Thursday, June 16, 2016

خوش هجو، پنهنجي خرچ تي

حيات علي شاهه بخاري
مون کي لکڻ لاءِ صرف منهنجا پڙهندڙ همٿائيندا آهن، نه ته مون کي لکڻ جو نه ڏانءُ آهي ۽ نه ڪو ڍنگ طريقو. جڏهن به منهنجي ڪا لکڻي شايع ٿيندي آهي يا ٽي وي ريڊيو تي نشر ٿيندي آهي، منهنجا همدرد منهنجي همت افزائي ڪندا آهن، تنقيد ڪندا آهن ۽ رهنمائي ڪندا آهن ۽ پوءِ اِهو سلسلو ائين ئي هلندو اچي، ٻي ڳالهه ته منهنجي لکڻ جو انداز بلڪل نرالو آهي، جيڪو ڪنهن کي وڻي نه وڻي ۽ ها هڪ ٻي ڳالهه ٻڌائيندو هلان ته ڪافي پڙهندڙ اِها فرمائش ڪندا رهندا آهن ته ڪالم ۾ سندن ذڪر ڪريان، جيئن ريڊيو جي مختلف پروگرامن ۾ مهربان ٻڌندڙ پنهنجي نالن وٺڻ لاءِ زور ڀريندا آهن، ريڊيو تي به ڪيترائي مهربان ٻڌندڙ عجيب قسم جا چرچا ڪندا آهن. مثال طور هڪ پروگرام ۾ کوڙ نالا ورتم، پروگرام کانپوءِ هڪ مهربان ٻڌندڙ فون ڪري چيو ته ”سائين اڄ اوهان اسان کي وساري ڇڏيو“ حالانڪه مون اُن جو نالو پروگرام ۾ شامل ڪيو هو، هڪ ڀيري پروگرام شروع ٿيڻ کان اڳ ريڊيو حيدرآباد جي ڊيوٽي روم ۾ ويٺو هئس ته موبائل فون تي هڪ ايس ايم ايس آيو ته ”اوهان جو پروگرام ٻڌون پيا، تمام سٺو آهي“ مون کي حيرت ٿي ته پروگرام اڃا شروع ڪونه ٿيو آهي، هِن ڇا ٻڌو. بهرحال اهڙيون دلچسپ ڳالهيون اخبار توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ٿينديون رهنديون آهن. عجب قسم جا ماڻهو زندگيءَ جي ٻه واٽي ۽ چوواٽي تي ملندا آهن. پنهنجي پنهنجيءَ پر ۾ ڪانه ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ويندا آهن، جنهن کي ٻڌي کل به ايندي آهي ته ڪڏهن ڪڏهن ڏک به ٿيندو آهي. خير، زندگيءَ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿينديون آهن ۽ آئون اِهو سوچي ماٺ ٿي ويندو آهيان ته اهو رڳو مون سان نه پر ٻين سان به ٿيندو هوندو.
وري اچون ٿا ٻئي موضوع تي سول اسپتال حيدرآباد جي ايمرجنسي وارڊ جنهن کي ”لال بتي“ چيو ويندو آهي، ان ۾ 10 جون تي رات جو 2 وڳي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ايترو ته قابل هو جو ان کي اُلٽيءَ جي گوري جي خبر نه هئي ۽ هڪ مريضه کي هرو ڀرو بيزار ڪرڻ لاءِ ميڊيڪل فور ڏي روانو ڪري ڇڏيائين، ميڊيڪل فور جي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ڪجهه ڊاڪٽر ۽ هڪ ڊاڪٽرياڻي ”ڪچهريون قائم“ ڪيو ويٺا هئا، اڌ ڪلاڪ انهن جي آڏو حاضري ۾ بيهڻ کانپوءِ ڊاڪٽرياڻيءَ اُلٽيءَ جي هڪ گوري لکي ڏني، مريضه چيو ته ان گوري جي ته مون کي اڳي ئي خبر هئي، پر صرف اِن ڪري لال بتي ۽ پوءِ ميڊيڪل فور ۾ وقت ضايع ڪيو ته ”چوندا آهن ته ڊاڪٽر جي صلاح مشوري کانسواءِ ڪابه دوا استعمال نه ڪجي“. اِهي حال آهن حيدرآباد جي سول اسپتال جا صرف ايئرڪنڊيشنڊ ڪمري ۾ ويهي اسپتال جو انتظام نٿو هلائي سگهجي، ڪچهرين سان مريضن جو علاج نٿو ٿي سگهي ۽ جنهن ڊاڪٽر کي الٽي جي گوري لکڻ نٿي اچي اُهو ايمرجنسي وارڊ جو انچارج آهي حيرت آهي.
منهنجي موبائل تي ته عجيب قسم جا ايس ايم ايس ۽ ڪالون اينديون آهن، ايس ايم ايس کي ته ماڻهو منهن ڏئي وڃي پر رانگ نمبر واريون ڪالون ڪاوڙ ڏيارينديون آهن، هڪ ڀيري هڪ ڪال آئي اٽينڊ ڪيم، همراهه هم ڪئي نه تم، گار ڏئي چوڻ لڳو ”ڳوٺ ٿو وڃان، گاڏي ڏي، هاڻي ئي ٿو اچان متان ........... ڪرين“ مون به کيس زيرن زبرن سان ڪچيون پڪيون ۽ کٽيون مٺيون گاريون ڏئي ڍئي ڇڏيو، جڏهن همراهه کي خبر پئي ته غلط نمبر تي ڪال ڪئي اٿس ته پوءِ معافيون وٺڻ لڳو. ماڻهو صبر کان ڪم وٺي به ته آخر ڪيئن، صبر جو ڦل واقعي مٺو هوندو، پر جيسين اهو مٺو ڦل ملي، تيستائين ماڻهو ڇوڏا لاهيو ڇڏين.
هڪ ٻي ڳالهه به ڪرڻي آهي ته منهنجي تحريرن کي مستقل پڙهندڙن مان ڪي مهربان منهنجي ڪالمن تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندا هئا، ساراهه جوڳي ڪا ڳالهه هوندي هئي ته واکاڻ ڪندا هئا، ڪچي ڦڪي تحرير تي تنقيد ڪندا هئا، انهن ۾ ڀائو مٺل جسڪاڻي، حڪيم نذير احمد شيخ، مير اعظم، نور سنڌي ۽ ٻيا شامل آهن، پر اهي لڳي ٿو دل کڻي ويا آهن، واکاڻ ته ٺهيو پر ڪن مهٽ به ڪونه ٿا ڪن. هڪڙو ڀائو حميد ابڙو آهي، جنهن جي گلي وڃي پوندو آهيان ۽ زوريءَ پنهنجي تعريف ڪرائيندو آهيان.
ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا، خط کي تار سمجهندا، هن ڪالم کي تلوار نه سمجهندا. خوش هوندا پنهنجي خرچ تي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو