانگر رھڙي رانڀوٽا ھڻي لھو لھان ڪري رھيا آھيون.
خواھشن جون نديون سُڪنديون ناھن، انھن لاءِ سانوڻي سدائين ھوندي آھي. خواھش اميد جي ساڙوٽي ڀيڻ آھي، جنھن کي اھا خبر ناھي ھوندي ته من جي وڏ ڦڙي لاءِ بادلن جي ضرورت ناھي ھوندي. ائين جيئن اکيون ڪنھن ڪڪر کان سواءِ سارنگ بڻبيون آھن. گلن جو رنگ ڪھڙو به ھجي پر اھي پُرڪشش ھوندا آھن. رنگن تي پسند ناپسند جا عنوان اسان ڏيندا آھيون، جنھن سان گلن جي صحت تي ڪو فرق ناھي پوندو. ھو جنم وٺندا آھن پيش ٿيڻ لاءِ ۽ ھو وارن جي چوٽي ۾ ڄمندا آھن ته ڪتابن جي پنن ۾ به، ڪنھن شڪايت کان سواءِ سڪڻ ۽ ڀور ڀور ٿيڻ تائين پيا ھوندا آھن، ائين جيئن ڪنھن سيج تي ذرا ذرا ٿي به خوشبو ڏيندا آھن ۽ اسان فطرت جي ھر سيج کي ساڙڻ چاھيون ٿا ۽ نه ٿا سمجھون ته خوشبو اصل ۾ بدبوءِ جي احساس کي ختم ڪرڻ جو نالو آھي پر اسان لاءِ ڇو نڪ کي رڳي ساھ کڻڻ سمجھي ويٺا آھيون، تڏھن ته نه ٿا سمجھون ته اھي گلابن جا پتا ئي عشق جا آھن، جيڪي پنھنجو وجود ريزا ريزا ڪري به سيج جي سندرتا سنڀاليندا آھن... عشق آھي ئي سندرتا کي سنڀالڻ جو نالو پر سندرتا جي ادراڪ کان خالي قيدي روح حسن کي رانڀوٽا ھڻي رتو رت ڪندا پئي آيا آھن پر پوءِ به ھو پنھنجي اظھار کان ڪڏھن مڙيو آھي...!
حُسن مھمان آھي پر اسان سڀئي عقيدا، آدرش ۽ نظريا وساري ان مھمان کي ڀلجي آيل شڪار سمجھندا آھيون... اھو ئي ته الميو آھي چنڊ جي مستيءَ کي مات ڪرڻ جو، پر پوءِ چنڊ ڪڏھن رنو آھي؟ مستي، ھستي ۽ نيستي جو ڪائناتي ميلاپ ھوندي آھي، جتان سنسار کي معنيٰ ملندي آھي ۽ اسان ان معنيٰ جا ڪيئي قتل ڪيا آھن ۽ ان خونريزي جي تاريخ تمام پراڻي آھي پر اڃان تائين اھڙي ڪا عدالت نه لڳي آھي جا انصاف ڪري ۽ محبت جي مارِيُن تي ڪي تعزيراتون لڳن. چنڊ کي ٽڪرا ڪرڻ واري خواھش مان ڪجھه ناھي ورڻو، جو چنڊ سمنڊ جو وجود آھي ۽ صدين کان سمنڊ جي سڪائڻ جون خواھشون ئي انسان جو الميو آھن.... تھذيبن ته وڌيڪ وھشتن کي ڄڻيو آھي، تھذيب جي پنھنجي ڪک مان بندوق نه ڄڻي ھا ته اڄ ھي حسين دنيا پنھنجي حسن جي سَخا ڪري ھا ۽ ھر ڪنھن کي پنھنجي پَتيِ ملي ھا پر اسان جو بادشاھتن جا اُتم تاج جوڙيا ته بندوقن پنھنجو غليظ اظھار ڪيو.... وحدت جي المناڪ ورھاست ٿي، جنھن آزادي سان پنھنجي حسن جو اظھار ڪرڻ پئي چاھيو پر بندوقن جي بي رحم ڀئو، قبيلن کان وٺي قومن تائين ۽ نظرين کان وٺي لڪيرن تائين جي قيد جا وڏا ڪوٽ اڏي ڇڏيا ۽ سڏڪا حُسن لاءِ ھزارين سالن جو ڏاج بڻجي پيا ۽ عاشقي جي اکين مان اڄ تائين رَت ٺيِنڍيون ڪري وھي رھيو آھي.
رتُ جنھن کي دلبرين کان دورين لاءِ سڙڻ کپندو ھيو، اھو عقيدن لاءِ سڙيو ۽ اسان حسن مٿان ڪات اڀا ڪري بيٺاسين ته اڄ تائين اسان جي ڳچين ۾ بک ۽ بدحالي جا طوق پيل آھن. جو حسن سڀن جو ھيو، اُھو تنھنجو منھنجو بڻجي پيو ۽ اتان کان فطرت جي ڪنڌ ۾ ڪات لڳو جو اڃان تائين اُن جي ڳچيءَ مان رت ٽمي رھيو آھي ۽ جنھن ۾ اسان سڀ لُڙھي رھيا آھيون... اسان آسمان تي به خاردار تارون ٽنبڻ چاھيون ٿا ۽ ان خواھش جي ڪُک ۾ اسان جو پنھنجو ئي موت لکيل آھي... نه ٿا ڄاڻون ته اسان ھن جنت جھڙي ڪائنات ۾ نانگ پالي انھن کي آزاد ڇڏي ڏنو آھي، جيڪي ڪائنات جي ذري ذري ۾ زھر ڀري رھيا آھن... زھر جيڪو اسان جي رڳن ۾ رت وانگر ڊوڙي رھيو آھي، اھو رڳي اسان کي انت طرف نه پر سموري ڪائنات کي انت طرف وٺي وڃي رھيو آھي... اسان زھر جي وجود جا موتمار عضوا بڻجي پيا آھيون ۽ اندر ۾ جيئرن وڇن لاءِ جايون جوڙي ڇڏيون اٿئون، جيڪي اسان جي زبان ۽ ڪردار مان ٻين کي ڏنگي رھيا آھن...
ڪھاڙا ۽ ڪرٽ جڏھن وڻن کي وڍيندا آھن، تڏھن وڻ روئندا آھن جو ڪھاڙن جا ڳَنَ به وڍيل وڻن جو وجود ئي ھوندا آھن، ائين بلڪل ائين... اسان به پاڻ کي ئي وڍي رھيا آھيون... وڻن جو ماتم اسان کي ٻڌڻ ۾ ناھي ايندو جو اسان جي شعور جا ڪن ٻوڙا آھن ۽ ضمير جون اکيون چُلهھ بڻيل آھن پر سچ ته وڻ روئندا آھن! جن کي اعتبار نه ٿو اچي اھي ڪنھن وڻ ھيٺان ويھي ڏسن ۽ غور ڪن ته پکين جون ٻوليون رڳي گيت ناھن ھونديون پر انھن ۾ اوسارا به ھوندا آھن ۽ اھي اوسارا وڻن جو وڇايل تڏو ئي ته ھوندا آھن پر الاءِ ڇو اسان ھن ڪائنات لاءِ ھڪ اھڙو خوف بڻجي پيا آھيون، جيئن ڪنھن ٻار جي روئڻ تي ماءُ ”گدڙ کائيندو“ جو دڙڪو ڏيندي آھي، اسان ڪنھن ماءُ جو دڙڪو به نه پر اھي گدڙ آھيون، جيڪي ڪائنات جي ھونگڙيون ڏيندڙ ٻارن کي کائي رھيا آھيون، عشق ٻار ٿيندو آھي، سا اسان کي اڄ تائين خبر نه پئجي سگھي آھي ۽ نه ٿا ڄاڻون ته وحدت ماءُ جي ڪک وانگر ٿيندي آھي، جنھن مان ڀٽائي ۽ سچو به جنم وٺندا آھن.
گوشت رڳي جانورن جو نه ٿو کاڄي، ڪائنات جي ھن جھان ۾ انسانن جا ڪاسائي به آھن، جن ڪڏھن ڀري بازار ۾ ماءُ سان رانديڪي لاءِ ضد ڪندڙ ٻار جو ننڍڙين آڱرين وارو ھٿ ننڍڙي ٻانھن کان جدا ڪيو آھي ته ڪڏھن ھستي جي انڪار لاءِ ويل عدم جي پانڌيئڙن جي مسافت کي به ڪُٺو آھي... ڪاسائي جيڪي ھڪ ھوندي به ڪيترن قبيلن ۾ بگھڙن جي ڌڻن وانگر ھلن ٿا، انھن سمنڊ کي به ڌماڪه خيز مواد آڇي خودڪشيءَ لاءِ اتساھيو آھي. ھو چنڊ جي پيٽ سان به بم ٻڌڻ چاھين ٿا، ھو چاھين ٿا ته مور جي ڳچيءَ ۾ بمن جو ھار پارائجي ۽ ندين جي پيٽ ۾ پاڻي بجاءِ بارودي مواد جا وھڪرا ھجن ۽ عورت جي چوٽيءَ ۾ گندرف جو تيل لڳل ھجي..... ھو بارود جي بدبوءِ جا ھيروئني موالي ٿي چڪا آھن، جيڪي ھيروئن جي پُڙيءَ لاءِ ماءُ جي ڪپڙن کي به وڪڻڻ چاھين ٿا، جيڪي ڪک کي ڪھن ٿا انھن لاءِ ان پوتي جي ڪھڙي معنيٰ جنھن ۾ حجابن جي حسين ڪائنات ھوندي آھي..... ھو ھر اھو لفظ شھيد ڪرڻ چاھين ٿا جنھن ۾ حسن، پيار، عشق ۽ اوسيئڙن جو اظھار ھجي..... ھو ھر اظھار جو قتل چاھين ٿا ۽ چاھين ٿا ته انساني آزاديون پکين جا پڃر بڻجي وڃن، محبتن جي سسي پٽي وڃي ۽ اکين جي ندين کي ھميشه لاءِ بند ڪيو وڃي ته جيئن ڪو ڳوڙھو ڳلن کي غسل نه ڪرائي سگھي، جو ڳوڙھا رڳي درد جا ناھن ٿيندا.... محبوب سان وڇوڙن کان پوءِ واري ميلاپ کي به ڳوڙھا ٿيندا آھن...
ندين، نارين، نوجوانن ۽ ٻاتڙين ٻولين جي قاتلن جا قبيلا نه ٿا ڄاڻن ته ھو وحدت الوجود جي اھا رت ڳڙي آھن جيڪا سندن ئي بدن مان گند اوڳاڇي ڪائنات ۾ ھڪ اھڙي ڌپ ڦھلائي رھي آھي، جنھن سان ھن حسين ڪائنات جو ساهه ٻوساٽجي رھيو آھي... ھا وحدت الوجود کي به تڏھن رت ڳڙي نڪرندي آھي، جڏھن اسان ٻيائي جي ٻرندڙ آڳ تي پنڌ ڪندا آھيون ۽ وحدت الوجودي حسن جڏھن روئندو آھي ته دنيا اندر ڀٽائي پيدا ٿيندا آھن ۽ سچل جون صدائون ڪائنات جي زخمن تي پھا رکنديون آھن ۽ پوءِ حسن ۽ عاشقيون وري جيئندي ڪائنات جا ڳوڙھا اگھنديون آھن.......
(روزاني عبرت)

Friday, August 5, 2016

چهنڊڙيون ؛ڇڏيو يار! بجلي هاڻي سولر هلايو




ڇڏيو يار! بجلي هاڻي  سولر هلايو

اجايو حڪومت  تان نه دنيا کلايو

نه بجلي ئي رهندي نڪا لوڊشيڊنگ

اڃا  هڪڙو  ڀيرو اسان کي کٽايو.

Tuesday, August 2, 2016

سڀِ سَڀوئي حال، مَنجھان ئي معلوم ٿئي!


آخر ھي ڪھڙي مام آھي جنھن ۾ پاڻ ئي جل جلاله آھي ۽ پاڻ ئي جان جمال به، وري پاڻ ئي صورت پرين جي ٿيو پوي ۽ پاڻ ئي حسن جي ڪمال تي پھتل آھي. ڪڏھن پير ٿئي ته وريو ڪڏھن مريد ٿيو پوي ۽ خيال به پاڻ ئي آھي، جنھن جي سموري خبر ۽ احوال به اندر مان ئي معلوم ٿيو وڃيس...
پاڻَهِين جَلّ جَلاله، پاڻهِين جانِ جمالُ؛
پاڻهِين صورت پرينءَ جي، پاڻهِين حُسن ڪَمالُ؛
پاڻهِين پِر مُريد ٿئي، پاڻهِين پاڻَ خيالُ؛
سڀ سڀوئي حالُ، منجھان هي معلوم ٿئي.
اندر ۾ ئي جي سڀ ڪجھه موجود آھي ته پوءِ اسان پنھنجو پاڻ کان ڇو نه ٿا پڇون؟ ۽ ڇو نه ٿا ڄاڻون ته ھي جلوا ۽ جلال اسان جي من ۾ آھن، حسن به اسين پاڻ آھيون، محبوب جي صورت به اسين خود آھيون ته پوءِ ھي ٻيون صورتون ڇا جون آھن جن تي موھجي پئون ٿا، پير ڪير آھي ۽ مريد ڇا آھي؟ جي پير آھيون ته ڪنھن کي ويٺا ھدايتون پھچايون ۽ وري جي مريد آھيون ته ڪنھن کان ويٺا ھدايتون وٺون، جو ٻئي شيون ته اسان پاڻ آھيون ۽ ان سموري حقيقت جي معلومات به اسان جي اندر ۾ آھي. جي سڀ ڪجھه جا ڌڻي اسان آھيون ته پوءِ ھي تلاش، ھي موھ، مھانتا ۽ ماتم ڪنھن لاءِ ڪندا آھيون؟  ھي سوال جو صدين کان اڃارو آھي ۽ ھميشه يتيم رھندو آيو آھي، اڄ تائين ڪنھن به ھن معصوم سوال جي مٿي تي ھٿ ناھي رکيو ۽ ھر ڪو پنھنجي من جون ڳالھيون ان سوال جي جھولي ۾ وجھيو ھليو وڃي ٿو ۽ سوال ويچارو ڪڏھن ڪھڙي سمنڊ ۾ غوطا کائي ته ڪڏھن وريو ڪٿي پيو ساھ ٻوساٽجيس...
غور ڪريون ته ھي جو بمن ۽ بارود جي راند کيڏي رھيا آھن ۽ جن جو جياپو رت پيئڻ تي آھي، انھن جي اندر ۾ انھن سوالن جا جواب ڇونه آھن جي ”سڀ سڀوئي حال منجھان ئي معلوم ٿئي“ ٿو ته.... يا انھن کي اھو معلوم ٿيو آھي ته بارود جي باھ ئي حق آھي ۽ جي اھو حق آھي ته پوءِ ٻيائي ڇا آھي؟ ۽ ڪنھن سان آھي؟ ڇو آھي؟ ماجرا ڏاڍي ڏکي آھي، ڳالهه چڙھيل ٿي ڏسجي...
انسان جي شعوري المين ۾ ھڪ وڏو الميو اھو به باسي ٿو ته ھو  انصاف ڪندڙ نه آھي، جو کيس پسند اچي ٿو ان کي ئي حق سمجھي ٿو ۽ اھو ئي سندس لاءِ جائز آھي... جي ائين نه ھجي ھا ته اھا ڪھڙي ڳالهه آھي جا ھڪ انسان کي پيٽ سان بم ٻڌي پاڻ ۽ ٻين (جن ۾ به ھو پاڻ آھي)کي رت سان وھنجاري ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪري ٿي؟ ھي سموري دنيا جنگي حالت جو شڪار ٿي چڪي آھي سا ڪنھن سان جنگ ڪري رھي آھي ۽ ڇا جي جنگ آھي؟ پنھنجو پاڻ سان جنگ....؟
ھا اسان پنھنجو پاڻ سان وڙھي رھيا آھيون، پنھنجي وجود واري  فنا جي سفر جا راھي بڻجي پيا آھيون جنھن ۾ اسان جي عمرين جو ڪو تعين ناھي، جنھن ۾ اسان جي حسن جو ڪو حساب ڪتاب ناھي، جنھن ۾ اسان جي معصوميت به رت سان لت پت آھي، تنھنڪري ھن دنيا مان سونھن موڪلائي وئي آھي ۽ جڏھن دنيا مان سونھن رُسي وڃي ته پوءِ ڇا جي دنيا ۽ ڪنھن جي دنيا؟ اسان جيڪي جيِ رھيا آھيون ھن دنيا ۾، سا ھڪ اھڙي دنيا بڻي آھي، جيڪا اسان لاءِ اوپري آھي ۽ اسان جلاوطن ٿي جيئڻ لاءِ مجبور آھيون جو اسان جون اکيون رڳي ٻين کي ڏسي رھيون آھن ۽ پنھنجو پاڻ کي ڏسڻ لاءِ انڌيون آھن، پاڻ پسڻ لاءِ اسان نابين بڻيل آھيون تڏھن ته اسان جي حواسن ۾ خوشبوءِ بجاءِ بارود جي بوءِ حڪمراني ڪري رھي آھي، بلڪه اسان خود بارود جا واپاري ٿي ڪري پنھنجي ئي وجود سان ويڙھاند ۾ مصروف آھيون..... جو چون ٿا ته وحدت الوجود جھڙو نفيس سچ زماني جي وھنوارن لاءِ خطرو بڻيل آھي.
ھا ڀٽائي صاحب اسان کي جا ڳالهه صديون اڳ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي سا ڳالهه اسان اڄ تائين سمجھي نه سگھياسون ۽ ھيڪڙائي کي جو سنگسار ڪيوسين ته اڄ تائين ڪڙين ڪثرتن جي ڀيانڪ ڪُن ۾ غوطا کائي رھيا آھيون ۽ اھو به ھڪڙو وڏو سنگين الميو آھي ته ڪي ڳالھيون صدين تائين سمجهھ ۾ ناھن اينديون يا وري زماني جا مالڪ اسان جي وجود سميت اسان جي شعور تي به پھرا لڳرائي ڇڏيندا آھن، ائين ئي آھي.... اسان ڪڙي نگراني ھيٺ بدبودار ماحول ۾ جي رھيا آھيون ۽ ان ڌپ اسان جي حواسن تي ايتري ته حڪمراني ڪئي آھي جو اسان وٽان خوشبو جا احساس ئي شھيد ٿي ويا آھن.
نه ته ڀلا سڀ سڀوئي حال اسان منجھه موجود آھي ته پوءِ ھي وارتائون ڪنھن سان ڪري رھيا آھيون؟ بس اندرکي جيئن جوڙيون!! جنھن کي جيئن صحيح ۽ غلط سمجھون!! پر جي عقل جي اک سان ڏسون ته ڀٽائي سائين ڪائنات کي سمجھڻ لاءِ خود ڪائنات جيڏي وڏي ڳالهه ڪري ويو آھي....
اسان مان ھر ھڪ حسن آھي ۽ اسان ئي عاشق به آھيون ته معشوق به،پرين به پاڻ آھيون جو وحدت جي دنيا ۾ ڪثرتون ته ان جو صرف اظھار آھن ۽ جڏھن اسان ڪثرتن سان عشق ڪندا آھيون ته اصل ۾ پاڻ سان ئي عشق ڪندا آھيون. اسان کي جو ڪجھه موھت ڪندو آھي، اھو ڪو ٻيو نه پر اسان پاڻ ھوندا آھيون جو اسان وحدت جي ان وجود ۾ رھندڙ آھيون، جنھن کي ڪائنات سڏجي ٿو، پوءِ جڏھن مزي وٺڻ جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان  پنھنجن ئي ڪثرتن جي جھان ۾ پِيرَ به ٿي پوندا آھيون ته وري مُريد ٿيڻ لاءِ به دل چوندي آھي جو ڳالهه ته سموري مزي جي آھي.... سڀ ڪجھه خيال ئي ته آھي جو سوُنھون آھي سموري سنسار جو....  ۽ جڏھن ان خيال جي چيچ جھلجي ٿي ته اسان ڪنھن ڳولا لاءِ نڪتل باسون ٿا ۽ ڳوليندي ڳوليندي، جيڪي ڀٽڪڻ کان بچي وڃن ٿا، سي جڏھن پنھنجي منزل جي ويجھو پھچن ٿا ته کين پنھنجو پاڻ سان ئي ملاقات ٿئي ٿي ۽ اھا ملاقات به ڪا جھڙي تھڙي ملاقات ھجي ٿي؟ ھر گز نه! پنھنجو پاڻ سان اھو ملڻ ان عظيم سچ جو لڀي پوڻ ھجي ٿو، جنھن سچ لاءِ صدين کان انسان تڙپندو رھيو آھي ۽ اھو ئي سچ آھي، جنھن سچ جي تلاش ۾ ڀٽ ڌڻي ڪائنات جي اصل راز کي سمجھي ان نتيجي تي پھتو ھيو ته ”سڀ سڀوئي حال منجھان ئي معلوم ٿئي“.... سو ھي سمورو سنسار اسان جي اندر ۾ ئي آھي جنھن سان ملاقات لاءِ اسان کي پاڻ سان ملاقات ڪرڻي پوندي، جنھن سان ڪثرتن جا ڪروڙين رنگ رڙيون ڪري چوندا ته تون تون.... مان مان..... نه! بس رڳي تون ھي تون.
 (روزاني عبرت)

Sunday, July 31, 2016

چهنڊڙيون ؛ ويو شاه هڪڙو، ۽ ٻيو شاه آيو.


دبئيء  مان  سنڌ  لئي  نئون   ٺاه آيو،

ڪنهن جو  اوج تي ڀاڳ واه واه آيو،

سنڌين لئي اهائي ساڳي ڌوڙ ڇائي،

ويو  شاه  هڪڙو، ۽   ٻيو     شاه آيو.

ٻارڙن جي محفل ؛ ٻين جي مدد ڪرڻ سان ڪاميابي ملندي