Wednesday, June 15, 2016

سرهي سوچ ؛ مرده جسم مان بدبوءِ ٿي نڪري.

انتظام فقط اتحاد ۽ اتفاق ڪرڻ سان قائم رکي سگهجي ٿو ۽ ظاهر آهي ته ان قسم جي جماعتبنديءَ لاءِ سڀ کان اڳ، الفت جو عنصر پيدا ڪرڻو آهي، جنهن جي ڪشش ڪري هر چيز جا مختلف اجزاء ڪشجي ۽ ڇڪجي اچي هڪٻئي ۾ گڏجن ٿا ۽ ان کان پوءِ منجهائن هڪ بلڪل نئين شي نڪري نروار ٿي ٿئي. انهيءَ نئين شي جي نروار ٿيڻ بعد اسان کي انهن چيزن جي زندگيءَ جو يقين ٿئي ٿو. ان نئين شيءِ کي اسان ”جمعيت“ ڪوٺي سگهون ٿا. جمعيت يعني مختلف جزن جو گڏجي ڪنهن نئين شيءِ ٺاهڻ جو اصول. اهو اصول ڪائنات جي تمام عناصر سان هڪ جهڙو لاڳو آهي. جمادات، نباتات ۽ حيوانات سان گڏ، انسان ذات سان به اهو شرط لاڳو آهي ته جيسين انهن مان هر هڪ پنهنجي جدا جدا جزن کي گڏي  اتفاق ڪري، پاڻ کي وڌيڪ پسنديده شيءِ يا زياده مضبوط نظام نه پيدا ڪيو آهي، تيسين انهن جو صفحهء هستيءَ تان ميٽجي وڃڻ، بلڪل لازمي امر آهي.
ساڳئي اصول مطابق انسانن ۾ ”آدميت“ پيدا ٿيڻ کان پوءِ جڏهن منجهن ”اجتماعيت“ جو روح جاڳي اٿي ٿو، تڏهن انسانيت جو ضمير زنده ٿيو پوي، جو انهن جي مجموعي مفاد لاءِ هميشه برسر پيڪار رهي ٿو. اهڙيءَ طرح اتحاد مان انتظام ۽ انتظام مان زندگيءَ جا چشما ڦٽي نڪرن ٿا، جي مرده جسمن ۾ به جان وجهيو ڇڏين.
ان جي برعڪس بي اعتماديءَ ۽ بي اتفاقيءَ، عدم تعاون ۽ انتشار ڪري ايتري ئي تباهي ۽ بربادي ايندي آهي، جيتري اتفاق ۽ اتحاد ڪري انسان ذات جي تعمير ۽ ترقي ٿيندي آهي، يا ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي.
انسان جو مرده جسم، ان اصول جو زنده مثال آهي. زندگي يعني اتحاد ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ هڪ عضوي جو ٻئي سان تعاون ٽٽيو پوي. پوءِ سَنڌُ، سَنڌَ کان ۽ جزو، جزي کان جدا ٿيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
اسان چوندا آهيون ته مرده جسم مان بدبوءِ ٿي نڪري. اها بدبوءِ ڇا آهي؟ مرده جسم جي منتشر ٿيل باريڪ جزن مان جڏهن الفت جو انگ ختم ٿيو، تڏهن هو پنهنجي اجتماع کان عليحده ٿي، اسان جي سِنگهڻ جي حس تائين پهچن ٿا ۽ اسان بدبوءِ محسوس ڪريون ٿا. حالانڪ ساڳيا جزا هر زنده جسم ۾ به موجود آهن، پر جسم سان سندن گَهَري تعلق ۽ تعاون هئڻ ڪري ان کان اڳ هو عليحده ٿي اسان تائين نه ٿي پهتا. ٻين لفظن ۾ ائين چئجي ته اها فقط اتحاد ۽ اتفاق جي برڪت هئي، جنهن زنده جسم ۾ بدبوءِ نه ٿي پيدا ٿيڻ ڏني. اهو ڪو ڪتابي علم ناهي. اها برڪت ان جذبهء الفت جي آهي، جو اسان جي احساس کي جاڳائي ٿو. روءِ زمين تي ڪابه شي ان جي ڪشش کان سواءِ پنهنجو وجود برقرار رکي نه ٿي سگهي.
جئين اڳ چيو ويو آهي ته مرده جسم مان الفتي انگ نڪرڻ ۽ باهمي اتحاد ختم ٿيڻ کان پوءِ ان ۾ بدبوءِ پيدا ٿيو پوي، بلڪل ساڳي حالت، نسل انسانيءَ سان لاڳو آهي.
هر ڪٽنب، قبيلي يا قوم جي باهمي محبت ختم ٿيڻ کانپوءِ ان مان جذبو ۽ جان نڪري ٿا وڃن. ان کان پوءِ لازم آهي ته منجهن ”انتشار ۽ بدبوءِ“ پيدا ٿين. ڇاڪاڻ جو منجهن زندگيءَ جو اهم ترين جزو، باقي نه رهيو آهي. اهڙيءَ حالت ۾ ”انصاف“ يا ڪنهن به ٻي چڱي خصلت جي طاقت ان کي مرده ٿيڻ کان بچائي نٿي سگهي.
اسان کي پنهنجي قوم جي مجموعي نموني ۾ مذمت ڪرڻ جي بجاءِ، انفرادي طور پاڻ کي به ڏوهه ڏئي پاڻ مان خودپسندي ۽ خودغرضيءَ واريون خواهشون ڪڍڻ گهرجن. اسان کي پنهنجي جان سان محبت ڪرڻ جي بجاءِ، ٻين کي گُهرڻ ۽ انهن سان تعاون ڪرڻ گهرجي.
هن وقت هيءَ حالت آهي جو اسان مان هر هڪ پاڻ کي پسند ڪرڻ، ۽ پاڻ کي پوڄڻ ۾  پورو آهي. عملي دنيا ۾، ڪنهن ٻئي سان، اسان جو بيغرضانه تعلق رهيو ئي نه آهي. جيڪڏهن ڪو الفت يا محبت جو ڪڏهن ڪو اکر کڻي ٻڌي ٿو ته سمجهي ٿو ته اهو فقط پَريِن ۽ جنن جي آکاڻيءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ ان جو هن عملي دنيا سان ڪوبه واسطو نه آهي. بقول مرزا حيرت: ”پاڻ کي پوڄڻ  کان بهتر آهي ته اسان بُتن جي پرستش شروع ڪريون!“
شاهه لطيف جو خيال آهي ته جن ”جُنگَن“ سچ پچ ذاتي غرض کي ترڪ ڪيو آهي ۽ جن الله سان دل لڳائي آهي، انهن سان ملڻ به وڏي سعادت آهي.
مون سي ڏٺا ماءُ، جن هو ڏٺو پرين کي
رهي اچجي راتڙي، تن جنگن سندي جاءِ
جنهن معاشري ۾ ايڏو ڏڦيڙ هجي جو ڀاءُ، ڀاءُ کي نه سهي سگهي، ان جو جلد کان جلد خاتمو ٿيڻ بيحد ضروري ۽ لازمي آهي.

(علامه آئي آئي قاضي ؛ محبت جي ضرورت)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو