Tuesday, June 14, 2016

سرهي سوچ؛ انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو خود انسان آهي.

اڄوڪي دؤر ۾ انسان جو سڀ کان وڏو مسئلو خود انسان آهي. جيتري چمڪ دمڪ وڌي رهي آهي، جيتري قدر انسان فطرت تي اقتدار حاصل ڪندو پيو وڃي، جيتريون وڌيڪ آسانيون ۽ سهولتون انسان کي ميسر ٿينديون پيون وڃن، انسان پنهنجي علم جي ذريعي ڪائنات جي رازن کي بي نقاب ڪندو پيو وڃي اوتروئي هي مسئلو ڏکيو ٿيندو پيو وڃي، ان ۾ مونجهارا وڌندا پيا وڃن، ايستائين جو هي مسئلو تمام وڏو ۽ سنگين مسئلو بڻجي ويو آهي، ته ان سموري علمي ترقيءَ جي باوجود هي سوال ته خود ”انسان ڇا آهي؟“ هڪ تمام وڏن سواليه نشان آهي ۽ اهو سواليه نشان ڏينهون ڏينهن وڏو ٿيندو پيو وڃي. مغربي دنيا اسان کان گهڻو اڳ ان مسئلي سان منهن ڏيئي رهي آهي ۽ اتي اهو مسئلو ايتري قدر شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي جو ان جو پڙاڏو مشرقي دانشورن جي فڪرن ۾ پڻ محسوس ڪري سگهجي ٿو.

انسان ڇا آهي؟
قرآن حڪيم ۾ انسان لاءِ ٻه مختلف لفظ استعمال ڪيا ويا آهن.
هڪ ”بشر“ ۽ ٻيو ”انسان“. جتي جتي ڪلام پاڪ ۾ لفظ ”بشر“ استعمال ٿيو آهي ان مان مراد انسان بحيثيت نوع آهي. چوپاين جي ابتڙ ”بشر“ ٻن ٽنگن واري حيوان جو اهو نوع آهي جيڪو موجودات جي سلسلي ۾ ڪمال واري نڪتي تي ظاهر ٿيو ۽ تڏهن کان هاڻي تائين روءِ زمين تي موجود آهي. پر جنهن جاءِ تي قرآن ”انسان“ جو لفظ استعمال ڪيو آهي ان مان مراد رڳو حيواني نوع نه آهي پر انسان اها بلند ۽ منفرد حقيقت آهي جيڪا اهڙين وصفن سان سينگاريل آهي جيڪي وصفون ۽ خاصيتون ڪنهن ٻي مخلوق ۾ موجود نه آهن.
انسان جو جوهر اها بلند حقيقت آهي جنهن کي انسانيت سان تعبير ڪيو ويندو آهي. ”بشريت“ انساني وجود جي طبعي سطح آهي ۽ ”انسانيت“ ان جي معنوي سطح آهي. بشر لاءِ ضروري آهي ته هو پنهنجي معنويت ڳولهي. بشر جي جدوجهد انسان بڻجڻ جي جدوجهد آهي. ٻين لفظن ۾ هيئن کڻي چئجي ته بشر جو مقصد انسان بڻجڻ آهي پر انسان بڻجڻ واري عمل جي ڪا حد مقرر نه ٿي ڪري سگهجي. انسان بڻجڻ جو عمل مسلسل ارتقائي عمل آهي، ڇاڪاڻ ته انساني ڪمالات جا امڪان لامحدود آهن.
انسان بڻجڻ جو عمل ڪمال جي طلب جو هڪ اهڙو عمل آهي جيڪو سدائين جاري رهندو آهي، جنهن ۾ ڪابه وقفي واري جاءِ ڪانهي. ڄڻ ته انسان بڻجڻ جي معنيٰ پنهنجي ڪمالن ۾ ترقيءَ جي مسلسل ۽ ڪڏهن ختم نه ٿيندر جدوجهد آهي.
جڏهن اوهان انسان جي وجودي سطح کي نظر ۾ رکندؤ جيڪا خود سازي ۽ تعمير انسانيت جي سطح آهي ته پوءِ هيءَ حقيقت اوهان تي ظاهر ٿي سگهندي ته الله تعاليٰ انسان کي ٽِن اهڙين نمايان ۽ بنيادي خاصيتن سان نوازيو آهي جيڪي کيس ڪائنات جي ٻين مخلوقن کان ممتاز بڻائين ٿيون ۽ اهي ٽي خاصيتيون هي آهن:
1. خود آگاهي
2. آزاد ارادي ۽ چونڊ جي صلاحيت
3. تخليق جي صلاحيت
انسان جون ٻيون سموريون صلاحيتون انهن ٽنهي صلاحيتن جون شاخون آهن. خود آگاهي انسان کي صحيح ۽ آزاد چونڊ جي صلاحيت عطا ڪري ٿي ۽ خود آگاهي ۽ آزادي ارادي جي بدولت انسان انهن شين کي ٺاهي سگهي ٿو جيڪي فطرت ۾ موجود نه آهن.
انسان بڻجڻ ۾ رڪاوٽون
چار قوتون اهڙيون آهن جيڪي انسان جي انسان بڻجڻ يعني خود آگاهي، چونڊ ۽ تخليقي صلاحيت جي واڌ ويجهه جي راهه ۾ رڪاوٽ آهن. انسان جبر جي انهن چئن گهيرن ۾ گهيريل آهي، هو چئن قيد خانن ۾ قيد آهي ۽ هو تيستائين حقيقي معنيٰ ۾ انسان نه ٿو بڻجي سگهي جيستائين هو جبر جي انهن چئن گهيرن کي نه ٽوڙي ۽ انهن قيد خانن جي قيد مان پاڻ کي آزاد نه ڪري وٺي.
پهريون جبر فطرت جو جبر آهي. ٻيو ماديت جو جبر آهي، ٽيون تاريخ جو جبر آهي ۽ چوٿون جبر سماج جو جبر آهي.
ماديت پرست انسان، انسان کي رڳو مادي جي حدن ۾ ڏسن ٿا. فطرت پرست انسان، کيس فطرت جي ٻين موجودات وانگر اهڙي شيءَ سمجهن ٿا جنهن کي فطرت جنهن سانچي ۾ پلٽڻ گهري، پلٽي ڇڏي ٿي. تاريخ جا دعويدار، تاريخي حالتن کي انساني شخصيت جي تعمير جو ذميدار سمجهن ٿا. جيڪڏهن ايمرسن کان پڇجي ته تاريخ ڇا آهي؟ ته جواب ڏيندو ته ”تاريخ ڇا ناهي؟ ڇاڪاڻ ته هن دنيا ۾ جيڪو ڪجهه به آهي تاريخ جي ذريعي ٺهيل آهي، هر انسان جي ماهيت ۽ ڪيفيت تاريخ ٺاهيندي آهي. انسان تاريخ کي نه پر تاريخ انسان کي ٺاهيندي آهي.“ عمراني جبريت جو نظريو هي آهي ته فرد جو پنهنجو ڪو به وجود نه آهي، فرد اهو ڪجهه آهي جيڪو کيس سندس اجتماعي ماحول بڻائي ڇڏي.
انساني شخصيت جي تعمير ۽ سندس ماهيت جي تشڪيل ۾ مادي، فطرت، سماج ۽ تاريخ جي جبر جو انڪار ممڪن نه آهي. مثال طور هڪ قبائلي سماج جي فردن جون عادتون، طور طريقا ۽ سندن جسماني ۽ روحاني خاصيتون ٻين سماجن جي فردن کان جدا سڃاڻي سگهجن ٿيون ۽ اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي ته قبائلي زندگي گذاريندڙ فردن ۾ جيڪي مخصوص خاصيتون ملن ٿيون انهن خاصيتن جي چونڊ هو پاڻ ناهن ڪندا، بلڪه قبائلي زندگيءَ جو ماحول انهن خاصيتن جو متقاضي هوندو آهي. اهو مخصوص پئداواري نظام هوندو آهي جيڪو زندگيءَ جي انهن مخصوص خاصيتن جي تشڪيل ڪندو آهي. اهڙيءَ طرح زرعي سماج ۽ صنعتي سماجن جون پنهنجون پنهنجون خاصيتون آهن. ڳوٺاڻي زندگيءَ ۽ شهري زندگيءَ جون پنهنجون تقاضائون هونديون آهن. هر اجتماعي نظام پنهنجي فردن کي پنهنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيندو آهي، ان ۾ فردن جي پنهنجي چونڊ جو عمل دخل نه هوندو آهي. ٻين لفظن ۾ اسان هي چئي سگهون ٿا ته انسان جيستائين بشر جي سطح تي آهي ته هو فطرت، تاريخ ۽ سماج جي جبر جو شڪار آهي، سندس وجود انهن سببن جي قيدخانن ۾ قيد آهي پر جڏهن هو آزاد چونڊ جي منزل ۾ داخل ٿئي ٿو ته ڄڻ هو بشر جي سطح کان بلند ٿي ڪري انسان جي سطح تائين پهچندو آهي.
اهي قيد خانا يا جبر جيڪي سندس ارتقا ۾ رڪاوٽ آهن اهي هيٺئينءَ ريت آهن:
1- فطرت، 2- تاريخ، 3- سماج، 4- خود سندس ذات.
(1) فطرت جي قيد مان آزاديءَ جو ذريعو علم يعني سائنس ۽ ٽيڪنالوجي آهي.
(2) تاريخ جي قيد مان آزاديءَ جو ذريعو به علم آهي يعني تاريخ ۽ تاريخ جي فلسفي جو علم.
(3) سماجي قيد خاني کان آزادي به علم جي ذريعي ئي حاصل ٿيندي آهي. اهو عمرانيات جو علم آهي پر
(4) ذات جي قيد مان آزادي علم جي ذريعي ممڪن نه آهي. ذات جي قيد مان مراد يعني انسان جو خود پنهنجي ذات جي خول ۾ بند هجڻ آهي.
انسان پنهنجي سموري مادي ترقيءَ باوجود اڻ تڻ ۽ نه ڍاپڻ جو شڪار آهي ۽ رهندو. جان ايزوله هڪ شهزادي جو ڪردار پيش ڪيو آهي جيڪومٿي کان پيرن تائين هٿياربند ۽ سون چانديءَ جي جواهرن سان سٿيل آهي پر هو هڪ اندروني تڙپ جي ڪري بي چين آهي، ان ڪري وٽس ان سور جو ڪو به دارون ڪونهي. اڄ اسان ان کي اڄوڪي جديد ۽ تهذيب يافته انسان جي علامت سمجهي سگهون ٿا. اڄوڪو انسان هٿياربند آهي، سونن زيورن سان سٿيل آهي پر اڳ کان وڌيڪ عاجز ۽ ماندو نظر اچي ٿو.
اڄوڪو انسان فطرت، تاريخ ۽ سماج جي قيد خانن مان آزاد ٿي چڪو آهي ۽ سائنس، ٽيڪنالوجي، صنعت، تمدن ۽ ثقافت جي سمورين ترقين جي باوجود کيس پنهنجي زندگي کوکلي ۽ بي معنيٰ نظر اچي ٿي، پر ائين ڇو؟ اهو ان ڪري جو هو چوٿين قيد خاني يعني پنهنجي ذات جي قيدخاني ۾ محصور آهي. جيڪڏهن انسان پنهنجي ذات جي قيد خاني کان آزادي گهري ٿو ته ان جو ذريعو علم نه پر عشق آهي.

                       ( ڊاڪٽر علي شريعتي ؛ انسان، علم ۽ عشق)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو