Saturday, June 11, 2016

سرهي سوچ ؛ روحانيت جي پاڙن کي اکيڙڻ کان پوءِ اخلاق جي عمارت کي قائم رکي نٿو سگھجي

تاريخ جو مطالعو اسان کي ٻڌائي ٿو ته انسان شروع کان وٺي فطرت جي انهن ضابطن کان علاوه، ڪجهه ٻين اصولن جو به پابند رهندو آيو آهي. هو جڏهن ڪنهن عجيب غريب شيءِ کي ڏسندو آهي ته، حيران ٿي ويندو آهي. کائنس جڏهن ڪو گناهه ٿي پوندو آهي ته، ان جي ذهن ۾ ندامت پاسو ورائيندي آهي ۽ هو ان نتيجي تي پهچندو آهي ته، جيڪا قوت کيس حيران ۽ پريشان ڪري رهي آهي، اها انهن ڪمن کي، جيڪي گناهن جي دائري ۾ اچن ٿا، پسند جي نگاهه سان نه ٿي ڏسي.
درندن ۽ چوپاين کان وٺي انسان جهڙي اشرف المخلوقات تائين، هر نوع جو جائزو وٺجي ته معلوم ٿيندو ته، ارتقاء جي انهن مختلف منزلن جي درميان خطِ امتياز صرف ارادو ۽ اختيار آهي ۽ ان جي ذريعي انسان پنهنجي ماحول ۽ پنهنجي پاڻ کي تسخير ڪندو آهي. انسان کي فيصلي جي جيڪا آزادي حاصل آهي، ان جي آغوش ۾ خير ۽ شرجا احساس پلبا آهن.
علت جي ان زنجير جو حلقهء آغاز ڇا آهي؟ ڇا اها زنجير حادثي يا اتفاق سان شروع ٿي وئي؟ جهڙيءَ ريت انساني ذهن، اها ڳالهه قبول ڪرڻ تي آماده ناهي ٿيندو ته، اوچتو فرش تي پاڻي ڪرڻ سان دنيا جو نقشو ٺهي پيو. اهڙيءَ ريت عقل اهو به باور ڪرڻ تي آماده ناهي ٿيندو ته، علت جي اها زنجير ايئن ئي جُڙي پئي. مون کي اهو تسليم ڪرڻ ۾ قطعاً ڪائي هٻڪ ناهي ته، قانونِ علت، جيڪو عالم طبيعيات ۾ ڪارفرما آهي، جنهن تحت ٻوٽا ۽ حيوان زندگي بسر ڪندا آهن، جنهن جي ذريعي انساني ذهن پليو آهي، اهو اخلاقي ۽ روحاني قدرن جي معاملي ۾ به اسان جي رهنمائي ڪندو آهي.
مثال طور: محبت، عدل، انصاف، رحم، خالق جي مخلوق، اهڙا اعليٰ اقدار آهن، جن کي نه ڳڻي سگهجي ٿو ۽ نه ڪي ماپي توري سگهجي ٿو. مان اها ڳالهه پوري يقين سان چئي سگهان ٿو ته انسانيت جي مستقبل جو سمورو دارومدار ان تي آهي ته، اها انهن ابدي حياتي قدرن کي اپنائڻ لاءِ تيار ٿيندي يا نه؟ بنيادي ضرورتون پوريون ٿي وڃڻ کانپوءِ، انسان جيڪڏهن صحيح معنائن ۾ سڪون ۽ اطمينان جو خواهشمند آهي ته، ان کي لازمي طور تي انهن ئي روحاني ۽ اخلاقي قدرن (
Velluse) ڏانهن متوجهه هجڻ گهرجي.
تاريخي شاهدين جي جائزي ۽ لاڳيتي غور فڪر کانپوءِ مون کي يقين ٿي ويو ته هڪ انسان، اخلاقي قدرن کي اپنائڻ جي لاءِ صرف ان صورت ۾ تيار ٿيندو آهي، جڏهن ان کي ان ڳالهه جو يقين ڪامل هجي ته، هڪ قادرِ مطلق هستي، جيڪا هر لحاظ کان ڪامل ۽ اڪمل آهي، انسان جي فڪر ۽ عمل جي رهنمائي ڪندي آهي. محض ڪائنات ۾ نظم ۽ ترتيب جي موجودگي ۽ قانونِ علت جي فرمانروائيءَ جي اعتراف سان مذهب جو مقصد پورو نه ٿو ٿئي.
