Friday, June 17, 2016

سورهيه مرين سوڀ کي!

ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

سُورهيه مرين سوڀَ کي، ته دل جا وَهَم وِسارِ،
هَڻُ ڀالا، وڙههُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مٿان تيغَ تَرارِ، مارِ تهَ مَتارو ٿِيين (سرڪيڏارو، 5-5)
دنيا جي قومن جي تاريخن کي جيڪڏهن ڌيان سان پڙهبو ته خبر پوندي ته زوال پذير قومن تي جيڪڏهن ڌڻيءَ سڳوري جي مهر ٿيڻي هوندي آهي ته انهي قوم جو ضمير ضرور سجاڳ ٿيندو آهي ۽ پوءِ انهي پوئتي پيل ۽ مظلوم سماج ۾ حق ۽ باطل سامهون ٿيندا آهن. ظلم جي حد ٿيڻ تي مظلوم سر ڪفن سان ٻڌي حق جي ڳولها ۾ سرگرم ٿيندا آهن ۽ اهڙي حالت ۾ سندن اها ڳولها، اهو پنڌ، اها بيقراري وڃي شهادت تي دنگ ڪندي آهي. شهيدن جي رت سان رڱيل حق ۽ سچ جي تاريخ امر هجي ٿي ۽ قوم جا اڳواڻ ۽ مهندار پنهنجي عظيم فڪر سان، پنهنجي قوم ۾ نئون روح ڦوڪڻ لاءِ، کين سجاڳ ڪرڻ لاءِ اهڙين عظيم قربانين، خير ۽ شر جي واقعن ۽ رُڪ وهندين راندين کي پنهنجين تحريرن، تقريرن ۽ شاعرين ۾ ورجائيندا رهندا آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائي، هڪ باشعور ۽ حساس شاعر هو، سندس شاعري جنهن دور ۾ اُسري اهو دور سنڌ جي حوالي سان مظلوم دور هو. ظلم، ڏاڍ، جبر ۽ ڦرلٽ جي گهاڻي ۾ سنڌ جو محڪوم طبقو پيڙهجي رهيو هو. انهيءَ هيڻي حال کي ڏسندي ڀٽ ڌڻيءَ اذيت ۽ پيڙا مان گذرندي، پنهنجي سڄي عالم ۾ قوم کي همٿ ۽ اڳيان وڌڻ جا سبق ڏنا. هن کين وهمن وسوسن مان نڪرڻ ۽ جنگ جوٽي محڪومي مان نڪرڻ لاءِ اتساهيو. هو تاريخ جو مڪمل ڄاڻو هو. سندس دور ۾ مذهبي طور وحدت الوجود، وحدت الشهود ۽ ڀڳتي تحريڪون هلندڙ هيون، پاڻ وحدت الوجود جي نظريي جو حامي، شاهه عنايت شهيد ۽ مخدوم محمد معين ٺٽوي جي فڪر ۽ فلسفي جو قائل هو. شاهه عنايت جي شهادت مٿس گهڻو اثر ڪيو، پاڻ انهي وقت جوان هو، سنڌ جي مشڪل حالتن ۽ ڏکين گهڙين ۾ هن انقلابي شاعر تاريخي واقعن جي ورجاءَ سان جيڪو به شعر پنهنجي قوم کي آڇيو اهو هن يقينن وڏي جذبي، ولولي ۽ سوچ سان پيش ڪيو آهي.
سندس ڪلام ۾ سُر ڪيڏارو جو بيان مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري جو اول ۽ آخر آهي. هن سُر جي هر هِڪِ سِٽَ لونءَ ڪانڊاريندڙ ۽ احساس مٽائيندڙ آهي. شاهه صاحب فقط شاعر نه هو. هو هڪ ئي وقت عظيم فلاسافر ۽ انسان دوست انقلابي اڳواڻ هو. هن سچي مؤمن کي چڱي پر ڄاڻ هئي ته حياتي جو حسن دنيا جو جاهه و جلال نه پر حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيڻ تي آهي. سوين سور ۽ سختيون سهي، سچ ۽ حق جي راهه ۾ سر ڪٽائڻ جي حسين عليه السلام جي قرباني هن حساس شاعر کي گهڻو متاثر ڪيو. پاڻ ڪربلا جي زيارت لاءِ پڻ سنڀري نڪتو، پر مريدن جي چوڻ تي ڀٽ نه ڇڏيائين، واپس اچي ڪارو ويس ڪري امامن جي شهادت کي ياد ڪندي سر ڪيڏارو چيائين ۽ امام عالي مقام جي بارگاهه ۾ پنهنجي شاعري جو نذرانو پيش ڪيائين. شاهه سائين جيڪي به تاريخي واقعا ۽ داستان پيش ڪيا آهن، اهي مڪمل شروع کان آخر تائين نه آهي، پر هيءُ واحد تاريخي واقعو آهي جو پاڻ شروع کان آخر تائين بيان ڪيو اٿائون.
هيءُ عشق الاهيءَ جو اسرار هو، جڏهن امام عالي مقام جو سر مبارڪ ڌڙ کان ڌار ٿيو ۽ سندن پاڪ رت سان اها واريءَ واري سر زمين رنڱجي وئي، تڏهن ئي اسلام هميشه لاءِ قائم ۽ دائم ٿي ويو. ڪربلا جي انهي واقعي سچائي جي بنياد مضبوط ڪئي ۽ حق تي ابدي فتح حاصل ٿي. مديني کان مڪي پهچڻ ۽ اتي يزيد جو جهيڙو لائڻ ۽ فتني پيدا ڪرڻ ۽ اتان ڪوفين جي خطن تي سفر لاءِ نڪرڻ ۽ مسلم بن عقيل (سندن سڳو سئوٽ جنهن کي نمائندو بنائي ڪوفي موڪليو هئائون) جي شهادت جي خبر ٻڌڻ ۽ ڪوفي کان ڪنارو ڪري سٺ ستر ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڪربلا ۾ قيام ڪرڻ ۽ پوري قافلي جون سختيون سهڻ ۽ امام موليٰ جي عزيزن ۽ ساٿين جو هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيڻ، فرات نديءَ جو پاڻي يزيدين پاران بند ٿيڻ ۽ امام سائين جي قلم ڪيل سر جي دلسوز بيان سميت هر هڪ لمحي کي شاهه صاحب هڪ ماهر منظر نگار جيان اثرائتو پيش ڪيو آهي. شاهه جو سُر ڪيڏارو پڙهندي/ ٻڌندي ماڻهوءَ تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. اکين مان بوندون بس نٿيون ڪن. امامن جي سفر جون صعوبتون، بي سرو ساماني هوندي به اڏول عزم ۽ استقلال، همٿون ۽ حوصلا، جانثارن جا ترين تي رکيل سرن جا نذرانا هڪ عظيم آدرش لاءِ رت ۾ رڱيل جوانن جا جسم، ساٿين جو سر فدا ڪرڻ کي عين عبادت ۽ هڪ وڏو اعزاز ۽ شرف سمجهڻ هڪ اهڙو مثال آهي جو تاريخ جي پنن ۾ اڄ تائين ٻيو ڪو به نٿو ملي. هن دردناڪ تاريخي واقعي جي بيان ۾ شاهه لطيف انتهائي اعليٰ احساس وارن جذبن سان معمور ٿو ڏسجي، سندن همٿ کي داد ڏيندي چوي ٿو ته:
ڪربَلاَ جي پِڙَ ۾، خِيما کوڙيائون،
جهيڙو يزِيدَ سامُهون، جُنبِي جوڙيائون،
مُنهن نه موڙِيائون، پَسِي تاءُ تَرارَ جو (ڪيڏارو (2-4)
امام حسين سورهيه سردار کي شاهه لطيف جابجا مڃتا ڏيندي چوي ٿو ته عظيم آهي اها ماءُ جنهن اهڙي شير کي جنميو، فرمائي ٿو ته:
ڏاڙهي رَتَ رَتياس، ڏَندَ ته ڏاڙهونءَ گُلِ جِئن،
چوڏهينءَ ماههَ چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،
ميڙي ۾ مُحمَدَ جي، مَرُ مَرڪي ماسِ،
تنهن سورهيه کي شاباس،  جو مٿي پڙ پُرزا ٿئي (ڪيڏارو، 5-9)
لطيف سائين ان ڳجهه کي پلي ٿو جا رت جي ريڳاڙن ۾ لت پت ٿيل راجائن جي جَسدَنِ کي ويجهو ٿي اچي:
اَکيوُن ڪَڍُ مَ ڳجَهڙي، تارا تان مَ کاءُ،
ٻيو نه پَسين پَٽَ ۾، ريڳَڙِيارو راءُ،
جِيري جنهن جُوانَ جي، لڳا نَوَ سئو نَوَ گهاءَ
راتِ جنهن جي ماءُ، روئي پَرنِيو رَبَ کي. (ڪيڏارو 6-7)
ڳِجِهڙين جو راتو ڏِينهان رِڻَ ۾ روئڻ، دُلدُلن جو امامن جي عشق ۾ رتن پيرن سان ڪڪوري ڪربلا ۾ سٽون ڏيڻ، پکين جو پاڻ پڇاڙڻ، اڀن ۾ ملڪن جا ڏک ڪرڻ، گهرن ۾ ماڻهن جا ماتم ڪرڻ، جهنگن ۾ مروئين جو روڄ راڙو ڪرڻ، مطلب ته زمين ۽ آسمان ۾ ماتم ئي ماتم آهي ۽ انهيءَ ماتم جو جن کي احساس نه آهي، شاهه لطيف اهڙن بي حِسَن لاءِ ڪا به گنجائش نٿو رکي هو چئي ٿو ته جن کي حسن، حسين سان محبت نه آهي آلِ عليءَ لاءِ دل ۾ درد ۽ سوز نه آهي، انهي کي شل ڌڻي پاڪ بخش ئي نه ڪري، فرمائي ٿو ته
حَسَنَ ميرَ حُسينَ جو، جَنِ نه هِينئڙي جارُ،
خالِق رَبُ جَبارُ، ڪِينَ مَرهِيندو تنِ کي. (ڪيڏارو 6-15)
بي شڪ امام حسين عليه السلام جن موت کي شهادت سان شڪست ڏئي، زندگي کي زندگي بخشي ۽ پنهنجي ناني مبارڪ ۽ پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪيو. شاهه سائين چواڻي ته ”پيءُ ڏاڏاڻا پاڻ، سيد سڀ ملهايا.“ شاهه لطيف سُر ڪيڏارو معرفت حضرت امام حسين عليه السلام کي محبت سان مڃتا ڏني آهي ۽ گڏوگڏ سنڌي قوم ۽ پنهنجي ديس واسين کي هميشه لاءِ حال توڙي مستقبل لاءِ ماضي جي هن تاريخي عظيم قربانيءَ مان سبق سکڻ جو ڏس ڏنو آهي. هاڻ ڄاڻايو آهي ته گهوٽن ۽ گهوڙن جيئڻ ٿورا ڏينهڙا آهن. اهي گهوٽ اڻموٽ آهن، جن جون ونيون کين جنگ جي ميدان ۾ معرڪو ماري اچڻ لاءِ موڪلين ٿيون ۽ لڄي ٿيون ٿين، جي کين پٺ ۾ گهاءُ آهن. اهي بهادر جن جي ريت ئي، هڪلڻ ۽ ٻيلي سارڻ آهي. سي ئي رُڪ وهندي راند ۾ ڪامياب آهن.
شاهه لطيف پنهنجي سماج ۾ ڏاهپ، همت، جرئت ۽ بهادري جهڙن نيڪ گڻن کي ڏسڻ چاهيو کيس خبر هئي ته هاڪاري خوبين سان سينگاريل قوم ۾ اعتماد جي طاقت وڌندي آهي ۽ هو پاڻڀرا ٿيندا آهن. اهڙي ريت سڄي قوم پنهنجي قوت جي ٻل تي وڌندي رهندي. هن عوام جي اندر ۾ جهاتي پاتي ۽ سندن دِلي جذبن کي پروڙڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سندن وسوسن، وهمن، خوفن، خدشن ۽ ڏک اهنجن جي کين پوري ڄاڻ هئي، انهيءَ ڪري هن عام لهجي ۾ عظيم بيان جي اظهار سان نج سنڌي ٻولي ۾ اعليٰ فني اسلوب ۽ شعور سان شاعري جو سمنڊ پلٽيو، جنهن جا مقصد خاص طور سنڌ، سنڌي قوم ۽ سماج جي وڌڻ ۽ ويجهڻ جا گَسَ هئا.
parweenmoosa2018@gmail.com

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو