Wednesday, June 8, 2016

“خدمت ” جو ٻج ڇٽي ،“ پئسي” جو فصل لڻو..!

ڊاڪٽر ڊيوڊ جوزف شيوارڊز/ بشير احمد ڀٽي

پئسو هڪ اهڙي شئي آهي جنهن کي حاصل ڪرڻ جي سڀ ڪو خواهش رکي ٿو. ڪي ماڻهو پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ پراڻا طريقا آزمائين ٿا، تنهن ڪري اُهي جيتري محنت ڪن ٿا اوترو پئسو نٿا ڪمائي سگهن. توهان اڪثر ڪري ڪيترن هنڌن تي ڏٺو هوندو ته ماڻهو پئسا ڪمائڻ لاءِ ڇا ڇا نٿا ڪن. ڪيتري نه سخت محنت ڪن ٿا، ته به ان جي موٽ ۾ اوترو پئسو نٿا ڪمائي سگهن، جيترو کين سندن انهيءَ محنت جي موٽ ۾ ملڻ گهرجي.
آخر ائين ڇو ٿو ٿئي؟ جواب آسان آهي، هو اهو وساري ٿا ڇڏين ته جيستائين ٻج نه پوکبو، اوستائين فصل ڪيئن ٿو لُڻي سگهجي.
تنهن ڪري سدائين لاءِ اها ڳالهه پنهنجي دماغ ۾ ويهاري ڇڏيو ته ’پئسي‘ جو فصل ڪاٽڻ لاءِ پهرين ’خدمت‘ جو ٻج وجهڻو پوندو آهي يعني پهرين خدمت ڪرڻ سکو ته پوءِ ئي توهان پئسو ڪمائي سگهو ٿا.
آءٌ ڪار ۾ شهر پئي ويس ۽ مُنهنجي ڪار ۾ پيٽرول ختم ٿيڻ وارو هو. آءٌ رستي ۾ ايندڙ هڪ پيٽرول پمپ تي وڃي بيٺس. اهو هڪ عام پيٽرول پمپ هو پر ان تي پيٽرول ڀرائڻ لاءِ آيل گاڏين جي وڏي رش لڳل هُئي. ڪُجهه دير کان پوءِ جڏهن مُنهنجو وارو آيو ته ان وقت خبر پئي ته اهو پيٽرول پمپ ايترو مشهور ڇو آهي؟
جيستائين مُنهنجي ڪار ۾ پيٽرول پوي، اوستائين هڪ نوجوان ڪپڙو کڻي مُنهنجي ڪار صاف ڪرڻ ۾ لڳي ويو. هن ڪار کي ٻاهران چڱي نموني صاف ڪرڻ کان پوءِ چيو ته سائين جيڪڏهن اجازت ڏيو ته آئون توهان جي ڪار جي اندران به صفائي ڪري ڏيان. ڇاڪاڻ ته اڄ آسمان مان ڪافي مٽي وسي آهي، جيڪا توهان جي ڪار جي اندر به وئي هوندي. پوءِ هُن مُنهنجي ڪار کي ٿوري ئي دير ۾ اڃا وڌيڪ صاف سٿرو ڪري ڇڏيو.
ان خاص قسم جي ’خدمت‘ مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ۽ پوءِ مون کي اهو پيٽرول پمپ سدائين ياد رهيو ۽ آءٌ اتان ايندي ويندي ان ئي پيٽرول پمپ تان پيٽرول ڀرائيندو رهندو هُئس ۽ ان پيٽرول پمپ تان مون کي سدائين سٺي سروس ملندي رهندي هُئي ۽ اهو ئي سبب آهي جو اهو پيٽرول پمپ پري ۽ سادو هُئڻ باوجود ٻين کان وڌيڪ ڪمائي رهيو هو. اصل ۾ ملازم جڏهن پهريون ڀيرو مُنهنجي ڪار جي صفائي ڪئي ته ڄڻ ته هن ان وقت ئي ’خدمت جو ٻج‘ پوکي ڇڏيو هو ۽ پوءِ باقي وقت ان کي لُڻندو هو.
تنهن ڪري ياد رکو ته ”پهرين خدمت ڪرڻ سکو ۽ پوءِ هميشه پئسا ڪمائيندا رهو.“ ڇو ته ”خدمت جو جذبو هر حالت ۾ توهان جي مدد ڪري ٿو.“
ريسٽورينٽس ۾ جيڪي ويٽر گراهڪن جي سٺي خدمت ڪن ٿا تن کي ٽپ ملي ٿي. جيڪڏهن ڪنهن آفيس ۾ ڪو ملازم سٺو ڪم ڪري پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪري ٿو، ته باس به کيس ساراهي ٿو ۽ سندس پگهار وڌائي ٿو. اصل ۾ اهو هڪ ڏي وٺ جو اصول آهي. بس ان کي ٿورو سمجهڻ جي ضرورت آهي ۽ پاڻ ۾ ٿوري نوڙت به پيدا ڪرڻ آهي.
طاقتور اصول:
هتي آءٌ توهان لاءِ بهتر موٽ ملڻ جو هڪ طاقتور اصول ٻُڌايان ٿو يعني ”ماڻهو توهان مان جيتري اميد رکن ٿا، توهان موٽ ۾ کين ان کان به وڌيڪ ڏيو.“
اصل ۾ توهين ٻين لاءِ جيڪو غير معمولي ڪم ڪري رهيا آهيو، اهو ئي توهان جي ’خدمت جو ٻج‘ آهي. جيڪڏهن توهين ڪنهن جي لاءِ رضاڪاراڻي نموني ڪم ڪريو ٿا ته به توهان پنهنجي لاءِ بهتر مستقبل جو هڪ فصل پوکيو ٿا. پڪ رکو ته ائين ڪري توهان پنهنجي مستقبل جو سٺو فصل لُڻي سگهو ٿا. اُها ڳالهه ياد رکو ته جيڪو پوکبو اهو ئي لُڻبو.
ڪنهن ڪاروبار ۾ گراهڪ کي سٺي سروس ڏيڻ به ٻج پوکڻ مثل ئي آهي. هو توهان جي سٺي سروس کان متاثر ٿي، ٻيو ڀيرو به توهان وٽ پاڻ هليو ايندو. يعني ”خدمت جو ٻوٽو پوکيو ۽ پئسي جو فصل لُڻو.“
روزانو پنهنجو پاڻ کان سوال ڪريو ته، ”جيڪي ماڻهو مون ۾ اميد رکيو ويٺا آهن، آءٌ انهن کي موٽ ۾ سندن اميد کان وڌيڪ ڇا ٿو ڏئي سگهان؟“ تنهن کان پوءِ ان جي جواب تي عمل ڪريو ۽ اهڙو رويو اختيار ڪريو، جيڪو توهان کي ڪاميابيءَ جي منزل ڏانهن وٺي وڃي.
ياد رکو ته پنهنجو پاڻ ۾ خدمت جو جذبو پيدا ڪريو ته پئسو پاڻهي توهان ڏانهن اچڻ شروع ٿي ويندو.
ان اصول تي به عمل ڪريو ته جيڪي ماڻهو توهان مان جيتري اميد رکن ٿا، توهين ڪوشش ڪري انهن جي اميدن تي پورو لهو، اڃا به وڌيڪ پورا لهو، پوءِ سٺو نتيجو پاڻهي توهان جي سامهون هوندو. بس، آزمائش شرط آهي.
                                                                         (روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو