Wednesday, June 29, 2016

سرهي سوچ ؛ معاف ڪرڻ سکو

ڏوهه ۽ گناهه جي احساس کان آجو ٿيڻ جو نهايت طاقتور طريقو اهو آهي ته معاف ڪرڻ سکو، پهرين ته پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي غلط ڪمن کي معاف ڪريو ۽ پوءِ جيڪڏهن توهان سمجهو ته توهان ٻئي سان به ڪا زيادتي ڪئي آهي يا ان کي رنجايو اٿوَ ته ان وٽ هلي وڃي کائنس معافي وٺو. ان سان ٻنهين جون دليون به صاف ٿي وينديون ۽ توهان کي به دلي سڪون ۽ روحاني خوشي حاصل ٿيندي. اهو پُرسڪون رهڻ لاءِ هڪ نهايت طاقتور قانون آهي.
معافي واري قانون جو اصول:
معافي واري قانون جو اصول آهي ته ان سان توهان کي ذهني صحت حاصل ٿئي ٿي ۽ غلط خيالن ۽ جذبن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي توهان کي رنجايو يا ڪو نقصان پهچايو آهي ته به ان کي دل سان معاف ڪري ڇڏيو. هر مذهبي اخلاقيات ۾ سمورا فلاسافر ۽ دانشور انهيءَ قانون جو تمام گهڻو احترام ڪن ٿا، جنهن سان معاف ڪندڙ جي پنهنجي شخصيت به ڪافي سنوارجو ۽ بهتر ٿيو وڃي. معاف ڪرڻ سبب توهان دلي صدمي، اجائي پريشاني، ٻئي لاءِ غلط سوچڻ سميت سمورن غلط خيالن کان آجا ٿي ٿا وڃو، جيڪي هوند توهان جي صحت کي اندر ئي اندر نقصان پهچائيندا ٿا رهن. معاف ڪرڻ کان پوءِ پُرسڪون ٿي توهين پنهنجي توانائيءَ کي بهتر نموني استعمال ڪري وڌيڪ پرُسڪون ۽ آسودا ٿيو وڃو.
معاف ڪرڻ جي مشق:
توهان جي زندگيءَ ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو آهن، جن کي معاف ڪرڻ تمام ضروري آهي جنهن کان پوءِ توهان جي زندگي اڃا وڌيڪ خوبصورت ۽ خوشگوار ٿي ويندي. توهان کي جن ٽن قسمن جي ماڻهن کي معاف ڪرڻو آهي، انهن ۾ پهرئين نمبر تي توهان جا ماءُ پيءُ آهن، توهان جا ماءُ پيءُ جيڪڏهن حيات آهن يا وفات ڪري چُڪا آهن، ٻنهي صورتن ۾ توهان جڏهن به اهو محسوس ڪريو ته انهن پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن به مرحلي ۾ توهان کي رنجايو آهي، ڪا تڪليف ڏني آهي يا ٻيو ڪو نقصان پهچايو آهي، جنهن تي توهان کي دلي صدمو پهتو آهي ته پوءِ به انهن جي ڪيل مهربانين ۽ شفقت واري ٻئي سلوڪ کي ياد ڪري کين معاف ڪري ڇڏيو ۽ اهو سوچيو ته ماءُ پيءُ جي حيثيت ۾ هنن اهو سڀ ڪُجهه توهان جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ئي ڪيو هوندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اسان جي ماءُ پيءَ کي شعوري طور اها خبر ئي نه هوندي آهي ته سندن ڪهڙي ڳالهه تان، هنن جي اولاد کي ڏُک ٿيو آهي يا دلي تڪليف پهتي آهي.
تنهن کان پوءِ اُهي ماڻهو آهن، جن کان توهان کي ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪانه ڪا تڪليف پهتي هوندي. پوءِ ڀلي اهي ڪير به هُجن پر توهين کين معاف ڪري ڇڏيو. توهان جي اها معافي غير مشروط هُجڻ گهرجي. تنهن کان پوءِ جيڪڏهن توهان کي ڪو شخص پسند نه آهي ته به کيس معاف ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي. ان سان توهان کي ذهني سڪون ۽ روحاني خوشي حاصل ٿيندي، جنهن کان پوءِ توهان جي مستقبل جون خوشيون اڃا وڌي وينديون ۽ توهان جي پنهنجي شخصي پريشاني ختم ٿيڻ کان پوءِ خوبصورتي پيدا ٿي ويندي.
ياد رکو ته معاف ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو انتقام ڪونهي. ان مان ٻئي کي ڪو فائدو ٿئي يا نه ٿئي پر توهان کي پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، ٻئي خلاف اندر جي آند ماند ختم ٿي ويندي ۽ توهان هڪ نموني پُرسڪون ٿي ويندا.
ياد رکو ته ڪو به انسان مڪمل ڪونهي، غلطيون توهان کان به ٿي سگهن ٿيون ۽ ٻئي کان به، پر ڪڏهن ڪڏهن اسان کان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ به ڪي اهڙيون غلطيون ٿيو وڃن، جن جي اسان کي پاڻ کي به خبر نه پوندي آهي، پر ان سان ٻئي جي دل ضرور رنجائجيو وڃي ۽ ان جي دل ۾ توهان لاءِ احترام گهٽجيو وڃي. تنهن ڪري هميشه پنهنجي غلطي محسوس ڪندي ئي هڪدم ان جو ازالو ڪريو. جڏهن به محسوس ڪريو ته توهان جي عمل يا زبان سان ڪنهن کي ڏُک پهتو آهي يا تڪليف ٿي آهي ته بنا دير وڏي دل ڪري کائنس معافي وٺو. ياد رکو ته معاف ڪرڻ هڪ ايڏي وڏي طاقت آهي، جيڪا توهان جي ذهن ۽ روح کي سدائين لاءِ پُرسڪون ۽ خوش ڪريو ڇڏي. اهو ڪڏهن نه سوچيو ته توهان جي پهرين وڃي معافي گهرڻ سان توهان جي ڪا گهٽتائي ٿيندي يا ٻيو توهان بابت ڇا سوچيندو، پر اهو سوچيو ته ائين ڪرڻ سان ٻئي جي دل ۾ توهان لاءِ عزت ۽ احترام وڌي ويندو ۽ توهان تان به هڪ وڏو ذهني بار گهٽجي ويندو.
(روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو