Tuesday, June 21, 2016

غير مهذب رويا ۽ پڙهيل لکيل طبقو

سيما عباسي
جڏنهن سور سُڏڪيا، ضرور ان تي لکبو
چريا خواب ڀٽڪيا، ضرور ان تي لکبو
اکين ۽ اميدن جي پيرن ۾ جنهن پل
ڪنڊا ڪاوا اٽڪيا، ضرور ان تي لکبو
(س.ع)
اسان جي مذهب ۾ عورت کي عزت جي نظر سان ڏسڻ جي تلقين ڪندي انهن جي حقن کي برابري جي بنياد تي پورو ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. اسلام عورت کي جيترو مانُ ۽ مرتبو ڏنو آهي اهڙي تعظيم جو مثال ٻئي ڪنهن به مذهب ۾ ملڻ مشڪل آهي. دين اسلام ۾ عورت کي جيڪي به حق ڏنا ويا آهن اهي صحيح معنيٰ ۾ عورت جي آزادي جا پڻ ضامن آهن. سماجي ماهرن مطابق معاشري ۾ بنيادي تعليم ۽ تربيت جي لحاظ کان عورت جو ڪردار گهر جي هر فرد کان نمايان حيثيت رکي ٿو، ڪو به معاشرو پڙهيل لکيل عورتن جي ڪري ترقي جون مٿانهيون منزلون تيزي سان طي ڪري سگهندو آهي، ڇو ته عورت جي ترقي ۽ تنزلي تي قوم جي ترقي ۽ تنزلي جو مدار هوندو آهي. تاريخ گواهه آهي مختلف حالتن جي هيٺ اثر جڏهن به ڪنهن شعبي ۾ هڪ عورت کي پنهنجي صلاحيتن جي آڌار تي ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو ته هُن پنهنجي فهم فراست ۽ ذهانت سان نڀاءُ ڪري ڀرپور ڪامياب ٿي ڏيکاريو. حقيقت ۾ پردي پٺيان انهن سلسلن جون سچايون ڏاڍيون تلخ آهن. هن مهانگائي واري دؤر ۾ جيڪڏهن ڪا به پڙهيل لکيل عورت پنهنجي مڙس جي ٻانهن ٻيلي ٿي مالي لحاظ سان هن جو هٿ ونڊائي ٿي ۽ نوڪري سانگهي گهر کان ٻاهر نڪري ٿي ته مردَ هُن جي خودمختياري ۽ آزاديءَ کي غلط نظرن سان ڏسن ٿا ۽ هن جي عزتِ نفس کي مجروح ڪن ٿا ڇو ته اسان جي معاشري ۾ عورت کي صرف جنسي تسڪين جو ذريعو سمجهيو ويندو رهيو آهي يا وري هن کي گهريلو ڪمن ڪارن کي پورو ڪندڙ بنا پگهار واري قل وقتي ملازما جو درجو ڏنو ويندو رهيو آهي.
عورت جنهن به رشتي سان سلهاڙيل هوندي آهي انهن رشتن جون زمينداريون پوريون ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ۾ رُڌل هوندي آهي ۽ ساڳي ئي طرح هوءَ هڪ مرد مان به اها ئي اميد رکندي آهي. ڪا به عورت گهر کان ٻاهر جڏهن مردن سان گڏجي مختلف ادارن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ نڪري ٿي ته هوءَ اتي ساڳي ئي اميد رکي ٿي ته هن کي اها ئي عزت ۽ تڪريم ڏني ويندي جيتري انهن ادارن ۾ ڪم ڪرڻ وارن ٻين مردن کي ملي ٿي پر بدقسمتي سان روايتي سوچ وارو مرد عورت جي صلاحيتن کي مڃڻ لاءِ سٿرو تيار نظر نه ايندو آهي.
اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن ڪا عورت ڪنهن به معاملي ۾ پنهنجو موقف ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته ان جي راءِ کي غير مهذب انداز ۾ رَدِ ڪيو وڃي ٿو ۽ ان سان تذليلي رويو اختيار ڪيو وڃي ٿو ته جيئن هوءَ دٻاءَ ۾ اچي پنهنجي راءِ واري حق کان هٿ کڻي هميشه لاءِ خاموش ٿي وڃي.
ڇا هڪ عورت کي ٽريڪٽر ٽرالي سان تشبيهه ڏئي بد اخلاق انداز ۾ چپ ڪرائڻ کي هڪ پڙهيل لکيل وزير جي مهذباڻي حرڪت ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو؟
ڇا وومين فورم جي هڪ متحرڪ ميمبر کي ڇمڪڇلو جهڙي انداز ۾ مخاطب ڪري هن جي صلاحيتن کي دٻائڻ واري ان عمل کي چڱو عمل قرار ڏئي سگهجي ٿو؟
ڇا هڪ ”ٽاڪ شو“ جي برجستي مهمان عورت تي نازيبا لفظن ۽ اُلرن سان مذهبي اڳواڻ جي غير مهذب رويي کي سولائي سان درگذر ڪري سگهجي ٿو؟
مٿيان بيان ڪيل سڀ واقعا هن معاشري جي پڙهيل ڳڙهيل ان طبقي سان تعلق رکن ٿا جيڪي فيصلي سازي ۽ قانون سازي جي عمل جو حصو هجن ٿا ته پوءِ ملڪي آساني سان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جن علائقن ۾ شعور ۽ ادراڪ جي ڪمي هوندي اتي عورتن کي ڪهڙا ڪهڙا نه بد اخلاق رويا برداشت ڪرڻا پوندا هوندا؟.
حقيقت ۾ جهالت جو تعلق اسان جي ماحول سان جڙيل هوندو آهي. ڪٿي پڙهيو هو جاهل ٽن قسمن جا هوندا آهن پهريون قسم انهن ماڻهن جو آهي جنهن کي خبر هوندي آهي ته اهي جاهل آهن، اهڙا ماڻهو ان ادراڪ کي مثبت انداز ۾ وٺندي وقت سان گڏوگڏ پاڻ کي ٺيڪ ڪري ڇڏيندا آهن. ٻيو قسم اهڙن ماڻهن جو هوندو آ جيڪي سدائين جاهل ماڻهن ۾ رهيا هجن، انهن جو شعور وارن سان واسطو نه پيو هجي اهڙا ماڻهو به باشعور ماڻهن جي تربيت سان پاڻ کي ٺيڪ ڪرڻ سکي وٺندا آهن. ٽيون قسم سڀ کان خطرناڪ قسم آهي جنهن ۾ جاهل ماڻهو پاڻ کي سُلجهل، باشعور، مهذب ۽ عقلمند سمجهندو آهي، اهي ماڻهو پڙهيل لکيل طبقي سان تعلق رکندا آهن. انهن پڙهيل لکيل جاهلن جي اها خواهش هوندي آهي ته پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ جي خاطر سامهون واري ماڻهوءَ کي غير اخلاقي طريقي سان پوئتي ڌِڪڻ جي ڪوشش ڪن، پوءِ انهن جي اهڙن ئي ڪُڌن عملن سان معاشري ۾ بگاڙُ پيدا ٿي پوندو آهي.
هڪ سٺو اخلاق انسان جي ڪردار کي نمايان ڪندو آهي ۽ تهذيب يافتا رويا ڪنهن به انسان جي ڪردار جو معيار مقرر ڪرڻ جا پهريان ۽ ضروري ماپا هوندا آهن. ڇو ته تهذيب انسان کي ذهني ۽ اخلاقي تڪميل جو بهترين مثال بڻائيندي آهي. بد اخلاق ماڻهو نه صرف پاڻ کي خراب ڪندو آهي بلڪه ان جي بداخلاقي جي باهه سڄي ماحول کي پڻ وڪوڙي ويندي آهي.
نظرياتي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر مردن کي قطعي اهو حق نه ٿو پهچي ته عورتن کي ٽريڪٽر ٽرالي يا ڇمڪڇلو جهڙن نامناسب ۽ نازيبا لفظن سان تشبيهه ڏئي هُن جي وقار کي مجروع ڪن. نظرياتي اختلافن جي پرچار جا ٻيا گهڻائي مهذب طريقا ٿي سگهن ٿا.
منهنجي خيال ۾ جيڪو شخص عورت جي عزت نه ٿو ڪري اهو سڀ کان پهريان پنهنجي ماءُ، ڀيڻ، زال ۽ ڌيءَ جي وجود جي نفي ڪري ٿو. مردن جي نا انصافين تي ٻڌل روايتي متڀيد وارن روين کي اڄ جي عورت بخوبي سمجهيو ويٺي آهي، اهڙن واقعن جي سختي سان مذمت ٿيڻ گهرجي ته جيئن آئنده ڪنهن به عورت تي ڳالهائيندي مرد حضرات اخلاق جو دامن پنهنجي هٿ مان نه ڇڏائن. هونءَ به عورتن سان بحث ۽ تڪرار جي مرحلي ۾ تهذيب ۽ اخلاق جي پهلو کي نظر ۾ رکندي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪرڻ بهتر رهندو آهي ڇو ته مخاطب ڪرڻ واري جي انداز مان ماڻهو جي تهذيب ۽ تربيت جو اندازو سولائي سان لڳائي سگهجي ٿو. جيئن شيخ اياز چيو آهي ته؛ ”مردن جا ٻه قسم هوندا آهن هڪڙن کي ڇاهي ڇڄ ۾ هوندي آهي ۽ ٻين کي لوئي لڄ ۾ هوندي آهي“.
اسان جي جاگيرداراڻي هن محڪوم سماج ۾ جيڪا به عورت آزادي ۽ روشن خيالي سان هلندي پنهنجي راءِ جو اظهار وڏي جرئت، بهادري ۽ همت سان ڪري ٿي ته ان کي روايتي سوچ جا مرد ڀرپور انداز ۾ چپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
بحرحال مردن کي بلڪل به اهو حق حاصل نه آهي ته هو عورت جي شخصي آزادي کي دٻائيندي هن کي حقير سمجهن ۽ پنهنجي غير مهذب روين سان ان جي آزادي واري اظهار کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪن. اڄ جي عورت باشعور هئڻ سان گڏوگڏ پنهنجي بنيادي حقن کي وٺڻ جي معاملي ۾ پڻ حساس آهي. هڪ پڙهيل لکيل عورت کي ڇڇوري انداز ۾ ٽريڪٽر ٽرالي يا ڇمڪڇلو چئي ان جي اظهارِ راءِ کي خاموش نه ٿو ڪري سگهجي ۽ نه ئي مذهبي انتهاپسند مولوين جي غلط فتوائن جي ذريعي انهن جي حق سچ چوڻ واري دانهن کي دٻائي سگهجي ٿو.
هڪ عورت کي پنهنجي حقن لاءِ ڪنهن به پليٽ فارم تان آواز اٿارڻ جي پوري پوري آزادي حاصل هئڻ گهرجي. حقيقت ۾ اهڙي قسم جا واقعا معاشري ۾ رهندڙ هر عورت جي عزتِ نفس کي مجروع ڪرڻ جا باعث بڻجن ٿا.
اهڙن شرمناڪ واقعن خلاف ڇا هڪ مذمتي قرارداد جمع ڪرائڻ ڪافي آهي؟؟؟ جنسي متڀيد وارن انهن روين جي مذمت ڪندي مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته اهڙي قسم جي واقعن جي روڪ ٿام لاءِ اخلاقي ضابطن جا قانون ٺاهيندي ڪي اهڙا جوڳا اُپاءَ ورتا وڃن ته جيئن بحث مباحثي واري صورتحال ۾ مرد ڪنهن به عورتن سان اخلاقي حدون اورانگهڻ کان لنوائن، ڇو ته مانُ ۽ عزت جيترو مرد لهڻي اوترو عورت جو پڻ حق آهي ۽ ڪنهن به سگهاري پليٽ فارم تان آواز اٿارڻ جو حق مرد ۽ عورت کي برابري جي بنياد تي ملڻ ضروري آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو