Sunday, July 31, 2016

چهنڊڙيون ؛ ويو شاه هڪڙو، ۽ ٻيو شاه آيو.


دبئيء  مان  سنڌ  لئي  نئون   ٺاه آيو،

ڪنهن جو  اوج تي ڀاڳ واه واه آيو،

سنڌين لئي اهائي ساڳي ڌوڙ ڇائي،

ويو  شاه  هڪڙو، ۽   ٻيو     شاه آيو.

ٻارڙن جي محفل ؛ ٻين جي مدد ڪرڻ سان ڪاميابي ملندي


Thursday, July 28, 2016

آن لائن- آف لائن


حيات علي شاهه بخاري

فيس بڪ (ٻوٿ ڪتاب) تي منهنجي فرينڊز جي لسٽ ايتري ڊگهي، جيئن ڪو ماڻهو سڄي مهيني جي راشن جي خريداري لاءِ فهرست ٺاهي، انهن فرينڊز مان ڪيترا آن لائن هوندا آهن ته ڪي مون کي آن لائن ڏسي ائين آف لائن ٿي ويندا آهن، ڄڻ ڪو مان کانئن اڌارا پئسا وٺڻ ٿو چاهيان. اهڙي ڳالهه ناهي، ڇو ته مون کي هِن ڄمار به رب جو ڏنو گهڻو آهي (شڪر الحمدالله) اِهو ته ٿيو فيس بڪ جو مختصر احوال، پر اهڙا واقعا عام زندگي ۾ عام ۽ جام ٿيندا آهن، انهن به اڻ وڻندڙ شخصيت کان لنوائڻ يا پاسو ڪرڻ لاءِ گهٽي مٽائڻ وارو فارمولو تمام بهترين آهي.
اصل ۾ مون ڳالهه پئي ڪئي ته منهنجي لکڻين ۾ جيڪڏهن ڪو اثر آهي ته ان جو سبب منهنجا نيڪ ارادا ۽ جذبا آهن، نه ڪنهن جي خوشامد ڪيان ۽ نه هرو ڀرو ڪنهن جي پٽڪي ۾ هٿ  وجهان، اِن ڪري مون کي هرڪو دل ۾ جاءِ ڏيڻ بدران رڳو اکين تي ويهارڻ جو ٿورو ڪندو آهي، مون کي جيڪڏهن چار چڱا سڃاڻن ٿا ته ان جو سبب منهنجو هي ادارو آهي، جي ها ”عبرت“ اخبار منهنجي سڃاڻپ آهي، ان ۾ ڪوبه شڪ شبهو ناهي ته هيءَ اخبار سنڌ بلڪ ملڪ جي تمام معياري اخبار آهي. مون ڪافي سالن کان اِن ڳالهه کي نوٽ ڪيو آهي ته ڪيترا اهڙا ماڻهو جن کي پنهنجي ڪابه سڃاڻپ ڪانه هئي، سي جڏهن هِن اداري مان وابسته ٿيا ته ڄڻ پارس سان ڇهجي ويا ۽ پوءِ زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن شعبي ۾ پنهنجو پاڻ مڃرايائون. منهنجون سموريون لکڻيون ”عبرت“ جي ڪري ئي مقبول ٿين ٿيون، ڇو جو ”عبرت“ فيملي نيوز پيپر هئڻ جي ڪري هر طبقي ۾ مشهور آهي. ڊاڪٽر نثار ميمڻ به ”عبرت“ جو تمام پراڻو ريگيولر پڙهندڙ آهي، سندس چواڻي موجب جيستائين ”عبرت“ نه پڙهندو آهيان، ناشتو ناهيان ڪندو، پاڻ هڪ شڪايت اِها به ڪيائين ته اڪثر هاڪر عبرت بدران ڪا ٻي اخبار گهر اڇلائي ويندو آهي، شايد ان ڪري جو هاڪر ڪنهن ٻي سنڌي اخبار سان همدرديون رکندڙ هجي ۽ چاهيندو هجي ته اُن اخبار جا پڙهندڙ يعني گراهڪ وڌن.
الائجي ڇو مون کي مزاح سان شروع کان ئي دلچسپي رهي آهي، جنهن جي ڪري منهنجي گفتگو ۾ به مزاح هوندو آهي ته منهنجي لکڻيءَ ۾ به مزاح جو وڏو عمل دخل هوندو آهي، جيئن چيو ويندو آهي ته ”طنز و مزاح“ ۽ ڪيترن ئي ليکڪن جي لکڻين ۾ مذاح سان گڏ طنز به هوندو، پر منهنجي لکڻين ۾ مذاح ته هوندو آهي، پر طنز نالي ڪابه شيءِ ڪانه هوندي آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب اِهو آهي جو آئون ٻين جي عزت ۽ احترام ڪندو آهيان، هاڻي اِهو نه پڇجو ته ان عزت ۽ احترام جي موٽ ۾ مون کي ڇا ملندو آهي، يعني ساڳي عزت ۽ احترام ملندو آهي يا نه.... اِن جو جواب ڏيندس ته مون سان گڏوگڏ اوهان کي به مايوسي ٿيندي. ڇو جو عزت ۽ احترام جي موٽ ڏاڍي خراب ملندي آهي، يعني ڏک ٿيندو آهي، ماڻهن جي روين مان، هڪ دوست هڪ ڀيري ڏاڍو سٺو جملو چيو ته ”اوهان جي ڪاميابي تي اوهان جي دشمنن کي خوشي ٿيندي هوندي، اوهان جي دوستن کي تڪليف ٿيندي هوندي“ ۽ مون اِن جملي تي جڏهن غور ڪيو ته فڪر ۾ پئجي ويس، واقعي اها ڳالهه موجوده ڪرنسي مطابق سؤ پئسا سچ هئي. اهو به چيو ويندو آهي ته ايڏو ڪڙو به نه ٿجي جو ڪو شوڪاري ڇڏي ۽ وري ايڏو مٺو به نه ٿجي جو ڪو ڳڙڪائي وڃي“ ۽ حقيقت اِها آهي ته ڪڙو مون کان ٿيو نٿو ٿئي ۽ مٺو ٿيڻ کان به لنوائيندو آهيان ته ڪٿي شگر وڌي نه وڃي. ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي جو هر ٽيون ماڻهو پاڻ سان ”شگر مل“ کنيو هلي، پوءِ به کنڊ مهانگي آهي، نه رڳو اهو پر شگر هئڻ جي باوجود ماڻهن جي چپن تي مٺاڻ جهڙي مرڪ ناهي، ناجائز اسلحي تي پابندي باوجود ماڻهو دلين ۾ ڪات ۽ ڪهاڙا کڻي سرعام هلندا وتن، پر ڪوبه کين چوڻ وارو ناهي. حالانڪه اهڙن ماڻهن تي به قانون جو ڪو قلم لاڳو ٿيڻ گهرجي، کين به ڪا سزا ملڻ گهرجي يا کين سختيءَ سان هدايت ڪجي ته ”ٻين جو ڀلو چاهين ٿو ته اندر کي اجار“ وڏا ڏاها، وڏا وڏا شاعر محبت ۽ پيار جو درس ڏئي ويا، پر اسان ستار درس سان سنگت هئڻ باوجود پيار ۽ محبت جي ان درس تي ڌيان ڏيڻ لاءِ تيار ناهيون.
آخر اِهو اطلاع ڏيندو هلان ته جنهن وقت اوهان هي ڪالم پڙهي رهيا هوندا، ڀائو مٺل جيڪو پنجاب ۽ ڪوهه مريءَ جو دورو ڪري خيرن سان واپس موٽي چڪو هوندو اِها به کيس شابس هجي ته سفر دوران به فيس بڪ ۽ ايس ايم ايس ذريعي سڀني سان رابطي ۾ هو، يعني ”آن لائن“ هو، آئون سندس جاءِ تي هجان ها ته ”آف لائن“ ٿي پاڻ به سڪون سان هجان ها ۽ ٻين جو به سُک نه ڦٽايان هان!
(روزاني عبرت)

Tuesday, July 26, 2016

انــڌا اونــڌا ويڄ ؛ “عورت”


اسان مان گھڻا....
 ڪجھه بي عقلن پويان اکيون ٻوٽي هلندي،جڏهن عورت جو مرد سان مقابلو ڪندا آهن ته اها حقيقت وساري ويهندا آهن ته عورت صرف خيالن جي پرواز ۾ اڪيلي اڏامي سگھي ٿي.زميني سچائين جي لحاظ کان هوء رشتن جي قيد مان اڪيلي هڪ قدم به ٻاهر رکي نٿي سگھي!

