Tuesday, June 14, 2016

سوال غيرت جي گهاڻي ۾ پيڙهجندڙ نارين جي دادَ رسيءَ جو؟

نسيم بخاري

گذريل ڪجهه وقت کان پنجاب جي مختلف علائقن مان لڱ ڪانڊاريندڙ خبرن جو سلسلو بدستور جاري آهي. اهي خبرون پنجاب جي عام ٻهراڙين جون نه پر انهن شهرن جون آهن، جتي ترقي پسندي، تصوف ۽ گليمر جا انيڪ رنگ موجود آهن. انهن شهرن ۾ دردناڪ واقعا ۽ انهن واقعن جو ويجهن رشتن هٿان پيش اچڻ، سچ پچ ته ڏاڍو اذيتناڪ ۽ المناڪ آهي. اهو معاملو جهالت ۽ لاعلمي جي نتيجي ۾ ڪنهن بي رُخي ۽ ڏاڍَ مُڙسيءَ جو نتيجو به ناهي، اهي واقعا پوري هوش حواس سان شعوري ڪوششن جي نتيجي ۾ سامهون آيا آهن ۽ پڙهيل لکيل مهذب ماڻهوءَ وارو تاثر ڏيندڙ انسانن هٿان ٿيا آهن.
لاهور، پنجاب جي تاريخ، تهذيب، ادب ۽ ثقافت جو مرڪز ليکيو ويندو آهي. ان لاهور ۾ ماءُ پنهنجي سترهن سالا نياڻي زينت کي پيٽرول هاري ساڙي ماري ڇڏيو آهي. رڳو ان ڏوهه ۾ جو هُن پنهنجي مرضيءَ سان پسند جو پرڻو ڪيو هو. اها خبر ان خيال کي مشڪوڪ بڻائي ٿي، جنهن ۾ رڳو هڪڙي عورت جي عمل دخل وارو احوال ڏنو ويو آهي. اهو ممڪن ئي ناهي ته هڪڙي عورت پنهنجي سڳي ڌيءَ کي اڪيلي سِر قتل ڪيو هجي. واقعي جا تفصيل چغلي هڻن ٿا ته ان واردات ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻن ٻين ماڻهن جي به ڀرپور مدد شامل آهي. ڇو ته اهو ڏاڍو ڏکيو آهي ته هڪڙي ماءُ اڪيلي سِر پنهنجي ڌيءُ کي پڪڙيندي ان جا هٿ پير ٻڌندي ۽ ان مٿان پيٽرول هاريندي ۽ پوءِ ماچيس جي تيلي ٻاري سندس وجود ساڙيندي!!
لاهور مان سيٺارجا ڀرسان ٽنڊي محمد علي شهر جي رهواسي جي قتل جي خبر آئي آهي، جيڪو موبائل عشق جي نتيجي ۾ معشوقه کان موهجي لاهور پهتو. ٻڌايو وڃي ٿو ته هن شادي به ڪئي، جنهن کانپوءِ سهري هٿان پاڻ قتل ٿي ويو.
18 سالن جي عقاب آرائين جو لاش ڀاءُ پنهنجي ڳوٺ کڻائي پهتو آهي، جنهن بابت اطلاع آهن ته هو گهروارن کي فوج ۾ ڀرتي ٿيڻ جو چئي عشق ۾ اڙجي لاهور پهتو هو، جتان هن جو مڙهه هن جي ڳوٺ واپس ٿيو آهي. ٻڌايو اهو به وڃي پيو ته پيار پرڻو ڪندڙ سندس گهرواريءَ کي به قتل ڪيو ويو آهي.
عبدالله ٽائون لاهور جي رهائشي اشرف پاران پيار پرڻي تان پنهنجي نياڻي ”صبا“ ۽ سندس 42 سالا ناٺي ڪرامت علي کي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي. ڪرامت علي جو هڪڙو دوست به فائرنگ جي زد ۾ اچي حياتي وڃائي ويٺو آهي. قاتل پوليس وٽ پيش ٿي ٽنهي قتلن جو اعتراف ڪيو آهي.
جنهن ڏينهن لاهور جي زينت ماءُ هٿان سڙي قتل ٿي هئي، انهيءَ ڏينهن ملتان ۾ پيءُ پنهنجي نياڻيءَ کي پيار پرڻي تان قتل ڪيو هو.
پنجاب جا مٿيان واقعا ٻن ٽن ڏينهن جي وارداتن کي وائکو ڪن ٿا. اهي وارداتون جيڪي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان سوشل ميڊيا يا پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميديا تي رپورٽ ٿيون، پر حقيقت اِها آهي ته کوڙ سارا اهڙا واقعا آهن، جيڪي رپورٽ نه ٿيندا آهن، پر دٻجي ويندا آهن.
اڃا ڪجهه ئي عرصو اڳ هنن ئي صفحن تي اسان ايبٽ آباد جي پيار پرڻو ڪندڙ عنبرين جي ساهيڙيءَ کي جرڳائي فيصلي تحت پڪڙي پير ۽ ٻانهون ٻڌي بيهوشي واري سئي هڻي پيٽرول هاري ساڙي مارڻ واري معاملي تي هڪ ڀرپور آرٽيڪل لکيو هو ته هانءَ ساڙيندڙ خبرن وري اسان جي جيءَ کي جهنجهوڙيو آهي، پر جن جي جيءَ کي ڪو جهٻو اچڻ گهرجي اهي اڄ به وقت جا جلاد ثابت ٿي رهيا آهن ۽ پنهنجن ٻچڙن کي پنهنجي مرضيءَ سان شادي ڪرڻ جي گناهه ۾ قتل ڪري رهيا آهن.
اسلام کان اڳ عرب پنهنجن نياڻين کي جيئرو ماريندا هئا ۽ اهو وساري ويهندا هئا ته هنن جو جنم به عورتن جي ئي مهربانين سان ٿيو آهي. هنن کي پنهنجي ڌيءَ پرڻائي ڏيڻ بيعزتي محسوس ٿيندي هئي، ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اها ساڳي سوچ صدين کان هلندي پئي اچي ۽ اهوئي سبب آهي جو نياڻين کي پنهنجي مرضيءَ سان نڪاح ڪرڻ جو حق ميسر ناهي. نياڻين جي خواهشن، خوابن ۽ جذبن جو ڪوئي لحاظ نه ٿو رکيو وڃي. هنن جي احساسن ۽ آرزوئن کي ڪابه اهميت نه ٿي ملي. ردعمل ۾ نياڻيون پنهنجي واٽ وٺن ٿيون، اها واٽ جنهن جي پڄاڻي سندس سرد لاشن جي صورت ۾ سامهون اچي ٿي.
مان شروع کان وٺي ان خيال جو رهيو آهيان ته والدين کي پنهنجي اولاد جو دوست هئڻ گهرجي. توهان جيڪڏهن پنهنجي ٻارن جو هرممڪن حد تائين خيال رکو ٿا، عزت ڏيون ٿا، لاڳاپيل ضرورتون پوريون ڪيو ٿا ۽ انهن سان شفقت ڀريو رويو رکو ٿا ته مان نٿو سمجهان ته اولاد بغاوت ڪندو ۽ باغي ٿيندو. اولاد سان دوستاڻي تعلق جو فائدو اهو آهي ته اهي پنهنجي جذبن ۽ احساسن جو نه رڳو کليو کلايو اظهار ڪندو پر اهو صلاح مصلحت جي حوالي سان به سهڪار وٺندو ۽ اهڙي اولاد کي والدين جيڪڏهن تلخ حقيقتن ۽ امڪاني خطرن جو احساس ڏياريندا ته اولاد ان ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش کي نظرانداز ڪندي وڏڙن جي صلاحن کي پنهنجي مستقبل جي حوالي سان مفيد ڀائيندو. پر افسوس اهو آهي ته اولاد ۽ والدين جي وچ ۾ ڪن اڻٽر سببن جي ڪري وڇوٽيون وڌي وڃن ٿيون جو هر ڪنهن جي دنيا جا دڳ الڳ ٿي وڃن ٿا. سوچ جا انداز به هڪٻئي جي ٽڪراءَ ۾ اچن ٿا ۽ معاملو اناپرستيءَ تائين وڃي پهچي ٿو ۽ اهي انائن واريون تسڪينون ئي هجن ٿيون، جيڪي والدين کي قاتل بڻائين ٿيون.
اسان اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا، جتي قانون جي بالادستي رڳو خواب آهي ۽ حڪمران به اهڙا هجن ٿا، جن جي گهڻي ڀاڱي سوچ عورت دشمن هجي ٿي. مثال طور: هتي ٻن واقعن جو مختصر ذڪر ضروري ٿو سمجهان. ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي ۾ دفاع واري وزير خواجا آصف تحريڪ انصاف جي ترجمان شيرين مزاري کي ”ٽريڪٽر ٽرالي“ سڏيو، اهو معاملو ايڏي شدت سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ اهميت اختيار ڪري ويو جو خواجا آصف کي معافي وٺي جان ڇڏائڻي پئي. خواجا آصف شيرين مزاري لاءِ جيڪو ٽريڪٽر ٽراليءَ وارو اصطلاح ڪم آندو، ان تي هڪ مفصل آرٽيڪل لکي سگهجي ٿو، پر پاڻ ان تفصيل ۾ نه ٿا وڃون. ايترو ضرور آهي ته خواجا آصف جو رويو ذلت ڀريو ۽ عورت دشمن هو.
هاڻ جڏهن حڪومتي سطح جا اهڙا ذميوار ماڻهو قومي اسيمبلي ۾ چونڊيل ايم اين اي جو به لحاظ نه ٿا رکن، جڏهن انهن جي برداشت ئي جواب ڏئي ٿي وڃي ته جاهل ۽ ڄٽ ماڻهن کي ڪيتريون ۽ ڪهڙيون ميارون ڏجن؟
اسان جا حڪمران ٻاهرين ملڪن جي يونيورسٽين مان پڙهي اچن ٿا، دنيا جهان جا دورا ڪن ٿا، پر پوءِ به انهن جي سوچ ڳوٺ جي ڪنهن جاهل غيرتيءَ جهڙي ئي هجي ٿي. ڪجهه مهينا اڳ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي تجويزن ۽ سفارشن تي به وڏا بحث مباحثا آڏو آيا، جن ۾ نظرياتي ڪائونسل جي ”نياپن“ تي وڏي تنقيد ٿي، اها حقيقت آهي ته انهن سفارشن ۽ تجزين ۾ به عورت دشمنيءَ وارو احساس باقاعده جهلڪي رهيو هو.
اسان وٽ ڪارو ڪاريءَ جي ڪيسن ۾ پاڻ پيش پوندڙ قاتلن سان پوليس جيڪو رويو رکندي ۽ پروٽوڪول ڏيندي آهي، سو به سڀني جي سامهون آهي. معاشري ۾ اهڙن قاتلن ۽ جلادن کي جيڪو سورهيائي وارو احساس ڏياريو ويندو آهي، سو به ڪنهن کان ڳجهو ناهي. اهو ئي سبب آهي ته اسان وٽ دانهن ڪوڪ ڪرڻ باوجود ڪائي مثبت تبديلي نه ٿي اچي ۽ معاملا ڏينهون ڏينهن بگڙجندا پيا وڃن.
ڳالهه خواجا آصف جي جارحاڻي عورت دشمن رويي جي هجي يا نظرياتي ڪائونسل جي اعتراض جوڳين سفارشن جي، مٿين مڙن ئي معاملن تي حڪومتي يا عدالتي سطح تي ڪا به چرپر آڏو ناهي آئي. اهي معاملا ائين نظرانداز ڪيا ويا آهن، ڄڻ ته ڪجهه ٿيو ئي نه هجي. اهڙن روين جي ردعمل ۾ ڏوهن جو وڌڻ فطري آهي. ان ڪري هتي اهڙن ڏوهن جا ذميوار ڪي مخصوص ماڻهو هجن ٿا. هتي پردي پويان حڪمرانن جي بڇ جو به عمل دخل هجي ٿو. حڪومتي سطح تي خاموشي هڪ طرح سان ڏوهن ڪرڻ جي کليل ڇوٽ آهي ۽ جيستائين حڪومت خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪندي رهندي، تيستائين ڪيتريون ئي نياڻيون ڪوڙي غيرت جي آڙ ۾ حياتين تان هٿ کڻنديون رهنديون.
ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪمرانن جي اثرائتي ڪردار ۽ رياستي ادارن جي فعاليت توڙي قانون کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ سوشل، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي ڀرپور مهم هلائي وڃي ته جيئن ڪهاڙين جا وار بند ٿين. محبت ڪندڙ نياڻين جا ڪارين وارا تعارف بند ٿين ۽ ان قسم جا قتل دنيا لاءِ عبرت ثابت ٿين ته جيئن ڪوبه ماڻهو ڪوڙي انا جي تسڪين لاءِ ڪنهن معصوم نياڻيءَ جي حياتي نه وڃائي.
ان سلسلي ۾ سياسي سماجي ڌرين کي به پنهنجو وقتائتو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ڇو ته انهن جي خاموشيءَ جي نتيجي ۾ ئي مٿيان ڏوهه تيز رفتاريءَ سان وڌيا آهن.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو