Saturday, June 18, 2016

سرهي سوچ ؛ “ انهن لفظن جو اوچتو منهن جي دل تي اهڙو ته گهرو اثر ٿيو”



بغداد ۾ هڪ نهايت ئي خوبصورت نوجوان لوهارڪو ڪم ڪندو هو،ڪم ڪرڻ وقر هو لوه کي ڳاڙهن الن جي وچان بنان ڪنهن انبور يا پڪڙ جي پنهن جي هٿن سان ٻاهر ڪڍندو هو پر کيس ڪجھه بن ٿيندو هو.اڪثر ماڻهو هن کي ديوانو سمجھندا هئا ۽ حيران به ٿيندا هئا ته هن جي هٿن تي باه جو اثر ڇو نٿو ٿئي؟
اتي موصل شهر جو هڪڙو شخص آيو،جڏهن هن سڄي ماجرا پنهن نجي اکين سان ڏٺي ته وڏي حيرانيء سان نوجوان کان پڇيو ت هن کي گرم لوه پڪڙڻ وقت اثر ڇو نٿو ٿئي.هن نوجوان چيو ته هاڻي ان تي ان جي اهڙي عادت پئجي ويئي آهي جو سندس طبيعت تي لوه جي گرميء جو ڪو اثر محسوس ئي نٿو ٿئي.هن شخص چيو؛ “آئون ان ڳالهه کي صحيح مڃڻ لاء هرگز تيار ناهيان،اصل راز ڪو ٻيو آهي.هن نوجوان تي زور ڀريو ته اهو راز کيس ٻڌائي.
ان جي ضد ڪرڻ تي نوجوان ٻڌايو ته؛
“ بغداد ۾ هڪ نهايت ئي حسين ۽ جميل ڇوڪري هئي.هن جا ماء پيء عمري لاء ويا ۽ ڪنهن حادثي جو شڪار ٿي ٻئي مري ويا. هاڻي اها ڇوڪري بي سهارا ۽ لاچار بڻجي هن شهر ۾ زندگي گذارڻ لڳي
اها ڇوڪري هڪ شريف پردي دار گهر سان تعلق رکندي هئي.هآني هن کي سمجھه ۾ نٿي آيو ته اڪيلي زندگي ڪيئن گذاري.آخر هوء نهايت ئي غم ۽ پريشانيء جي حالت ۾ ٻاهر رستي تي نڪري آئي.هن منهن جي گھر جي دروازي تي آواز ڏنو ۽ پڇيو ته کيس ٿڌو پاڻي ملي سگھندو؟ مون ها ڪئي ۽اندران ٿڌو پاڻي آڻي کيس پياريم. ڇوڪريء چيو ،خدا تنهن جو ڀلو ڪري!
مون کانئس پڇيو ته هن ڪجهه کاڌو به آهي؟ جنهن تي هن ٻڌايو ته هن ڪجهه به نه کاڌو آهي.
مون هن کي چيو ته تون شام جو هن ئي گھر ۾ موٽي اچجانء ۽ مون سان گڏ ماني کائجانء.ان نوجوان ٻڌايو ته مون ڇوڪريء لاء ڪباب وغيره ۽ ٻيو لذيذ کاڌو تيار ڪيو ۽ هوء شام جو منهن جي گھر موٽي آئي.جڏهن ڇوڪري ماني کائڻ ويٺي ته منهن نجي نيت خراب ٿي پيئي ۽ مون اتي دروازي جي ڪڙي ڏيئي ڇڏي،اهو ڏسي ڇوڪري سخت پريشان ۽ خوفزده ٿي ويئي ۽ چوڻ لڳي ،ڀاء! آئون تمام ڪمزور ۽ موت جي ويجھو پهچي چڪي آهيان،مهرباني ڪري مون کي خدا جي نالي تي ڇڏي ڏي. 
هو نوجوان چوڻ لڳو؛ پر مون تي برائيء جو ڀوت سوار هو.مون کيس چيو ته اهڙو موقعو وري نه ملندو ان ڪري آئون کيس ڇڏي نٿو سگھان.جنهن تي ڇوڪريء چيو ته توکي خدا ۽ رسول جي نالي جو واسطو! مون کي ڇڏي ڏي.ڇوڪريء جي انهن لفظن جو اوچتو منهن جي دل تي اهڙو ته گهرو اثر ٿيو  جو مون دروازي جو ڪنڍو کولي ڇڏيو ۽ هن جي سامهون ادب وچان بيهي عرض ڪيم ته هوء مون ڱي معاف ڪري ڇڏي جو منهن جي مٿان اهڙي ڪيفيت طاري ٿي هئي جنهن ڪري منهن جي نيت خراب ٿي.هاڻي تون منهن جي ڀيڻ آهين،مزي سان ماني کاء.
اهو ٻڌي ان ڇوڪريء دعا ڪئي ته؛
“الاهي! منهن جي هن ڀاء تي دوزخ جي باه حرام ڪري ڇڏ.”
اهو چئي هوء روئڻ لڳي ۽ وڏي آواز ۾ چوڻ لڳي ؛
“ اي اللھ! هن تي نه صرف دوزخ جي باه حرام ڪر پر هر قسم جي باه هن تي حرام ڪري ڇڏ.”
نوجوان ٻڌايو ته ڇوڪري اها دعا ڪري هلي ويئي.هڪ ففعي مون وٽ ڪم ڪرڻ دوران پڪڙ نه هو ۽ آئون ڌوڻي گرم ڪري نعل ٺاهي رهيو هئس.مون انبور پڪڙڻ لاء هث وڌايو ته اهو تپيل الن ۾ هليو ويوپر منهن جي هٿ تي باه جو ڪو اثر نه ٿيو.آئون حيران ٿي ويس،پوء مون کي ان ڇوڪريء جي اها
دعا ياد آئي ۽ تڏهن کان آئون ڀڙڪندڙ باه کي باه نٿو سمجھان بلڪه ان مان جيڪي چاهيان هٿ وجھي بنان ڪنهن خوف جي ڪڍي وٺندو آهيان.
                                                                                                                 (اشفاق احمد ؛ زاويه )

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو