ڀليڪار




هيپي هرٽ پوائنٽ “ تي
 ڀيرو ڀريندڙ سمورن مهربانن کي دل جي گھرائين سان ڀليڪار!


گوئٽي چيو هو ته: ”جيڪڏهن ڪنهن گداگر جي گھر ۾ سڪون آهي ته اهو ان بادشاهه کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ خوش قسمت آهي جنهن جي گھر ۾ بي سڪوني آهي“. جيڪڏهن اسان کي سٺي، سهڻي ۽ پرسڪون زندگي گھارڻي آهي ته پوءِ پنهنجي گھر کي ڪنڪريٽ ۽ سيمينٽ کان وڌيڪ پيار، محبت، ڀائيچاري، امن ۽ هڪ ٻئي سان همدرديءَ جھڙين خوبصورت شين سان مظبوط ڪرڻو پوندو. جنهن سان يقينن اسان جي جيون ۾ سک شانتي ۽ سڪون اچي ويندو.
اسان هميشه ٻين مان اها اميد رکندا آهيون ته اهي سڀ اسان سان تمام گھڻو پيار ڪن، اسان سان انهن جو رويو تمام بهتر هجي، اهي اسان جو خيال رکن پر هڪ لمحي لاءِ اسان کي به ان ڳالهه طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي ته ڇا اسان به انهن جو ايترو ئي خيال رکون پيا! جيتري جي پاڻ اميد رکون ٿا! جيڪڏهن اهڙو پيار ڀريو باهمي رابطو رکيو وڃي ته هيءَ دنيا سڪون جو گھر بڻجي سگھي ٿي.


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو