Monday, December 24, 2018

Tuesday, December 4, 2018

لفظن جي سونهن کان گدلاڻ تائين!





شفيق الرحمان شاڪر
اڪثر ٻڌندا آهيون ته انسان کي تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪري ڳالهائڻ گھرجي.ڳالهه ته صحيح آهي پر ڪنهنجي ڪهڙي تهذيب آهي ۽ ان جو وٽس معيار ڇا آهي،اها خبر نٿي پوي.وري سڀ ڪنهن جي پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجا معيار هوندا آهن.هر ڪنهن وٽ تهذيب جا مختلف دائرا ۽ حدون هونديون آهن،هر قوم ۽ هر سماج ۾ الڳ الڳ تهذيب ۽ اخلاقي معيار مقرر ٿيل آهن.تهذيب جا اهي دائرا ڪڏهن پکڙبا ته ڪڏهن سسندا به رهن ٿا.انهيء جون حدبنديون به هيٺ مٿي ٿينديون رهن ٿيون پر پوري دنيا ۾ ڪجهه شيون اهڙيون ضرور آهن جيڪي هر تهذيب ۽ سماج ۾ مڃيل ۽ تسليم ٿيل آهن،ايئن چئجي ته اهي متفقه تهذيبي ۽ اخلاقي معيار آهن جن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي.مثال؛ معاملا عدل ۽ انصاف سان طيء ڪرڻ، ڪوڙ ۽ دوکي وارو وهنوار نه ڪرڻ،ماڻهن سان اخلاق ۽ تميز سان ڳالهائڻ وغيره پر هاڻي قوم ۽ فرد جي جي گڏيل ۽ ذاتي روين ۽ مزاج جي ڳالهه اچي وڃي ٿي ته انهن ڪهڙي ماحول ۾ سکيا ورتي آهي.اسان وٽ هاڻي تهذيب جو دائرو ڪجهه وڌندو ئي ٿو وڃي ۽ انهيء ۾ اهو ڪجهه به اچي رهيو آهي جيڪو نه ڪڏهن ڏٺوسين ۽ نه ٻڌوسين خاص طور تي سياست ۽ سوشل ميڊيا ۾ بي لگام زبان ۽ تهذيب جو دائرو گھڻو وڌي چڪو آهي.
لفظن جي وڏي اهميت هوندي آهي.زندگيء ۾ انهن جي آفت ڀوڳڻ سان گڏوگڏ انهن مان فائدو به گھڻو ئي کنيوسين.انهن ئي لفظن سان گھر آباد ٿيندي ۽ بگڙندي ڏٺاسين.جيڪي لاڳاپا قبوليت جي ٽن لفظن سان شروع ٿيا ۽ محبت ڀريل لفظن سان جڙيا رهيا اهي زهر ڀريل لفظن سان ڪمزور ٿي ويا ۽ وري ٽن لفظن سان هميشه لاء ٽٽي به ويا.ڪنهن جا مٺاڻ ڀريا لفظ اهو ڪم ڪري ويا جو دليون محبت سان ٽمٽار ٿيڻ لڳيون۽ ڪنهن جي من ۾ گھر اڏجي ويا ۽ انهن ئي لفظن سان ڪروڙين پاڻ ۾ وڙهي ويا ۽ پنهن جي ضد تي اڙجي ويا ۽ پڪل ميوا سڙي ويا ۽ لفظن جي خزان سان زندگي۽ جا پن ئي زري ويا.پر انهن ئي لفظن جو جڏهن صحيح ۽ مناسب استعمال ٿيو ته وري بهار اچي ويئي،ڪيئي گل ٽڙي پيا.لفظن جي صورت ۾ ڪنهنجو چوڻ به گلن جهڙو ۽ ڪنهن جي گفتگو ڪنڊن جهڙي.ڪنهنجا ٻول اهڙا ته اڪسير ڄڻ ته اجڙيل چمن ۾ بهار اچي وڃي ۽ ڪنهن بيمار کي بي سبب قرار ملي وڃي.۽ اهي ماڻهو جيڪي لفظن جي بازي هارائي وڃن اهي زندگيء جي بازي کٽي وٺن ٿا.جيڪي لفظن جي مار تي صبر ڪري وڃن انهن جي تقدير تبديل ٿيندي ڏٺيسين ۽ هر بگڙيل ڪم ٺهندي ڏٺوسين.
مطلب ته عمل ۽ ڪردار جي اهميت پنهنجي جڳهه تي پر لفظن سان ڪردار جو سينگار۽ نماڻائيء ۽ عاجزيء سان ڏنل دعائن کي خدا جي پڪار ۽ انهيء تي مالڪ جو پيار ۽ مليو جو قبوليت جو هار۽ اهڙيء طرح ٻڏل ٻيڙا ٿي ويا پار.
سياست ۾ به جيڪر برو ڀلو چوڻ ضروري ئي هجي ته اهو به تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪري چئي سگھجي ٿوجنهن سان اڃا به ڪنهن کي خوبصورت لفظن سان وڌيڪ چوٽ لڳائي سگھجي ٿي۽ سامهون وارو پشيماني وچان زمين تي نڪ رڳڙڻ تي مجبور ٿي سگھي ٿو.ڪن ٻن ڀائرن وچ ۾ ڪنهن مامري تي تلخي پيدا ٿي پيئي ۽ ڪاوڙ به سينن ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي.ننڍي ڀاء کي وڏي ڀاء تي جيڪو غصو هو سو هن طرح وڏي ادب ۽ احترام سان ٻاهر ڪڍيائين ته “پيارا ڀاء! لڳي ٿو ته توهان گڏهه آهيو!“ اهو ئي طريقو جيڪر وڏا ۽ ننڍا سڀ سياستدان اختيار ڪري وٺن ته هوند سندن پوئلڳن کي ڪجهه سڪون اچي وڃي.
۽ ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڪجهه خوبصورت لفظ اسان جي زندگي بدلائي سگھن ٿا ۽ جيڪڏهن لفظن سان گڏ ڪردار به شامل ٿي وڃي ته تهذيب بدلجي وڃي۽ تاريخ بدلجي وڃي ۽ سياست بدلجي وڃي ۽ رياست بدلجي وڃي.
برائيء جي بدلي م ڀلائيء جو خوب اٿر ٿئي ٿو،ان سان وڏا وڏا ڪميڻا انسان بدلجندي ڏٺاسين پر آهي اهو نهايت ئي مشڪل ڪم!
قرآن ڪريم ۾ خالق ڪائنات فرمايو ته
“برائيء کي ڀلائيء سان پري ڪريو پوء اهو جنهجي اوهان سان دشمني آهي اهو اوهان جو جگري دوست بڻجي ويندو.“







Sunday, November 25, 2018

پنهن جو پاڻ کي اذيت پهچائڻ وارو رويو.



سنڌيڪار ؛ شفيق الرحمان شاڪر
پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ اهو عمل آهي جڏهن ڪو ڄاڻي واڻي پنهنجو پاڻ کي تڪليف يا نقصان پهچائيندو آهي.ان جا ڪيترائي طريقا ٿي سگھن ٿا.مثال ؛ گھڻي مقدار ۾ منشيات يا دوائن جي استعمال سان،پنهنجوپاڻ کي وڍڻ يا زخمي ڪرڻ  يا ساڙڻ سان،مٿويا جسم ڪنهن سخت شيء سان ٽڪرائڻ سان،ڪنهن سخت شيء کي جسم ۾ ٽنبڻ يا ڪا نقصانڪار شيء ڳورڻ سان.ٻين ماڻهن کي محسوس ٿي سگھي ٿو ته ماڻهو ٿڌي دماغ سان ۽ ڄاڻي ٻجهي شايد نااميديء سبب اهڙا قدم کڻن ٿا.حقيقت ۾ جيڪي ماڻهو به پنهنجوپاڻ کي اذيت پهچائين ٿا اهي سخت پريشاني، تڪليف، مايوسي،رنج ۽ ناقابل برداشت اندروني هيجان جي اثر هيٺ ايئن ڪندا آهن.ڪجهه ماڻهو ايئن ڪرڻ لاء اڳواٽ رٿابندي ڪندا آهن،ڪجهه اوچتو ايئن ڪري ويهندا آهن.ڪجهه ڪڏهن وقتي طور تي پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائيندا آهن ته ڪجهه وري وري اهو ڪرڻ لڳندا آهن،اهڙيء طرح اها انهن جي خطرناڪ عادت بڻجي ويندي آهي.اسان مان ڪي ماڻهو غير واضح پر خطرناڪ طريقي سان پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا.ٿي سگھي ٿو ته اسان ڪو اهڙو رويو اختيار ڪيون جيڪو ظاهر ڪري ته اسان کي زندگي يا موت جي پرواهه ناهي رهي.تحقيق مطابق ڪڏهن نه ڪڏهن هر ڏهن مان هڪ نوجوان شخص پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائي ٿو.اهو فعل مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ وڌيڪ آهي.هم جنس پرست ماڻهن ۾ پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ جو لاڙو وڌيڪ هوندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن نوجوان ٽولن جي صورت ۾ پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا،جيڪر اوهان جو ڪو دوست پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائي ٿو تڏهن ان ڳالهه جا امڪان وڌي ٿا وڃن ته اوهان به پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ شروع ڪيو.جيڪي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائين ٿا انهن ۾ ان ڳالهه جو امڪان گھڻو هوندو آهي ته انهن سان ننڍپڻ  ۾جسماني يا جنسي تشدد ٿيو هجي.تحقيق ذريعي جيڪي انگ اکر سامهون اچن ٿا،حقيقت ۾ پنهنجو پاڻ کي ايذائڻ جي شرح ان کان گھڻي آهي ۽ سروي موجب چار هزار ماڻهو جيڪي پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ سبب اسپتالن ۾ آندا ويا هئا انهن مان اسي سيڪڙو ماڻهن دوائون زياده مقدار ۾ استعمال ڪيون هيون ۽ اٽڪل پندرهن سيڪڙو اهي هئا جن پنهنجو پاڻ کي چڪ پاتا هئا. هاڻي بنيادي سوال اهو آهي ته ماڻهو پنهنجو پاڻ کي اذيت ڇو ٿا پهچائين؟انهيء جا ڪيترائي سبب ٿي سگھن ٿا.جن ۾ جذباتي معاملا ۽ مونجھارا،جسماني يا جنسي تشدد،لاڳيتو اداس رهڻ يعني ڊپريشن،پنهنجو پاڻ کي برو سمجھڻ،پنهن جي  جيون ساٿي،ڪنهن دوست يا رشتيدار سان ڇڪتاڻ وارا لاڳاپا هئڻ،يا اهو محسوس ڪرڻ ته ماڻهو اسان جي ڳالهه نٿا ٻڌن،مايوسين جو وڌي وڃڻ،اڪيلائي محسوس ڪرڻ،اجايي غصي جي حالت ۾ بي قابو ٿي وڃڻ،بيوسي محسوس ڪرڻ ته سامهون آيل صورتحال کي بدلائڻ لاء آئون ڪجهه نٿو ڪري سگھان،منشيات ۽ الڪوحل جو ايترو استعمال جو اهي اثر ڪرڻ ئي ڇڏي ڏين،ڪنهن شخص کان بدلي وٺڻ جي ڪوشش باوجود بدلو نه وٺي سگھڻ وغيره.
اهو سمجھڻ گھرجي ته پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ وارن مان گھڻا نفسياتي مريض نه هوندا آهن پر ڪجهه ماڻهو ڊپريشن جا مريض ٿي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهن ۾ بيماريء جي حد تائين شخصي ڪمزوريون ٿي سگھن ٿيون ۽ ڪن کي منشيات يا الڪوحل جي عادت ٿي سگھي ٿي.بهرحال انهن سڀني کي مدد جي ضرورت هوندي آهي.انهن ماڻهن جي ان عمل کي سنجيدگيء سان وٺڻ گھرجي ۽ سندن هرممڪن مدد جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائڻ وارا ڪنهن کان مدد نه گھرندا آهن توڙي جو کين معلوم هوندو آهي ته اهي ڪنهن وڏي مسئلي ۾ ڦاٿل آهن پر اهي ان مسئلي جي باري ۾ ٻئي کي نٿا ٻڌائي سگھن. انهن مان اهڙا ماڻهو نهايت ئي خطري جي نشان تائين پهچي وڃن ٿا جيڪي پنهنجو پاڻ کي ايذائڻ لئي  ڪو خطرناڪ يا سخت طريقو اختيار ڪندا هجن يا باقائدگيء سان پنهنجو پاڻ کي نقصان پهچائي رهيا هجن،اهي به جيڪي سماجي طور تي اڪيلا هجن يا جن کي ڪو ذهني مرض به لڳل هجي.اهڙن ماڻهن جو ڪنهن سائڪاٽرسٽ کان معائنو ڪرائڻ ضروري آهي. اهڙن مريضن جي علاج جا ڪيترائي طريقا موجود آهن پر شايد “پرابلم سالونگ ٿراپي“  يعني مسئلن کي سڌو سنئون حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏيڻ وارو طريقو وڌيڪ اثرائتو شمار ڪيو وڃي ٿو.جيڪر توهان مان خدانخواسته ڪو اهڙي صورتحال جو شڪار آهي ته هو پنهنجي مدد پاڻ جي اصول تحت به ڪافي بهتري آڻي سگھي ٿو.پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ جا خيال ٿوري دير ۾ ئي هليا ويندا آهن جيڪر اوهان پنهنجو پاڻ کي اذيت ڏيڻ سواء ٿوري دير ان پريشانيء کي برداشت ڪندا ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ پريشاني آسان ٿي ويندي.ان صورتحال ۾ اوهان ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ڪري سگھو ٿا، ڪنهن دوست کي فون ڪري سگھو ٿا.جيڪر توهان ڪنهن اهڙي جڳهه تي اهڙي شخص سان گڏ آهيو جنهن سان گڏ رهڻ اوهان کي برو ٿو محسوس ٿئي ته ترت اها جڳهه ڇڏي ڏيو.ٻاهر نڪري ڪو گانو ڳايو،موسيقي ٻڌو يا اهڙو ڪم ڪريو جيڪو اوهان کي پسند هجي.پنهنجو ڌيان پريشانيء يا مسئلي تان هٽائي ڪنهن ٻئي طرف لڳايو،پنهنجو پاڻ کي پرسڪون بنايو ۽ ڪنهن وڻندڙ لمحي جو تصور ڪيو.پنهنجي جذبات جي اظهار جو ڪو ٻيو طريقو ڳولهيو جيئن برف جي ٽڪرن کي مٺ ۾ دٻائڻ وغيره،پنهنجوم پاڻ کي اذيت پهچائڻ سواء چارو نه هجي ته پنهنجو پاڻ کي نقصان نه ڏيندڙ درد پهچايو جيئن ڳاڙها مرچ يا ٿڌي برف کائڻ يا ٿڌي پاڻيء سان وهنجڻ.پنهنجي ذهن جو ڌيان مثبت شين تي رکو.ان وقت ڪو خط يا ڊائري وغيره به لکي سگھو ٿا ته ان وقت توهان سان ڇا ٿي رهيو آهي.
انهيء صورتحال جو شڪار ماڻهن جي عزيزن ۽ دوستن تي به اهم ذميداري عائد ٿئي ٿي ته اهڙا ماڻهو جڏهن پنهنجو پاڻ کي اذيت پهچائڻ گھرن ته انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪن،انهن جي احساسن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪن ۽ پوء آهستي آهستي گفتگوء جو موضوع بدلائي وٺن.پر انهن کان رات وچ ۾ اهو عمل ڇڏڻ جي اميد نه رکڻ گھرجي جو رويا بدلجڻ ۾ وقت لڳي ٿو.انهن سان ڪاوڙ يا ناراضگيء واري انداز ۾ پيش نه اچڻ گھرجي ۽ نه ئي انهن جو معالج بنجڻ جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي.
(روزاني هلال پاڪستان)

     



Saturday, October 13, 2018

مرڪ جيڪا من موهي ٿي!





شفيق الرحمان شاڪر
شهر جي هڪ ڊنر پارٽيء ۾ هڪ مهمان عورت جنهن کي ورثي ۾ گھڻي دولت هٿ آئي هئي، ان ڳالهه جي خواهشمند هئي ته ٻين سان ملڻ وقت اها ٻين کي هر صورت ۾ متاثر ڪري سگھي.هن عمدي پوشاڪ سان گڏوگڏ نهايت ئي قيمتي زيور به پهري رکيا هئا پر سندس چهري تي اعليٰ قسم جي ميڪ اپ هئڻ باوجود به حقيقي تازگي نظر نٿي آئي.هن جو چهرو جذبن کان خالي هو بلڪه انهيء تي خود غرضيء جي جھلڪ صاف نظر اچي رهي هئي.هن کي اها ڄاڻ بلڪل ئي نه هئي ته ماڻهو سڀ کان اڳ ٻئي جو چهرو ئي ڏسندا آهن ۽ چهري تي مرڪ هئڻ ڪيتري قدر ضروري آهي؟ ان جو اندازو هن کي نه هو.ان جي ابتڙ سندس خيال هو ته هن جو سهڻو لباس ۽ قيمتي زيور خود بخود ماڻهن کي هن طرف ڇڪيندا ۽ اهڙيء طرح هوء محفل ۾ موجود سمورن مهمانن تي پنهنجي باري ۾ هڪ سٺو تاثر قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندي.
چارلس شواب جي چوڻ مطابق “ سندس مرڪ جي قيمت هڪ لک ڊالر آهي.” هن بلڪل صحيح چيو آهي.شواب جي شخصيت،سندس جادوئي اثر واري گفتگو ،من کي موهيندڙ مرڪ ۽ ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي ظاهر ڪري انهن کي سندس ذات ۾ دلچسپي وٺڻ لاء مجبور ڪرڻ چارلس شواب جي ڪامياب شخصيت جون منفرد خوبيون هيون ۽ سندس غير معمولي ڪاميابيء جو راز به اهو ئي هو.سندس پراثر شخصيت ۾ سڀ کان وڏو عنصر سندس خوبصورت مرڪ هئي.
هڪ ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته اسان جي چهري تي اڀرندڙ تاثر لفظن کان وڌيڪ طاقتور هوندا آهن ۽ انهن مان هڪڙو تاثر مرڪ يا مسڪراهٽ به آهي.پر اهڙي مرڪ جنهن ۾ سچائي نه هجي يا ڪنهن زبردستيء واري مرڪ سان ڪنهن کي بيوقوف بنائي نٿو سگھجي.اهڙي ٺڳي جلد ئي پڪڙجي پوي ٿي.هتي رڳو ان مرڪ جي ڳالهه ٿي رهي آهي جنهن ۾ گرمجوشي هجي ۽ جنهن ۾ دل جا حقيقي جذبا شامل هجن.مشي گن يونيورسٽيء ۾ نفسيات جو هڪ پروفيسر جيمسن مرڪ جي باري ۾  لکي ٿو ته “ اهي ماڻهو جيڪي سدائين مسڪرائيندا رهندا آهن اهي جيڪر دفترن ۾ هجن ته سٺا نگران ۽ بهترين منتظم ثابت ٿين ٿا.جيڪر اهي استاد هجن ته شاگرد انهن کان خوش رهن ٿا.جيڪر سيلز مين هجن ته پنهنجون شيون نهايت ڪاميابيء سان وڪڻي سگھن ٿا.منهن تي گھنج جي بدران مرڪ نهايت ئي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.اهڙيء طرح پڙهائڻ وقت سزا جي بدران حوصلا افزائي وڌيڪ موثر ثابت ٿئي ٿي.”
مرڪ جا اثر نهايت ئي طاقتور ٿين ٿا ايستائين جو توڙي اوهان اهڙي جڳهه تي مسڪرائي رهيا هجو جتي اوهان کي ڪو ئي ڏسڻ وارو به موجود نه هجي تڏهن به ان جا اثر گھڻو پائيدار ٿين ٿا.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر توهان مسڪرائڻ چاهيو ئي نٿا ته پوء ڇا ڪجي؟ٻه حل ٿي سگھن ٿا پهريون اهو ته زبردستيء کلڻ جي ڪوشش ڪجي. يا جيڪر اڪيلائي هجي ته سيٽي وڄائجي يا وري ڪو گانو ڳائجي ۽ ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ته اوهين خوش آهيو.انهيء ڳالهه کي ماهر نفسيات وليم جيمس هنن لفظن ۾ بيان ڪري ٿو “ اسان جي هر عمل پويان اسان جا جذبا لڪل هوندا آهن.اهي ٻئي زندگيء ۾ گڏ گڏ هلندا آهن.عمل انسان جي اختيار ۾ هوندا آهن پر جذبا سندس اختيار ۾ نه هوندا آهن سو اسان پنهنجي عمل کي جيڪو اسان جي وس ۾ هوندو آهي قابوء ۾ آني پنهنجن جذبن تي به اختيار حاصل ڪري سگھون ٿا.جنهن ڪري خوش رهڻ جو رستو ئي اهو آهي ته اوهان اٿندي ويهندي خوش رهو۽ ڳالهه ٻولهه دوران به مسڪرائيندا رهو جنهن مان ٻين کي محسوس ٿيندو ته انهن سان ملندي يا ڳالهائيندي اوهان کي تمام گھڻي خوشي ٿي آهي.”
هن دنيا ۾ اسان مان هر ماڻهو خوشيء جي ڳولا ۾ آهي پر انهيء کي حاصل ڪرڻ جو  هڪڙو ئي يقيني  ۽ بهترين طريقو آهي ته اسان پنهنجن خيالن تي قابو آڻيون.خوشيء جو تعلق ٻاهرين حالتن سان نٿو ٿئي پر اهي اسان جي اندر مان جنم وٺنديون آهن.خوشي اها ناهي ته توهان ڇا آهيو ۽ ڇا ناهيو يا اوهان وٽ ڇا ڇا آهي؟ مثال طور ڪنهن ساڳي هنڌ ۽ ساڳين حالتن ۾ رهندڙ ٻه شخص  جيڪي ساڳئي قسم جو ڪم ڪندا هجن ۽ ساڳي پگھار وصول ڪندا هجن ۽ ٻنهي کي زندگيء جو هڪجهڙيون آسائشون به حاصل هجن پر انهن ٻنهي مان هڪڙو ّخوش ۽ ٻيو مايوس زندگي گذاري سگھي ٿو.آخر ايئن ڇو؟ انهيء جو سبب رڳو انهن ٻنهي جو ذهني رويو آهي.لڱ ساڙيندڙ اس ۾ به ڪنهن ڪڙميء کي خوش ڏسي سگھجي ٿو ان جي ابتڙ ڪنهن وڏي عاليشان ايئر ڪنڊيشنڊ بنگلي ۾ رهندڙ ڪنهن شخص کي رنج ۽ اداس پسي سگھجي ٿو.وليم شيڪسپيئر جو چوڻ آهي ته “ دنيا ۾ ڏک يا سک نالي ڪا شيء موجود ئي ناهي،اها اسان جي سوچ آهي جيڪا انهن شين کي جنم ڏئي ٿي.” ابراهم لنڪن هڪ ڀيري چيو هو “ ماڻهو صرف ايترو ئي خوش هوندو آهي جيترو سندس ذهن خوش هوندو آهي.”
جڏهن به ٻاهر نڪرجي ته پنهنجي کاڏيء کي ٿورو اندر طرف موڙجي،مٿي کي اوچو ۽ ڦڦڙن کي کليل رکجي،سج جي روشنيء ۾ کائجي ۽ پيئجي،فطرت جي هوائن ۾ ساهه کڻجي ۽ پنهنجي دوستن جو آڌر ڀاء هميشه گرمجوشيء ۽ هڪ پرخلوص مرڪ سان ڪجي.ان ڳالهه جي پرواهه نه ڪجي ته اسان جي ان رويي جو ماڻهو ڪهڙو مطلب وٺندا ۽ پنهن جن دشمنن جي باري ۾ سوچڻ ۾ هڪ منٽ به ضايع نه ڪرڻ گھرجي.اها ڳالهه مضبوطيء سان دل ۾ ويهارڻي آهي ته اسان جيڪي ڪجهه حاصل ڪرڻ گھرون ٿا سو نهايت ئي يقين سان آخر ڪار حاصل ڪري سگھون ٿا.پنهنجي ذهن ۽ سوچن کي عظيم،شاندار ۽ هاڪاري شين تي ئي مرڪوز رکڻو آهي جيئن جيئن ڏينهن گذرندا ويندا اندر ۾ يقين جي قوت وڌيڪ مضبوط ٿيندي ويندي ۽ اسان کي پنهنجي لاشعور ۾ اهو محسوس ٿيڻ لڳندو ته اسان ۾ اهي عظيم ۽ شاندار شيون حاصل ڪرڻ جو سموريون گھربل صلاحيتون بهترين نموني موجود آهن.پنهنجي ذهن ۾ ان عظيم انسان جو تصور ۽ خاڪو هروقت ويهاري رکو جيڪو اوهان بنجڻ گھرو ٿا.اوهان جون سوچون اوهان کي هر ڪلاڪ بعد وڌيڪ ان سانچي ۾ بدلائينديون وينديون رڳو پنهنجو ذهني رويو درست طرف ۾ رکڻو آهي.اهي سوچون ئي نئين تخليق هونديون آهن .  مرڪ جنهنجو ڪو ملهه ناهي پر تاثير جي لحاظ کان اها نهايت ئي قيمتي شيء آهي.توڙي جو اها چند سيڪنڊن لاء هوندي آهي پر ان جو اثر دير تائين قائم رهي ٿو.جنهن کي مرڪڻ نٿو اچي اهو پنهنجو پاڻ کي سڃو سمجھي.مرڪ جيڪا گھر ۾ خوشيون پکيڙي ٿي،ڪاروباري دنيا ۾  نوان رستا جوڙي ٿي ۽ سماجي زندگيء ۾ نيون دوستيون پيدا ڪري ٿي.پريشانين ۾ آٿت ڏئي ٿي، مايوسين ۾ اميدن جو سوجھرو بڻجي ٿي،ڏکويلن لاء دلاسو بڻجي ٿي. اها قدرت جو اهڙو انمول تحفو آهي جنهن کي ڪنهن دوڪان تان خريد ڪري نٿو سگھجي ۽ نه ئي اها ڪنهن کان اڌاري وٺي سگھجي ٿي. ڪو انهيء کي  چورائي  نٿوسگھي جو اوهان جي دلي جذبن جو مظهر هوندي آهي!
(روزاني جيجل 11 آڪٽوبر 2018ع)

Saturday, September 29, 2018

زندگيء ۾ مضبوط سهاري وارو نظريو!


شفيق الرحمان شاڪر
پرسڪون زندگي گذارڻ لاء انسان کي  سدائين ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت هوندي آهي.اها ڳالهه هونئن ته سمجھڻ ۾ ايتري ڏکي ڪانهي پر ان جي مختلف پاسن کي سمجھڻ لاء ان تي تفصيلي بحث جي ضرورت آهي.ڪنهن شخص کي رهڻ لاء هڪ مضبوط گھر يا عمارت جي ضرورت هوندي آهي جيڪا ان کي هر قسم جي موسمي تبديلين ۽ حالتن ۾ پناهه ڏيئي سگھي ۽ سندس حفاظت به ڪري.هڪ مضبوط عمارت جي شروعات ان جي مضبوط بنياد سان ٿئي ٿي.اهو ٿي نٿو سگھي ته ڪنهن عمارت جو بنياد ته ڪمزور هجي پر اها عمارت مضبوط هجي.بنياد کان پوء ان جي ديوارن طرف اچو ته ديوار جي هر سر به مضبوط هئڻ گھرجي نه ته اها ديوار ڇت جو بار سهي نه سگھندي. وري هر ديوار ٻي ديوار جو سهارو بڻجي ٿي.بلڪل اهڙي نموني هڪ مضبوط سهارو ٻئي حصي جي مضبوطيء جو ضامن بڻجي ٿو.ڪنهن وڻ کي ڏسو! جيستائين ٿڙ طاقتور نه هوندو اهو ڪو مضبوط ۽ پختو وڻ بڻجي نه سگھندو.مضبوط ٿڙ کي سهارو ڏيڻ لاء وري مضبوط پاڙن جي گھرج پوي ٿي.مضبوط ٿڙ مان ٽاريون ڦٽن ٿيون جن تي گل.پن ۽ ميوا ٿين ٿا.توڙي جو اهي پاڻ نهايت نازڪ ۽ ڪمزور ٿين ٿا پر هڪ مضبوط ٿڙ سان ڳنڍيل هئڻ ناتي بلندي ۽ اوچائيء مان لطف اندوز ٿين ٿا. جيڪر سندن اهو مضبوط سهارو يعني ٿڙ ڪپيو وڃي ته اهي بلنديء سان گڏوگڏ پنهنجي زندگي به وڃائي مٽيء ۾ ملي وڃن ٿا يا وقت جون هوائون انهن کي پنهنجي مرضيء سان هيڏانهن هوڏانهن اڏائينديون رهن ٿيون.هاڻي انساني وجود کي ڪجهه دير لاء سوچ هيٺ آڻيون ٿا.ان وجود مان جيڪر هڏين جو ڍانچو ڪڍي ڇڏجي ته سندس طاقت مٽيء جي ڪنهن ڳنڍي سواء ڪجهه نٿي رهي.ماس جي طاقت جو دارومدار هڏن جي طاقت تي آهي.جيترو هڏ مضبوط هوندا ماس ۽ جسم به اوتروئي مضبوطي ۽ طاقت محسوس ڪندو.ماس کان هڏيء جو تعلق ٽوڙيو وڃي ته ماس جي طاقت ٻڙي بڻجي وڃي ٿي.اسان جا ڏند اسان کي کاڌو کائڻ،سخت شين کي چٻاڙڻ ۽ ٽوڙڻ ۾ اسان جي مدد ڪن ٿا،جڏهن اهي پنهنجي طبعي عمر پوري ڪري موڪلائي وڃن ٿا ته اسان جو وات رڳو کچڻي کائڻ واري مشين بڻجي ڪري رهجيو وڃي.ان جو مطلب اهو ٿيو ته انسان جنهن سماج ۾ رهي ٿو اتي هن کي به هروقت ڪنهن مضبوط سهاري جي هروقت ضرورت رهي ٿي.انهيء مضبوط سهاري جي تلاش ۽ نفسيات هيٺ انسان پنهنجي خاندان جي پئدائش ۽ اوسر،ذات ۽ قبيلي جي واڌاري،علاقائي ، نسلي،مذهبي ۽ سياسي  تعصب سان دلچسپي رکندو آيو آهي.انهيء ئي مضبوط سهاري جي سوچ هيٺ رياستن ،ملڪن ۽ اقوام متحده جو قيام عمل ۾ آيو.اهو ئي نظريو طاقت حاصل ڪرڻ،معاشي ۽ دفاعي بلاڪ جڙڻ ۽ بين الاقوامي تنظيمن ۽ ادارن جي جوڙ جڪ پويان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اها ئي سوچ انسان کي روحانيت طرف ڇڪي وڃي ٿي.مضبوط سهاري جي ڳولا ۽ جستجو ۾ انسان پوري زندگي ڊوڙندو رهي ٿو.ان جو بنيادي سبب اهو جو انسان پنهنجي فطرت ۽ بيهڪ ۾ گھڻو ڪمزور آهي.هن جي مجبوري آهي ته هن سان روز نت نوان حادثا پيش ايندا ٿا رهن يا پيش اچي سگھن ٿا.وري کيس بيمارين کي به منهن ڏيڻو پوي ٿو.انسان جي سڀ کان وڏي ڪمزوري سندس مري وڃڻ آهي.موت هروقت سندس پيڇو ڪندو رهي ٿو جيڪو کيس اوچتو بنان ڪنهن اڳواٽ اطلاع جي قابو ڪري وٺي ٿو.انهن فطري ڪمزورين سبب هن کي هر وقت ڪنهن مضبوط سهاري جي ضرورت رهي ٿي.ان کان سواء انسان جي سماجي زندگيء جون گھڻيون بنيادي شيون ڪنهن سهاري کان سواء سرانجام ڏيئي نٿيون سگھجن.هاڻوڪي اولهه جي دنيا کي ڪنهن حد تائين ڇڏي ڪري سدائين انساني سماجن ۾ خاندان جي واڌ ويجهه هڪ اهم ۽ لازم فيڪٽر رهيو آهي.هونئن ته ڪنهن حد تائين جانورن جي زندگيء ۾ به خاندان جو تصور پاتو وڃي ٿو ۽ اهو به جھنگلي زندگيء ۾ پيش ايندڙ خطرن سبب وجود ۾ ايندي محسوس ٿئي ٿو.جيڪي جانور شڪار ڪندا آهن اهي اڪثر ننڍن ٽولن ۾ جڏهن ته شڪار ٿيندڙ جانور وڏن ٽولن ۾ هوندا آهن.سماجي طور تي انسان کي سدائين خاندان جي ضرورت رهي آهي.خاندان جي رشتن کي مذهب ۾ به هڪ مقدس حيثيت حاصل رهندي ٿي اچي.هونئن به انسان کي فطري طور تي پنهنجي ماء پيء سان محبت ٿئي ٿي ساڳيء طرح ماء پيء کي وري اولاد سان انيڪ پيار هوندو آهي.ننڍپڻ ۾ ماء پيء ٻارن لاء مضبوط سهاري وارو ڪم ڪن ٿا جو ان وقت ٻارن کي زندگيء جي وک وک تي سهاري جي ضرورت رهي ٿي پر جڏهن اهي جوانيء ۾ قدم رکن ٿا ته سهاري جي اها ضرورت به گھٽبي ويندي آهي.پر جڏهن هو پوڙها ٿين ٿا کين واپس سهاري جي ضرورت پوي ٿي.
قبيلي،ذات ۽ برادريء جو تصور به انسان جي مضبوط سهاري جي ڳولا جو آئينادار آهي.ڪٽنب يا خاندان هڪ محدود سهارو آهي پر سماجي زندگيء ۾ انسان کي وڏن وڏن ٽولن سان مقابلي جي نوبت اچي ٿي جتي ڪٽنب کان وڌي ڪري برادري يا قبيلي جي مدد جي ضرورت پوي ٿي.انسانن جون ذاتيون ۽ قبيلا اوڀر جي دنيا ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ مستحڪم رهيا آهن.قبيلي ۽ برادريء کان پوء علاقائي،لساني يا نسلي تعصب کي به هڪ مضبوط سهاري طور استعمال ڪيو وڃي ٿو.جيئن ڪراچيء ۾ هندستان کان لڏي آيل ماڻهن وٽ پنهنجي ڪا زمين نه هئي ان ڪري انهن جي اڪثريت سدائين ان خوف جو شڪار رهي ۽ انهيء خوف کي ڪن خاص سياسي مقصدن لاء اڀاريو به ويو ته اردو ڳالهائيندڙ آباديء کان ڪنهن به وقت زمين کسجي سگھي ٿي تنهن ڪري ان خوف خلاف هڪ مضبوط سهاري طور زبان ۽ نسل واري سوچ اختيار ڪئي ۽ پنهنجي بقا ۽ سلامتيء لاء مهاجر ڪارڊ استعمال ڪيو. مذهبي تعصب به انسانن لاء هڪ وڏو مضبوط سهارو رهندو ٿو اچي. انسان جو مذهب سان لڳاء ٻين سمورين مادي شين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو.مذهب جو اهو سهارو هر مذهب کي مڃيندڙن کي ميسر رهي ٿو۽ اهو سڀ کان وڌيڪ سهارو هوندو آهي.زميني ۽ آسماني قدرتي مصيبتن ۽ آفتن مهل اڪثر انسان مذهب طرف ئي رجوع ڪندو آهي .ڪنهن عيسائي شخص کي اها ڳالهه سهارو ٿي ڏئي ته هن جا هم مذهب دنيا ۾ ڪٿي ڪٿي موجود آهن؟ ساڳيو ئي معاملو ٻين مذهب ني مڃيندڙن جو به آهي.انهيء کان پوء سياسي تعصب ۾ به ماڻهو پنهنجي لاء مضبوط سهارو تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿاجڏهن دنيا ۾ جمهوري نظام نه هئا ته ماڻهو مختلف سياسي جماعتن ۾ ورهايل نه هئا پر هاڻي اٽڪل هر ملڪ ۾ ماڻهو جمهوريت جي بنياد تي سياسي طور تي به مختلف گروهن ۾ ورهايل آهن ۽ اهي انهن سياسي گروهن يا پارٽين ۾ پنهنجي لاء ڪو مضبوط سهارو ڳولهڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.اهي پنهنجن سياسي ليڊرن جي چوڻ تي وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ لاء به تيار ٿي وڃن ٿا. ڪنهن ملڪ يا رياست جو وجود به ڪنهن انسان لاء ذهني ۽ دلي سهارو هوندو آهي.ڪنهن شخص لاء اهو سهارو ته هن جو به دنيا ۾ ڪو پنهنجو ملڪ آهي.خاص طور تي اهي ماڻهو جيڪي پنهنجي ملڪ کان ڪنهن ٻئي ملڪ جو سفر اختيار ڪندا آهن.ڌارين جي ڌرتيء تي رهندي انهن لاء پنهن جي ملڪ جي محبت ۽ ياد وڏو سهارو بڻبي آهي. طاقت جو حصول به سهارو طلب ڪرڻ واري نفسيات هيٺ اچي ٿو.انسان طاقت ان ڪري حاصل ڪرڻ گھري ٿو ته جيئن هو ٻين کان محفوظ ۽ سلامت رهي سگھي يا ٻين کي پنهنجو تابع رکي سگھي  .اڄ ڪلهه ماڻهن سان گڏ هر ملڪ به اڻ محدود طاقت حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿو.ان جو ئي نتيجو آهي جو پوري دنيا جنگي هٿيار وڌ ۾ وڌ حاصل ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ رڌل نظر اچي ٿي.اقوام متحده ۽ ٻين اهڙين بين الاقوامي تنظيمن جي قيام جي پويان به اها ئي مضبوط سهاري واري سوچ ڪم ڪندي نظر اچي ٿي ته جيئن دنيا جي انساني آباديء کي ڪنهن وڏي جنگ جدال کان روڪي سگھجي.اقوام متحده جي تنظيم جي ڪارڪردگي توڙي جو ڪا مثالي نه رهي آهي پر ان جي سمورين ناڪامين ۽ ڪمزورين باوجود حقيقت اها آهي ته دنيا جي رهيل کهيل امن کي بچائڻ لاء في الحال اها ئي قومن لاء آخري سهارو بڻيل آهي.
معاشي ۽ دفاعي بلاڪن جو وجود به انهيء ئي مضبوط سهاري واري سوچ جي هڪ ڪڙي آهي.جيئن مسلمان ملڪن او آئي سي جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي رکي آهي،اهڙيء طرح يورپي ملڪن يورپي يونين جي نالي سان تنظيم سازي ڪئي آهي،سارڪ، نيٽو،ٽاپي ۽ سي پيڪ وغيره به انهيء ئي نفسيات تحت عمل ۾ آيا آهن ته جيئن ماڻهن کي سهارو ملي سگھي ته انهن جو آئيندو محفوظ آهي.بين الاقوقوامي اتحاد ۽ اتفاق جي گھرج سدائين رهندي آهي ۽ عالمي امن به انسانيت جو وڏو سهارو آهي.انهيء مقصد جي لاء ئي عالمي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا،عالمي رانديون منعقد ڪرايون وڃن ٿيون ۽ مذاڪرا،سيمينار ۽ مباحثا منعقد ڪيا ويندا آهن ته جيئن دنيا جا ماڻهو هڪٻئي جي ويجھو  اچن ۽ عالمي  ڀائيچاري ۽امن جو ماحول پيدا ٿي سگھي.آخر ۾ روحانيت ۾ مضبوط سهارو ڳولهڻ واري معاملي طرف اچون ته پوء انسان کي پنهن جي ٻاهر جي دنيا کان واپس اندر جي دنيا طرف موٽڻو پوي ٿو.جيئن ته انسان جو گھڻو وقت اڪيلائيء ۾ گذري ٿو جتي هنن کي پنهنجي زندگيء جي سوين مسئلن ۽ معاملن کي روزانو اڪيلي منهن ڏيڻو پوي ٿو ان ڪري هن کي هر وقت ڪنهن اهڙي مضبوط سهاري جي اشد ضرورت محسوس ٿئي ٿي جيڪو اڪيلائيء ۾ به هن جو ساٿ ڏئي.اها هڪ اهڙي لڪيل طاقت آهي جيڪا مادي شين مان حاصل ٿي نٿي سگھي.اها روح جي طاقت آهي جنهن کي روحانيت چيو وڃي ٿو.ان روحاني سهاري جي ضرورت اولهه جي ڀيٽ ۾ اوڀر جي ماڻهن کي وڌيڪ محسوس ٿئي ٿي.ان جي ضرورت محسوس ته اولهه جي قومن کي به ٿيندي هوندي پر روحانيت نالي شيء تي انهن جي اڪثريت يقين نٿي رکي.اهو ئي سبب آهي جو سمورين مادي سهوليتن ۽ آسائشن جي حصول باوجود انهن قومن ۾ بي سڪوني وڏي پيماني تي موجود رهي ٿي جنهن کي ڪڏهن اهي سيڪس جي ڇڙواڳي ته ڪڏهن نشي آور شين جي ذريعي گھٽائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون.پر جيڪو سڪون روحانيت ۾ سمايل آهي اهو دنيا جي ڪنهن به ٻي مادي شيء ۾ شامل ناهي.روحاني سهارن سوا انسان رڳو جسماني سهارن جي زور تي بيهي نٿو سگھي.






Thursday, September 20, 2018

اهي جيڪي دوست پيدا ڪري سگھن ٿا!


شفيق الرحمان شاڪر
اسان کي دنيا جي انهن عظيم ماڻهن جا طور طريقا ڇونه پڙهڻ گھرجن جن جا اڻ ڳڻيا دوست هئا.پر ان کان اڳ اچو ته اسان هڪڙي جانور جي باري ۾ غور ڪريون جيڪو اسان جي گھرن توڙي روڊن رستن تي اسان کي عام نظر اچي ٿو.جيڪر توهان سندس ويجھو وڃي چچڪاريو ته ته اهو پيار مان پڇ لوڏڻ شروع ڪري ڏئي ٿو.ايستائين جو وڌيڪ چچڪار جي نتيجي ۾ اهو اوهان جي هنج ۾ اچڻ لاء تيار ٿي وڃي ٿو.سندس اهو انداز ٻڌائي ٿو ته “ اوهان جو چچڪارڻ مون کي گھڻو وڻي ٿو.” اوهان ڪڏهن سوچيو آهي ته صرف ڪتو ئي اهڙو جانور آهي جنهن کي زندگي گھارڻ لئي ڪوبه ڪم ڪرڻو نٿو پوي.ڪڪڙ بيضا ڏئي ٿي، ڪوئل مٺي لات لنوي ٿي،ڍڳي کير ڏئي ٿي،رڍون ۽ ٻڪريون اسان کي گوشت مهيا ڪن ٿيون پر ڪتو صرف پنهنجي محبت ورهائي پنهنجي پوري زندگي گذاري ٿو.توڙي جو ڪتن نفسيات جا ڪي ڪتاب ناهن پڙهيا پر اهي فطري طور تي اهو فن ڄاڻن ٿا ته ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي وٺندي انهن کي پنهنجو چاهيندڙ بنائي سگھجي ٿو ۽ پوء اهي ئي ماڻهو ساڻن پيار ڪرڻ لڳن ٿا.انهيء جي باوجود اسان ۽ توهان ڪيترن ئي ماڻهن کان واقف هوندا جيڪي ٻين ماڻهن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائڻ لاء کليل غلطيون ڪن ٿا ۽ انهيء سان کين ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي.انهيء ڪري جو اهي ان بنيادي اصول کي نظرانداز ڪري ويهن ٿا ته ٻين ماڻهن کي اسان يا توهان سان ڪا دلچسپي ناهي،انهن کي ته رڳو پنهنجو پاڻ سان دلچسپي هوندي آهي. نيويارڪ جي هڪ ٽيليفون ڪمپني انهيء ڳالهه کي سمجھڻ لاء هڪ سروي ڪرائي ته ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران اسان سڀ کان وڌيڪ ڪهڙو لفظ استعمال ڪندا آهيون؟ اوهان پڪ سان سمجھي ويا هوندا ته اهو لفظ “آئون يا مان ” آهي.جڏهن اوهان ڪو اهڙو گروپ فوٽو ڏسندا هجو جنهن ۾ اوهان جي تصوير به شامل هجي ته اوهين سڀ کان پهرين ان فوٽو ۾ ڪنهن کي ڳولهڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو؟ ظاهر آهي ته پنهن جي ئي تصوير کي. جيڪر اسان جي هروقت اها ڪوشش رهي ٿي ته ٻيا ماڻهو اسان جي ذات يا شخصيت ۾ دلچسپي وٺن ۽ انهيء سلسلي ۾ انهن کي متاثر ڪرڻ لاء اسان مصنوعي طريقا به اختيار ڪندا هجون ته ان نموني ڪڏهن به مخلص دوست پيدا ڪري نٿا سگھجن.
وينس جي مشهور نفسيات دان “ الفريڊ ايڊلهر” پنهنجي مشهور ڪتاب “اوهان لاء زندگيء جو مقصد ڇا هئڻ گھرجي؟” ۾ لکي ٿو ته ” اهي اسان ئي آهيون جيڪي پاڻ جهڙن ٻين ماڻهن ۾ دلچسپي نٿا وٺون. جنهن ڪري اسان کي پنهنجي زندگيء ۾ گھڻيون ڏکيائيون پيش اچن ٿيون ۽ اسان ٻين کي به اجايو تڪليف ۾ وجھون ٿا.اهڙيء طرح اسان جي پنهنجن ئي حرڪتن سبب  سمورين انساني ناڪامين جي شروعات ٿئي ٿي.” 
“ٿيوڊور روزويلٽ” جي حيران ڪندڙ مقبوليت جو هڪڙو راز اهو هو جو ٻين جي ذات ۽ ڪمن ۾ دلچسپي ظاهر ڪندو هو.هن جا سمورا ملازم به هن سان بي حد محبت ڪندا هئا.هن جي هڪڙي ملازم “جيمز اي اموس” پنهنجي ڪتاب “ روزويلٽ پنهنجي نوڪرن جو هيرو” ۾ هڪ زبردست واقعي جو ذڪر ڪيو آهي. هو لکي ٿو “ هڪ دفعي منهنجي زال صدر روز ويلٽ کان پڇيو ته خچر ڪهڙو ٿيندو آهي جو هن زندگيء ۾ ڪڏهن به خچر نه ڏٺو هو.صدر روز ويلٽ پوري تفصيل سان منهنجي زال کي خچر جي باري ۾ ٻڌايو.ڪجهه ڏينهن کان پوء اسان جي گھر جي ٽيليفون جي گھنٽي وڳي.منهنجي زال جڏهن فون کنيو ته هن جي حيرت جي انتها نه رهي جو سامهون صدر روز ويلٽ پاڻ فون تي ڳالهائي رهيو هو.هو ٻڌائي رهيو هو ته جيڪر منهنجي زال خچر ڏسڻ گھري ٿي ته دري کولي اهو ڏسي وٺي جو اتي ان وقت هڪڙو خچر بيٺل هو.” اهڙيون ننڍيون ننڍيون ڳالهيون صدر روز ويلٽ جي ڪردار جو اڻ ٽٽ حصو هيون.روز ويلٽ صدارت ڇڏڻ کان گھڻو عرصو پوء هڪ ڏينهن وائيٽ هائوس گھمڻ آيو ته هن اتان جي سمورن ملازمن کي سندن نالا وٺي سڏ ڪيو،سندن حال احوال پڇيا ۽ سندن ساراهه به ڪئي.ملازمن جي چوڻ مطابق انهن کي صدر روز ويلٽ جي اهڙي رويي تي جيڪا خوشي ۽ مسرت ٿي تن کي لفظن ۾ بيان ڪري نٿو سگھجي.
اسان مان سڀ جا سڀ توڙي اهي ڪنهن فيڪٽريء ۾ ڪلارڪ هجن يا ڪنهن سرڪاري اداري ۾ ملازم يا وري ڪنهن تخت جا بادشاهه ڇونه هجن،سڀ اهڙن ماڻهن کي ئي پسند ڪندا آهن جيڪي سندن ساراهه ڪندا هجن.ان ڪري جن به ماڻهن کي پنهنجا دوست وڌائڻ جو شوق آهي انهن لاء پهريون سونهري اصول اهو آهي ته اهي ماڻهن ۾ دلچسپي وٺي انهن جي سٺين خوبين ۽ ڪمن جي دل کولي تعريف ڪن.جڏهن اوهان کي ڪو فون ڪري ۽ سلام دعا ڪري ته جواب ۾ هن کي اهڙي انداز سان هيلو چئو جو هن کي محسوس ٿئي ته سندس فون ڪرڻ تي اوهان کي بي حد خوشي ٿي آهي. ڪيتريون ئي ٽيليفون ڪمپنيون پنهنجن آپريٽرن کي اها خاص تربيت ڏيڻ جو بندوبست ڪن ٿيون ته اهي فون ٻڌڻ وقت ماڻهن سان ڪهڙيء طرح مخاطب ٿين،کين ماڻهن سان نهايت خوش اخلاقي ۽ نرميء سان گفتگو ڪرڻ گھرجي ته جيئن فون ڪندڙ کي اهو احساس ٿئي ته کيس پوري پوري اهميت ۽ عزت ڏني پيئي وڃي،
ٻين ۾ دلچسپي ظاهر ڪري اسان سولائيء سان انهن کي پنهنجو دوست ٺاهي سگھون ٿا بلڪه انهن جي وفاداري به حاصل ڪري سگھون ٿا.پر ان لاء هڪ ڳالهه جو خاص ڌيان رکڻ گھرجي ته جڏهن اوهان ٻئي شخص ۾ دلچسپي ظاهر ڪيو ته اها رڳو خلوص ۽ سچائيء تي ٻڌل هئڻ گھرجي ۽ اها دلچسپي نه رڳو اوهان لاء پر ٻين لاء به فائديمند هئڻ گھرجي.

Sunday, September 9, 2018

ٻين جي نڪته نظر کان سوچڻ آسانيون پيدا ڪري ٿو.


شفيق الرحمان شاڪر
ڪيترائي ماڻهو گرمين جي موسم ۾ اڪثر مڇيء جي شڪار لاء ويندا آهن.ذاتي طور تي انهن کي کاڌي ۾ ڀلي ڪهڙيون شيون به پسند هجن پر مڇيون ڦاسائڻ وقت اهي فقط اهو ڌيان رکندا آهن ته مڇين کي ڪهڙي شيء پسند آهي ۽ اها شيء ئي ڪنڍين ۾ لڳائيندا آهن.اسان ڇا ٿا سوچيون يا ڇا ٿا پسند ڪيون انهيء تي سوچڻ هڪ ٻاراڻي حرڪت آهي.اهو صحيح آهي ته اسان جي ان ڳالهه سان گھڻي دلچسپي هوندي آهي ته اسان ڇا ٿا پسند ڪيون پر ٻين کي ان ڳالهه سان ڪا دلچسپي نه هوندي آهي ته اسين ڇا ٿا چاهيون يا ڇا ٿا پسند ڪيون.ٻين لاء به اسان وانگر ئي سموري دلچسپي انهن شين سان هوندي آهي جيڪي انهن کي پسند آهن.ان ڪري دنيا ۾ ماڻهن کي متاثر ڪرڻ ۽ انهن تي اثر انداز ٿيڻ جو هڪڙو ئي طريقو آهي ته اسان ٻين جي انهن شين ۾ دلچسپي وٺون جيڪي انهن کي پسند آهن يا اهو ڌيان رکون ته اهي ڇا ٿا چاهين؟ياد رکڻ گھرجي ته اسان جڏهن ٻين کي ڪنهن ڪم ڪرڻ لاء آماده ڪرڻ گھرندا هجون،مثال؛ اسان چاهيون ٿا ته اسان جا ٻار سگريٽ نه ڇڪين ته انهن کي سگريٽ نوشيء کان منع ڪرڻ ۽ انهن کي اهو چوڻ ته سندن سگريٽ ڇڪڻ اوهان کي بلڪل پسند ڪونهي،ان طريقي سان کين سگريٽ ڇڪڻ کان روڪي نٿو سگھجي.ٿي سگھي ٿو ته اهي اوهان جي سامهون سگريٽ نه ڇڪين پر اوهان جي غيرموجودگيء ۾ اهي اهو ڪم ضرور ڪندا.انهيء جي بدران انهن کي جيڪر سندن ڪنهن دلچسپيء مطابق ايئن ٻڌايو وڃي ته جيڪر اهي سگريٽ پيئندا ته راند روند جي ميدان ۾ جلد ٿڪي پوندا ۽ ٻين سان مقابلو ڪرڻ وقت پوئتي رهجي ويندا ۽ انهيء سان گڏ سندن صحت به جلد ئي خراب ٿي ويندي،ان ڪري کين جيڪر مقابلي ۾ هر حالت ۾ کٽڻو آهي ته پوء سگريٽ نه پيئڻ گھرجي.اسان مان ڪنهن کي اهو تجربو ته ضرور ٿيو هوندو ته ڳئون جي گابي کي جيڪر رسيء مان جھلي اڳتي ڇڪبو آهي ته اهو ردعمل جي طور تي پورو زور پنهنجو پاڻ کي پوئتي ڌڪڻ ۾ لڳائيندو آهي ۽ سخت مزاحمت جو مظاهرو ڪرڻ لڳندو آهي.انهيء جو سبب اهو جو اسان اهو نٿا سوچيون ته گابو ڇاٿو چاهي؟اهو پنهنجي مقرر جڳهه ڇڏڻ نٿو چاهي.هاڻي انهيء گابي کي آماده ڪرڻ لاء سندس پسند يا دلچسپيء جو ڪو بندوبست ڪرڻو پوندو.ڪو سياڻو ماڻهو گابي جي وات ۾ پنهنجي آڱر ڏئي ٿو جنهن کي ڌائيندي ساڳيو گابو سندس پٺيان بنان ڪنهن زور زبردستيء جي ڊوڙڻ لڳي ٿو.اسان جڏهن کان ڄاوا آهيون تنهن ڏينهن کان اڄ تائين اسان جو هر عمل رڳو ان خواهش جو تابع رهندو ٿو اچي ته اسان کي ڇا پسند آهي ۽ اسان ڇا ٿا چاهيون؟
“هيري” پنهنجي يادگار ڪتاب “ انساني ورتاء ۽ روين تي اثر انداز ٿيڻ” ۾ لکي ٿو ته “ اسان جو هر عمل اسان جي بنيادي خواهش مان ڦٽي ٿو ۽ ماڻهن جو تعلق ڀلي زندگيء جي ڪهڙي به شعبي سان ڇونه هجي انهن کي اها صلاح ڏيئي سگھجي ٿي ته ڪنهن ڪم جي لاء ٻئي شخص ۾ پهريائن سرگرم خواهش پيدا ڪجي.جيڪو ايئن ڪري سگھي ٿو سو سموري دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگھي ٿو ۽ اهو ڪڏهن به اڪيلو نٿو رهجي وڃي.”
جيڪڏهن اسان ٻين تي اثرانداز ٿيڻ گھرون ٿا ته اسان کي اهو ڌيان ۾ رکڻو پوندو ته ٻيا ڇا ٿا چاهين؟ اهو نه ته اسان ڇا ٿا چاهيون؟انساني لاڳاپن کي بهترين بنيادن تي استوار ڪرڻ جا ٻه بهترين طريقا هر وقت ذهن ۾ رکڻ جي ضرورت آهي.هنري فورڊ جي چوڻ مطابق؛ “ جيڪر ڪاميابيء جو صرف هڪڙو ئي راز آهي ته اهو راز هي آهي ته سدائين ٻئي شخص جي نڪته نظر سان سوچجي ۽ انهيء سان گڏ پنهنجو نڪته نظر به ذهن ۾ ضرور رکڻ گھرجي ۽ پوء ڏسجي ته انهن ٻنهي نڪته نظر ۾ ڪٿي ڪٿي سمجھوتو يا ٺاهه ٿي سگھي ٿو.” اها تمام سادي ڳالهه آهي ۽ انهيء تي هرڪو آسانيء سان عمل ڪري ڪاميابي حاصل ڪري سگھي ٿو پر اسان مان نوي سيڪڙو ماڻهو نوي سيڪڙو زندگيء جي روزمرهه معاملن ۾ ان بنيادي اصول کي نظر انداز ڪري ويهن ٿا.هن دور ۾ هزارين سيلز مين مختلف هنڌن تي پنهنجي قسمت آزمائي ڪندي پنهنجي ڪاميابين جو رستو تلاش ڪندي نظر اچن ٿا.پر انهن مان اڪثر ناڪامين ۽ نااميدين جو شڪار بڻجي همت هاري ويهن ٿا ۽ سندن سيل ۾ کين ڪا خاص ڪاميابي نصيب نٿي ٿئي.انهيء جو سبب ڪهڙو آهي؟ اهو ان ڪري جو اهي  خريدارن جي دلچسپي ۽ فائدي بدران رڳو پنهنجي خواهش مطابق سوچين ٿا.اهي ان فن کان بلڪل اڻ واقف هوندا آهن ته خريدارن ۾ ڪنهن شيء جي خريد ڪرڻ جي خواهش ۽ آمادگي ڪهڙي طريقي سان پيدا ڪري سگھجي ٿي.توهان جي ڪمپني دنيا جي ڪا مشهور ترين ڪمپني ضرور هجي يا توهان جيڪو سامان کپائڻ گھرو ٿا اهو مارڪيٽ ۾ موجود هر سامان کان مٿانهون ڇو نه هجي پر خريدار جي توهان جي ڪمپني يا سامان سان ڪهڙي دلچسپي؟ هن کي ته سندس پنهنجي پسند ۽ چاهت سان دلچسپي آهي.جيڪر  ڪو سيلز مين پنهنجي سامان جي فائدن بدران خريدار کي خريداري ء جي صورت ۾ حاصل ٿيندڙ سندس فائدن تي ڳالهه ڪري ته هن کي اهو سامان وڪڻڻ ۾ گھڻي آساني پيدا ٿي پوي ٿي.
دنيا اهڙن ماڻهن سان ڀري پيئي آهي پر انهن ۾ رڳو چند ماڻهو ئي هوندا آهن جيڪي وڏي سڇائيء سان پنهنجي فائدي سان گڏوگڏ ٻين جو فائدو به سوچيندا آهن.آمريڪا جي هڪ نامور وڪيل ۽ ڪامياب بزنيس مين “اوون ڊي ينگ” جو چوڻ آهي ته “ اهڙن ماڻهن کي تمام گھٽ ڏکائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو جيڪي هر معاملي ۾ پنهنجو پاڻ کي ٻين جي جڳهه تي رکي انهن جي نڪته نظر کان سوچيندا آهن ۽ جيڪي ماڻهن جي ذهنن کي سمجھي انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪندا آهن.”
ٻين جي نڪته نطر کي سمجھي انهن ۾ تجسس پيدا ڪرڻ جو هروڀرو اهو مقصد نه هئڻ گھرجي ته انهن مان ڪنهن به طرح رڳو پنهنجو فائدو ئي حاصل ڪيو وڃي پر پنهن جي فائدي سان گڏ ٻين جي فائدي کي به اوليت ڏني وڃي.“وليم ونٽر” هڪ دفعي چيو هو ته “پنهنجن احساسن جو اظهار ڪرڻ انساني فطرت جي نهايت ئي بنيادي ضرورت آهي.“ اسان انهيء نفسياتي اصول کي پنهنجي روزمرهه جي زندگيء ۾ استعمال ڇو نٿا ڪيون؟جڏهن اسان جي ذهن ۾ ڪو شاندار خيال هوندو آهي ته اسان اهو هروڀرو زبردستيء ٻين ٿي ٿاڦڻ بدران ٻين کي اهو سڏ ڇو نٿا ڏيون ته انهن جي ذهن ۾ جيڪي شاندار خيال آهن اهي کڻي اچن ته جيئن انهن تي به سوچ ويچار ڪري سگھجي.ان طرح سان انهن کي نه رڳو سندن اهميت جو احساس ٿيندو،سندن حوصلا افزائي ۽ عزت افزائي ٿيندي پر ان سان گڏوگڏ اسان کي به ڪجهه نوان قيمتي خيال مفت ۾ ملي ويندا.ان ڪري ياد رکڻ جي ڳالهه اها ته ٻين تي پنهنجا فيصلا ٿاڦڻ بدران پهريائين منجھن تجسس ۽ شوق پيدا ڪجي. جيڪو ايئن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو اهو پوري دنيا کي پاڻ سان گڏ کڻي هلي سگھي ٿو ۽ جنهن ۾ اها صلاحيت موجود ناهي اهو سدائين دنيا ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو!

Saturday, August 25, 2018

ٻين کان ڪهڙيء طرح ڪم وٺي سگھجي ٿو؟


شفيق الرحمان شاڪر
دنيا ۾ ڪنهن کان ڪم وٺڻ جو ڪهڙو طريقو آهي؟ هڪڙو ئي طريقو سو اهو ته ٻين کي ڪم ڪرڻ لاء ذهني طور تي آماده ۽ راضي ڪيو وڃي بجاء ان جي جو انهن کي ڪنهن ڪم ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي.انهيء ۾ شڪ ناهي ته ڪنهن جي ڪنوٽيء تي پستول رکي وٽانئس سندس موبائيل فون يا گھڙي ته کسي سگھجي ٿي،پنهنجن ماتحتن ۽ ملازمن کي نوڪريء مان ڪڍڻ جي ڌمڪي ڏيئي وقتي طور تي سندن تعاون حاصل ڪري سگھجي ٿو،ڪنهن ٻار کي جٺ ڦٺ ڪري ۽ دڙڪا ڏيئي پنهنجي مرضيء جو ڪم وٺي سگھجي ٿو پر ان قسم جا اڻ وڻندڙ طريقا نهايت ئي ناڪاري نتيجا ڏين ٿا جن جا منفي اثر گھڻي عرصي تائين جاري رهن ٿا.ان ڪري ڪنهن کان ڪم وٺڻ جو موثر ۽ بهترين طريقو اهو آهي ته ان ماڻهوء ۾ ڪم ڪرڻ لاء ذهني آمادگي پيدا ڪجي.هاڻي سوال اهو آهي ته ڪنهن ماڻهوء ۾ ڪم جي لاء ذهني آمادگي ڪيئن پيدا ڪئي وڃي؟ مشهور ماهر نفسيات              “ سگمڊ فرائيڊ” جي ڇوڻ مطابق “ اسان کي ڪم ڪرڻ لاء گھڻو ڪري ٻه ڳالهيون متحرڪ ڪنديون آهن؛هڪ ته جنسي جذبو ۽ ٻي عظيم بنجڻ جي خواهش.” ڊاڪٽر ڊيويء جي چوڻ مطابق؛           ڪنهن انسان اندر سڀ کان وڏي خواهش پنهنجو پاڻ کي نمايان ۽ مشهور ڪرڻ جي خواهش هوندي آهي.” وليم جيمز جي خيال مطابق؛ “ انساني فطرت ۾ ان ڳالهه جي وڏي اهميت هوندي آهي ته ان جي اصولن ۽ ڪمن جي ماڻهو دل کولي ساراهه ڪن.”
انسان ۽ جانور جي وچ ۾ اهم ۽ مشهور بنجڻ جي خواهش  ۽ احساس جو ئي بنيادي فرق آهي.انهيء احساس جي موجودگيء جي نتيجي ۾ ئي انساني تهذيب ارتقا جون مختلف منزلون طيء ڪري ترقيء جي آسمان تي پهتي آهي.اهم بنجڻ جي خواهش ئي هڪ معمولي غريب ڪلارڪ کي جيڪو هڪڙي دوڪان تي نوڪري ڪندو هو تنهن کي قانون جا ڪجهه ڪتاب خريد ڪرڻ تي مجبور ڪيو جيڪو اڳتي هلي آمريڪا جو صدر بڻيو جنهن کي تاريخ ابراهم لنڪن جي نالي سان ياد ڪري ٿي.پاڻ کي نمايان ڪرڻ جي خواهش ئي هئي جنهن ڊڪنز کي سندس لازوال ناول لکڻ تي همتايو.انهيء ئي خواهش سر ڪرسٽوفر کي پٿر مان هڪ سازينو ايجاد ڪرڻ تي اڀاريو.انهيء ئي خواهش جي پورائي لاء راڪ فيلر ڪروڙين روپيا ڪٺا ڪيا پر پوري زندگي انهن مان ٽڪو به خرچ نه ڪيو.اها ئي خواهش امير ماڻهن کي پنهنجي گھرج کان وڌيڪ وڏا گھر خريد ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي.اها ئي خواهش اسان کي نت نوان لباس پهرڻ،قيمتي جوتا پهرڻ،وڏين وڏين گاڏين ۾ گھمڻ ۽ سماجي محفلن ۾ شريڪ ثيڻ تي مجبور ڪري ٿي.اها ئي خواهش ڪيترن ئي نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي ڏوهاري سرگرمين طرف ڇڪي وڃي ٿي ته جيئن وڏن نامي گرامي ڏوهارين جيان سندن تصويرون به اخبارن جي مکي صفحن تي ڇپجن ۽ سندن ذڪر ٽي وي توڙي ماڻهن جي محفلن ۾ ٿي سگھي.انهيء خواهش جي تڪميل ۾ ئي ئي ماڻهو وڏا وڏا خيراتي ادارا قائم ڪري پنهنجن نالن سان منسوب ڪندا آهن.تاريخ ۾ اهڙا بيشمار مثال موجود آهن جن مان معلوم ٿئي ٿو ته ماڻهو پنهنجي مشهوري ۽ شهرت لاء ۽ پنهنجي اهميت جتائن لاء ڇا ڇا جتن ڪندا رهيا آهن.مثال جارج واشنگٽن جي اها خواهش هوندي هئي ته کيس “ هز مائيٽي” چئي سڏيو وڃي جڏهن ته ڪولمبس پنهنجي لاء “امير البحر ۽ وائسراء آف انڊيا” جا لقب پسند ڪندو هو.
ان ڳالهه تي حيرت نه هئڻ گھرجي جو ڪجهه ماڻهو پنهنجي اهميت جتائڻ ۽ ماڻهن جو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائڻ لاء ذهني مريض بڻجي وڃن ٿا.جيڪر چرين جي اسپتالن جو دورو ڪري اتي موجود ذهني مريضن سان ملاقات جو شرف حاصل ڪجي ته اتي موجود مريضن جي اڪثريت پنهنجو پاڻ کي ڪنهن ملڪ جو صدر،وزيراعظم،ڪو مشهور فلمي اداڪار يا ڪو مشهور ڌاڙيل وغيره سڏائيندي نظر ايندي.هن وقت آمريڪا ۾ ٻين سمورن مريضن جي ڀيٽ ۾ ٻيڻ تي رڳو ذهني مريض آهن.هڪ ترقي يافتا ملڪ ۾ ايڏي وڏي پيماني تي پکڙجندڙ ذهني مرضن جا سبب ڪهڙا آهن؟انهيء سوال جو ڪو مطئمن ڪندڙ جواب توڙي اڃا نه اچي سگھيو آهي پر حقيقت اها آهي ته ڪيتريون ئي ذهني حالتون جهڙوڪ نروس بريڪ ڊائون ۽ دماغي سيلن جو ڪمزور ٿيڻ وغيره اهڙين ذهني بيمارين جو سبب ضرور بڻجن ٿيون.اهي ماڻهو انهن ذهني حالتن جو شڪار آخر ڇو ٿا ٿين؟ ڊاڪٽر ان باري ۾ ڪا حتمي راء ته قائم نه ڪري سگھيا آهن پر اهي ان ڳالهه تي متفق آهن ته انهن مان گھڻا رڳو ان ڪري ذهني مريض بڻجن ٿا ته جيئن اهي پنهنجي اهميت جو احساس ڏياري سگھن جيڪا اهميت انهن کي حقيقتن جي دنيا ۾ نه ملي سگھي.ان سموري بحث جو تت اهو ته هر انسان  ۾فطري طور تي پنهنجو پاڻ کي نمايان ڪرڻ ۽ پنهنجي اهميت جتائڻ جي خواهش وڏي پيماني تي موجود رهي ٿي ۽ جيڪر انهن جي محنت کي نمايان ڪرڻ ۽ کين اهميت ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ته هنن کان آسانيء سان پنهنجي مرضيء موجب ڪم وٺي سگھجي ٿو.جڏهن اسان ڪنهن ماڻهوء جي ڪم ۽ سوچن جي جائز تعريف ڪندا آهيون ته هن جي اندر موجود ان خواهش کي تسڪين ملندي آهي ۽ هو محسوس ڪرڻ لڳندو آهي ته کيس اهميت ڏني پيئي وڃي،انهيء سان منجهن ڪم ڪرڻ جو جذبو ۽ آمادگي وڌي وڃي ٿي.پر اسان مان گھڻا ماڻهن جي مناسب حوصلا افزائي ۽ تعريف ڪرڻ بدران هر وقت انهن تي اجائي تنقيد ۽ نڪته چيني ڪندا رهندا آهن.ڪنهن کي برو ڀلو چوڻ سان منجھس ڪم ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪري نٿو سگھجي بلڪه اهڙي رويي سان ڪم ڪندڙ جي ڪارڪردگيء تي الٽو ناڪاري اثر پوي ٿو.پر اسان سڀ ڇا ڪندا آهيون؟ اسان کي جيڪر پنهنجي ماتحت،ملازم يا ٻارن جو ڪو ڪم پسند نه ايندو آهي ته انهن جي سهڻي نموني رهنمائي ڪرڻ بدران کين سخت ڇنڊ پٽي ويهندا آهيون.ڪنهن پوڙهي جي چوڻ موجب جڏهن مون سوين سٺا ڪم ڪيا ته ڪنهن هڪڙي شخص به مون کي ان تي شاباس نه ڏني پر جڏهن مون هڪڙو غلط ڪم ڪيو ته سوين ماڻهن نڪته چينيء سان منهنجو حشر نشر ڪري ڇڏيو.
ايڊورڊ ڪارنيگيء جي عادت هئي جو هو نه رڳو ماڻهن جي منهن تي پر انهن جي پرپٺ به سندن تعريف ڪندو هو ۽ شايد اهو ئي سندس ڪاميابيء جو اصل راز هو.اسان پنهنجن ٻارن ۽ ڪٽنب وارن جي جسماني نشو نما ۽ واڌ ويجھه جو ته گھڻو خيال رکندا آهيون پر ڇا اسان ڪڏهن سندن جائز تعريف ڪري سندن ذهني نشو نما جوبه بندوبست  ڪيون ٿا؟ ٻارن جي جيڪر ننڍي هوندي کان ئي جائز تعريف ۽ حوصلا افزائي ڪئي وڃي ته وڏي هوندي نه رڳو انهن ۾ عظيم خود اعتمادي پيدا ٿئي ٿي  پر سندن دلين ۾ اسان لاء عزت ۽ احترام جو جذبو به هميشه قائم رهي ٿو.جن گھرن،اسڪولن ۽ ٻين ادارن ۾ ٻارن کي ڳالهه ڳالهه تي ٽوڪيو ۽ ڇينڀيو  وڃي ٿو  اهڙا ٻار احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي وڏي هوندي قانون شڪني ۽ بعاوت جو رستو اختيار ڪن ٿا.پر اها ڳالهه ياد رکڻ گھرجي ته تعريف ۽ چاپلوسيء ۾ زمين ۽ آسمان جو فرق آهي.چاپلوسي هڪ بناوتي ۽ منافقت ڀريو رويو آهي جيڪو ڪنهن ڪوڙي سڪي جيان نيٺ دوکو ڏيئي ويهي ٿو.چاپلوسي ۽ جائز تعريف ۾ بنيادي فرق اهو آهي جو تعريف ڪندڙ ڪنهنجي تعريف دل سان ڪندو آهي ۽ اها تعريف ڪرڻ ۾ هو سچو ۽ مخلص هوندو آهي ۽ سندس لفظن ۾ سندس دل جا سچا جذبا شامل هوندا آهن  جڏهن ته چاپلوس ٺڳ ۽ منافق هوندو آهي جيڪو پنهنجي لفظن ۾ ڪوڙ ملائي ڪو مقصد حاصل ڪرڻ گھرندو آهي.هو اصل ۾ پنهنجي ان فن ذريعي ٻين کي دوکو ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.سندس لفظن جو سندس دل ۽ جذبن سان ڪو تعلق نه هوندو آهي.چاپلوس کي لفظ ڳولهڻا پون ٿا جڏهن ته جائز تعريف ڪندڙ کي لفظن جي محتاجي ڪڍڻي ڪانه ٿي پوي بلڪه اهي لفظ ته سندس دل ۾ هر وقت موجود هوندا آهن  ۽ جذبن جي صورت ۾ سندس زبان مان بي اختيار ادا ٿيندا آهن.
حاصل مطلب اهو ته ٻين کان ڪم وٺڻ جو بهترين ۽ موثر طريقو هڪڙو ئي آهي سو اهو ته ماڻهن کي عزت ۽ اهميت ڏجي،سندن ڪم ۽ صلاحتين جي دل کولي جائز تعريف ڪجي،کين ڪم جو حڪم ڏيڻ بدران منجھن ڪم ڪرڻ جو ارادو پيدا ڪجي  ۽ سندن ڪارڪردگيء تي کين شاباس ڏيئي کين وڌيڪ ڪم ڪرڻ لاء همتائجي.

Thursday, June 14, 2018

شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير جا بنياد.


شفيق الرحمان شاڪر
شخصيت ڪنهن فرد جي ذهني،جسماني،شخصي ورتاء،روين،وصفن ۽ ڪردار جي ميڙ جو نالو آهي، ايئن چئجي ته انسان جون ظاهري توڙي باطني صفتون،نظريا،اخلاقي قدر،ڪم،احساس ۽ جذبا گڏجي ڪري انسان جي شخصيت جو خاڪو جوڙين ٿا.ظاهري سونهن سوڀيا وقتي طور تي ته ڪنهنجو ڌيان پنهنجي طرف ڇڪائي سگھي ٿي پر ڪردار جو دائمي حسن ئي انسان کي امر بڻائيندو آهي ۽ ڪردار جي اهڙي تعمير ۾ سوچ ۽ نظرين جو بنيادي رول هوندو آهي.قرآن ڪريم انساني پيدائش ۽ موت جو مقصد ئي ڪردار جي آزمائش ٻڌايو آهي.جيئن صورت الملڪ ۾ فرمايو ويو ته    “ جنهن موت ۽ حياتيء کي خلقيو ته جيئن اوهان کي آزمائي ته اوهان مان ڪير بهتر عمل ڪرڻ وارو آهي.”
اڄ جيڪر اسان ناڪامين جو شڪار آهيون ته ان جو بنيادي سبب ئي اهو آهي جو اسان پنهن جون ترجيحون صحيح مقرر نه ڪري سگھيا آهيون.اسان کي اهو طيء ڪرڻو پوندو ته اسان جي سڀ کان وڏي دولت ڪهڙي آهي؟ پڪ سان اسان جي قيمتي دولت ۽ عظيم سرمايو ڌن،دولت،سون ۽ چاندي نه پر اسان جو اولاد آهي جن جي رونق سبب اسان جا اڱڻ جنت جهڙا نظر اچن ٿا.انهيء عظيم دولت جو زيان ۽ بگاڙ ئي اسان لاء پڌرو ڇيهو آهي.جيڪڏهن اسان سچ پچ زوال کي روڪڻ ۽ ان کي ڪمال ۾ بدلائڻ گھرون ٿا ته پوء ماڻهن جي شخصيت سازي خاص طور تي ٻارن جي اخلاقي،سماجي ۽ روحاني تربيت ڏانهن ڌيان ڏيڻو پوندو ته جيئن سماج امن ۽ سڪون جو مرڪز بڻجي سگھي.سماج ڇا آهي؟ انسانن تي ٻڌل هڪ عمارت آهي.جهڙيون سرون هونديون عمارت به اهڙي ئي جڙندي.اسان جو حال ئي اسان جو آئيندو آهي.سو حال کي بدلائڻ سواء مستقبل جي سڌاري جي اميد ٻٻرن کان ٻير گھرڻ جهڙي آهي.نئين نسل کي ڊاڪٽر،انجنيئر،واپاري،سياستدان يا ٻيو ڪجهه ٺاهڻ کان پهرين هن کي هڪ خوش اخلاق،باوقار،ذميدار ۽ سٺو انسان بنائڻو پوندو جنهن لاء ڪردار جي تعمير ضروري آهي. سٺين وصفن ۽ وڻندڙ اخلاق وارا انسان انسانيت جا سفير هوندا آهن.انهيء ڪري شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير لاء گھربل بنيادي جزن جي سڃاڻپ ۽ ڳولا ضروري آهي.ٻار جنهن ماحول ۾ پرورش پائين ٿا ان جو رنگ انهن جي شخصيت تي ڇانئيل رهي ٿو.اهو قائدو رڳو ٻارن تائين ئي محدود ناهي پر وڏن تي به ماحول جو اثر پوي ٿو.حضرت ابوهريره رضه کان روايت آهي ته نبي ڪريم صلي عليه وسلم جن فرمايو ته
 “ هر ٻار فطرت تي پيدا ٿئي ٿو،ان جا والدين کيس يهودي يا نصراني بڻائين ٿا.“
انهيء حديث سان مطابقت رکندي انگريز فلسفي “جوهن لاڪ” پنهنجي تعليم واري نظريي ۾ ٻارن جي ذهن کي هڪ صاف سليٽ سان ڀيٽي ٿو ۽ انهيء ئي سوچ کي “ڊاڪٽر فل“ هيئن ورجائي ٿو ته  “ ٻار هڪڙي صاف سليٽ آهي جنهن تي والدين روزانو ڪجهه نه ڪجهه لکندا رهن ٿا.”
ٻار سان ويجھڙائي رکندڙ هر شخص ۽ ماحول انهيء تي پنهنجا ليڪا وجھي ٿو ۽ انهن ئي تجربن ۽ ماحول جي اثر هيٺ ٻار جي شخصيت وجود ۾ اچي ٿي.ٻار ننڍپڻ کان ئي احساس،قدر ۽ رويا سکن ٿا جن جو اهي عملي زندگيء ۾ مظاهرو ڪن ٿا.حقيقت ۾ ماڻهو پنهنجن انهن ئي روين ۽ نظرين جي نمائندگي ڪري ٿو جن کي هو ڄاڻي واڻي يا اڻ ڄاڻائيء ۾ اختيار ڪري چڪو هوندو آهي.لاشعوري طور تي سوچون ۽ رويا يقين ۾ بدلبا رهندا آهن.ٻارن کي پاڪيزه ماحول،صحيح سوچ جو انداز ۽ مثبت طرز معاشرت مهيا ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن خيالن جي خباثت ۽ اڻ وڻندڙ وصفن کان سندن ڪوري ذهن کي محفوظ رکي سگھجي ۽ کين فطرت جي اصولن سان سهمت ڪري سگھجي.تعليم جي فراهميء ۾ اڄ جو سماج گھڻو چست آهي پر پاڪيزه ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اهو بريء طرح ناڪام ويو آهي جنهن ڪري معاشري ۾ بدامني،بي چيني ۽ ناانصافين جي ڪثرت نظر اچي ٿي.
شخصيت جي تعمير ۾ انسان جي پنهنجي ذاتي سوچ ۽ فڪر جو وڏو عمل دخل هوندو آهي.“وليم جيمز“ جي لفظن ۾ “ اوهين پنهنجي باري ۾ جيڪا تصوير جوڙيو ٿا اها تصوير جيڪر ڊگھي عرصي تائين اوهان جي ذهن ۾ رهي ته اوهين به اهڙا ئي بڻجي ويندا جهڙو توهان سوچيو ٿا.”                            منفي سوچ ۽ ناڪاري خيالن جي اثر هيٺ هڪ متوازن ۽ وڻندڙ شخصيت جي تعمير ممڪن ناهي. منفي سوچون ۽ خيال اهڙا وائرس ٿين ٿا جن سبب ذهن۽ دل مائوف ۽ نااميد بڻجي وڃن ٿا. جڏهن ڪنهن ڪمپيوٽر پروگرام ۾ وائرس اچي وڃي ته “فارميٽنگ” ذريعي ان جي ڪارڪردگيء کي بحال ڪيو ويندو آهي.اهڙيء طرح انسان کي به پنهنجي ذهن جي فارميٽنگ ڪرڻ ضروري آهي.
سوچن جي تبديلي به انساني شخصيت جي ترقيء ۽ سونهن ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿي. “ برائن ٽرائسي” پنهنجي ڪتاب “ جهڙا خيال تهڙي زندگي” ۾ هڪ واقعو بيان ڪرڻ بعد لکي ٿو ته            “ جيڪراسان زندگيء جي مختلف شعبن م پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بنائڻ گھرون ٿا ته پوء اسان کي سڀ کان پهرين پنهنجي منفي سوچ کان جان ڇڏائڻي پوندي جو منفي سوچ اسان جي ذات کي محدود ڪري ڇڏي ٿي” 
خوداعتمادي پيدا ڪرڻ لاء مثبت خيالن ۽ ماڻهن سان رابطو پيدا ڪرڻ ضروري آهي،ڪنهن به شخص کي جڏهن لاڳيتو طنز ۽ تنقيد جو نشانو بنايو وڃي ٿو ته اهو احساس ڪمتريء جو شڪار ٿي وڃي ٿو.والدين ٻارن کي اجائي تنقيد ذريعي سندن شخصيت برباد ڪيو ڇڏين.ننڍپڻ ۾ مناسب محبت ۽ شفقت نه ملڻ جي نتيجي ۾ بلوغت ۽ جوانيء ۾ پهچندي ٻار مختلف سماجي ۽ نفسياتي مسئلن ۽ مونجھارن جو شڪار ٿي وڃن ٿا.مکڙين کي جهڙيء طرح گل بڻجڻ لاء ماڪ جي ضرورت هوندي آهي،ساڳيء طرح ٻارن ۾ سندن ذات جي قدر ۽ قيمت جو احساس پيدا ڪرڻ لاء محبت ۽ شفقت جي سخت ضرورت هوندي آهي.نا اهل ۾ نااهل شخص به محبت ۽ شفقت سبب بهترين ڪارڪردگي پيش ڪرڻ لائق بڻجي وڃي ٿو.انسان کي ناڪامي،تنقيد ۽ رد ٿيڻ جو خوف هميشه پريشان ڪندو رهندو آهي.منفي سوچ اهڙو مٺو زهر آهي جيڪو ذهني ۽ جسماني صحت تي اثرانداز ٿي فطري صلاحيتن کي برباد ڪري ڇڏي ٿو ۽ انسان جي سراسري ڪارڪردگي گھڻو      متاثر ٿئي ٿي.انهيء ڪري منفي سوچ کي وڌائڻ وارن،عزت نفس کي ٺيس پهچائڻ وارن،اوهان جي تحقير ۽ تذليل ڪرڻ وارن ماڻهن توڙي خيالن کان اوهان کي پري رهڻ گھرجي.انسان جي سوچ جيتري مثبت هوندي اوتروئي زندگي وڻندڙ ۽ خوشگوار گذرندي.مثبت سوچ انسان کي طاقت ۽ توانائي مهيا ڪري ٿي ۽ انسان ۾ اعتماد پيدا ڪري ٿي.انساني شخصيت،صحت،جرئت ۽ تخليقي صلاحتين جي نشو نما ۾ مثبت سوچ جو بنيادي ڪردار آهي ۽ اها ذهني صلاحتين جي اوسر ڪري ٿي ۽ ڪارڪردگيء کي بلندي عطا ڪري ٿي.انساني دماغ هڪ ئي وقت رڳو هڪڙي ئي خيال تي ڌيان ڄمائڻ جي لائق هوندو آهي توڙي جو اهو مثبت خيال هجي يا منفي.پر ياد رکڻ گھرجي ته پنهنجي سوچ جي انداز کي بدلائڻ انسان جي پنهنجي وس ۾ آهي.هو منفي خيالن کي مثبت سوچن ۾ بدلائي پنهنجي زندگي خوشگوار بنائي سگھي ٿو.
انساني شخصيت تخليق ۽ تعمير جي لحاظ کان ٻن پاسن تي ٻڌل آهي.تخليق جي لحاظ کان انسان کي ڪائنات جي سموري مخلوق تي برتري ۽ فضيلت حاصل آهي پر پاڻ جهڙن ٻين انسان تي برتري حاصل ڪرڻ لاء انسان کي پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي تعمير ڪرڻي پوي ٿي.جيئن ته هن دنيا کي دارالعمل يعني عمل جي جڳهه قرار ڏنو ويو آهي ان ڪري سٺن عملن ذريعي ئي انساني شخصيت جي تڪميل ٿئي ٿي۽ برا عمل ان ۾ ڦيٽاڙو پيدا ڪن ٿا.مذهب،تصوف توڙي صدين کان رائج مڃيل انساني ريتن ۽ قدرن جي روشنيء ۾ انساني شخصيت جي تعمير جا ڪجهه ضروري ۽ اڻ ٽر بنياد ٿين ٿا جن جي روشنيء ۾ ئي انسان پنهنجي شخصيت ۽ ڪردار جي مناسب نموني تعمير ڪري سگھي ٿو. جنهن جو پهريون بنياد “ ايمان،اعتقاد يا يقين” آهي.اهو اهڙو جذبو ۽ طاقت آهي جيڪا انسان کي هر قسم جي وهم،گمان،خوف،پريشاني ۽ غيريقيني واري صورتحال مان ٻاهر ڪڍي منجهس همت،جرئت،حوصلو ۽ ثابت قدميء جهڙيون اعليٰ صفتون پيدا ڪري ٿو.ايمان رڳو زباني دعوائن جو نالو ناهي پر اهو انسان جي وجود جي نس نس ۽ دل جي اندر گھر ڪري ٿو.انسان کي ٻين سان ظلم ڪرڻ،ٻين جا حق غصب ڪرڻ.برائيء کان بچڻ ۽ بنان ڪنهن لالچ جي نيڪي ڪرڻ واريون خوبيون ايمان ۽ يقين جي دولت سواء پيدا ٿي نٿيون سگھن.شخصيت جي تعمير جي لاء ٻيو اهم بنياد “علم” آهي.ذات جي تعمير ۾ علم جي بنيادي حيثيت آهي.علم سواء انسان ڀلي ۽ بري ۾ فرق ڪيئن ٿو ڪري سگھي ۽ صحيح ۽ غلط ۾ سنڌو ڪيئن ٿو ڪڍي سگھي؟جيئن پاڪ ڪلام ۾ فرمايو ويو ته “اي رسول! انهن کي چئو ته علم وارو ۽ جاهل، بئي برابر ڪيئن ٿا ٿي سگھن؟”  ۽ علم ۾ سڀ کان اتم علم پنهنجي ذات جي سڃاڻپ آهي جنهن کي“ نفس جو عرفان” چيو وڃي ٿو. شخصيت سازيء ۾ ٽيون مکيه ڪردار“ غور ۽ فڪر” جو آهي.ڪائنات ۽ ڪائنات جي مختلف شين تي غور فڪر ڪرڻ سان انساني شخصيت کي گھرائيء ۽ حڪمت (دانائي) جي دولت هٿ اچي ٿي.ذهن ۽ دماغ جا بند پردا کلڻ لڳن ٿا ۽ انسان سطحي سوچن جي ڄار مان آزاد ٿي وڃي ٿو. هن جي نظر شين جي ظاهر سان گڏوگڏ باطن تي به پوڻ لڳي ٿي.انهيء کان پوء شخصيت جي تعمير ۾ “نيت ۽ ارادي” جو عمل دخل اچي ٿو.انهيء ڪري حديث شريف مطابق سمورن عملن جو دارومدار ئي نيت کي قرار ڏنو ويو.ايئن سمجھو ته نيت ٻج آهي ۽ ان مان عمل جو سلو اهڙو ئي ڦٽندو جهڙي نيت رکي ويئي هوندي.ان کان پوء “عمل ”جو وارو اچي ٿو يعني رڳو يقين ۽ خواهشن ذريعي ڪو مقصد حاصل ڪري نٿو سگھجي ان لاء سخت محنت ڪرڻي پوي ٿي جو دنيا دارالعمل آهي.جيئن ڪلام پاڪ ۾ فرمايو ويو ته “انسان کي اهو ئي ملي ٿو جنهنجي هو ڪوشش ڪري ٿو.”
آخري بنياد“ عمل جو نتيجو يا ردعمل ” آهي جيڪو حقيقت ۾ سڀني کان اهم آهي .ڪاميابيء جي صورت ۾ انسان   غرور ۽ تڪبر جڏهن ته ناڪاميء جي صورت ۾ نااميدي ۽ مايوسيء  جو شڪار ٿي سگھي ٿو.اهي ٻئي ڪيفيتون انساني شخصيت لاء نهايت ئي نقصانڪار آهن.انهن ٻنهي حالتن ۾ ڪيئن توازن برقرار رکڻو آهي،اهو فن ڄاڻڻ ئي انساني شخصيت جو ڪمال آهي.
(روزاني عوامي آواز 12 جون 2018ع



Tuesday, June 12, 2018

ڏينهن ۽ رات جا راز ۽ رمزون.


شفيق الرحمان شاڪر
روح جو جسم سان اهو ئي تعلق آهي جيڪو رات جو ڏينهن سان.رات ۽ ڏينهن جو هڪ ٻئي ۾ بدلجڻ تبديليء جي نشاني آهي پر سڪون جي ڳولا ڪندڙ لاء ان ۾ سڪون ڪونهي.شاعريء جي دنيا ۾ جيڪر تبديليء کي سڪون ملي به وڃي ته به انسان کي تبديليء ۾ سڪون نٿو ملي.رات چنڊ سان ڳنڍيل جڏهن ته ڏينهن سج جي اڀرڻ جو اعلان آهي.ڏينهن گذر سفر جي مشقتن ۽ محنتن جو داستان آهي ۽ رات روح جي سوز۽ساز سان ڀريل مست نغمو.ڏينهن جسم آهي ۽ رات روح!ڏينهن عقل جي استعمال سان حرڪت ۾ اچڻ جي توانائي حاصل ڪري ٿو ۽ رات روح جي حرڪت سان آرام پائي ٿي.ڏينهن جون مشغوليون رات ۾ ۽ رات جون مشعوليون ڏينهن جو اختيار ڪيون وڃن ته زندگي غير متوازن بڻجي وڃي ٿي.جيڪو ذرو جنهن مقرر جڳهه تي موجود آهي سو سج آهي.قرآن ڪريم جي ازلي اصول مطابق؛ “ نه سج جي اها مجال جو چنڊ کي پڪڙي سگھي ۽ نه ئي چنڊ کي اهڙي طاقت جوسج جي جڳهه وٺي سگھي.” انسان جسم ۽ روح ٻنهي جو گڏيل مرڪب آهي.جسم روح جي سواري آهي ۽ روح نفس جي سواري! اصل ۾ انسان مان مراد انسان جونفس آهي.نفس رڳو “ اماره “ نه پر نفس “ لوامه“ ،ملهمه “ ۽ “ مطمئنه “ به هوندو آهي.جنهن نفس کان پاسو ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي سو “نفس اماره ” آهي، جنهن نفس جو خداوند ڪريم قسم کنيو آهي سو “نفس لوامه” آهي،جنهن نفس تي لڪيل حقيقيتون کوليون وڃن ٿيون سو “نفس ملهمه” آهي ۽ جنهن نفس سان خداوند ڪريم جي ذات بابرڪات دلنشين انداز ۾ پاڻ مخاطب ٿئي ٿي سو پڪ سان “نفس مطمئنه ” آهي. جسم  ۽ روح جوڙڻ واري ئي ڏينهن ۽ رات به بڻايا آهن. ڪون مڪان جي خالق رات روح جي غذا،سينگار ۽ نگرانيء لاء نازل ڪئي ۽ ڏينهن جسم ۽ ان جي پرورش لاء مقرر ڪيو.رات کي تسڪين ۽ مزي جو سبب ٻڌايو ويو.سمجھڻ گھرجي ته تسڪين يا مزي جو تعلق روح سان آهي جسم سان ڪونهي.رات جي خيمي ۾ پناهه وٺندڙ کي گھرجي ته هو دل کي چنڊ طرف متوجه رکي.چنڊ ڪهڙو به هجي اهو روح جي سمنڊ تي پنهنجو اثر رکي ٿو.سمنڊ ۾ اٿندڙ ۽ لهندڙ لهرن جو سمورو دارومدار چنڊ جي روشنيء تي آهي.ڏينهن جو روشني هوندي آهي ۽ رات جو نور! روشني بصارت يعني نظر کي جھڪو ڪيو ڇڏي جڏهن ته نور بصيرت يعني دانائيء کي وڌائي ٿو. حقيقي مومن جو ته شان ئي اهو آهي جو هو ڏسي ئي خدا جي نور سان ٿو انهيء ڪري سندس فراست يعني دانائِيء کان ڊڄڻ جو تاڪيد ڪيو ويو آهي.“فراست ” سياست جي ڪتاب جي ڪا شيء ناهي جو سياست جي هر وار جو ٽوڙ موجود هوندو آهي پر فراست سڌو آسمان کان وار ڪري ٿي ۽ سمورين چالاڪين جي چيلهه ڀڃي وجھي ٿي.                                                                   
  جنهن جي رات روشن ناهي ان جو ڏينهن به اونداهون آهي.رات جو جاڳڻ وارا جيڪر ڏينهن جو سمهيل ڏٺا وڃن ته سمجھڻ گھرجي ته رات جو روح جي صحيح پرورش نه ٿي سگھي.روح جي صحيح  پرورش نه ٿي سگھي ته جسم به وساڻل بڻجي وڃن ٿا.چهري جي چمڪ روح جي چمڪ جي خبر ڏئي ٿي.صبح ساجھر چهرو اهو راز کوليو ڇڏي ته رات ڪيئن گذري آهي.رات جاڳي گپون هڻڻ يا عيش عشرت ڪرڻ کي شب بيداري يا رات جي جاڳ نٿو چئجي بلڪه شب بيداري ته ٻانهي جو پنهنجي مالڪ سان سرگوشيون ڪرڻ ۽ سوچ ويچار جي اعتڪاف  جو نالو آهي. رات جي جاڳ سان جيڪر اسر جون آهون شامل نه هجن ته پوء اها رات جي جاڳ نه پر عيش پرستي آهي.  رات جي وقت نور بدران روشنين طرف ڌيان ڏيڻ وارو پنهن جي لاء ڏينهن جو سمان به اونداهون ڪريو ڇڏي.جن ۾ نور ۽ روشنيء جي فرق سمجھڻ جي صلاحيت آهي ،رات انهن لاء عالم بالا يعني مٿئين جهان ۾ پهچڻ جو هڪ رستو آهي.رات بدن لاء نه پر روح لاء قرار جي جاء آهي.روح کي لطافت يعني شفافيت طرف رستو نه ملي ته بي چين رهي ٿو،روح جي طاقت ئي لطافت آهي.ڪثافت ۽ اڻ شفافيت انهيء کي ڏٻرو ڪري ڇڏي ٿي.ان فرق  کي صرف اهي ئي سمجھن ٿا جيڪي نور ۽ روشنيء ۾ فرق ڪرڻ ڄاڻن ٿا.روشني ۽ نور ٻه الڳ حقيقتون آهن.جن کي روشني وڻي ٿي انهن لاء نور اونداهي آهي.ظاهر آهي ته ظاهر پرست اک کي نور ۾ اونداهي نظر اچي ٿي،اها نور کي ڪيئن ٿي ڏسي سگھي!ڪعبي جي چادر جو رنگ ڪارو آهي،ليليٰ به ڪاري. قيس شاعر جي زبان مان چورايو ته جنهن مس سان قرآن ڪريم جا اکر لکيا وڃن ٿا اها به ڪاري آهي.نور جو رنگ ڏسڻ لاء گھٽ ۾ گھٽ اها اک هئڻ گھرجي جيڪا قيس وٽ هئي.ڪيترين ئي سچائين کي سمجھڻ لاء ڄاڻڻ ضروري آهي پر ڪيترين ئي حقيقتن کي ڄاڻڻ لاء پهرين انهن کي اڻ ڏٺو مڃڻ ضروري آهي. جيڪو طبيب کي طبيب ئي نه مڃي ته اهو طب جي الف بي ڪيئن سکي سگھندو؟اهو ڪيئن ڄاڻي سگھندو ته بدن جي علم جي باب ۾ طبيب ان کي ڇا سيکارڻ گھري ٿو؟ طبيب کان سواء طب ٻيو ڇا آهي سواء وهمن ۽ قياس آرائيء جي!جيڪو مڃڻ کان انڪاري هوندو ان جو ڄاڻڻ به ڪسو ۽ ناقص هوندو ڇو ته هو جيڪي ڪجھه ڄاڻي ٿو اهو سڀ سندس ذهن جو خيالي بت آهي.اهڙي ماڻهوء کي چئبو آهي پنهنجي عقل جو اسير ۽ پنهنجي ئي فهم جي سرڪس جو جھولو جھلندڙ،پنهن جي ئي طيء ڪيل منطق جا ڪرتب ڏيکاريندڙ. هو ان  ظاهري ڪلام جي اندر لڪيل مٿانهون فهم ڪيئن سمجھي سگھندو جنهن جو مرڪز انساني عقل ناهي!اسان جي پنجن حواسن جو علم ايتروئي محدود هوندو آهي جيترو محدود اسان جا حواس آهن. سائنسي اوزار توڙي جو اسان جي پنجن حواسن جي صلاحيت جي رينج ضرور وڌائين ٿا پر انهن اوزارن جي صلاحيت جي به ڪا نه ڪا حد مقرر آهي. ڪجهه ماڻهو سمجھن ٿا ته غائب ۽ حاضر ۾ فرق صرف ڄاڻڻ ۽ نه ڄاڻڻ جي فرق وارو آهي.هڪڙو شخص ڪنهن حقيقت کان واقف آهي ٻيو واقف ناهي ته پهرئين شخص لاء اها حقيقت حاضر جڏهن ته ٻئي لاء غيب قرار پائيندي.پر ايئن هرگز ناهي غيب ۽ حاضر جو علم نسبتي ناهي يعني انهن ۾ نسبت ڄاڻڻ ۽ نه ڄاڻڻ جي نه پر مڃڻ ۽ نه مڃڻ جي آهي.غيب جي دنيا اها آهي جتي نه ته انسانن جي حواسن جي ڪا پهچ آهي ۽ نه ئي انساني عقل،فهم ۽ دانش جي رسائي.جنت،دوزخ، ميزان پلصراط ۽ ٻيون اهڙيون سڀ شيون غيب سان تعلق رکن ٿيون انهن کي ڄاڻڻ لاء اسان کي مڃڻ واري مرحلي مان گذرڻو پوي ٿو.ٻي صورت ۾ اسان مذهبن جي عالمي ڀيٽ  وارن مرحلن ۾ منجهي ڪري رهجي وينداسين.حقيقت ۾ “يومنون بالغيب “ جو مطلب رسول خدا خاتم النبيين  تي ايمان آڻڻ آهي جيستائين رسول خدا  تي ايمان نه هوندو تيستائين  ۽ يوم آخرت تي ايمان جي دعويٰ فقط دوکو آهي.غيب کان سواء ٻيو هر علم مادي سان تعلق رکي ٿو.توانائيء جا ڪرشما ۽ زماني واقعن کان واقفيت به پنهنجي اصل ۾ مادي ڄاڻ آهي.توانائي مادي کان جدا ناهي ۽ زمان مڪان کان الڳ ناهي.اهي ٻئي حقيقتون هڪ ٻئي سان گڏ وچڙ ٿيل آهن.هڪ کي جدا ڪبو ته ٻي بي معنيٰ بڻجي ويندي.مادي علم ذريعي مادي کي قابوء ۾ ته آڻي سگھجي ٿو پر انسان پنهنجي نفس جي قابوء ۾ رهي ٿو.جنهن ڪري پنهنجي وجود کان مٿانهين حقيقتن جا راز حاصل ڪري نٿو سگھي.نفس جي قابوء مان ٻاهر نڪرڻ کي ئي نفس جو تزڪيو (پاڪائي) چئبو آهي ۽ اهائي “نجات ۽ نرواڻ” آهي.
مطلب اهو ٿيو ته جهڙيء طرح جسم ظاهر آهي ۽ روح باطن،اهڙيء طرح ڏينهن ظاهر آهي ۽ رات باطن! باطن جو عرفان نه هجي ته ظاهر ڪوڙو ٿي وڃي ٿو.پوء سڄي ڪهاڻي ئي اجائي ٿي وڃي ٿي.روح جو منڪر پنهنجي جسم سان به انصاف ڪري نٿو سگھي .رات جيڪر روحانيت کي هٿ نه ڪري سگھي ته پوء ڏينهن پنهنجي سموري عقل جي روشنيء ۾ به مادي سان انصاف نه ڪري سگھندو ڇوته باطن ئي ظاهر تي حڪومت ڪري ٿو.
رات جا راز عجيب آهن،جيڪر رات جو انسان کي نفس جي حڪومت کان نجات ملي وڃي ته رات روحاني سير جو ذريعو بڻجي وڃي ٿي،عظيم علمن کان واقف ڪرائي ٿي ۽ هن ڪائنات جي روح سان هم ڪلام ڪرڻ جو شرف بخشي ٿي.

 (روزاني مهراڻ 12 جون 2018ع)

Sunday, May 13, 2018

گلاس اڌ خالي يا اڌ گلاس ڀريل!


شفيق الرحمان شاڪر
سياسي سسپينس،مهانگائي ۽ ٻين ڪيترين ئي روزمرهه مصيبتن ۽ مايوسين جي بڇڙين خبرن جي وچ ۾ هڪ اهڙي خبر به ملي آهي جيڪا حيرتناڪ پر خوشيء ۽ اميد جي خبر آهي سا خبر اها ته دنيا جي سڀ کان گھڻي ڳتيل حصي ڏکڻ ايشيا ۾ رهندڙ اٽڪل هڪ ارب ۽ اسي ڪروڙ ماڻهن مان ٻاويهه ڪروڙ پاڪستاني سڀني کان وڌيڪ پرسڪون ۽ خوش آهن.گڏيل قومن جي  156 ملڪن جي 2017ع  وارن انگن اکرن تي بڌل هن “ورلڊ هيپي نيس رپورٽ” مطابق انهن ملڪن جي درجا بندي اتي رهندڙماڻهن جي آمدني،صحتمند زندگي،ڏکئي وقت ۾ سهارو ملڻ جي اميد،وڏي دل،آزادي ۽ اعتماد جهڙين شين جي ڪسوٽي تي پرکڻ بعد ڪئي ويئي آهي.انهن ملڪن جي درجابنديء ۾پاڪستان 75 نمبر تي آهي تنهن هوندي به هن خطي جي ٻين ڪيترن ئي ملڪن کان اڳڀرو آهي.خاص طور تي پنهنجي پاڙيسري ملڪ هندستان جنهن جو ڳاڻيٽو دنيا جي تيزيء سان ترقي ڪندڙ معيشتن ۾ ٿئي ٿو ۽ جيڪو فوجي لحاظ کان به نهايت ئي طاقتور ملڪ سمجھيو وڃي ٿو، گڏيل قومن جي ان رپورٽ مطابق پاڪستان سڪون ۽ خوشيء جي معاملي ۾ ڀارت کان 57 ڀيرا بهتر آهي.                 هڪ ڊگھي زماني کان هرڪو اهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي ته آخر “ خوشي ” آهي ڪهڙي  شيء؟اها پاڻهي مليو وڃي يا ان کي حاصل ڪرڻو پوي ٿو؟ڇا ان کي حاصل ڪرڻ اهم ۽ ضروري آهي؟جيڪر ها ته ڇو؟      خوشي ڪهڙي شيء آهي ان جي وصف ڪجھه مشڪل آهي جو هر ماڻهوء وٽ خوشيء جو تصور جدا جدا آهي،مثال ڪا ساڳي شيء يا واقعو جيڪو هڪڙي ماڻهوء لاء خوشيء جو سبب آهي ته ساڳئي وقت اهو ساڳيو واقعو يا شيء ٻئي ماڻهوء لاء غم جو سبب ٿي سگھي ٿي.امن،سڪون ۽ خوشي ظاهر ۾ توڙي جواهي ٽيئي لفظ هڪجهڙو تاثر ۽ مطلب ڏين ٿا پر انهن ۾ ڪجھه فرق به آهي. ٻن حادثن جي وچ وارو وقفو امن سڏجي ٿو،هر ٻن تڪليف ڏيندڙ ساعتن جي وچين وقفي کي سڪون ۽ هر هڪڙي غم کان ٻئي غم جي وچين وقفي کي خوشيء جو نالو ڏنو وڃي ٿو. مشهور فلاسافر ارسطو چيو هو ته خوش ٿيڻ انساني زندگيء جو هڪ اهم مقصد آهي.انهيء ئي مقصد حاصل ڪرڻ لاء پوري دنيا جا ماڻهون پنهنجون زندگيون گذاري ڇڏين ٿا، جدوجهد ڪن ٿا،جوڙ ٽوڙ ڪن ٿا ته شايد اهو مقصد حاصل ٿي وڃي ۽ انهيء سموري جدوجهد جي اندر ئي وري خوشي ڪٿي غائب ٿيو وڃي. انهيء ۾ شڪ ناهي ته خوش رهڻ جو انساني صحت سان به سڌو سنئون تعلق آهي.عالمي صحت جي اداري مطابق“ صحت رڳو بيماريء جي غير موجودگيء جو نالو ناهي پر ان مان مراد اهڙي ڪيفيت آهي جنهن ۾ هڪڙو شخص جسماني،ذهني ۽ سماجي لحاظ کان پوري طور تي ٺيڪ هجي.” انهيء تعريف کي جيڪرخّوشيء جو نالو ڏجي ته وڌيڪ مناسب ٿيندو.اهڙي ذهني ۽ جذباتي ڪيفيت جنهن ۾ مثبت ۽ وڻندڙ جذبا جنم وٺن تنهن کي خوشي چئبو آهي انهيء جا مختلف درجا ٿي سگھن ٿا،مثال پهرئين درجي ۾ بنيادي ضرورتن کي رکجي ته مادي شين جي حاصل ٿيڻ کي خوشي چئبو، ٻئي درجي ۾ پنهن جي خوديء جي خواهش ۽ ٻين تي فوقيت ۽ برتري آهي،ٽئين درجي ۾ ٻين جي مدد ۽ انهن کي سک پهچائڻ خوشيء جي وصف ۾ اچي ٿو۽ آخري درجي ۾دلي سڪون يا اندروني خوشي به چئي سگھجي ٿو.خوشيء کي سڪون،اطمينان جي ڪيفيت جي نسبت ۾ ڏسجي ته ان جو اثر صحت تي ٿئي ٿو.خوش رهندڙ ماڻهن جي قوت مدافعت وڌيڪ مضبوط هوندي آهي ۽ اهڙا ماڻهو ڊگھي عمر پائين ٿا.خوشي ماڻهن جي دلين ۾ ڪشادگي پيدا ڪري ٿي،اطمينان جو احساس جاڳائي ٿي ۽ تڪليفن مان گذرڻ جو حوصلو ڏئي ٿي.خوشي ٻين ماڻهن سان لاڳاپا بهتر بنائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.خوش مزاج ماڻهو رشتن کي بهتر ۽ ڪامياب انداز ۾ نڀائين ٿا.اهڙا ماڻهو وڌيڪ تخليقي ۽ تعميري صلاحيتن جا مالڪ ٿين ٿا.                                                                                    ذهني ڇڪ يعني ٽينشن خوشيء کي کائي وڃي ٿو ان ڪري خوش رهڻ لاء ان تي قابو پائڻ ضروري آهي،جن ۾ ان کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت گھٽ هوندي آهي،اهي ڏکي صورتحال ۾ اوچتو پريشان ٿي وڃن ٿا  ۽ حوصلو هاري ويهن ٿا.اهو چيو ويندو آهي ته هر ڏک کان پوء سک هوندو آهي،اهڙيء طرح هر غم کان پوء خوشي هوندي آهي.                                               خوشي ڇا آهي ۽ ڇو ضروري آهي واري سوال کان پوء هاڻي اهو جائزو وٺڻو پوندو ته خوشي ڪهڙيء طرح ملي ٿي؟اهي ڪهڙا ذريعا آهن جيڪي اسان لاء خوشيء جو سبب بڻجي سگھن ٿا؟ اها ته حقيقت آهي جو ماڻهن جا خوشيء جا معيار جدا جدا هوندا آهن.ان ڪري خوشي حاصل ڪرڻ جا ذريعا به الڳ الڳ آهن.مثال ڪنهن تخليق ڪار جي لاء ان جي تخليق،ڪنهن شاعر لاء ان جو نظم يا غزل،ڪنهن ڪرڪيٽر لاء ان جو سٺو اسڪور،ڪنهن واپاريء لاء ان جي ڪاروباري ڪاميابي خوشيء جو سبب بڻجي سگھي ٿي.جيڪر اسان اميدن ۽ خواهشن جو دائرو مختصر رکون ته وڌيڪ خوش رهنداسين،جيتريون وڌيڪ اميدون اوتري ئي وڌيڪ مايوسي ۽ جيتريون گھڻيون خواهشون اوترو ئي وڌيڪ بي اطميناني هوندي آهي.ايئن سمجھو ته ٻار دنيا جي سڀ کان وڌيڪ خوش مخلوق آهن،جيئن وڏا ٿيندا آهن ته اميدون ۽ خواهشون به وڌنديون وينديون آهن ۽ خوشي گھٽبي ويندي آهي. ٻار ان ڪري  خوش آهن جو اهي وڏن جيان پنهنجي سينن ۾ بغض ۽ ڪينو نٿا سانڍين،هتان وڙهيا ته انهيء ئي ساعت وري پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا.اها ساڳي شيء وڏا به پنهنجي زندگيء ۾ شامل ڪري وٺن ته ٻارن جيان خوش رهي سگھن ٿا.ڪجهه ماڻهو مذهب ۽ روحانيت ۾ خوشي ۽ سڪون محسوس ڪندا آهن.جيڪر روح مطمئن ۽ پرسڪون هجي ته جسم ۽ دماغ به پرسڪون  ۽ خوش رهي ٿو.پر خوش رهڻ لاء ٻيا به ڪيترائي عوامل آهن جن ذريعي خوشي اسان تائين پهچي سگھي ٿي. انهن ۾ قابل اعتماد  ويجھا دوست،پيارن سان مضبوط رشتو،پنهنجن صلاحيتن مطابق نوڪري يا ڪاروبار،بهتر معاشي زندگي،جيڪي ڪجھه زندگيء ۾ حاصل آهي ان جو قدر ڪرڻ ۽ ناشڪري ۽ شڪايتن کان پاسو ڪرڻ،انهيء سان گڏ ڪافي ٻيون شيون به خوشيء ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿيون، مثال خدا تي ڪامل ايمان ۽ ڀروسو،ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ پنهنجن ناڪامين کي پنهنجي بد نصيبي سمجھڻ بدران انهن کي زندگي سنوارڻ جو سبق سمجھڻ ۽ پنهنجي صحت جو خيال رکڻ  وغيره.                                      1970ع ۾ ڀوٽان جي بادشاهه خوشيء کي هڪڙو انساني بنيادي حق قرار ڏنو هو،گڏيل قومن طرفان هر سال 20 مارچ تي پوري دنيا ۾ خوشيء جو عالمي ڏينهن به ملهايو وڃي ٿو.                                      پنهنجو پاڻ کان ٻين جو وڌيڪ خيال رکجي،ٻين ماڻهن کي مناسب وقت ڏجي،انهن کي زندگي بهتر بنائڻ لاء پرخلوص مشورا ڏجن،اهي شيون به خوشيء ۾ اضافي جو سبب بڻجن ٿيون.اسان جي جسم جو دماغ سان گهرو تعلق آهي ،اسان جي جسماني صحت بهتر هوندي ته  اسان کي ذهني پريشانين کان نجات ملندي ۽ اهڙيء طرح اسان خوشي محسوس ڪنداسين. ماضيء جي تلخين کي وسارڻ ۽ آئيندي جي انديشن کي ذهن مان جھٽڪو ڏيئي ٻاهر ڪڍڻ جي  ڪوشش ڪرڻ گھرجي.وڌيڪ نت نيون شيون سکڻ جو جذبو به اسان جي ذهن کي چست رکي ٿو ۽ اسان جي سوچ کي جمود جو شڪار ٿيڻ کان بچائي ٿو.هن وسيع ۽ ڪشادي ڪائنات جي ڪتاب کي هر وقت پڙهندو رهڻ گھرجي،چوندا آهن ته واندو دماغ شيطان جو گھر هوندو آهي ان ڪري پريشانين ۾ دفن ٿيڻ بدران پنهنجو پاڻ کي مختلف ڪمن ۽ مثبت وندرن ۾ دفن ڪرڻ گھرجي.زندگيء جو مقصد جيترو بلند ۽ عظيم هوندو اوترو ئي انسان ۾ مختلف مشڪلن ۽ ناڪامين جو مقابلو ڪرڻ جو وڌيڪ حوصلو پيدا ٿئي ٿو.وڏي ،وسيع ۽ بلند سوچ رکڻ وارا ماڻهو اڪثر خوش رهن ٿا.خوش مزاجي ۽ کل ڀوڳ به طبيعت جو حصو هئڻ گھرجي،ڳالهه ڳالهه تي منهن سڄائڻ ۽ هر معاملي کي سنجيدگيء سان وٺڻ به پريشانين کي دعوت ڏيڻ آهي.البته خوش طبعي ۽ کل ڀوڳ ۾ ان ڳالهه جو گھڻو ڌيان رکجي ته ڪنهن  ٻئي جي اجائي دل آزاري نه ٿئي.خوش رهڻ جو آخري قيمتي نسخو اهو ته پنهن جي سوچ کي هر وقت مثبت ۽ هاڪاري بنائي  رکڻو آهي،زندگيء جي روشن پاسن تي نظر رکجي ۽ مايوسين کي ويجھو اچڻ نه ڏجي.                                                                                                                                      “ گلاس اڌ خالي آهي” اهو سچ آهي پر سچ اهو به آهي ته “گلاس اڌ ڀريل آهي،” هاڻي اهو اسان جي سوچ ۽ نظر تي دارومدار رکي ٿو ته هروقت گلاس کي اڌ خالي ڏسندا رهون يا وري مثبت سوچ ۽ نظر سان ان کي اڌ ڀريل ڏسون!



Wednesday, May 2, 2018

ڪڍي ڪڪر اک جو!


نور محمد ججھي

نور محمد جنجهي
(روزاني سنڌ ايڪسپريس 2 مئي 2018ع)
نور محمد جنجهي

Monday, April 23, 2018

اچو ته اصطلاحن سوچن ۽ لوچن جي نئين سر تشريح ڪريون

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسان جي سوچن ۽ لوچن تي اصطلاح ۽ انهن جون تشريحون گهرا اثر وجهنديون آهن، جيڪڏهن اصطلاحن جون غلط تشريحون ذهن ۾ ويهي ويون ته مقصدن ۽ منزلن جا دڳ پيچرا ئي بدلجي ويندا ۽ ڪيترين حالتن ۾ جتي اسان کي اوڀارو وهڻو ۽ وڃڻو آهي اتي لهنوارا پيا لڙهنداسين ۽ ڪڏهن ته طلبيل ماڳ مڪان  تي پهچي نه سگهنداسين.
مثال طور اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ“. اسان کي ان جي تشريح اهڙي نموني سان سمجهائي وئي آهي ته سچ چوڻ وارو سدائين مزن ۾ هوندو آهي ۽ پيو خوشيءَ ۾ نچندو ٽپندو ۽ سندس وار به ونگو نه ٿيندو. پر اهو ڪنهن نه ٻڌايو ته سچ ٽانڊن تي نچڻ جو نالو آهي. جيڪو سچ چوندو، ان کي ڀوڳڻو ئي پوندو، سچ پنهنجو معاوضو وٺندو آهي ۽ ڪنهن ڪمزور انسان جي دل ۽ دماغ ۾ جڳهه وٺي نه سگهندو آهي. جيئن ٽانڊن تان لنگهڻ ڏکيو ڪم آهي، تيئن سچ چوڻ به معمولي ڳالهه ڪانهي. ان ۾ ڏاهپ، دانشمندي ۽ جوڳيءَ حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. سچ جيڪڏهن صورتحال کي مناسب ۽ مثبت انداز ۾ نه ٿو بدلائي ۽ ان بدران سچ ٻڌندڙ کي ٽانڊن تان گذاري ٿو يا ان کي ٽانڊا ڏئي ٿو ته سچ جهڙوڪ پنهنجو ڪارج پورو نه ڪيو. ان ڪري ”سچ ته بيٺو نچ“ جي تشريح ائين ٿيندي ته سچ چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو باغ بهار ٿيندا ۽ انهن کي اهڙي سوغات ملندي جو ان جي خوشيءَ ۾ پيا نچندا. ڏاها ماڻهو ائين سچ نه چوندا جو چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو ٽانڊن تان گذري.
اهڙيءَ ريت اسان وٽ نراسائي ۽ نااميدي جي تشريح به غلط نموني سان ڪئي ۽ ٻڌائي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو اديب، شاعر يا سماجي ڪارڪن اهو چئي يا لکي ته اسان کي ڪنهن خوش فهمي جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي ته ماڻهو اسان جي عزت ڪندا ۽ اسان سان محبت ڪندا، اسان مان هر ڪنهن انهيءَ ماڻهو جي عزت ۽ محبت ڪئي ويندي آهي، جنهن جي ”ضرورت“ آهي يا جيڪو اسان جي ضرورت يا مجبوري آهي ته، اهڙي بيان کي سياسي سوچ رکندڙ ۽ هٿرادو نظرياتي ماڻهو مايوسيءَ وارو بيان سمجهندو.
جڏهن ته اها مايوسيءَ جي تبليغ نه پر، حقيقت ۽ صورتحال جي سچي ترجماني آهي. اها هر دور جي اڻ مٽ سچائي آهي ته ڪم واري ماڻهوءَ کي ئي چاهيو ۽ پسند ڪيو ويندو آهي. ماڻهون ڪم پرين ٿيندا آهن. اسان انهن لاءِ ضروري بڻجي پئون ٿا، جڏهن سندن ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. ايڌي عبدالستار، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي ان ڪري ماڻهن ۾ مقبول آهن، جو اهي ماڻهن جي ڪم اچن ٿا ۽ اهي ماڻهن جي ضرورت آهن. هن مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته اسان مان اهي انسان امر آهن، مقبول آهن ۽ مشهور آهن، جيڪي پنهنجي سيني، سوچ ۽ سپنن ۾ سماجي ڪارج جي قوت رکن ٿا. ان ڪري اسان جي سوچن کي بدلائڻ گهرجي. اسان اجائين خوش فهمين جو شڪار نه ٿيون ته اسان جي علمي يا ادبي حيثيت، لياقتن ۽ صلاحيتن سبب ماڻهو اسان کي گهر ويٺي مڃيندا ۽ مٿي تي کڻندا. جيڪڏهن ڪو مڃتا نه ملڻ جي دانهن ڪوڪ ٿو ڪري، ته اهو مايوسي نه ٿو ڦهلائي، پر ٻڌائي ٿو ته هن جي حڪمت عمليءَ ۾ ڪو نقص آهي ۽ هن سماجي ڪارج جون اڃا تقاضائون پوريون نه ڪيون آهن.
جڏهن ههڙي نموني نراسائي ۽ نااميدي جو احساس ٿئي ته پوءِ پڙهلين کي ذهني ۽ فڪري طور پڙهائڻ سمجهائڻ جي ضرورت آهي. قومي مفڪرن ۽ دانشورن کي ڄڻڪ ان مان دڳ ملي ٿو ته هو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي، اها ڪمي پوري ڪن ته اهي ڪيئن سماج جو حصو بڻجن ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن.
اهڙيءَ ريت سنڌ واسين جي سوچن ۽ لوچن ۾ کوڙ ساريون ٻيون به غلط تشريحون گهر ڪري ويهي رهيون آهن. مثال عورت غلطي يا گناهه ڪري ته پنهنجي انا واريءَ غيرت کي بچائڻ ۾ ان کي مارڻ کان به نٿا مڙون. پر ساڳيو ڏوهه پاڻ ڪنداسين ته جهڙوڪ خدا کان معاف ڪرائي پوءِ پيدا ٿيا آهيون.
اسان مهمان نوازي جي اهڙي ته غلط تشريح ڪئي جو ٻين جا ٻار ٻچا بچائڻ جي شوق ۾ پنهنجا ٻچا ٻار رلائي ڇڏياسين. اسان کان اهو وسري ويو ته مهمان گهڙي پلڪ لاءِ ٿيندو آهي ۽ نه ڪي مستقل  گهر ڪري ويهي رهڻ وارو. اسان جي وڏڙن جي مهما نوازيءَ سنڌ جي جاگرافي،  نظريه ۽ سماج کي ڪاپاري ڇيهو رسايو. چوندا آهن ته مهمان پنهنجو روز پاڻ سان کڻي ايندو آهي، پر اسان پنهنجو روز اهڙن ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو، جيڪي آيا ته ڏانڊي لاءِ پر هاڻي بورچي بڻجي رهيا ۽ ويا آهن.
اسان پنهنجي قدرن ۽ نظرين جي غلط تشريح اهڙي ته سکي ۽ ياد ڪئي آهي جو ٻار اسان لاءِ مڇ جو وار آهي، جيڏانهن چاهيون تيڏانهن کيس واريون. پر حقيقت ۾ اسان انهيءَ ڳالهه جا منڪر ٿي پوندا آهيون ته جيڪو ٻار ڄمي ٿو، اهي پنهنجون انفرادي ۽ ذاتي لياقتون ۽ صلاحيتون کڻي اچي ٿو. اسان کي ته فقط ماحول پيدا ڪري ڏيڻو آهي، نه ڪي پنهنجي رنگ ۾ هر ڄاول ٻار کي ريٽو ڪرڻو آهي. ٻار نه فقط هڪ وجود آهي بلڪه مڪمل شخصيت آهي. هن جو به ايترو ئي ادب ۽ خيال ڪرڻو آهي، جيترو ڪنهن وڏي ۽ بزرگ جو. هو اسان جي مڇ جو وار ناهي، پر مستقبل جو ابو آهي.