ٻارڙن جي محفل ؛ مغرور بادشاه


Saturday, July 23, 2016

چهنڊڙيون ؛ نه ڪائي قوم جي ڳڻتي، نه سڀاڻي جو ڪو اُلڪو آ،


نه ڪائي قوم جي ڳڻتي، نه سڀاڻي جو ڪو اُلڪو آ،
ڪرپشن ڪا هتي ناهي، معيشت  جو   نه کُٽڪو آ،
عوامي  راء  آ  شامل   اسان  جي هن   بادشاهيء    ۾،
نه ڪوئي احتجاج آهي نه ئي ٻاهر ڪو   ٻُڙڪو آ.

ٻارڙن جي محفل؛ چاچو ولو

ٻارڙن جي محفل : کلڻ منع آهي... منهن تي گھنج

Monday, July 18, 2016

ٻارڙن جي محفل ؛ پختو ارادو


مفادن جون ذلتون


سون ورني سنڌ سدائين لڄپال ۽ لک پال رهي آهي، هي اهو خطو آهي جتي جي زرخيزي، خوشحالي، خوبصورتي، سرسبزي ۽ سونهن دنيا جي ڏتڙيلن کي هميشه پاڻ ڏانهن ڇڪيو آهي ۽ جيڪو به هتي آيو آهي (سواءِ ڀائي لوگن جي) اهو هن مٽي جو ئي ٿي ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو سنڌ جي سرزمين ۾ دنيا جي هر جاگرافيائي رنگ کي اوهان ڏسي سگهو ٿا، هر موسمي انڊلٺ کي محسوس ڪري سگهو ٿا اتي هر رنگ ۽ نسل جا فرد پڻ هن ڌرتي تي ”سنڌي“ بڻجي رهندي- ڏسڻ ۾ ايندا.
سنڌ اها ڌرتي رهي آهي جنهن نفرتن کي هميشه ناڪار ڪئي آهي ۽ محبتن کي من ۾ ويهاريو آهي. هتي جڏهن به مذهبن ماڻهن کي منجهايو آهي ته ڪو سچل، ڪو سامي، ڪو صوفي شاهه عنايت، ڪو لاکيڻو لطيف ڪر کڻي جاڳيو آهي ۽ هُن محبتن جا گلاب پوکي ٻيهر ماحول کي معطر ڪري ڇڏيو آهي پر هي ته ”ڪُل جُڳ“ آهي. سولي سنڌيءَ ۾ جيڪڏهن چئون ته مشيني ماحول- جتي هر فرد مشين بڻجي ويو آهي. سوچون سوارٿ جي چوڦير ڦرن ٿيون، مطلب ته ”پهرين پيٽ پنجوءَ جو پوءِ ٻار ٻچا.“ ان خود پسندي، خود نمائي ۽ پنهنجو ڀڀ ڀرڻ واري دؤر ۾ ٻيهر ڪجهه فرد نفرتن جو فصل پوکڻ لاءِ زمين سنوارڻ جي ڪرت کي لڳا آهن. ڇاڪاڻ ته کين انهيءَ فصل مان ڊالرن جي اپت ٿيڻ جي اُميد آهي. ڏيساور ڏسڻ جي آس آهي، سندن بنگلن کي محلن ۾ تبديل ڪرڻ جي لالچ آهي، ڪارن کي پراڊو ۾ بدلائڻ جي سوچ آهي، باقي غريب ۽ پيڙهيل ماڻهن سان ڪا جُٺ ٿئي ٿي، انهن لاءِ ”سانون ڪي؟“.
ٿيو هيئن آهي ته ڪجهه فردن کي مٿان  کان ڪو ”نوٽن سان ڀريل دهل“ مليو آهي جنهن تي هو ”دلت“ جي وڄت ڪري رهيا آهن. چون ٿا ته هن ڌرتي جا اصل ڌڻي جيڪي ڪجهه دراوڙ قبيلا آهن اهي نه هندو آهي، نه سنڌي آهن، اهي سي پي ڄائي سندن بابا صاحب جي قول موجب ”دلت“ آهن، انهن کي باقي معاشري کان ڌڪي ڌار ڪري هو کين سندن ”حق“ وٺي ڏيندا. انهن جي ڳڻپ به الڳ ڪرائيندا، انهن لاءِ ”ڪوٽا“ به الڳ رکرائيندا ۽ انهن کي اسيمبلين ۾ سيٽون پڻ الڳ ڏياريندا.
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اهي فرد جن مان ڪجهه ته نه انهن جاتين مان آهن ۽ نه ئي انهن جي ڌرم ڪرم ۾ سندن ساٿي، انهن ته پنهنجي ابن ڏاڏن پاران ڏنل پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ ڇڏي ماڊرن نالا ۽ ماڊرن انداز اختيار ڪيو آهي ۽ هاڻي هليا آهن سنڌ جي اصلوڪن رهاڪن کي سندن اصلوڪي سڃاڻپ ڏيارڻ ڪيڏو ته مذاق آهي! دراصل اسيمبلين ۾ سيٽون وٺڻ سندن ئي سرواڻ جو سپنو آهي جنهن لاءِ هو غريبن کي سيڙهي وانگر استعمال ڪرڻ ٿا چاهين.