مذهب جي حد ان احساس کان شروع ٿيندي آهي ته، انسان کي پنهنجي روزاني جي زندگيءَ ۾ خدا جي جوڙيل ضابطهءِ حيات جو پورو پورو احترام ڪرڻ گهرجي. حال جي روح رهڙيندڙ واقعن ثابت ڪيو آهي ته: اخلاق، حق، انصاف ۽ آزاديءَ جو بنياد جيڪڏهن خدا ترسيءَ تي قائم نه هجي ته ان مان نهايت خطرناڪ نتيجا سامهون ايندا آهن. بشر جي لاءِ سڪون ۽ اطمينان جي زندگي صرف خدا پرستانه ماحول ۾ ممڪن آهي. انسانيت ۾ مساوات جو روح، اخلاقي قانونن جي ذريعي ئي پيدا ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن خدا جي وجود کان انڪار ڪيو وڃي، يا اخلاق جا لازمي ضابطا ختم ڪري ڇڏجن ته پوءِ غلاميءَ جي خلاف ڪو به دليل درست نه ٿو مڃي سگهجي. جيڪڏهن اهو تسليم ڪجي ته انسان ڪو به پائيدار اخلاق نه ٿو رکي، کيس فڪر ۽ عمل جي ڪائي آزادي ڪانهي ۽ کيس ڪي به مستقل حق حاصل ڪونهن ته، ان سان انسان خودبخود ان نتيجي تي پهچي ويندو آهي ته انسانيت خارجي حالات جي هٿ ۾ هڪ بي وس رانديڪو آهي ۽ انسانيت جا اهي فرد، جن کي قدرت جي پاران ذهانت ۽ سمجهه جو جهجهو حصو مليو آهي- جيڪڏهن ڪمزور ۽ بي وس ماڻهن کي پنهنجي ظلم جو نشانو بڻائين ٿا ته، اهي بلڪل حق بجانب آهن. انسان جيڪڏهن ڪنهن مستقل حيثيت جو دعويدار آهي، کيس جيڪڏهن ڪو دائمي شرف ۽ وقار حاصل آهي ته، اهو محض ان جي ڪري آهي ته هو، خدا جي مخلوق آهي. خدا تي ايمان آڻڻ کانسواءِ انساني شرف جو تصور بلڪل بي معنيٰ آهي.
اڄ اسين جن حالتن منجهان گذرئون ٿا، اهي انتهائي افسوسناڪ آهن. اسان کي هر وقت ان ڳالهه جو شديد احساس ٿي رهيو آهي ته اسان مان جمهوري روح ڏينهون ڏينهن گم ٿيندو پيو وڃي. ان جو ڪارڻ، منهنجي حساب سان اهو آهي ته: ”نئين دنيا جو هي سرسبز ۽ سهڻو خطو غير محسوس طور تي الحاد جي ڄار ۾ جڪڙبو پيو وڃي ۽ ان جي ڪري ئي ان جا مذهبي ۽ روحاني بنياد لڏي چڪا آهن. مغربي دنيا ان ڳالهه جي لاءِ وڏين ڪوششن ۾ آهي ته ڪهڙيءَ ريت، انساني حقن کي انهن روحاني سرچشمن کان الڳ ڪري ڇڏجي، جيڪي الهامي مذهب جي سرچشمي مان نڪرن ٿا ۽ مغربي دنيا اهو به چاهي ٿي ته انهن حقن کي مستقل صورت ڏني وڃي، پر اها ڳالهه ناممڪن آهي. روحانيت جي پاڙن کي اکيڙڻ کان پوءِ اخلاق جي آسمان کي ڇهندڙ عمارت کي قائم رکڻ، هڪ اهڙو خواب آهي، جيڪو ڪڏهن به شرمندهء تعبير نه ٿو ٿي سگهي. انسانيت، بار بار اها حماقت ڪئي آهي ۽ هر بار ٺوڪر کائي رهي آهي.
الله پاڪ جي وجود جو ٺوس دليل : انڊر يوڪان دي (ماهرِ عضويات)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو