Thursday, June 23, 2016

“اپڻي گهوٽ....”

حيات علي شاهه بخاري

مون گذريل ڪالم ۾ ڪجهه ڏوراپا ڏنا هئا، تن مان رڳو ڀائو مٺل جسڪاڻي وراڻي ڏني ته ”سائين اوهان جا اڪثر ڪالم وڻندا آهن، اڄوڪو به وڻيو، اڄڪلهه موسم ئي نه مزاج به گرم آهي، انبن جي مٺاڻ به اثر نه پئي ڪري، ان ڪري فيس بڪ کانسواءِ ٻي هر جاءِ تي مٺل ماٺ آهي، ٽن ڏينهن کان پي ٽي سي ايل رت ڪري ڇڏيو آهي، نيٽ ۾ مسئلي سبب اظهار (سعودي عرب ۾ موجود فرزند) سان رابطو ناهي، بجلي وارن جي ڇا ڳالهه ڪجي، ٽنڊوڄام جي صحافين به صرف ڳوٺن جي خبر ڏني، جڏهن ته جتي ڪٿي لک ۽ ان کان مٿي جو جرمانو صرف انهن تي جيڪي عملي کي خرچي نٿا ڏين، خير خوش هجو، آباد هجو.“ ڀائو مٺل جي ان واپڊا وارن جي ڏوراپي تي مون کي ياد آيو ته فيس بڪ تي لکيل هو ته هڪ عورت جو لک روپين جو گئس جو بل آيو، مائي بل کڻي واپڊا آفيس پهچي وئي ۽ دانهن ڪري چوڻ لڳي ته، ”مئا ماريا، درزخ لاءِ گئس جي لائن منهنجي گهران ٿي وڃي ڇا؟“ ڀائو مٺل جو هڪ ٻيو مئسيج آيو ته، ”اڄ پي ٽي سي ايل ٽنڊوڄام واري روبرو کلي چيو ته تنهنجو نمبر نه هلندو، جنهن کي وڻي وڃي چئه، سو لکپڙهه منقطع“ وري پياري دوست عبدالرحمان ڏيپلائي منهنجي لکڻيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”پنهنجي ڪالم ۾ مسئلا به بيان ڪندا ڪريو“.
مسئلن جو ذڪر ڪبو ته هر ڪنهن سان ڪونه ڪو مسئلو هوندو ۽ مون سان ته سڀ کان وڌيڪ مسئلا آهن، اهڙا سنگين قسم جا مسئلا جيڪي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال سان به حل نه ٿيندا، ان ڪري مون ڪڏهن به ڪنهن سان پنهنجو حال ناهي سليو ۽ نه ئي ڪنهن کي دل جو حال ٻڌايو آهي، باقي ها سنگت سچ ڪوڙ ملائي الف ليلوي انداز ۾ زٽ ڪوڙ ٻڌايا هوندا جو وڃي ٿيا خير. باقي دل جو حال مون پاڻ سان به ناهي سليو. چوندا آهن ته دل جو حال ٻئي کي ٻڌائڻ سان دل جو بار هلڪو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو فريش يعني تازو توانو ٿي ويندو آهي، مان اِن ڳالهه سان سهمت ناهيان، هڪڙو ته ٻين آڏو پنهنجا راز فاش ڪيون ۽ وري سنگت هرو ڀرو بليڪ ميل ڪندي رهي، اِن کان ڍڪي ڀلي آهي، دل جو سُور دل ۾ پوءِ ڀلي درديلا گانا ٻڌي دل کي وندرائڻو پوي. هر ماڻهوءَ جو دل وندرائڻ جو پنهنجو پنهنجو انداز آهي، جن جي معيار تي گهٽ ۾ گهٽ مان نٿو لهي سگهان. مان ان ڳالهه جو قائل هوندو آهيان ته ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي“. ان مان اهو نه سمجهندا ته مان ڪو موالي قسم جو ماڻهو آهيان يا ڀنگ پيئڻ جو عادي آهيان، مان مسڪين ماڻهو ڀنگ جهڙو اعليٰ ۽ معزز قسم جو نشو ڪرڻ جي همت نٿو ڪري سگهان، ڀنگ وڏن ماڻهن جو نشو آهي، غريب غربو ته ان بابت پهچي به نٿو سگهي.
خير نشي جي ڳالهه ڪنداسين ته نشيلي اکين جو نشو به واهه جو ٿيندو آهي، جنهن کي اڻ پيتيءَ جو نشو چئبو آهي. ڇا ته نشو هوندو آهي، اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن، دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي ويندي آهي ۽ ڪنن تي تاڙيون چڙهي وينديون آهن، اهڙي صورتحال ۾ مريض کي حڪيم نذير احمد شيخ سان صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي، جيڪو اهڙي مريض کي خفقان جو مريض قرار ڏئي سندس ٺاهيل دوائون ڏئي روانو ڪندو. مون کي حڪمت جا لکيل نسخا ته سمجهه ۾ ايندا آهن، جيئن حڪيم عبدالخالق ڏاهريءَ وٽ ”طاقت“ جي دوا لاءِ مهينن جا مهينا جوتيون گسايم، مطلوبه دوا ڏيڻ بدران هي دوائو لکندو هو، اڪسير شگر، اڪسير جگر ۽ هڪ ٻي دوا، آخر مون وٽس وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ رضا تي راضي رهي ماٺ ڪري ويهي رهيس، چوندا آهن ته نااُميدي ڪفر آهي، سو برسات جو انتظار رهندو آهي ته کنڀيون کائي ڏسان ته ڪو کڙتيل نڪري ٿو يا نه. جڏهن کان منهنجو کنڀين ۾ ڪم ڦاٿو آهي، برساتون رُسي ويون آهن، بازار ۾ کنڀين ”مشتروم“ جي نالي جيڪي شيون ملن ٿيون، سي کنڀيون ناهن هونديون، شيطان نالي ڪا شيءِ هوندي آهي، اِن ڪري اوڏانهن به لاڙو ناهي.
ڏسو ته سهي ڳالهين ڳالهين ۾ پنهنجو سڄو احوال اوهان کي ٻڌائي ويهي رهيس. هاڻي ڇا ٿيندو، مهرباني ڪري راز کي سيڪريٽ رکندا، بي عزتي خراب نه ڪندا، ڪٿي ائين نه ٿئي ته منهنجي مارڪيٽ ويليو خراب ٿي وڃي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو