Monday, December 24, 2018
Tuesday, December 4, 2018
لفظن جي سونهن کان گدلاڻ تائين!
شفيق الرحمان شاڪر
اڪثر ٻڌندا آهيون ته انسان کي تهذيب جي دائري ۾
رهي ڪري ڳالهائڻ گھرجي.ڳالهه ته صحيح آهي پر ڪنهنجي ڪهڙي تهذيب آهي ۽ ان جو وٽس
معيار ڇا آهي،اها خبر نٿي پوي.وري سڀ ڪنهن جي پنهنجي تهذيب ۽ پنهنجا معيار هوندا
آهن.هر ڪنهن وٽ تهذيب جا مختلف دائرا ۽ حدون هونديون آهن،هر قوم ۽ هر سماج ۾ الڳ
الڳ تهذيب ۽ اخلاقي معيار مقرر ٿيل آهن.تهذيب جا اهي دائرا ڪڏهن پکڙبا ته ڪڏهن
سسندا به رهن ٿا.انهيء جون حدبنديون به هيٺ مٿي ٿينديون رهن ٿيون پر پوري دنيا ۾
ڪجهه شيون اهڙيون ضرور آهن جيڪي هر تهذيب ۽ سماج ۾ مڃيل ۽ تسليم ٿيل آهن،ايئن چئجي
ته اهي متفقه تهذيبي ۽ اخلاقي معيار آهن جن کان ڪوبه انڪار نٿو ڪري سگھي.مثال؛
معاملا عدل ۽ انصاف سان طيء ڪرڻ، ڪوڙ ۽ دوکي وارو وهنوار نه ڪرڻ،ماڻهن سان اخلاق ۽
تميز سان ڳالهائڻ وغيره پر هاڻي قوم ۽ فرد جي جي گڏيل ۽ ذاتي روين ۽ مزاج جي ڳالهه
اچي وڃي ٿي ته انهن ڪهڙي ماحول ۾ سکيا ورتي آهي.اسان وٽ هاڻي تهذيب جو دائرو ڪجهه
وڌندو ئي ٿو وڃي ۽ انهيء ۾ اهو ڪجهه به اچي رهيو آهي جيڪو نه ڪڏهن ڏٺوسين ۽ نه
ٻڌوسين خاص طور تي سياست ۽ سوشل ميڊيا ۾ بي لگام زبان ۽ تهذيب جو دائرو گھڻو وڌي
چڪو آهي.
لفظن جي وڏي اهميت هوندي آهي.زندگيء ۾ انهن جي
آفت ڀوڳڻ سان گڏوگڏ انهن مان فائدو به گھڻو ئي کنيوسين.انهن ئي لفظن سان گھر آباد
ٿيندي ۽ بگڙندي ڏٺاسين.جيڪي لاڳاپا قبوليت جي ٽن لفظن سان شروع ٿيا ۽ محبت ڀريل
لفظن سان جڙيا رهيا اهي زهر ڀريل لفظن سان ڪمزور ٿي ويا ۽ وري ٽن لفظن سان هميشه
لاء ٽٽي به ويا.ڪنهن جا مٺاڻ ڀريا لفظ اهو ڪم ڪري ويا جو دليون محبت سان ٽمٽار ٿيڻ
لڳيون۽ ڪنهن جي من ۾ گھر اڏجي ويا ۽ انهن ئي لفظن سان ڪروڙين پاڻ ۾ وڙهي ويا ۽ پنهن
جي ضد تي اڙجي ويا ۽ پڪل ميوا سڙي ويا ۽ لفظن جي خزان سان زندگي۽ جا پن ئي زري
ويا.پر انهن ئي لفظن جو جڏهن صحيح ۽ مناسب استعمال ٿيو ته وري بهار اچي ويئي،ڪيئي
گل ٽڙي پيا.لفظن جي صورت ۾ ڪنهنجو چوڻ به گلن جهڙو ۽ ڪنهن جي گفتگو ڪنڊن
جهڙي.ڪنهنجا ٻول اهڙا ته اڪسير ڄڻ ته اجڙيل چمن ۾ بهار اچي وڃي ۽ ڪنهن بيمار کي بي
سبب قرار ملي وڃي.۽ اهي ماڻهو جيڪي لفظن جي بازي هارائي وڃن اهي زندگيء جي بازي
کٽي وٺن ٿا.جيڪي لفظن جي مار تي صبر ڪري وڃن انهن جي تقدير تبديل ٿيندي ڏٺيسين ۽
هر بگڙيل ڪم ٺهندي ڏٺوسين.
مطلب ته عمل ۽ ڪردار جي اهميت پنهنجي جڳهه تي
پر لفظن سان ڪردار جو سينگار۽ نماڻائيء ۽ عاجزيء سان ڏنل دعائن کي خدا جي پڪار ۽
انهيء تي مالڪ جو پيار ۽ مليو جو قبوليت جو هار۽ اهڙيء طرح ٻڏل ٻيڙا ٿي ويا پار.
سياست ۾ به جيڪر برو ڀلو چوڻ ضروري ئي هجي ته
اهو به تهذيب جي دائري ۾ رهي ڪري چئي سگھجي ٿوجنهن سان اڃا به ڪنهن کي خوبصورت
لفظن سان وڌيڪ چوٽ لڳائي سگھجي ٿي۽ سامهون وارو پشيماني وچان زمين تي نڪ رڳڙڻ تي
مجبور ٿي سگھي ٿو.ڪن ٻن ڀائرن وچ ۾ ڪنهن مامري تي تلخي پيدا ٿي پيئي ۽ ڪاوڙ به
سينن ۾ ڇوليون هڻڻ لڳي.ننڍي ڀاء کي وڏي ڀاء تي جيڪو غصو هو سو هن طرح وڏي ادب ۽
احترام سان ٻاهر ڪڍيائين ته “پيارا ڀاء! لڳي ٿو ته توهان گڏهه آهيو!“ اهو ئي طريقو
جيڪر وڏا ۽ ننڍا سڀ سياستدان اختيار ڪري وٺن ته هوند سندن پوئلڳن کي ڪجهه سڪون اچي
وڃي.
۽ ڪنهن ڪتاب ۾ لکيل ڪجهه خوبصورت لفظ اسان جي
زندگي بدلائي سگھن ٿا ۽ جيڪڏهن لفظن سان گڏ ڪردار به شامل ٿي وڃي ته تهذيب بدلجي
وڃي۽ تاريخ بدلجي وڃي ۽ سياست بدلجي وڃي ۽ رياست بدلجي وڃي.
برائيء جي بدلي م ڀلائيء جو خوب اٿر ٿئي ٿو،ان
سان وڏا وڏا ڪميڻا انسان بدلجندي ڏٺاسين پر آهي اهو نهايت ئي مشڪل ڪم!
قرآن ڪريم ۾ خالق ڪائنات فرمايو ته
“برائيء کي ڀلائيء سان پري ڪريو پوء اهو جنهجي
اوهان سان دشمني آهي اهو اوهان جو جگري دوست بڻجي ويندو.“
تبصرن جا اطلاع حاصل ڪرڻ لاءِ:
هتي ڪلڪ ڪريو