Thursday, June 30, 2016

دل جو ڪتاب ؛ پنهن جي دل پنهن جي مالڪ کي ڏيو


جيڪر توهان پنهن جي دل ڪنهن انسان کي ڏيندا ته اهو ان کي ٽوڙي ڇڏيندو.پنهن جي دل پنهن جي مالڪ کي ڏيو ته اها سدائين محفوظ رهندي.!!

”يادون سنڀالي رکجان..“

حيات علي شاهه بخاري

گذريل ڪالم ۾ سائين حڪيم نذير احمد شيخ جو ذڪر ڪيم، پاڻ فون ڪري گفتگو ڪئي، ڳالهين ڳالهين ۾ ڪجهه طبي مشوره مفت ۾ ڏنائين ۽ چيائين ته اسين حڪيم دوائن ذريعي علاج ڪندا آهيون ۽ اوهان لفظن ذريعي علاج ڪندا آهيو. حڪيم صاحب جي وڏي عنايت جو مون کي اهڙن خوبصورت لفظن سان نوازيو اٿس. هونئن سچ پڇو ته مان سڀني پڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي منهنجي ڪچين ڦڪين ۽ آڏين اُبتين لکڻين کي مان ڏين ٿا. هاڻي جيسين ڀائو مٺل جسڪاڻي جو پي ٽي سي ايل وارو فون ٺيڪ نٿو ٿئي، تيستائين پاڻ فيس بوڪ (ٻوٿ ڪتاب) تي به ديدار نه ڪرائيندو ۽ سندس خوبصورت لکڻين کان به محروم رهنداسين. الله تعاليٰ مون سميت سڀني جون مشڪلون آسان ڪري. آمين.
رمضان جو برڪتن ڀريو مهينو آهي سحري توڙي افطار وقت هڪ عجب سمان هوندو آهي. مسجدن جون رونقون ڏسڻ وٽان هونديون آهن. افطار پارٽين جو به سلسلو جاري آهي. مون ڪيترائي رمضان المبارڪ ڪراچي ۽ ڪجهه رمضان سڳورا لاهور ۾ گذاريا. لاهور ۾ محبوب عالم ۽ مان ريلوي اسٽيشن ڀرسان ”سٽي هوٽل“ ۾ رهندا هئاسين. پي ٽي وي جي ڊراما سيريل ”وارث“ ۾ چوڌري حشمت خان جو لازوال ڪردار ادا ڪرڻ تي تمام گهڻي مشهوري ملي. لاهور جي ريلوي اسٽيشن تي مقرر مئجسٽريٽ ڪو ڪليار صاحب به محبوب عالم جو پرستار هو. محبوب عالم سان گڏ مان به ڪڏهن ڪڏهن ڪليار صاحب وٽ ويندو هوس. هڪ ڀيري رمضان جي مهيني ۾ ان ڪليار صاحب وٽ ويٺا هئاسين، جيئن ته شهر ۾ کاڌي پيتي جي شين جي دڪانن بند هئڻ ڪري بي روزائتا بس اسٽاپن ۽ ريلوي اسٽيشن تي وڃي کائيندا پيئندا آهن. اُن ڏينهن به ٻه ٽي ريلوي پوليس جا اهلڪار ٽن چئن ڄڻن کي جهلي ڪليار صاحب وٽ وٺي آيا ۽ چوڻ لڳا ته هنن وٽ ريلوي جي ٽڪيٽ موجود ناهي ۽ هي پليٽ فارم جي اسٽالن تي کائي پي روزي جي بي حرمتي ڪري رهيا هئا. مئجسٽريٽ ڪليار بي روزائتن کي دڙڪا ڏنا ته روزا نٿا رکو، انهن مان هڪ همراهه هٿ ٻڌي ڪليار صاحب کي عرض ڪيو ته ”سرڪار مان عيسائي آهيان“ ان جو مطلب هو ته مان رمضان جي روزي واري پابنديءَ کان آجو آهيان، ڪليار کيس دڙڪو ڏئي چيو ته ڪوڙ ٿو ڳالهائين، ان شخص تڪڙ ۾ ڪلمو پڙهي چيو ته ”لااله الله مان عيسائي آهيان“ ڪليار صاحب سميت اسان سڀني کان ٽهڪ نڪري ويو. ڪليار سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ هو هليا ويا.
اچون ٿا وري شوبز جي دنيا ڏانهن، جنهن لاءِ اردو ۾ چوندا آهن ته ”دور ڪي ڍول سهاني“ ۽ حقيقت ۾ ائين آهي به، اها چوڻي رڳو شوبز لاءِ نه پر ڪيترن ئي شعبن لاءِ ٺهڪي ٿي، جن ۾ ڪو ”چارو“ ۽ ڪا ”ڪشش“  نظر ايندي آهي اوهان رڳو هن دنيا تي نظر وجهو ته باوجود تڪليفن ۽ پريشانين جي هن دنيا سان دل لڳي ويندي آهي ۽ دنيا مان وڃڻ جو تصور ئي لڱ ڪانڊاري ڇڏيندو آهي يا وري پيار محبت جا فسانه ڪيڏا نه وڻندڙ لڳندا آهن، حالانڪه ان جو انجام دردناڪ ٿيندو آهي ۽ پوءِ پيار محبت جا متاثر درد ناڪ گيت ٻڌي لڙڪ ڳاڙيندا آهن يا وري شاعر ٿي دل جا اُڌما ڪڍندا آهن. اهڙي صورتحال ڏسڻ باوجود ماڻهو مڙن ڪو نه ٿا. اڳي ته خيرن سان پري پري کان ڏسي اکيون ٿڌيون ڪبيون، ان ڪم لاءِ گهرن جون ڇتون ۽ دريون وڏو ڪم ڏينديون هيون، وري زماني ترقي ڪئي ته خط و ڪتابت جو سلسلو شروع ٿي ويو. ملاقات لاءِ ورهيه لنگهي ويندا هئا، ڳالهائڻ جي به سالن جا سال همت ڪا نه ٿيندي هئي، ان دوران کير گهر تي ڏيڻ وارو ۽ ڀاڄي وڪرو ڪرڻ وارو تمام ٿوري عرصي ۾ ”ڦٻي“ ويندو هو. خير، پيار محبت جون ڳالهيون ڪبيون ته مون کي پنهنجي دوستن جا قصا ٻڌائڻا پوندا ۽ اخلاقي طور تي مون کي پنهنجي ناڪام عشق جو ڪو هڪ اڌ داستان ٻڌائڻو پوندو، هونئن مون ڏٺو آهي ته جيڪي سٺا شاعر آهن، تن کي پيار جي چوٽ لڳل هوندي، هيتريون جٺيون ٿيڻ باوجود آئون اڃان تائين شاعر ٿي نه سگهيو آهيان. باقي ڀائو مٺل جسڪاڻي سٺي شاعري ڪندو آهي پوءِ الائجي قصو ڪيئن آهي، ماڻهو کرئي جي مند ڪانهي.
عشق محبت جي حوالي سان ٻڌائيندو هلان ته هندستاني  اداڪار ڌرميندر ۽ هيما مالنيءَ جو عشق چوٽ تي هو، جيڪو سندن شادي تي انجام پذير ٿيو، ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن اڃان سندن محبت جو داستان هليو پئي ته ٻئي ڪوشش ڪندا هئا ته فلمن ۾ گڏ هجون، پر ڪڏهن ڪڏهن هدايتڪار جي چوائس ته ٻنهي مان ڪنهن هڪڙي کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو ويندو هو ۽ هي ويچارا وڇوڙي جا ڏند سهندا هئا، ڳالهه ٿا ڪن ته فلم ”رضيه سلطانه“ ۾ هيما مالني کي ڪاسٽ ڪيو ويو ته ڌرميندر فلم جي يونٽ جي هڪ اهم رڪن کي ڏيڍ لک روپيا ڏئي چيو ته ان فلم ۾ مون کي ڪاسٽ ڪرائي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، ان فلم ۾ هيما مالني ۽ ڌرميندر مرڪزي ڪردار ادا ڪيا. هڪ ٻي ڳالهه به ٻڌڻ ۾ آئي ته ڌرميندر فلم ”شعلي“ جي ڪئميرا مين ۽ لائٽ مين کي ڳجهه ڳوهه ۾ رشوت ڏيندو هو ته جنهن وقت هيما مالني سان سندس ڪو قرب ڪچهري وارو يا ويجهڙ وارو سين پڪرائيز ٿئي ته ان جي پهرين ٽيڪ اوڪي نه ڪجو. ان کي ورجائي ورجائي ڪيو وڃي ته جيئن....
رمضان جو مهينو آهي ۽ آئون روزي جي حالت ۾ الائجي ڇا مان ڇا چوندو وڃان، ان ڪري پنهنجي خيالن ۽ قلم کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ماٺ ٿو ڪريان، مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ.

Wednesday, June 29, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ ڪتن جا خادم ۽ “ دولت مشترڪه”

جڏهن آئون آمريڪا ويس ته ڏٺم ته انگريز ڪتي کي ڪار جي فرنٽ سيٽ تي ويهاري وڃي رهيو هو جهڙيء طرح اسان ڪنهن معزز مهمان کي ويهاريندا آهيون.هڪڙي  ڊگھيٽافي هن جي هٿ ۾ هئي جيڪا ڪڏهن پنهن جي وات ۾ ٿي وڌائين ته ساڳي ٽافي وري ڪتي جي وات ۾ ٿي وڌائين ۽ وري ڪڍي پنهن جي وات ۾ ٿي وڌائين.
لڳي ٿو ته ڪتن جي برادريء مان آهن، جيڪي پاڻ کائين ٿا اهو ئي ڪتن کي کارائين ٿا.بلڪه ڪتن کي پنهن جي برادريء کان به مٿي سمجھن ٿا،ڪتن لاء بينڪ بيلنس ڇڏي مرن ٿا پر پنهن جي اولاد لاء ڪجھه نٿا ڪن ڇوته کين يقين ناهي ته اهو سندن اولاد آهي!عورت جيئن ته انهن وٽ “دولت مشترڪه ” آهي  ان ڪري اولاد به سمجھي ٿو ته خبر ناهي منهن جو پيء ڪير آهي؟ ان ڪري اهو به مائٽن سان محبت نٿو رکي. انگلنڊ ۾ ڏٺم ته ڪتن کي صبح سوير پارڪن ۾ گھمائڻ وٺي وڃن ٿا ۽ جڏهن ڪتو هنگي ٿو ته اهو به هٿن سان صاف ڪن ٿا. اللھ کي ڇڏيائون ته ڪتن جي خدمت نصيب ٿي.جيڪاقوم انسانن کان وڌيڪ ڪتن سان محبت رکي اها انسانيت جي ڪهڙي خدمت ڪندي!


ٻارڙن جي محفل؛ پوڙهو گابار



سرهي سوچ ؛ معاف ڪرڻ سکو

ڏوهه ۽ گناهه جي احساس کان آجو ٿيڻ جو نهايت طاقتور طريقو اهو آهي ته معاف ڪرڻ سکو، پهرين ته پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي غلط ڪمن کي معاف ڪريو ۽ پوءِ جيڪڏهن توهان سمجهو ته توهان ٻئي سان به ڪا زيادتي ڪئي آهي يا ان کي رنجايو اٿوَ ته ان وٽ هلي وڃي کائنس معافي وٺو. ان سان ٻنهين جون دليون به صاف ٿي وينديون ۽ توهان کي به دلي سڪون ۽ روحاني خوشي حاصل ٿيندي. اهو پُرسڪون رهڻ لاءِ هڪ نهايت طاقتور قانون آهي.
معافي واري قانون جو اصول:
معافي واري قانون جو اصول آهي ته ان سان توهان کي ذهني صحت حاصل ٿئي ٿي ۽ غلط خيالن ۽ جذبن کان ڇوٽڪارو حاصل ٿئي ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي توهان کي رنجايو يا ڪو نقصان پهچايو آهي ته به ان کي دل سان معاف ڪري ڇڏيو. هر مذهبي اخلاقيات ۾ سمورا فلاسافر ۽ دانشور انهيءَ قانون جو تمام گهڻو احترام ڪن ٿا، جنهن سان معاف ڪندڙ جي پنهنجي شخصيت به ڪافي سنوارجو ۽ بهتر ٿيو وڃي. معاف ڪرڻ سبب توهان دلي صدمي، اجائي پريشاني، ٻئي لاءِ غلط سوچڻ سميت سمورن غلط خيالن کان آجا ٿي ٿا وڃو، جيڪي هوند توهان جي صحت کي اندر ئي اندر نقصان پهچائيندا ٿا رهن. معاف ڪرڻ کان پوءِ پُرسڪون ٿي توهين پنهنجي توانائيءَ کي بهتر نموني استعمال ڪري وڌيڪ پرُسڪون ۽ آسودا ٿيو وڃو.
معاف ڪرڻ جي مشق:
توهان جي زندگيءَ ۾ ٽن قسمن جا ماڻهو آهن، جن کي معاف ڪرڻ تمام ضروري آهي جنهن کان پوءِ توهان جي زندگي اڃا وڌيڪ خوبصورت ۽ خوشگوار ٿي ويندي. توهان کي جن ٽن قسمن جي ماڻهن کي معاف ڪرڻو آهي، انهن ۾ پهرئين نمبر تي توهان جا ماءُ پيءُ آهن، توهان جا ماءُ پيءُ جيڪڏهن حيات آهن يا وفات ڪري چُڪا آهن، ٻنهي صورتن ۾ توهان جڏهن به اهو محسوس ڪريو ته انهن پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن به مرحلي ۾ توهان کي رنجايو آهي، ڪا تڪليف ڏني آهي يا ٻيو ڪو نقصان پهچايو آهي، جنهن تي توهان کي دلي صدمو پهتو آهي ته پوءِ به انهن جي ڪيل مهربانين ۽ شفقت واري ٻئي سلوڪ کي ياد ڪري کين معاف ڪري ڇڏيو ۽ اهو سوچيو ته ماءُ پيءُ جي حيثيت ۾ هنن اهو سڀ ڪُجهه توهان جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ ئي ڪيو هوندو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اسان جي ماءُ پيءَ کي شعوري طور اها خبر ئي نه هوندي آهي ته سندن ڪهڙي ڳالهه تان، هنن جي اولاد کي ڏُک ٿيو آهي يا دلي تڪليف پهتي آهي.
تنهن کان پوءِ اُهي ماڻهو آهن، جن کان توهان کي ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن سبب ڪانه ڪا تڪليف پهتي هوندي. پوءِ ڀلي اهي ڪير به هُجن پر توهين کين معاف ڪري ڇڏيو. توهان جي اها معافي غير مشروط هُجڻ گهرجي. تنهن کان پوءِ جيڪڏهن توهان کي ڪو شخص پسند نه آهي ته به کيس معاف ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي. ان سان توهان کي ذهني سڪون ۽ روحاني خوشي حاصل ٿيندي، جنهن کان پوءِ توهان جي مستقبل جون خوشيون اڃا وڌي وينديون ۽ توهان جي پنهنجي شخصي پريشاني ختم ٿيڻ کان پوءِ خوبصورتي پيدا ٿي ويندي.
ياد رکو ته معاف ڪرڻ کان وڌيڪ ٻيو ڪو انتقام ڪونهي. ان مان ٻئي کي ڪو فائدو ٿئي يا نه ٿئي پر توهان کي پنهنجو پاڻ کي تمام گهڻو فائدو ٿيندو، ٻئي خلاف اندر جي آند ماند ختم ٿي ويندي ۽ توهان هڪ نموني پُرسڪون ٿي ويندا.
ياد رکو ته ڪو به انسان مڪمل ڪونهي، غلطيون توهان کان به ٿي سگهن ٿيون ۽ ٻئي کان به، پر ڪڏهن ڪڏهن اسان کان اڻ ڄاڻائيءَ ۾ به ڪي اهڙيون غلطيون ٿيو وڃن، جن جي اسان کي پاڻ کي به خبر نه پوندي آهي، پر ان سان ٻئي جي دل ضرور رنجائجيو وڃي ۽ ان جي دل ۾ توهان لاءِ احترام گهٽجيو وڃي. تنهن ڪري هميشه پنهنجي غلطي محسوس ڪندي ئي هڪدم ان جو ازالو ڪريو. جڏهن به محسوس ڪريو ته توهان جي عمل يا زبان سان ڪنهن کي ڏُک پهتو آهي يا تڪليف ٿي آهي ته بنا دير وڏي دل ڪري کائنس معافي وٺو. ياد رکو ته معاف ڪرڻ هڪ ايڏي وڏي طاقت آهي، جيڪا توهان جي ذهن ۽ روح کي سدائين لاءِ پُرسڪون ۽ خوش ڪريو ڇڏي. اهو ڪڏهن نه سوچيو ته توهان جي پهرين وڃي معافي گهرڻ سان توهان جي ڪا گهٽتائي ٿيندي يا ٻيو توهان بابت ڇا سوچيندو، پر اهو سوچيو ته ائين ڪرڻ سان ٻئي جي دل ۾ توهان لاءِ عزت ۽ احترام وڌي ويندو ۽ توهان تان به هڪ وڏو ذهني بار گهٽجي ويندو.
(روزاني ڪاوش جي ٿورن سان)

دل جو ڪتاب ؛ “ معاف ڪرڻ ” ڇا آهي؟


“ معاف ڪرڻ ” ڇا آهي؟ اهو اهڙو ميوو آهي جيڪو ڪو وڻ تڏهن ڏيندو آهي جڏهن ان کي پٿرن سان زخمي ڪيو وڃي ٿو !

انــڌا اونــڌا ويڄ ؛ “ سفر ”


اسان مان گھڻا .....
سفر کي جسماني اچ وڃ جو نالو ڏين ٿا پر ......
حقيقت ۾ اڪثر سفر اسان جي ذات جو پنهن جي جسم کان فرار جي خواهش جو عڪس هوندو آهي.!

همه اوستي حال ۾..!

(روزاني سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان)

Tuesday, June 28, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ “رمضان” ڪٿان ايندو آهي؟


ڪجهه  ماڻهن کي رمضان شريف جي اچڻ جو گهڻو غم بلڪه خوف هوندو آهي، جيئن  ڪو مولوي صاحب ڪنهن ڳوٺ ۾ ويو ۽ ماڻهن کي چوڻ لڳو ؛ ڏسو! رمضان شريف اچي رهيو آهي،هڪ مهينو روزا رکڻا پوندا.
ماڻهو پڇڻ لڳا ؛ رمضان شريف ڪٿان ايندو آهي؟
مولوي صاحب فرمايو ؛ جڏهن اولهه کان چنڊ نظر ايندو ته رمضان شريف اچي ويندو.
29 تاريخ تي سمورا ڳوٺ وارا لٺيون ڪهاڙيون کڻي ڳوٺ جي ٻاهران گڏ ٿي ويا.اولهه کان هڪ اٺ وارو ايندي ڏٺائون ته لٺيون کڻي ان ڏانهن ڊوڙيا ۽ پڇڻ لڳا ؛ تنهن جو نالو ڇا آهي؟ اٺ واري جواب ڏنو؛ منهن جو نالو رمضان علي آهي. بس پوء ته ان ويچاري تي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنائون.
هو ويچارو پريشان ٿي ويو ۽ اٺ ڪاهي واپس ڀڳو.هڪ مهيني کان پوء مولوي صاحب واپس آيو ۽ ڳوٺاڻن کان پڇڻ لڳو ؛ اوهان رمضان جا روزا رکيا هئا؟
ڳوٺاڻن جواب ڏنو ؛ اسان روزا ڇو رکون ها؟ اسان ته رمضان کي ڳوٺ ۾ ئي داخل ٿيڻ نه ڏنو!

چهنڊڙيون ؛ جي دل ڪري ٿي ڌڙ ڌڙ، لنڊن گھمي اچ،


جي دل ڪري ٿي ڌڙ ڌڙ، لنڊن گھمي اچ،

جي    مٿي    ۾   آ  کڙ کڙ،لنڊن گھمي اچ

پنهنجي ملڪ   ۾ جي منجھي ساه  ٿو

اڏامي، ڪري     ڦڙ ڦڙ، لنڊن گھمي اچ.


ٻارڙن جي محفل ؛بادشاه زادي ۽ چور.



پکي، پڃرو ۽ پرواز..!

(رواني سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان)

Monday, June 27, 2016

ٻارڙن جي محفل ؛ ظلم سدائين رهڻو ناهي.

ادبي پڪوڙا ؛ انگلش ميڊيم اسڪول کوليو!


 اوهين“ انڊر ميٽرڪ” هجو يا وري“ اندران ميٽرڪ” هجو ،ساڳي ڳالهه آهي.ڳڻتيء جي ڪا ڳالهه ناهي.ڊگري يافته گريجوئيٽن وانگي پنهن جي بي روزگاريء جو ماتم ڪرڻ بدران “خود روزگار اسڪيم”  تحت پنهن جو اسڪول کولي وٺو.ٻاهرئين بورڊ تي اسڪول جي نالي سان گڏ “ انگلش ميڊيم ” جا لفظ ضرور لکائجو.ڪنڊ واري ڪنهن بيڪار ڪمري م ٽي عدد ڦٽل ڪمپيوٽر في عدد يارهن سو روپيا جي حساب سان خريد ڪري ڦٽي ڪري ڇڏيو،اهڙيء طرح اسڪول جي بورڊ تي           “ ڪمپيوٽرائيزڊ”  يا “ جديد دور جي گھرجن سان هم آهنگ “ جا لفظ به لکائي سگھبا. شاگردن جي اسڪولي يونيفارم ڪنهن آرمي پبلڪ اسڪول جي ڪيڊٽن جي وردين جهڙي مقرر ڪريو.
شاگردياڻين لاء وردي گھٽ ۾ گھٽ ڪنهن ميڊيڪل يونيورسٽيء ۾ پڙهندڙ ليڊي ڊاڪٽرس  جهڙي هئڻ ضروري آهي، اسڪول جي نالي جي آخر ۾ “اينڊ ايڪيڊمي” لکڻ نه وسارجو جنهن جو مطلب ته شاگرد ڦاٿل مرغن جيان شام جو به مختلف فيون ڀري اتي ٽيوشن پڙهي سگھن ٿا.ڪنهن سستي پينٽر کان اسڪول جي ديوارن تي مّختلف جانورن جهڙوڪ گھوڙي،هاٿي ۽ زيبرا وغيره جون ڪجهه تصويرون ٺهرائي ڇڏيو، لنڊا بازار مان ڪجھه رانديڪا جهڙوڪ باندر ڀولا،لومڙ ۽ ڀالو وٺي ڪنهن ڪمري ۾ ڦٽي ڪيو ۽ ان ڪمري تي “ ايڪٽوٽي بيسڊ لرننگ سينٽر ” جو بورڊ لڳائي ڇڏيو.پنهن جي پاڙي جي مولوي صاحب کي 20 روپيا روزانو جو معاوضو ادا ڪندا رهو ته جيئن هو جناح ٽوپي ۽ واسڪوٽ پائي صبح جو اچي اسيمبليء ۾ تلاوت ڪري.اوهين پنهن جي اسڪول جي اشتهارن ۾ ان جي هڪ اڌ تصوير سان گڏ اهي لفظ به لکي ڇڏيو ته “ دنيائي تعليم سان گڏوگڏ ديني تعليم بلڪل مفت” . جيڪر اوهان کي انگريزي پڙهڻ لکڻ نٿي اچي ته ان جو ڪو ٽينشن نه ڪريو،اها ڳالهه ته ثابت ٿي ڪري ته اوهين ملڪ جي اڪثريت جا نمائندا آهيو! بس هڪ دفعو اسڪول جو ٽائيم ٽيبل ڪمرن جي ٻاهران پڪي پينٽ سان لکرائي ڇڏيو. اشتهارن ۾ ماڻهن کي اهو باور ڪرايو ته اوهان جي اسڪول جا سمورا شاگرد پڙهي لکي وڏا ماڻهو بڻجن ٿا، عملي طور تي جيڪر 92 سيڪڙو ٻار اٺين درجي ۾  اٺ دفعا فيل ٿي گڏه گاڏا وهائين ٿا ته ان ۾ اوهان جي انگلش ميڊيم اسڪول جو ڪهڙو قصور!
بنان پڙهڻ جي ٻار پاس ڪيئن ٿيندا؟ اهو سوال ضرور اوهان کي پريشان ڪري سگھي ٿو پر ان جو حل تمام آسان آهي،امتحان ۾ بليڪ بورد تي رڳو امتحاني سوال نه لکو پر انهن جا مڪمل جواب به لکي ڇڏيو.رزلٽ واري ڏينهن هر شاگرد جي ڳچيء ۾ سونو پاڻي چڙهيل پلاسٽڪ جو بيج لٽڪائي ڇڏيو. ان سان گڏ ٻه ٽي ڪپ به انهن جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيو.مثال ؛ ڦوڪڻا ڦاڙڻ جي مقابلي ۾ پهريون نمبر ايندڙ  جي لاء ڪپ، صابڻ جي گجيء مان ڦوڪڻا ٺاهيندڙ جي لاء ڪپ، سڄو سال ڪاپين ۽ ڪتابن کي هٿ نه لائي انهن کي صاف سٿرو رکندڙ لاء ڪپ وغيره وغيره
وقت به وقت اسڪول ۾ “ڳاڙهو،پيلو ۽ سائو ” ڏينهن ملهائيندا رهو ،جن ڏينهن تي شاگردن جي گھرواري ڊائريء ۾ ان ڏينهن تي ڳاڙها ڏاڙهون،پيليون نارنگيون ۽ ساوا انگور گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلو جي حساب سان اسڪول کڻي اچڻ جون واضح هدايتون لکيل هجن.
اسڪول جي استقباليه ڪمري ۾ ڪنهن پري جهڙي چهري کي انگريزيء جا ڪجھه جملا رٽائي ويهاري ڇڏيو جو توهان جو اسڪول نه رڳو انگلش ميڊيم ٻڌڻ ۾ اچي پر ايندڙ ويندڙ کي توهان جو اسڪول انگلش ميڊيم ڏسڻ ۾ به اچي!                                                                                        

سرهي سوچ ؛ غريب ملڪن جو عوام هڪ نئين محتاجيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي.

ٻين عالمي جنگ جي پڄاڻيءَ کان وٺي سوويت يونين جي پڄاڻيءَ تائين سرد جنگ جو ماحول رهيو. ان ماحول ۾ ٻه قبضيدار نظام هڪ ٻئي جي اثر کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضرورت مند ملڪن کي استعمال ڪندا رهيا. هو ضرورتمند ملڪن ۾ پنهنجي پسند جون حڪومتون ٺاهيندا ۽ انهن کي برقرار رکڻ لاءِ حڪومتي ٽولن جي پرورش ڪندا رهيا. ظاهر آهي ته اهو ”ٻن نظرين جو ٽڪراءُ“ ٻڌايو ويندو هو پر پنهنجي جوهر ۾ انهن جي سرگرمين ۾ هڪ خوفناڪ هڪجهڙائي هئي. بهرحال ان ”ٽڪراءَ“ ۾ سڀ کان وڌيڪ نقصان غريب ملڪن جي عوام جو ٿيو. پاڪستان ان صورتحال ۾ فرنٽ لائين تي هيو ۽ هتان جي حڪومتي ٽولي جو لاڳاپو آمريڪا سان هيو. ۽ آمريڪي مراعتن ۽ انعامن اڪرامن جو مستحق حڪومتي ٽولي يعني سول ۽ ملٽري بيوروڪريسيءَ کي قرار ڏنو ويو. ان عوام کي بي عمل نظرين ۾ منجهائي ڇڏيو.
سرد جنگ جي خاتمي کان پوءِ ترقي يافته ملڪن جي قيادت آمريڪا ڪري رهيو آهي ۽ نوآبادياتي ۽ بعد ۾ سرد جنگ جي شڪار ملڪن جي انساني ۽ مادي وسيلن کي نجي سرمايي ۾ بدلائڻ جي حڪمت عمليءَ تي گامزن آهي. ان حڪمت عمليءَ جي پٺيان اهي بين الاقوامي ڪمپنيون (
Multinational Companies )آهن جن جي دولت ڪيترن ئي غريب ملڪن جي مجموعي دولت کان به وڌيڪ آهي. هيءَ اها ئي صورتحال آهي جيڪا نوآبادياتي نظام پٺيان ڪارفرما برطانوي سيڙپڪارن جي هئي.
ان نئين عالمي اقتصادي صورتحال ۾ غريب ملڪن جو عوام هڪ نئين محتاجيءَ  جو شڪار ٿي رهيو آهي. اها محتاجي پنهنجي ڪردار ۽ اثر جي حوالي سان نوآبادياتي نظام جي توسيع آهي. نوآبادياتي نظام ۽ بعد ۾ سرد جنگ جي دوران جيئن ته اسان وٽ برطانيا ۽ آمريڪا رياستي ڍانچن ۽ انهن تحت پنهنجي پاليل مخصوص حڪومتي ٽولن جي ذريعي پنهنجا مفاد حاصل ڪيا هئا، هاڻي ڇاڪاڻ ته هو اڃا وڌيڪ وسيع علائقن ۾ سيڙپ ڪرڻ چاهين ٿا، ان ڪري رياستي ڍانچن کي گهٽ ۾ گهٽ مؤثر ۽ انهن جي اثر واري دائري کي محدود ڪرڻ جو انتظام ڪيو پيو وڃي. ان لاءِ حڪومتي ادارن جي متبادل طور غير سرڪاري تنظيمن (NGOs) کي سرگرم ڪيو پيو وڃي. ساڳيا ادارا (مثال طور سول ۽ ملٽري بيورو ڪريسي) جيڪي اڳين دورن ۾ نوآبادياتي نظام ۽ سرد جنگ جي دوران انهن عالمي قوتن جي مفادن جي تحفظ ۾ استعمال ڪيا ويا هاڻي غير موزون ۽ غير ضروري سمجهيا پيا وڃن. ٻئي پاسي ساڳيا ادارا (اڪثر ملڪن ۾) نئين عالمي حڪمت عمليءَ جي پکيڙ ۾ رڪاوٽ پڻ بڻجي رهيا آهن، جنهن ڪري ڪري ادارتي گهوٽالو جنم وٺي رهيو آهي.
بين القوامي ڪمپنين جي ٺاهيل مال جي کپت تي ٻڌل نظام لاءِ موزون ماحول ۽ ڪارائتا فرد تيار ڪرڻ لاءِ اهڙي ثقافت کي هٿي ڏني پئي وڃي جنهن جو بنياد وڌ کان وڌ شيون خريد ڪرڻ(Consumerism
) تي ٻڌل آهي ۽ ان تي مشتمل نفسيات ۽ رويي جو بنياد عدم اطمينان تي آهي. رياستي ۽ قومي ٻنڌڻ ختم ڪرڻ لاءِ عالمي ڳوٺ (Global Village) ۽ ان سان لاڳاپيل تصورن جي مشهوري ڪئي پئي وڃي. وچين ۽ ان کان مٿئين طبقن ۾ اهڙا تصور يقيناً پرڪشش ٿين ٿا ڇاڪاڻ ته انهن طبقن جا مزاج بي پاڙا هوندا آهن. اهي ئي ماڻهو اسان جي ملڪي خزاني تي پڙهي لکي آمريڪا جي خدمت لاءِ لڏپلاڻ ڪندا آهن. سڀ کان خراب حالت اڪثريتي آباديءَ جي ٿي رهي آهي جنهن کي صدين کان پنهنجي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي. انهن جي زندگيءَ کي رڳي هڪ اڌ وقت جي مانيءَ تائين محدود رکيو ويو آهي. سندن ٻارن کي تعليم جون سهولتون مهيا نه ٿيون ۽ ڪيترين پيڙهين تائين سندن زندگيون بهتر نه ٿي سگهيون. اڄ جڏهن بين الاقوامي ڪمپنيون گهٽ کان گهٽ سيڙپ سان وڌ کان وڌ مال تيار ڪرڻ لاءِ اعليٰ ٽيڪنالاجيءَ کي استعمال ڪري رهيون آهن ۽ ان لاءِ کين اعليٰ درجي جي پيشه ور ملازمن ۽ هنرمند ڪارڪنن جي ضرورت آهي... ۽ اڪثريتي عوام (جنهن جا ٻار پرائمري تعليم کان اڳتي نه ٿا وڌي سگهن) مايوسيءَ ۽ نااميديءَ ڏانهن ڌڪجي وڃي ٿو.
(سبط حسن ؛ “ فڪري تحريرون”)

دل جو ڪتاب ؛ لکين ناتا ٺاهڻ ڪو ڪمال ناهي


لکين ناتا ٺاهڻ ڪو ڪمال ناهي پر ڪمال اهو آهي جو اهڙو ناتو ٺاهجي جو  جڏهن لکين اوهان جي خلاف هجن ته اهو  اوهان سان گڏ بيٺل هجي ..!

Sunday, June 26, 2016

سرهي سوچ ؛ سنڌ جي زندگي ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سر جياريو

تقريباً ڏيڍ سؤ سال اڳ، سنڌي ٻولي توڙي سنڌ جا باشندا هر نڪتي  کان دنيا ۾  آباد 

هئا. وڏي ۾ وڏا شاعر، عالم، گرامر جا ماهر ۽ لغت نويس هن ننڍڙيءَ ايراضيءَ 

مان شمار ڪيا ويندا هئا. فقط پوين ڏيڍ سؤ سالن ۾ ئي ڌارين جي غلاميءَ سببان سنڌ  

جي ترقي ختم ٿي چڪي آهي. هاڻي اهو اوهان جي همت ۽ حوصلي تي منحصر 

آهي جو اوهين سنڌ جي زندگي ۽ اجتماعي خوبين کي وري نئين سر جياريو ۽ سنڌ 

جي باشندن ۾ فڪر، عمل ۽ مقصد جي وحدت ۽ يگانگي پيدا ڪريو، ڇو ته انهيءَ 

وحدت ۽ يگانگيءَ کانسواءِ ڪنهن قوم يا ٻوليءَ جو اُسرڻ محال آهي

سنڌي ٻوليءَ جي بقا ۽ بچاءَ واسطي ٻين اڳيان هٿ ڊگهيرڻ حماقت آهي. ڀائرو، 

سنڌي ٻولي فقط ايستائين زنده رهي سگهي ٿي، جيستائين اوهين زنده آهيو، ۽ هڪ 

صحتمند زندگي گذاري رهيا آهيو. حقيقت ۾ سنڌ اڄ به اوهان جي طفيل زنده ناهي، 

مگر اهي، جي ٻه سؤ ورهيه اڳ جيئرا هئا، تن خاطر پئي پساهه کڻي. سنڌ انهن جي  

نيڪين سببان تڳي رهي آهي، نه ڪي اسان جي عملن ڪري. جڏهين اوهين 

پنهنجي شاندار ماضيءَ مان سبق حاصل ڪرڻ ڇڏي ڏيندا ۽ پنهنجي فڪر ۽ قوتِ 

تخليق ذريعي نون خيالن پيدا ڪرڻ جي بدران محض جسم بنجي ويندا، تڏهين، 

قانونِ فطرت مطابق، نه توهين رهندا، نه توهان جي ٻولي! ڪوبه سياستدان يا داناءُ 

انهيءَ حالت ۾ اوهان کي جياري نه سگهندو ۽ ازلي آواز ايندو ته ”ظالم قوم کي پري  

ڪيو وڃي!“ فبعداللقوم الظالمين.


شال ڌڻي تعاليٰ اهڙو ڏينهن نه ڏيکاري! آمين.



( علامه آئي آئي قاضي؛ سورهين سنڌي ادبي ڪانفرنس لاڙڪاڻي ڏانهن پيغام)

دل جو ڪتاب ؛ خوش نه رهندڙ ماڻهوء جو وڏي ۾ وڏو مسئلو


اڄوڪي دور ۾ خوش نه رهندڙ ماڻهوء جو وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي جو  هو ڄاڻي ته تمام گھڻو ٿو پر سمجھي تمام گھٽ ٿو.!!

ٻارڙن جي محفل : احسان ڪنهن تي ڪجي؟



انڌا اونڌا ويڄ ؛ “اکيون“


اسان مان گھڻن کي پنهن جي اکين تي وڏو ڀروسو هوندو آهي حالانڪه اک صرف اهو منظر ڏسي سگھندي آهي جيڪو ان جي نظر جي دائري ۾ هوندو آهي!

Saturday, June 25, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ وڏو ٿي افسانه نگار نه بڻجانء.


چڱو هاڻي ٻه ٽي نصيحتون به ٻڌي وٺ. وڏو ٿي افسانه نگار نه بڻجانء. اهي ماڻهو ڏاڍا ظالم هوندا آهن .
انهن جي هٿن ۾ قلم نه پر تلوارون ٿين ٿيون، جنهن ڪردار کي چاهين، بادشاه بنائي ڇڏين ۽ جنهن کي گھرن تنهن کي  ڦاسيء تي چاڙهي ڇڏين. انهن کي مارڻ ۽ زنده ڪرڻ جا اختيار هوندا آهن. اڃا هڪڙو ڪردار چڱو ڀلو ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي، اڃا ڳچيء ۾ گھنگھرا وڄي رهيا آهن.انهن کي ان ۾ وڏو مزو ايندو آهي،عشقيه ڪهاڻي آهي ته هروڀرو هيرو کي کوه ۾ ڌڪو ڏياري رهيا هوندا، هيروئن کان رات جا تارا ڳڻائي رهيا هوندا. جنهن کان پوء جنهن جي شادي جنهن سان چاهيائون ڪرائي ڇڏيائون. عام طور تي ڪنهن خوبصورت ڇوڪريء کي ان جي محبوب بدران ڪو پوڙهو سيٺ پرڻائي وٺي ويندو آهي.انهن کان پڇجي ته ڀلا ان ۾ ڪهڙي تڪ آهي !ڪهاڻي ته سڌي سنئين به ٿي سگھي ٿي. “ انور ۽ شڪيلا جي محبت ٿي ويئي ۽ پوء شادي ٿي ويئي.”  وڌيڪ وڌائڻو هجي ته “ انهن کي چنڊ جهڙا ٻار ڄاوا”  الا الا ، خير صلا پر نه صاحب ان ۾ اينچ پينچ ضرور هئڻ گھرجي،لڙڪ ضرور وهڻ گرجن،ظالم سماج تي لعنت ضرور موڪلي وڃي.

(ابن انشا ؛ ” نويد طاهر ڪي نام “ )

سرهي سوچ ؛ ”شاديءَ جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟”

هن پڇيو : ”شاديءَ جي باري ۾ توهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟ منهنجا آقا ؟“
هن جواب ڏنو: “توهان مرد ۽ عورت، گڏ پيدا ٿيا آهيو ۽ ابد تائين زندگي گڏجي گذاريندؤ. ۽ جڏهن موت جون سفيد ٻانهون توهان جي حياتيءَ جي خاڪ کي اڏائي ڇڏينديون، ان ويل به توهان گڏ رهندوء.
ها! توهان گڏ رهندؤ، ايستائين جو الله جي گنڀير حافظي ۾ به ! پر توهان کي پنهنجي وصل ۾ ڪجهه فعل به رکڻ گھرجي. جيئن آسمان جون هوائون توهان ٻنهي جي وچ ۾ ناچ ڪري سگھن.
توهان هڪٻئي سان ضرور محبت ڪريو، پر محبت کي زنجير نه بڻايو! توهان جي محبت ته هڪ سمنڊ هئڻ گھرجي. جيڪو توهان جي روحن جي ڪنارن جي وچ ۾ لهرون هڻندو رهي.
هڪٻئي جا پيالا ڀريو پر ٻَئي هڪ ئي پيالي ۾ نه پيو. هڪ ٻئي کي پنهنجوگرھه ڏيو پر ٻئي هڪ ئي ماني ملي نه کائو.
هڪٻئي سان گڏجي ڳايو، نچو ۽ خوشيون ماڻيو. پر هڪٻئي کان آزاد به نه رهو. جيئن سارنگيءَ جون تارون هڪ ئي گيت سان لڏنديون آهن پر هڪٻئي کان ڌار رهنديون آهن.
پنهنجي دل هڪٻئي کي ڏيو، پر ان کي مالڪ نه بڻايو! ان لاءِ ته فقط حياتيءَ جو هٿ ئي توهان جي دلين کي پنهنجي قبضي ۾ رکي سگھندو.
هڪٻئي سان گڏجي بيهو. پر هڪٻئي کان وڇڙي نه وڃو! انڪري ته ڪليسيا جا ٿنڀا هڪٻئي کان ڌار ڌار قائم رهندا آهن.
شاه بلوط ۽ ٻيا وڻ هڪٻئي جي ڇانءَ ۾ وڌندا ناهن.
 
                                                 ( خليل جبران؛ “ پيغامبر”)

دل جو ڪتاب ؛ ڪنهن مسئلي تي قابو پائڻ چاهيو ٿا ته


جيڪر توهان ڪنهن مسئلي تي قابو پائڻ چاهيو ٿا ته پوء ان جي باري م ڳالهائڻ ڇڏي ڏيو. توهان جو ذهن وات کي متاثر ڪري ٿو ۽ وات ذهن کي متاثر ڪري ٿو..!!

ٻارڙن جي محفل؛ ٻڪر ۽ لومڙ جو قصو


هڪ تياڳيء جون حسرتون ۽ اعتراف




نوجوانن بابت




Thursday, June 23, 2016

دل جو ڪتاب ؛ جڏهن ٻئي کي توهان جي ضرورت هجي


جڏهن ٻئي کي توهان جي ضرورت هجي ته اهو چوڻ تمام آسان آهي ته آئون مصروف آهيان  پر جڏهن اوهان کي ٻئي جي ضرورت هجي ۽ هو چوي ته آئون مصروف آهيان اهو ٻڌڻ ڏاڍو تڪليف ڏيندڙ آهي!

چهنڊڙيون: اسان ديس واسيو! کڻي دوربينيون،


نڪو      چنڊ       موسم،
 نه    دولت   ٿا    ڳولهيون،
نه  ئي     مينهن    جي ڪا
حقيقت        ٿا     ڳولهيون،
          اسان       ديس       واسيو!          
 کڻي                دوربينيون،
رڳو    پنهنجي     پياري
حڪومت ٿا ڳولهيون

قنديل، قوي ۽ ماڻهوء جو من.



“اپڻي گهوٽ....”

حيات علي شاهه بخاري

مون گذريل ڪالم ۾ ڪجهه ڏوراپا ڏنا هئا، تن مان رڳو ڀائو مٺل جسڪاڻي وراڻي ڏني ته ”سائين اوهان جا اڪثر ڪالم وڻندا آهن، اڄوڪو به وڻيو، اڄڪلهه موسم ئي نه مزاج به گرم آهي، انبن جي مٺاڻ به اثر نه پئي ڪري، ان ڪري فيس بڪ کانسواءِ ٻي هر جاءِ تي مٺل ماٺ آهي، ٽن ڏينهن کان پي ٽي سي ايل رت ڪري ڇڏيو آهي، نيٽ ۾ مسئلي سبب اظهار (سعودي عرب ۾ موجود فرزند) سان رابطو ناهي، بجلي وارن جي ڇا ڳالهه ڪجي، ٽنڊوڄام جي صحافين به صرف ڳوٺن جي خبر ڏني، جڏهن ته جتي ڪٿي لک ۽ ان کان مٿي جو جرمانو صرف انهن تي جيڪي عملي کي خرچي نٿا ڏين، خير خوش هجو، آباد هجو.“ ڀائو مٺل جي ان واپڊا وارن جي ڏوراپي تي مون کي ياد آيو ته فيس بڪ تي لکيل هو ته هڪ عورت جو لک روپين جو گئس جو بل آيو، مائي بل کڻي واپڊا آفيس پهچي وئي ۽ دانهن ڪري چوڻ لڳي ته، ”مئا ماريا، درزخ لاءِ گئس جي لائن منهنجي گهران ٿي وڃي ڇا؟“ ڀائو مٺل جو هڪ ٻيو مئسيج آيو ته، ”اڄ پي ٽي سي ايل ٽنڊوڄام واري روبرو کلي چيو ته تنهنجو نمبر نه هلندو، جنهن کي وڻي وڃي چئه، سو لکپڙهه منقطع“ وري پياري دوست عبدالرحمان ڏيپلائي منهنجي لکڻيءَ جي واکاڻ ڪندي چيو ته ”پنهنجي ڪالم ۾ مسئلا به بيان ڪندا ڪريو“.
مسئلن جو ذڪر ڪبو ته هر ڪنهن سان ڪونه ڪو مسئلو هوندو ۽ مون سان ته سڀ کان وڌيڪ مسئلا آهن، اهڙا سنگين قسم جا مسئلا جيڪي پريس ڪلب آڏو بک هڙتال سان به حل نه ٿيندا، ان ڪري مون ڪڏهن به ڪنهن سان پنهنجو حال ناهي سليو ۽ نه ئي ڪنهن کي دل جو حال ٻڌايو آهي، باقي ها سنگت سچ ڪوڙ ملائي الف ليلوي انداز ۾ زٽ ڪوڙ ٻڌايا هوندا جو وڃي ٿيا خير. باقي دل جو حال مون پاڻ سان به ناهي سليو. چوندا آهن ته دل جو حال ٻئي کي ٻڌائڻ سان دل جو بار هلڪو ٿيندو آهي ۽ ماڻهو فريش يعني تازو توانو ٿي ويندو آهي، مان اِن ڳالهه سان سهمت ناهيان، هڪڙو ته ٻين آڏو پنهنجا راز فاش ڪيون ۽ وري سنگت هرو ڀرو بليڪ ميل ڪندي رهي، اِن کان ڍڪي ڀلي آهي، دل جو سُور دل ۾ پوءِ ڀلي درديلا گانا ٻڌي دل کي وندرائڻو پوي. هر ماڻهوءَ جو دل وندرائڻ جو پنهنجو پنهنجو انداز آهي، جن جي معيار تي گهٽ ۾ گهٽ مان نٿو لهي سگهان. مان ان ڳالهه جو قائل هوندو آهيان ته ”اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي“. ان مان اهو نه سمجهندا ته مان ڪو موالي قسم جو ماڻهو آهيان يا ڀنگ پيئڻ جو عادي آهيان، مان مسڪين ماڻهو ڀنگ جهڙو اعليٰ ۽ معزز قسم جو نشو ڪرڻ جي همت نٿو ڪري سگهان، ڀنگ وڏن ماڻهن جو نشو آهي، غريب غربو ته ان بابت پهچي به نٿو سگهي.
خير نشي جي ڳالهه ڪنداسين ته نشيلي اکين جو نشو به واهه جو ٿيندو آهي، جنهن کي اڻ پيتيءَ جو نشو چئبو آهي. ڇا ته نشو هوندو آهي، اکيون ڳاڙهيون ٿي وينديون آهن، دل جي ڌڙڪڻ تيز ٿي ويندي آهي ۽ ڪنن تي تاڙيون چڙهي وينديون آهن، اهڙي صورتحال ۾ مريض کي حڪيم نذير احمد شيخ سان صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي، جيڪو اهڙي مريض کي خفقان جو مريض قرار ڏئي سندس ٺاهيل دوائون ڏئي روانو ڪندو. مون کي حڪمت جا لکيل نسخا ته سمجهه ۾ ايندا آهن، جيئن حڪيم عبدالخالق ڏاهريءَ وٽ ”طاقت“ جي دوا لاءِ مهينن جا مهينا جوتيون گسايم، مطلوبه دوا ڏيڻ بدران هي دوائو لکندو هو، اڪسير شگر، اڪسير جگر ۽ هڪ ٻي دوا، آخر مون وٽس وڃڻ ڇڏي ڏنو ۽ رضا تي راضي رهي ماٺ ڪري ويهي رهيس، چوندا آهن ته نااُميدي ڪفر آهي، سو برسات جو انتظار رهندو آهي ته کنڀيون کائي ڏسان ته ڪو کڙتيل نڪري ٿو يا نه. جڏهن کان منهنجو کنڀين ۾ ڪم ڦاٿو آهي، برساتون رُسي ويون آهن، بازار ۾ کنڀين ”مشتروم“ جي نالي جيڪي شيون ملن ٿيون، سي کنڀيون ناهن هونديون، شيطان نالي ڪا شيءِ هوندي آهي، اِن ڪري اوڏانهن به لاڙو ناهي.
ڏسو ته سهي ڳالهين ڳالهين ۾ پنهنجو سڄو احوال اوهان کي ٻڌائي ويهي رهيس. هاڻي ڇا ٿيندو، مهرباني ڪري راز کي سيڪريٽ رکندا، بي عزتي خراب نه ڪندا، ڪٿي ائين نه ٿئي ته منهنجي مارڪيٽ ويليو خراب ٿي وڃي.

Wednesday, June 22, 2016

چهنڊڙيون ؛ امن جي جا حالت وري سنڌ ۾ آ،


ڦرون،     قتل      اغوا !   ارمان آهي.
گولي، دڙڪو،ڌمڪي دهمان آهي.
امن جي جا  حالت   وري سنڌ ۾ آ،
“وڏو سائين”   ان تي حيران  آهي

ٻارڙن جي محفل ؛ همدردي

سرهي سوچ ؛ “ توهان جا ٻار، توهان جا ناهن.”

توهان جا ٻار، توهان جا ناهن.اهي زندگيءَ جا پٽ ۽ ڌيئرون آهن. جڏهن زندگي پاڻ پنهنجي عشق ۾ بيقرار ٿيندي آهي، اهي توهان جي ذريعي زندگيءَ ڏانهن ايندا آهن. توهان مان ناهن ايندا. ۽ جيتوڻيڪ هو توهان جي هنج ۾ پلبا آهن پر اهي توهان جي ملڪيت نه هوندا آهن.
توهان کين پنهنجي محبت ڏيو، پر پنهنجا فڪر انهن تي نه مڙهيو. انڪري جو انهن جا پنهنجا فڪر آهن.
توهان هنن جي جسم کي گھر جون آسائشون پهچائي ٿا سگھو، سندن روح کي نه. انڪري جو انهن جا روح مستقبل جي گھرن ۾ رهندا آهن.
انهيءَ گھر ۾ اوهان وڃي نه ٿا سگھو. پنهنجي خواب ۾ به ان کي ڏسي نه ٿا سگھو.
توهان انهن جو مثال ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿا سگھو. پر انهن کي پنهنجو مثال بڻائي جي ڪوشش نه ڪجو. انڪري جو زندگي پوئين پير هلي نه سگھندي. نه ئي بتن سان گڏ رهي سگھندي آهي.
توهان سڀ ڪمانون آهيو، جن مان توهان جا ٻار زنده تيرن جيان نڪرندا آهن. ۽ الله ان نشانيءَ کي ڏسندو آهي جيڪو ابديت جي رستي تي هليو آهي. الله پنهنجي طاقت سان انهن ڪمانن کي ڇڪيندو آهي. جيئن ان جا تير تيز ۽ تمام پري وڃن.
بس توهان کل خوشيءَ سان ان آڏو جهڪي وڃو. انڪري ته جهڙي طرح هو اڏامندڙ تير سان محبت ڪندو آهي، اهڙي طرح هو مظبوط ڪمان سان به چاھه رکندو آهي.

                                                                                                                    (خليل جبران ؛ ” پيغامبر“ )


سپني ۾ سائين ملي!!

(روزاني سنڌ ايڪسپريس جي ٿورن سان)

دل جو ڪتاب ؛ اسان جو وات ريفريجريٽر جي در وانگر آهي،


اسان جو وات ريفريجريٽر جي در وانگر آهي، جيڪر اسان ان کي کليل رکنداسين ته ان جي سڀ ٿڌاڻ ختم ٿي ويندي. خاموش رهو ۽ پنهن جي ٿڌاڻ واري صلاحيت ۾ واڌارو ڪريو .!!