انهن ۾ وري سڀ کان گهڻو ڳالهائيندڙ فرد جنهن پنهنجي اصلوڪي سڃاڻپ ڇڏي صوفي جي نانءُ ۾ پناهه ورتي اهو وري آکي ٿو ته سنڌ ۾ نه محبت رهي آهي نه سهپ واري نه ئي صوفياڻي سڃاڻپ آهي سنڌ ۾. سندس هيرو بن قاسم آهي جنهن سندن چواڻي کين براهمڻ راڄ کان نجات ڏياري. ڀاڳن جا ڀريا جيڪڏهن سنڌ صوفياڻي نه هئي ته توڏي ڪهڙا چڱا مڙس ميڙ کڻي آيا هئا ته تون پنهنجي نانءُ سان صوفي جو پُڇ ڳنڍ! تو اها سڃاڻپ ڇو اختيار ڪئي. انهن جو چڱو مڙس جنهن ٿر جي نالي تي پنهنجي ڪکائين گهر ۾ هڪ ديپ جلائي، ان کي محل بڻايو ۽ سڄي ٿر کي اهڙو ته قرضي بڻايو جو اڄ به روزانو ڪيترائي ڪاٺ ۾ ٿا وڃن ڇو ته انهن پنهنجن ئي گڏ ڪيل پئسن مان ”قرض“ کنيو هو. اهو همراهه جنهن کي ٿر رڳو ان لاءِ وڻي ٿو جو اهو هُن لاءِ ڊالر ڇپڻ واري مشين آهي ۽ ٿاريلا ان لاءِ وڻن ٿا جو اهي سندس وکر آهن جن کي وڪڻي هو محل پيو اڏائي ۽ بئنڪ بئلنس پيو بڻائي. ان همراهه جڏهن پٽ پرڻايو ته وي آءِ پيز لاءِ الڳ طعام تيار ٿيا هئا ۽ ايئرڪنڊيشنڊ شاميانا لڳايا ويا هئا ۽ غريب غربي لاءِ دال ڀت الڳ، اهو ٿو چوي ته آئون برابري جو دعويدار آهيان ڀلا ڀاڳ. دراصل کيس سياست ۾ سڌو ايوان پهچڻ لاءِ اڀو ٽپو ڏيڻ لاءِ ڪنهن لانچنگ پيڊ جي ضرورت آهي ۽ اهو کيس انهن برادرين جي غربت جي صورت ۾ مليو آهي.
چڱا چون ٿا ته هن وقت سنڌ جا ٻه وکر عالمي منڊي ۾ سڀ کان وڏي قيمت تي وڪامن ٿا ۽ انهن جا خريدار به هڪيا حاضر هوندا آهن، اهي آهن ”غربت ۽ محرومي“. هي ”دلت“ جا دهلاري به اهي وکر وڪڻي ڪروڙ ڪمائڻ وارا آهن، انهن پنهنجا پراڻا پروجيڪٽ پورا ٿيڻ بعد ڌنڌي ڌاڙي لاءِ نوان گس پي ڳوليا ته کين اسان جا اهي ڀائر نظر اچي ويا ۽ سندن ڄڻ ته پنج ئي گيهه ۾ پئجي ويون. مٿان وري هڪ اڻ ڏٺل اشارو به کين انهي گس تي هلڻ لاءِ ملي ويو سو اهي هليا آهن غربت ۽ غريبن کي وڪڻڻ.
اچو ته ڇيد ڪريون ته اها ذلت واري ٻه منهين بلا آخر نڪتي ڪٿان ۽ سنڌ ۾ سندس ڪو وجود به آهي يا نه.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڀارت جي قانون واري پهرين وزير ڊاڪٽر ڀيم رائو امبيڊڪر جنهن کي سندس ئي رياست جي راجپوت راجا پرڏيهه پڙهائي پرويڻ بڻايو تنهن پاڻ سان ڪجهه فردن پاران ڪيل ڪُڌي رويي جو بدلو وٺڻ لاءِ سڄي برادري ۽ ان سان لاڳاپيل برادرين کي الڳ ڪري بيهاريو. هو جيئن ته ڀارتي آئين جو خالق هو ان ڪري هو ان پوئتي پيل ۽ ڏتڙيل برادرين کي تعليمي ميدان، نوڪرين، پارليامينٽ ۽ مڪاني ادارن ۾ بهتر ڪوٽا ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو بعد ۾ هُن هزارين ماڻهن سان گڏ مذهب تبديل ڪري ٻڌ ڌرم قبول ڪيو.
هي ان وقت جو قصو آهي جڏهن گڏيل هندستان انگريزن جي راڄ هيٺيان هوندي به مختلف راڄواڙن ۽ بادشاهن توڙي نوابن جي سڌي راڄ هيٺ هو ۽ ان وقت هندو برادرين ۾ موجود سماجي ويڇن سبب ڪيتريون ئي برادريون پنهنجو پاڻ کي نهايت ئي خراب صورتحال ۾ محسوس ڪنديون هيون. ان صورتحال دلت تحريڪ کي جنم ڏنو جيڪا شيڊيولڊ ڪاسٽ لاءِ ڪوٽا تي ختم ٿي، ان بعد انهن برادرين جي ترقين جو هڪ دور شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته انهن کي 18 سيڪڙو ڪوٽا زندگي جي هر شعبي ۾ ملڻ لڳي. ڀارتي آئين موجب هر 5 سالن کانپوءِ شيڊيول ڪاسٽ ڪميشن جو اجلاس ٿيندو آهي جنهن ۾ ان فهرست ۾ موجود برادرين جي اقتصادي صورتحال کي نظر ۾ رکندي انهن کي ڪوٽا جي ٻين فهرستن ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي. واضح رهي ته ڀارت ۾ شيڊيول ڪاسٽس، شيڊيول ٽرائيب ۽ ادربيڪ ورڊ ڪاسٽس جي نالي ۾ مختلف ڪوٽا مقرر آهي جن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوٽا شيڊيول ڪاسٽن کي مليل آهي.
هاڻي اچون سنڌ جي صورتحال تي، ورهاڱي کان اڳ گڏيل هندستان جو حصو هجڻ ڪري انهن سماجي اڻ برابرين ۽ اڻ سهپ جو اثر سنڌ تي به ٿورو گهڻو هو پر ملڪ جي آزادي کانپوءِ اڪثريت ۽ اثر رسوخ وارين قوتن ۽ برادرين جي تبديلي سبب آهستي آهستي اهي ويڇا ۽ برايون ختم ٿيڻ لڳيون. سڀ کان وڏي تبديلي تعليم آندي جيڪا هتي هر ڪنهن لاءِ بنا ڪنهن فرق جي ميسر آهي. ان ڪري تعليم جي نعمت مان سڀ کان وڌيڪ فائدو انهن برادرين ورتو جن وٽ عام زندگي ۾ وسيلن جي اڻهوند کين اڳتي وڌڻ کان روڪي ڇڏيو هو. هتي موجود زميندار طبقي جي ماڻهن پاڻ وٽ زميني وسيلا ۽ انهن جي بهتر اُپت هجڻ سبب تعليم ڏانهن ڪجهه گهٽ ئي ڌيان ڏنو، واپاري طبقي پڻ صرف بنيادي تعليم کي پنهنجي نئين نسل لاءِ ضروري سمجهيو ڇاڪاڻ ته کين پنهنجي ڪاروبار کي هلائڻ ۽ وڌائڻ لاءِ جيتري سمجهه، لياقت ۽ علم جي ضرورت هئي انهن ان تي ئي ڌيان ڏنو. باقي رهيو اهو طبقو جيڪو اقتصادي طور پوئتي پيل ۽ ڏتڙيل هو، ان تعليم کي پنهنجي هٿيار طور استعمال ڪيو ۽ ان جو نتيجو اڄ اوهان ۽ اسان آڏو آهي ته ملڪ ۾ زندگي جي هر شعبي ۾ اسان انهن پوئتي پيل برادرين سان لاڳاپو رکندڙ فردن کي اهم عهدن تي براجمان ڏسون ٿا.
رهي ڳالهه ڇوت ڇات واري ته اها به ورهاڱي کان اڳ جي بيماري هئي ۽ آزادي بعد علم ۽ شعور وڌڻ سان گهٽجندي رهي ۽ هاڻي اُها اتي به محسوس نٿي ڪئي وڃي جتي علم جو سهائو اڃا تائين نه پهتو آهي.
مزي جهڙي ڳالهه اها آهي ته جڏهن پروجيڪٽي پنڊتن کي پنهنجي بئنڪ بئلنس ۾ ڪجهه ڪروڙن جو واڌارو ڪرڻ لاءِ دلت جو دهل وڄائڻ جي ڪِرت هٿ آهي تڏهن انهيءَ وڄت جو سڀ کان وڏو مخالف انهن ئي برادرين جو پڙهيل لکيل ۽ شعور رکندڙ نوجوان آهي، جيڪو ٻيهر انهن ذلتن جي اونداهين ۾ وڃڻ لاءِ تيار ناهي.
ڪيتري نه عجب ۽ اڻ سهندڙ ڳالهه آهي ته اهي ذلتن جا سوداگر چون ٿا ته اهي هندو ناهن پر سندن سرٽيفيڪٽن تي مذهب جي خاني ۾ اڄ تائين هندو ئي لکيل آهي، اهي جيڪڏهن پاڻ کي امبيڊڪر جا پوئلڳ سمجهن ٿا ته کين پنهنجي بابا صاحب جي پيروي ڪندي ڪو ٻيو مذهب اختيار ڪري ان بعد اها دعويٰ ڪرڻ گهرجي. اهي چون ٿا ته اهي غريب دلتن کي براهمڻن ۽ واڻين جي پنجوڙ مان آزاد ڪرائيندا. انهن عقل جي انڌن کي خبر ناهي ته اسان جي غريب برادرين جي اڪثريت جيڪي هر هاري آهن اهي جن زميندارن جي ”نجي جيلن“ مان آزاد ڪرايا ويندا آهن انهن ۾ اڌ سيڪڙو به براهمڻ يا واڻيا ناهن. ٻيو ته سندن ئي چواڻي سندن هيرو بن قاسم کين براهمڻ راڄ مان آزاد ڪرائي ورتو هو ته ان کان 13 سئو سال پوءِ اوچتو ئي اوچتو رات وچ ۾ براهمڻ راڄ ڪٿان نڪري آيو؟ جڏهن اسين هن ملڪ جي عتاب هيٺ آيل اقليتن جي ڳالهه ڪريون ٿا ته ظلم جي سيڪ هيٺ آيلن ۾ سمورا محمود ۽ اياز هڪ ئي صف ۾ بيٺل نظر اچن ٿا. نياڻين جي جبري مذهب تبديلي وارو ظلم هجي، ڀُنگ لاءِ اغوا هجي، ڀتي جون ڌمڪيون هجن يا ٻيا ظلم، هندو برادري سڄي انهيءَ عتاب جو شڪار آهي، واپاري برادريون ان جو ڪجهه سرس ئي شڪار ٿين ٿيون، رهيا براهمڻ ته اهي ويچارا سدائين انهن ئي برادرين جي جڻين، ڪريا ڪرم، نانءُ ڏيڻ ۽ سُوتڪا ڪڍڻ واري ڪرت ڪري پنهنجي پيٽ پورت ڪن ٿا، ڪيترا ته ڪراچي جي انهن فيڪٽرين ۾ بورچيخانو سنڀاليندي نظر ايندا جن ۾ ڪم ڪندڙ ڪارڪن گهڻو ڪري انهن ئي غريب برادرين مان هوندا آهن. اهي جيڪي پنهنجي پيٽ گذر لاءِ انهن ئي برادرين تي دارومدار رکن ٿا اهي ڪهڙو مٿن ظلم ڪندا. هاڻي جيڪڏهن اهي پروجيڪٽي پنڊت ڪوٽڙي جي هڪ ڪنڊ ۾ قائم هڪ ننڍڙي هڪ ڪمري واري هوٽل يا مٺي ۾ ڪنهن فرد پاران وڌيڪ گراهڪ اچڻ جي لالچ ۾ ٺاهيل ڪنهن برادري هوٽل کي کڻي سموري سماج جي منهن تي دانگي ملڻ جي سوچ ۾ آهن انهيءَ کي ڪو ذي شعور شخص قبول ڪرڻ لاءِ هرگز تيار ناهي ڇاڪاڻ ته انهن ئي شهرن ۾ سوين اهڙيون هوٽلون پڻ موجود آهن جن تي سمورا فرد بنا ڪنهن فرق جي کائن پيئن ٿا.
اصل ڳالهه اها آهي ته سدائين مذهبن جي نالن تي ورهايل هن ملڪ جي اقليتن گذريل ڪجهه سالن کان گڏيل طور تي حقن جي جدوجهد شروع ڪئي آهي جنهن ۾ جديد سائنسي بنيادن تي سروي ۽ تحقيق ڪري انگ اکرن ساڻ سياسي ۽ حڪومتي ڌرين سان لابنگ ڪئي وئي، انهن مان ڪجهه دوست انهن ئي گڏيل پليٽ فارمن تان ملڪ جي اعليٰ ترين انصاف وارن ادارن تائين پهتا جتان سپريم ڪورٽ جي تاريخي فيصلي هڪ هلچل مچائي، 68 سالن ۾ پهريون ڀيرو اقليتن لاءِ قانون سازي ٿيڻ لڳي، حڪومتون ان ڳالهه تي سنجيده ٿيون ته مذهبي اقلتين کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. انهيءَ ڳالهه کي هضم ڪرڻ انهن ڌرين لاءِ انتهائي ڏکيو ٿي پيو جيڪي اقليتن کي حق ڏيڻ جي حق ۾ ناهن. انهن ڌرين جي هٿن ۾ هميشه ڪجهه گڏيون هونديون آهن جن کي ضرورت پوڻ تي پُتلي تماشو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لاٿو ويندو آهي. هي پڻ هڪ اهڙو ئي پتلي تماشو آهي.
 ان معاملي جو هڪ ٻيو ۽ اهم پاسو اهو به آهي ته اڄڪلهه ٿر ۽ ان سان لاڳاپيل علائقن کي اڻ الاعلانيل طور تي ڪجهه ويڙهاڪ ڌرين جي حوالي ڪيو ويو آهي جيڪي مذهبي تعليمي ادارن جي نالي ۾ پنهنجا قلعا جوڙي رهيون آهن پر جيئن ٿر جتي 50 سيڪڙو ۽ ڪٿي ان کان به وڌيڪ آبادي هندو برادرين سان لاڳاپيل آهي ۽ انهن اندر نه ڪي فرقيوار تڪرار آهي نه ڪي طبقاتي جهيڙا آهن، انهيءَ محبتن جي مانڊاڻ ۾ انهن ڌرين کي اُتي پير کوڙڻ ۽ پنهنجو اثر رسوخ وڌائڻ ۾ سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن. ان ڪري هندو برادرين ۾ ڪي هٿ ٺوڪيا تڪرار پيدا ڪري انهن ۾ ويڇا وڌائڻ واري ايجنڊا پڻ پروجيڪٽي پنڊتن کي مليل آهي اهي اهو مٺو زهر پکيڙڻ جي ڪم ۾ رڌل آهن.
کين خبر ناهي ته اهو ٿر جنهن جي سڀ کان وڏي مندر ”پير پڇمائي آشرم“ ڏيپلو جي مهنت اڌ صدي کان وڌيڪ عرصو راما ٻائي صاحبه رهي جنهن جي پوئلڳن ۾ اهي سموريون برادريون شامل آهن جن کي هي دوست ظالم سڏين ٿا جن کي شايد اهو پتو ناهي ته راما ٻائي صاحبه جنهن جي آشيرواد جو هٿ مٿي تي اچڻ کي ماڻهو خوشقسمتي سمجهندا هئا، اها ٺاڪرڙا ڪولهي برادري سان لاڳاپو رکندڙ هئي، انهن دوستن کي شايد  اهو به پتو ناهي ته عوامي خدمت لاءِ مشهور ٿر جي مشهور سنت نيڻو رام جي آشرم ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ آشرم جي مک دروازي تي موجود ڀڳت چاندا رام ميگهواڙ جي سماڌي جي حاضري ڀرڻ لازمي آهي. اڄ به ان آشرم ۾ آرتي ماستر نانڪرام مينگهواڙ ڪندو آهي ۽ کين اهو ته هرگز پتو نه هوندو ته نيڻو رام جي ميلي جي شروعات هميشه مراد فقير پاران ڀڄنن جي چوڪڙي ڳائڻ سان ٿيندي آهي ۽ اهو ميلو لڳائيندڙ اسلام ڪوٽ جي لوهاڻا برادري آهي جن کي هنن ظالمن جي لسٽ ۾ درج ڪيو آهي انهن کي صرف هڪ خبر آهي ته ماڻهو ۾ نفرتن جو زهر ڀرڻ، پنهنجا بئنڪ اڪائونٽ ڀرڻ لاءِ لازمي آهي ۽ ان لاءِ هنن ذلتن جي پرچار کي پنهنجو مشن بڻايو آهي پر هن ملڪ جي غريب هندو برادري جا ماڻهو ايترا به اٻوجهه ناهن جو ذلتن جي سوداگرن جي پنجوڙ ۾ ڦاسي ٻيهر اونداهين ۾ ڌڪجن. عوام کي اها خبر آهي ته جيڪي فرد اڄ به ايوانن ۾ هندن جي سيٽن جي چونڊجي اچڻ بعد ”آئون دلت آهيان“ جا پوسٽر کڻي بيهن ٿا انهن کي اهي سيٽون پهريون ڀيرو نه مليون آهن، اهي سدائين هندن جي گڏيل ووٽن تي چونڊجي ايوانن تائين پهتا، نه رڳو اهي فرد پر گلجي رتن جي مينگهواڙ پارو مل ڪولهي، لالا مهر لال ڀيل، ڪرشن لال ڀيل، ڀيرو لال ٻالاڻي، انجنيئر گيانچند، پونجو مل ڀيل، ڪانجي رام مينگهواڙ سميت ڪيترائي نام ڪٺيا فرد انهيءَ سياسي سفر ۾ ايوانن جو سير ڪري چڪا آهن. انهن جي پورهئي کين اوستائين رسايو هاڻي جيڪڏهن ڪو فرد رڳو ڊالرن جي چمڪ ذريعي شارٽ ڪٽ ڪري ايوان تائين رسڻ چاهي ٿو ته ان لاءِ به ڪيئي گئس موجود آهن پر خدارا غريب برادرين کي پنهنجن مفادن لاءِ ذلتن جي اونداهين ۾ نه ڌڪيو.
(روزاني عبرت)

Saturday, July 16, 2016

انــڌا اونــڌا ويڄ ؛ “پاڻ رهبر”


اسان مان گھڻا....
 اهو دليل ڏين ٿا ته جڏهن ڪو صحيح رهبر ئي نٿو ملي ته ڪنهن جي پويان هلون؟ سوال اهو آهي ته جيڪر.. اوهان کي پنهن جو پاڻ صحيح هئڻ جو يقين آهي ته پوء پنهن جا رهبر پاڻ ڇو نٿا بڻجي پئو؟

ٻارڙن جي محفل ؛ سچائي



ٻارڙن جي محفل ؛ کلڻ منع آهي.(طوطو)


اکيون ابر آسري.

(سنڌايڪسپريس جي ٿورن سان)


Thursday, July 14, 2016

چهنڊڙيون ؛ اسان کي هڪ دفعو هاڻي ته هڪڙو اين آراو گھرجي،


اوهان سان ناه ٻيو تڪرار،نه ڪائي ڇڪ ڇڪان آهي،
اوهان سان ٻي شڪايت  ڪا،  نه  ڪا  ئي  ته گلا آهي.
اسان کي هڪ دفعو هاڻي ته هڪڙو اين آراو گھرجي،
پاناما  کان  پناه  گھرجي،     اها   بس          التجا  آهي.

انــڌا اونــڌا ويڄ: “بدگمانيون”


اسان مان گھڻا جيڪي هروقت بدگمانين جي پڃري ۾ ئي ساه کڻون 

ٿا    پر  اسان سڀني جو ضد اهو ئي ته اسين آزاد آهيون!