Thursday, April 28, 2016

ٻارڙن جي نشونما ۽ پالنا ۾ والدين، اسڪول ۽ معاشري جو ڪردار

ٻارڙن جي نشونما ۽ پالنا ۾ والدين، اسڪول ۽ معاشري جو ڪردار

امير گل ڪٽوهر

ننڍو ٻار مڪمل نموني سماج جي رحم ۽ ڪرم تي هوندو آهي. صفا ٻالڪپڻ ۾ جڏهن کيس بک لڳندي آهي، جڏهن کيس ڪا تڪليف ايندي آهي، جڏهن هو بيمار ٿيندو آهي، جڏهن هو ڏکيو محسوس ڪندو آهي ته ٻار ان دک درد، تڪليف يا اذيت کان بچڻ لاءِ ڪجھ ڪري سگھڻ جهڙو هوندو ئي ناهي، بس روئي ٻدائيندو آهي ته کيس ڪا تڪليف آهي يا هو اهنجو آهي ان ڪري سندس سهائتا ڪئي وڃي. ان صورت ۾ پيءُ ماءُ، ويجھن مٽن مائٽن ۽ اوڙي پاڙي وارن پاران سندس يا ته سهائتا ڪئي ويندي آهي يا کيس نظر انداز ڪيو ويندو آهي. سڌريل معاشرن ۾ ڪنهن حد تائين اها ذميواري رياستون يا حڪومتون پڻ پنهنجي سر تي کڻنديون آهن ۽ ٻارن جي صحت صفائي، سندن پالنا ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪنديون آهن. ٻارڙن جي اهڙي پالنا ۽ ماحول جو سندن جسماني توڙي ذهني نشونما تي وڏو اثر پوندو آهي. چوندا آهن ته صحت مند جسم مان ئي صحت مند ذهن پيدا ٿيندا آهن. اهي معاشرا جتي ٻارن جي صحت صفائي سان گڏ ذهني نشونما لاءِ سازگار ماحول ڏنو ويندو آهي ته اهڙا معاشرا تيزيءَ سان ترقيءَ جون منزلون طئي ڪري وٺندا آهن ۽ معاشري ۾ هڪ طرح فطري توازن پيدا ٿي پوندو آهي.

اسڪول اندر پڙهندڙ ٻارن کي اسان ڪنهن فصل جي تياريءَ سان ڀيٽ ڏئي سگھون ٿا. جيئن مختلف فصل موسم جي حساب سان پوکيا ويندا آهن، انهن کي مخصوص وقت تي پاڻي ۽ ڀاڻ مهيا ڪيو ويندو آهي، انهن جي اوسر تي موسمن جو مثبت يا منفي اثر پوڻ لازمي هوندو آهي ان نموني اسڪول اندر پڙهندڙ ٻارن سان به هوندو آهي. اهي هڪ مخصوص عمر ۾ اسڪول ۾ داخل ڪيا ويندا آهن، کين استاد، ڪتابن ۾ ڏنل سبقن جو وقت سر ٻچ ڀاڻ ۽ پاڻي ميسر ڪري ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن سندن جسماني ۽ ذهني سطح سلامت رهندي آهي ته امتحان ۾ کين پرکي مٿين درجي ۾ موڪليو ويندو آهي. هتي اسڪول جو ماحول ۽ استاد سندن ذهني، روحاني ۽ سماجي روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ مک ڪردار ادا ڪندا آهن. جيئن زمين جي تياري ۽ ان مان ڀرپور لاڀ لاءِ هڪ تجربي ڪار ڪڙمي وقت، ٻج، ڀاڻ، پاڻي ۽ موسمن جو ماهرانه جائزو وٺندي صحيح فيصلا ڪندو آهي بلڪل ساڳي نموني شاگردن لاءِ استاد جو ڪردار هوندو آهي. استاد پنهنجي شاگردن جي زندگي سنوارڻ يا بگاڙڻ ۾ مک رول ادا ڪندو آهي. استاد وري پنهنجي اسڪول (تعليمي اداري) اندر مثبت يا منفي ماحول، ڪلچر کان متاثر ٿيندو آهي، جيڪڏهن تعليمي اداري اندر ماحول سازگار، تعليم دوست هوندو ته استاد پڻ ساڳيو گس وٺندو پر جي ماحول ناڪاري هوندو ته مٿس ان جا برا اثر پوڻ لازمي امر آهي ۽ استاد جي روين جو اثر وري شاگردن جي سکيا تي پوندو آهي. 

شاگردن جي مڪمل، ڀرپور، گھڻ پاسائين، مثبت پرورش، سکيا لاءِ تمام ضروري آهي ته کين نه رڳو گھر، اوڙي پاڙي پر اسڪول ۾ پڻ سٺو ماحول ملي. جڏهن ائين ٿيندو آهي ته اتي شاندار انسان تيار ٿيندا آهن جيڪي معاشري تي هاڪاري اثر ڇڏيندا. اسان پنهنجي گھر، اوڙي پاڙي ۽ اسڪول جو ڪڏهن جائزو ورتو آهي ته اتي ڪهڙو ماحول آهي؟ ٻارڙن جي ذهني ۽ روحاني نشمونما جو سمورو بار محض استادن يا اسڪولن تي وجھڻ دورانديشي ناهي، سندن پالنا ۽سکڻ ۽ سيکارڻ ۾ والدين ۽ اوڙي پاڙي وارن جو ڪردار اهم آهي. ان ڪري والدين ۽ معاشري کي پڻ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي.
اچو ته پنهنجا اسڪول سنواريون، پنهنجن گھرن، اوڙن پاڙن اندر سکڻ سيکارڻ جو ماحول پيدا ڪريون، جيڪو اسان جي ترقي، وقار، صحت مند ماحول لاءِ تمام ضروري آهي.

مٿي ٻڌايل ڪم بظاهر تمام وڏا ٿا لڳن پر حقيقت ائين ناهي. گھر، اوڙي پاڙي، اسڪول اندر سٺو ماحول تڏهن جڙندو جڏهن اسان مان هرهڪ پنهنجو پاڻ ۾ مثبت تبديلي آڻيندو. جيڪڏهن ڪو ائين ٿو سوچي ته منهنجي هڪ ماڻهونءَ جي تبديل ٿيڻ سان ڪهڙو فرق ٿو پوي ته اهو سراسر غلط آهي. جيڪڏهن هر ماڻهون ائين سوچيندو ۽ عمل ڪندو ته پوءِ اهڙو معاشرو گندي پاڻيءَ جي ڍنڍ مثل بڻجي پوندو جنهن جي پوسل ۾ ڪيئي جراثيم پيدا ٿي ڪري سموري ماحول کي انيڪ بيمارين جي ور چاڙهي ڇڏيندا آهن. ان ڪري تمام ضروري آهي ته ٻين جي تبديل ٿيڻ جو انتظار ڪرڻ بدران اسان مان هرهڪ ماڻهونءَ کي پنهنجي اندر تبديلي آڻڻ گھرجي. ڦڙي ڦڙي تلاءُ مثل جڏهن اهو عمل هڪ دفعي شروع ٿي ويو ته ان جو محور پنهنجو پاڻ وڌندو ويندو ۽ هر ماڻهون اهڙا رويا اپنائڻ تي مجبور ٿي پوندو.

 ڀلا اسان کي پنهنجن گھرن اندر ٻارن سان مهذب نموني ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ساڻن مثبت روين رکڻ، کين همٿائڻ، سندن صحت ۽ صفائي جو خيال رکڻ کان ڪير روڪيندو يا ٽوڪيندو؟ اهو ته اسان تي منحصر آهي ته اسين کين ڪهڙو ماحول ٿا ڏيون. الاهي چڱايون بس مثبت سوچ رکي انهن تي عمل ڪرڻ تي مدار رکن ٿيون جن تي ڪوبه خرچ ناهي ٿيندو. اسان اوهان مان هرهڪ کي اڄ ئي هاڻي جو هاڻي اهو فيصلو ڪرڻ گھرجي ته هن گھڙيءَ اها ڪهڙي تبديلي آهي جيڪا اهو پنهنجو پاڻ ۾ پيدا ڪري سگھي ٿو ۽ ان جي شروعات ڪرڻ گھرجي.  

http://katohargul.blogspot.com/


يا بي حيائي تيرا آسرا

يا بي حيائي تيرا آسرا


نوٽ؛ مان هڪ ڳالهه کي واضع ڪندو هلان ته منهنجي هيٺ ٻڌايل ڳالهه ڪنهن به مخصوص ماڻهونءَ لاءِ بنهه ناهي، ڪنهن به قسم جي هڪجهڙائي بس اتفاق ئي سمجهڻ گھرجي.

ڪي اسان جا سياستدان، ڪي ڪامورا، ڪي پير، ڪي وڏيرا، ڪي ماستر، ڪي کريل گھر جا نوجوان، ڪي عاشق نامراد، ڪي ڏوهاري ذهنيت رکندڙ ماڻهون اهڙا هوندا آهن، جن تي ڪنهن به بي عزتي/ عزت نفس جي پائمال ٿيڻ جو ڪو اثر ناهي ٿيندو.

آهي ته اهو اردو محاورو پر ان کي استعمال سنڌي به عام جام آهن؛ ”يا بي حيائي تيرا آسرا“. ڪي ماڻهون ڪوبه ۽ ڪيترو به گندو، ڪريل، ڪم ڪندا آهن ته کين پنهنجي اهڙي عمل تي ڪابه شرمساري ناهي ٿيندي يا هو بنا حجاب جي اهڙا ڪم ڪندا رهندا آهن ته اهو مٿيون محاورو انهن لاءِ چيو ويندو آهي. سوليءَ سنڌيءَ ۾ انهن کي ”نود“ يا ”نڪ جو پڪو“ پڻ سڏيو ويندو آهي. مان پنهنجي چيل ڳالهه کي صفا کولي سمجھائڻ لاءِ اوهان کي هڪ لطيفو ٻڌايان ٿو اميد ته ان جي پڙهڻ کان پوءِ اوهان جي دماغ ۾ مٿي بيان ڪيل ماڻهن جي چٽي پٽي تصوير اچي ويندي.

هڪ ماڻهون وارڌات ڪندي پڪڙجي پيو، شهرين سندس منهن ڪارو ڪري، جوتن جا هار پارائي، گڏهه تي چاڙهي پوري شهر جو گشت ڪرايو. ساڻس جڏهن سندس ڪنهن دوست ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته ”يار ٻڌون ٿا ته توسان ڏاڍي ٿي ۽ تنهنجو منهن ڪارو ڪيو ويو هو“ ان تي وراڻيائين ته ”نه يارماڻهون ڪوڙ ٿا ڳالهائين، پورو منهن ڪارو ٿوروئي ڪيائون بس اهي ٻه ڪارا ليڪا پاتا هيائون!“، سندس دوست کيس جوتن جي هار پارائڻ متعلق ڳالهايو ته جواب ڏنائين ”ڪٿي ڀاءُ اهي ننڍڙن ٻارڙن جا ٻه جوڙا ئي ته هيا“،  وري سندس دوست جڏهن گڏهه جو ذڪر ڪيو ته چيائين ”يار ڪمال ٿا ڪيو گڏهه ٿوروئي هو اهو ته ننڍڙو کوتڙو هيو“ شهر ۾ گشت جي حوالي سان سندس گوهر افشاني اها هئي ته ”پورو شهر ٿورو ئي گھمايائون 
يار بس هڪ اڌ پاڙي جو چڪر ڪاٽرايو هئائون“

http://katohargul.blogspot.com

امير گل ڪٽوهر جو بلاگ

زندگي هڪ امتحان:

زندگي هڪ امتحان:
 گل بيبي لنڊ بلوچ  

زندگي خدا جي طرفان مليل هڪ تحفو آهي پر هي دنيا هر وقت انسان کان امتحان پئي وٺندي آهي ڪجهه امتحان ته اهڙا مشڪل هوندا آهن جو ڪجهه ماڻهو وقت کان اڳئي همت هارائي ويندا آهن زندگي ۾ انسان کي سخت محنت ڪرڻ کپي هر مشڪل ڪم کي بهادري سان ڪري بلڪه همت نه هارائي اگر انسان جا رادا مظبوط آهن ته ڪوبه ڪم مشڪل نه آهي. ڏک ۽ سک ته انسان جي زندگي  جو هڪ حصو هوندو آهي جڏهن انسان کي ڏک ملندا آهن ته اهي پنهنجي زندگي مان تنگ ٿي پوندا آهن ۽ جيئن جو مقصد ئي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو اهڙا ته بهادر هوندا آهن جو هر مشڪل سان مقابلو ڪندا آهن انهن کي اهڙا ته ڏک ملندا آهن جو انهن جو روح به تڙپي پوندو آهي ان باوجود به هو همت نه هارائيندا آهن آخر هڪ نه هڪ ڏينهن اهي پنهنجي زندگي جي امتحان ۾ پاس ٿي ويندا آهن پر ڪجهه ماڻهو ٿورن ڏکن ۾ به پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهائي ڇڏيندا آهن زندگي ۾ انسان هر مشڪل جو مقابلو ڪري خودڪشي ڪرڻ يا پنهنجي ضمير کي ٻين جي غلامي ڪرڻ زندگي نه آهي جيتري به زندگي آهي ان ۾ سخت محنت ڪرڻ گهرجي ڪاميابي آخر قدم چمندي ڪڏهن به انسان ڏکن ۾ حوصلو نه هاري ها مان سمجهي سگهان ٿي ته ڪجهه ڏک اهڙا ته دردناڪ هوندا آهن جو انسان جيئڻ جو مقصد ئي ڇڏي ڏيندو آهي بهادري مرڻ جو نالو نه آهي بلڪه جيئڻ جو نالو آهي.
سک جڏهن انسان کي سک ملندا آهن ته اهي ايترا  ته مغرور ٿي ويندا آهن جو انهن کان الله جو شڪر ڪرڻ وسري ويندو آهي عياشين ۾ مصروف ٿي ويندا آهن ۽ تڪبر ڪرڻ شروع ڪندا آهن ۽ اهي چوندا آهن ته هي سڀ ڪجهه مان ڪيو. اهي ماڻهو ڪاش ڪنهن  بکايل ماڻهو جو احساس ڪري يا ڪنهن ماڻهو جي تڪليف ۾ ان جي مدد ڪري انهن ماڻهن کي خبر ئي نه آهي ته تڪليف ڇا آهي يا اگهاڙن کي ڪپڙا پارائي يا انهن جي مصبت ۾ مدد ڪري اهو ماڻهو صرف اهو سوچي ته الله سائين مون کي ايترو ڪجهه ڏنو آهي ان مان ٿورڙو حصو ڪڍي ڪنهن غريب ماڻهو جي مدد ڪيان جڏهن سڀ ڪجهه ان جي هٿ مان هليو ويندو آهي ته پوءِ پڇتائيندو آهي زندگي محبت ڪرڻ جو نالو آهي محبت ۾ ڪجهه ڪلاڪ مهينن جي برابر ڪجهه سالن جي برابر لڳن ٿا ۽ هڪ پل يا لمحي جي جدائي عمر جي جدائي محسوس ٿئي ٿي. دلفريب يا خوبصورت شي تي گهڻو اعتبار نه ڪريو هڪ خوبصورت يا سٺو چهرو بذات خود بهترين شفارش سٺي صورت دل کي متاثر ڪري ٿي پر سٺي سيرت روح  کٽي وٺي ٿي محبت هڪ اهڙو نشو آهي جيڪو داناء نادان کي هڪ ئي طرف سان ٻنهي تي جادو ڪري ٿو ڇڏي محبت هڪ پاڪ جو جذبو آهي جو هر انسان جي دل ۾ هوندو آهي پيءُ ، ماءُ ۽ ڀائرن ۽ ڀينرن سان محبت ڪرڻ محبت جا روپ هوندا آهن هڪ ته پنهنجن سان محبت ڪرڻ جيڪي رشتا اسان کي خدا جي طرفان مليل آهن ٻيو ته ڪنهن ماڻهو سان محبت ٿي وڃي اڪثر ماڻهو پنهنجي مطلب لاءِ محبت جهڙي پاڪ جذبي کي استعمال ڪندا آهن ۽ غلط ڪم ڪندا آهن. محبت ته روح جو سڪون هوندو آهي ته ماڻهو ان کي غلط طريقي سان ڇو استعمال ڪندا آهن هڪ اها پاڪ محبت هوندي آهي جو انسان سڄي زندگي پنهنجي دل ۾ رکي جيئندا آهن مان انهن انسانن کي سلام ٿي ڪيان جنهن زندگي خوشي جو نالو آهي. جنهن انسان زندگي ۾ ڪڏهن به ڏک نه ڏٺا آهن ان کي زندگي جي هر سهولت ملي هجي اهو انسان ته چوندو زندگي خوشي جو نالو آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ڪجهه انسان اهڙا به هوندا  آهن جو سڄي محبت ڪندا آهن  ۽ زندگي جي خوشي کي تلاش ڪندا آهن ۽ اهي  ٻين جي خوشي کي ڏسي دل ئي دل ۾ ان خوشي جي حسرت ۾ هوندا آهن ۽ ڪجهه انسان اهڙا هوندا آهن جو ٿورڙي خوشيءَ لاٰءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان  ڪري ڇڏيندا آهن يا وڃائي ڇڏيندا آهن. زندگي وڇوڙي جو نالو آهي. وڇوڙو ڇا آهي جنهن کان پنهنجو پيارو وڇڙي وڃي يا ويو هجي وڇوڙو تمام ڏکيو ۽ تڪليف ڏيندڙ آهي جڏهن ڪو پنهنجو وڇڙي ويندو آهي ته اهو تمام گهڻو ياد ايندو آهي اهي سڀ ڳالهيون ته زندگي ۾ هونديون آهن جڏهن ڪنهن کان پنهنجو جوان ڀاءُ وڇڙي وڃي ان تڪليف جو ته ڪوبه اندازو ئي مه ٿو لڳائجي يا اسان کان ڪو پيارو ليڊر وڇڙي وڃي جيئن محترمه بينظير ڀٽو زندگي ته هلي رهي آهي زندگي ته نه روڪندي آ، اها اسان جي ڪهڙي نه پياري ليڊر هئي ايترا سال گذرڻ جي باوجود اسان جي دل ۾ ان لاءِ ڪيڏي ته محبت آهي ان پياري ليڊر جي وڇوڙي کي ياد ڪري اسان جي دل اڃا به زارو قطار روئيندي آهي. جدائي دل جي پياس وڌائي ٿي ڇڏي محبت ته ڪئي انهن ڪنهن جي رسوائي نه ٿئي محبت هڪ پاڪ جذبو آهي ڪجهه ماڻهو جو هن پاڪ جذبي کي سمجهن ٿا نه ته گهڻا ماڻهو ته هن نالي کي بس استعمال ڪندا آهن اڄ جي دور ۾ ڪا به محبت نه آهي هي بس مطلبي زمانو آهي جيڪي نوجوان ڇوڪرين کي بيوقوف ڪن ٿا ڪاش سڀ ماڻهو همت وارا هجن جو هي جذبو دل ۾ هوندي به ڪوبه غلط ڪم نه ڪن محبت ته محسوس ڪرڻ جو نالو آهي حاصل ڪرڻ جو نه . زندگي انتظار جو نالو آهي. زندگي ۾ اڪثر ماڻهو ڪنهن ڪنهن جي انتظار ۾ هوندا آهن انتظار ايڏي ته مشڪل آهي جو هن ۾ به ماڻهو هر پل مرندا ۽ جيئندا آهن تڏهن به ڪجهه ماڻهو سڄي زندگي انتظار ۾ گذاري ڇڏيندا آهن زندگي ته انسان کي هڪ دفعو ملندي آهي پر آءُ به اهي ماڻهو پنهنجي محبوب يا محبوبا لاءِ سڄي زندگي انتظار ڪندا آهن ڪجهه ڏينهن جو انتظار سالن جي برابر لڳندو آهي تڏهن به اهي ماڻهو پنهنجي پيار لاءِ سڄي زندگي قربان ڪري ڇڏيندا آهن هن دور ۾ به ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن پنهنجي زندگي انتظار ۾ گذاريو هجي يا گذاري رهيا آهن انتظار تمام مشڪل ۽ ڏکيو آهي انتظار ڪجهه ڪلاڪن سالن جو برابر لڳندو آهي ته سڄي زندگي جو انتظار ته صدين جي برابر لڳندو آهي اگر ڪو انسان انتظار ۾ هجي ۽ ان جو موت جو ٽائيم ٿي وڃي تڏهن به ان جون اکيون دروازي ۾ هونديون آهن ۽ انهن کي هڪ هڪ دل جو انتظار هوندو آهي. اگر انهن جو ساهه هليو ويندو تڏهن به انهن جون اکيون کليل رهجي وينديون آهن ۽ انهن جو روح تڙپندو رهندو. آخر اهو ايترو مشڪل ڇو آهي ايترو مشڪل هوندي به ماڻهو انتظار ڇو ڪندا آهن انتظار به زندگي جو هڪ حصو آهي جيڪي ڪنهن ماڻهو جي نصيب ۾ لکيل هوندو آهي. زندگي تڪليف جو نالو آهي. هي زندگي ڇا آهي ڇاڪجي هن زندگي ۾ هر انسان کي تڪليفون ۽ تمام گهڻا مشڪلات پيش آيا هر انسان هڪ ڪهاڻي آهي ۽ ماڻهو کي کلندي سندا آهيون ته چوندا آهيون هن ماڻهو جهڙو ته ڪير به خوش نه هوندو جڏهن ان سان ڳالهائيندا آهيون يا ن جي زندگي جي باري ۾ خبر پوندي آهي ته ان ماڻهو پنهنجي زندگي ۾ ايڏيون ته تڪليفون ڏٺيون آهن جو اسان سوچيندا آهيون ته اسان ڇا ڏک ڏٺا آهن هن انسان پنهنجي زندگي ۾ ايتريون تڪليفون ڪيئن برداش ڪيون آهن ائين هر انسان پنهنجي زندگي ۾ ان تڪليف کان ضرور گذريو هوندو جيڪي روح کي به تڙپائي ڇڏيو هوندو ڪنهن کي زندگي ۾ پيار نه مليو هجي ڪنهن کي کائڻ لاءِ ماني نه ملي ڪنهن انسان کي اولاد جهڙي نعمت نه ملي هجي ڪنهن انسان کان پنهنجو پيارو وڇڙي ويو هجي يا ڪجهه انسان خراب بيمارين جي ڪري تڪليف ۾ زندگي گذاريندا آهن بيماريون ته انسان جي هر خوشي ختم ڪري ڇڏين ٿيون ۽ انسانن جي جيتري به زندگي هوندي آهي اهي تڪليف ۾ گذاريندا آهن ڇا ڪن جو انسان جي قسمت ۾ لکيل هوندو آهي اهي سڀ زندگي جو حصو آهن. مينهن جيڪڏهن تون منهنجي اکين کان وسڻ سکين ها ته بس ئي نه ڪرين ها ڪڪر منجهه ڪاپار،بيت اندر سڄو ڪڪر آهي مهر نظر جو ڪڪر نه لاهه، اهي عشق وارا ڪيني کان پاڪ ۽ پري رهن ٿا.
زندگي برداش ڪرڻ جو نالو آهي.: جيڪي ماڻهو برداش ڪرڻ ڄاڻن ٿا اهي زندگي جي هر مشڪل کي منهن ڏئي ويندا آهن هي برداش جو مادو به ڪنهن انسان ۾ تمام گهڻو آهي جيڪي ماڻهو هر مصيبت ۽ مشڪل حالت ۾ برداش جو مادو ختم ته ڪندا آهن اهي انسان زندگي ۾ ڪامياب هوندا ڪجهه ماڻهو ته اهڙا  ڪمزور هوندا آهن جو ٿورڙن ڏکن ۾ پنهنجي زندگي جو ڏيئو اجهامي ڇڏيندا آهن ۽ اها زندگي ٿوري ئي هوندي آهي زندگي ته برداش ڪرڻ جو نالو آهي (اعلى قسم جي جوڳين، سامين، کي الک کي وڌو ٿيڻ لاءِ ۽ ان منزل تي پهچڻ لاءِ ننڊ نه ٿي اچي اوجاڳي ۾ رام، خدا ڏي رمندا هلندا، ٿا وڃن جيڪي پاڪ محبت ڪندا اهي پاڪ آهن انهن جو درد دوا نه پر عشق جو وصل آهي درد انهن لاءِ تحفو آهي. زندگي ۾ ٽي ڳالهيون تمام سخت هونديون آهن هڪ موت جو خوف ٻيو مرض جي گهڻائي ۽ ٽيون قرض جي ذلت. (خوشي سان ڪجهه برداشت ڪيو وڃي ته بوج هلڪو ٿئي ٿو) زندگي ٻين خاطر جيئڻ جو نالو آهي. زندگي ٻين خاطر جيئڻ جو نالو هوندو آهي هر ماڻهو ٻين لاءِ جيئندو ۽ محنت ڪندو رهندو آهي جيئن انسان پنهنجي زندگي ۾ اولاد لاءِ ڪجههنه ڪجهه ڪندا رهندا آهن جيئن هڪ ماءُ پنهنجي اولاد لاءِ سڄي زندگي قربان ڪري ڇڏيندي آهي يا ڪو اهڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي گهر وارن لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ڪندو آهي ته گهر جا سڀئي ڀاتي خوش رهن ۽ پنهنجي زندگي جي باري ۾ سوچيندو ئي نه آهي ڄڻ هي ٻين خاطر جيئي پيو. سچي خوشقسمتي  اها ئي آهي ته هڪ  سٺي زندگي گذاري وڃي ۽ خوشگوار موت  تي ختم ٿئي. زندگي ۾ ٻه الميه هوندا آهن. (1) جنهن جي خواهش هجي ان جو نه ملڻ. (2) جنهنجي خواهش نه هجي ان جو ملي پوڻ اها آهي زندگي
(روزاني سرواڻ جي ٿورن سان)


دل جو ڪتاب؛ سڀ کان وڏي رڪاوٽ

The Biggest Hurdle


Wednesday, April 27, 2016

اندرين طاقت جاڳائڻ



اندرين طاقت جاڳائڻ

دل جو ڪتاب؛ سچو پيار


شامت اعمال ما صورتِ نادر گرفت

شامت اعمال ما صورتِ نادر گرفت
                      
 ڪلهوڙن وڏي ڪوشش سان ڀور ڀور ٿيل سنڌ کي مغلن، مغلن جي نوابن ۽ سندن ڇاڙتن کان ڇڏائي اڃا اڪائي جو روپ ئي ڪو نه ڏنو ته نادر شاهه سندن ڪوششن کي نهوڙي ناس ڪري ڇڏيو. نادر شاهه سنڌ کي وري ٽڪرا ٽڪرا ڪيو، عوام سان ارڏايون ڪيون ۽ ڌرتي خواهه ڌرتيءَ وارا سندس ظلم جو نشانو بڻيا. تنهن دور جي ڏاهن حالتن جو جائزو ورتو ۽ انهيءَ نتيجي تي پهتا ته نادر شاهه جي آمد تنهن دور جي وس ڌڻين جي عملن، غلط ڪارين ۽ غلط حڪمت عملين جو منطقي نتيجو هو.
                        ڇا ايئن ته نه آهي ته اڄ جون اگريون حالتون پڻ اسان جي عملن، غلط ڪارين ۽ غلط حڪمت عملين، غلط سوچ ۽ غلط لوچ جومنطقي نتيجو آهن؟ انهيءَ اهم ۽ ڳنڀير سوال تي هن ئي دور جي ڏاهن انسانن کي سوچڻو آهي.
                        منهنجي خيال ۾ هر دور جي سڄي مانڊاڻ ۽ ماحول ۾ مرڪزي ڪردار فرد ۽ ان جي شخصيت ئي ادا ڪري ٿي. جيڪڏهن فرد جي شخصيت ۽ ڪردار جي تربيت خواهه تعمير بهتر رخ ۾ نه ٿي ٿئي ته پوءِ ان جو عمل، ان جي حڪمت عملي، قول ۽ فعل، سوچ ۽ لوچ به صحيح دڳ واري ٿي نه ٿي سگهي. انهيءَ ڪسوٽيءَ مطابق هن دور جو استاد، اديب ۽ شاعر، صحافي ۽ دانشور، مدبر ۽ مفڪر ڏوهي ثابت ٿئي ٿو. جيڪڏهن استاد ٻيو ڪجهه نه ڪري ها، فقط ۽ فقط فرد کي لکڻ پڙهڻ جو عادي بڻائي ها ته به فرد اڳتي هلي انهيءَ عادت کي ڪم آڻيندي دنيا ۽ جهان کي ڏسي پنهنجو پاڻ کي ٺاهڻ ۽ جوڙڻ جي ڪوشش ڪري ها. اسان جو نوجوان ايئن اڄ ڪتاب ۽ قلم، علم ۽ تعليمي ادارن جو دشمن بڻجي نه پئي ها. جيڪڏهن اسان جو اديب ۽ شاعراستاد جو ساٿي بڻجي، بلڪ ”استاد ثاني“ بڻجي فرد کي پاڻ سڃاڻڻ ۽ پاڻ ٺاهڻ تي توجهه ڏئي ها ته هوند اسان پنهنجي فرسودي تعليمي نظام جي پيدا ڪيل منفي نتيجن تي اثر انداز ٿي سگهون ها. اهڙي ريت جيڪڏهن سياستدان پنهنجي پنهنجي پارٽيءَ کي ڪامياب ۽ مقبول بنائڻ لاءِ ڪارڪنن جي قوم دوستي ۽ انسان دوستي تي ٻڌل ذهني ۽ فڪري تربيت تي وڌيڪ ڌيان ڏين ها ته سياست جي صورتحال اڄ ٻي ڪجهه هجي ها.
                        بلاشڪ، اسان جي انهن سمورن ادارن ۽ رهبرن کي ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو ويو ۽ اهڙيون حالتون پيدا ڪيون ويون، جن ۾ استاد، اديب ۽ سياستدان پنهنجو پنهنجو فرض ادا ڪري نه سگهيا.پر پوءِ به تاريخ ته ڪنهن کان صفائي نه وٺندي آهي، تاريخ جي نظر ته نتيجن تي هوندي آهي.ان ڪري جڏهن به تاريخ منهن کوليندي ته سندس فيصلو استاد، اديب ۽ سياستدان جي خلاف ويندو. ان ڪري جو تاريخ اڳيان فقط نتيجا آندا ويندا ۽ ذهن بدلائيندڙ ڌرين جي ڪا به دانهن يا ڪوڪ تاريخ جي حضور ۾ پيش نه ڪئي ويندي ته کين ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو.
                        تضادن جي هن دنيا ۾ ڪم ڪرڻ ڪا آسان ڳالهه ڪانهي. ظالم ڪيئن چاهيندو ته رحم عام ٿئي؟ جهل ڪيئن گهرندو ته گهر گهر علم پهچي؟ ڪا قهري قيادت ڪيئن پسند ڪندي ته جهنگ جهر ، بر شهر، وستيون ۽ واهڻ، سونهن خواهه سندرتا جا گهوارا ٿين؟ پر تاريخ ڪو به جواز ڪونه ٻڌندي آهي. ان ڪري اسان تضادن جي هن دنيا ۾ جنهن به ڌر سان لاڳاپو رکون ٿا ۽ جنهن به نظريئي، اصول يا عقيدي سان ڄاتا سڃاتا وڃون ٿا، اسان کي ان جي هراول دستي جيان ڪم ڪرڻو پوندو. اسان کي مخالفتون ۽ موافقتون ڏسڻيون پونديون. ان باوجود اسان کي ڪم ڪرڻو پوندو.   ِهن دور ۽ هُن دور جي ڏاهن خلاف تاريخ کي جيڪو فيصلو ڏيڻو پوندو ، ان ۾ اهو پڻ شامل هوندو ته اسان جو دور اسان جي سوچن ۽ لوچن جو منطقي نتيجو هو. جيڪڏهن اسان لاءِ خارجي سببن اُهي حالتون پيدا ڪيون ته اسان به اهڙين حالتن پيدا ڪرڻ جا پاڻ ذميوار رهيا سين. حالتن کي بدلائڻ يا سڌارڻ لاءِ موسمن جي نه پر ماڻهن جي تبديلي کي وڏو عمل دخل هوندو آهي ۽ اسان ماڻهو خواهه ماڻهن جي ذهنن کي ته ڇا پر پنهنجي پنهنجي حلقي جي ذهنن کي به بدلائڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
                        اسان جي دور ۾ جيڪي به جاڳرتا يا بيداري آڻڻ جي دعويٰ ڪن ٿا، حقيقت ۾ انهن مان ڪيترا پنهنجا معتقد، مريد ، اکيون ٻوٽي قبول ڪندڙ ۽ ميان مٺو پيدا ڪري رهيا آهن. ڇو ته جاڳرتا ان وقت تائين اچي ئي نٿي سگهي، جسيتائين فرد جي ذهني ۽ فڪري تربيت نٿي ٿئي. فرد جي ذهني ۽ فڪري تربيت ان وقت تائين ناممڪن آهي، جيستائين سندس شخصيت ۽ ڪردار کي ٺاهيو نٿو وڃي. ليڪن ڪنهن به هنڌ تي ڪنهن به رنگ ۾ اهو ڪم نٿو ٿئي. ان ڪري اسان روز به روز دوغلا، کوکلا، مفاد پرست ۽ نظرين کان وانجهيل، ڪورا، اڌورا ۽ اڻپورا ساٿي خواهه حلقا جوڙيندا رهون ٿا. ڪارڪن کان وٺي عوام تائين ڪنهن جي به بنيادي تربيت نٿي ٿئي. فقط کين وقتي جذبو ۽ جنون ڏنو وڃي ٿو ۽ سندس انهيءَ جوش خواهه عقيدتمندي جو ڀرپور استحصال ڪيو پيو وڃي. ان ڪري فرد کان وٺي گروهه تائين ۽ گروهه کان وٺي قوم جي چڱي خاصي حصي تائين، هر ڪنهن جي حڪمت عمليءَ ۾ جهول ٿئي ٿو. هر ڪنهن جي سوچ ۽ لوچ ۾ تضاد ٿئي ٿو ۽ اسان هر دفعي ڪن ٽوپائڻ بدران ڪن وڍائي ويهون ٿا. حالتون جيڪو به رخ يا رنگ وٺن ٿيون، ان لاءِ وڏي کان وڏي ذميواري ۽ ڀاڱي ڀائيواري اسان جي ٿئي ٿي . ايئن ان وقت تائين ٿيندو رهندو جيستائين اسان ”فرد“ ۽ ”ڪارڪن“ جي شخصيت خواهه ڪردار کي نه ٺاهينداسين. اهو ڪم وري تڏهن ڪري سگهجي ٿو، جيستائين ٻين کي ٺاهڻ ۽ سڌارڻ بدران پهريون ”پاڻ“ کي ٺاهيون، سڌاريون ۽ بدلايون.


 (ڪالم ”فالو - آن“، روزنامه ”هلال پاڪستان“ ڪراچي ،

هيءَ دشمني ته ناهي؟

هيءَ دشمني ته ناهي؟
             
جاڳو“ اخبار جي هن ئي ڪالم ذريعي مون دشمنيءَ جي موضوع تي ٻه ٽي ڪالم لکيا آهن. انهن مان هڪڙي ڪالم جو عنوان هو”جهيڙو لاهه يزيد.“  انهيءَ ڪالم ۾ مون ڪوڙي انا جي نالي  ادب، اخلاق ۽ اصول جي بيخ ڪني ٿيڻ واري ڏکوئيندڙ صورتحال ڄاڻائي هئي.ٻئي ڪالم جو عنوان هو ته ”ڇا اسان کي دشمني ڪرڻ به نه ٿي اچي؟“ ان ۾ مون ٻڌايو هو ته دشمنيون ۽ دوستيون انساني زندگيءَ جا اڻمٽ روپ آهن، پر انهن جا به ڪي اصول ۽ طريقا ٿين ٿا، جيڪي اسان وٽ ڪونهن. اسان انهيءَ وقت اهي اصول ۽ طريقا وساري ويهون ٿا، جڏهن ٻئي کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪنهن شريف بي ڏوهي ۽ غير لاڳاپيل ماڻهوءَ خلاف محاذ قائم ڪيون ٿا. اسان جا ماڻهو وانگاري فطرت ۽ طبيعت وارا آهن. ان ڪري اسان وانگار تي ٻئي سان وڙهڻ ۽ ٻئي کي مارڻ ۾ فخر محسوس ڪندا آهيون. هي ڪڌو ڪم ڪندي اسان ”دوستي نڀائڻ“ يا ”وفاداري نڀائڻ“ جي ڊاڙ هڻندا آهيون. سنڌ ۾ اڃا ڪو اهڙو مثال قائم ڪونه ٿيو آهي ته ڪنهن وڏيري، ڪنهن تنظيم يا پارٽيءَ وانگار تي ڪنهن غريب جو گهر ٺهرايو هجي، ڪنهن مظلوم جي مدد ڪئي هجي ۽ ڪنهن بيوس جي امداد ڪئي هجي. اسان ته پاڻ سان چڱائي ڪرڻ سکيا ڪو نه آهيون ۽ نه وري ٻئي سان چڱائي ڪرڻ ايندي اٿئون. هائو، جيڪڏهن ڪنهن جي پاڙ پٽڻي هجي، ڪنهن سان دشمني ڪرڻي هجي يا ڪنهن جي سسي لڻڻي هجي ته پوءِ ڪنهن دوست، ڪنهن وڏيري يا ڪنهن تنظيم جو اشارو ئي ڪافي آهي.
                        منهنجي ٽئين ڪالم جو عنوان هو”اقليتن تي عذاب، اڃا ايندو اڳتي.“ هن ڪالم ۾ مون انهن ڳوٺن، ماڳن ۽ مڪانن جو ذڪر ڪيو هو. جتي ڪا هڪ اڌ ذات تعداد جي لحاظ کان باقي ٻين ذاتين کان گهڻي ٿي ٿئي. سنڌ جيڪا اڳ ئي سماٽ ۽ غير سماٽ جي خانن ۾ ورهايل آهي، تنهن تي ذات پات جو زنگ اهڙيءَ ريت ته چاڙهيو ويو آهي، جو ڌرتيءَ ۽ ڌرتيءَ ڌڻين جي شڪل صورت ئي بگڙجي وئي آهي. سنڌي سنڌيءَ جو دشمن ڪيئن ٿو ٿئي؟ جيڪڏهن اوهان کي اها ڳالهه ٻڌڻي ۽ صورتحال ڏسڻي آهي ته پوءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۽ ڳوٺن ۾ وڃو.ذات پرستن هٿان اوهان کي ظلم جا نت نوان داستان گهڙبا محسوس ٿيندا. اڪثر ڪري گهڻائي واري ذات اوهان کي ٻين تي الرون ڪندي نظر ايندي.ڪيترن هنڌن تي ماڻهو ڪتي جي چڪ کان ته بچي سگهي ٿو، پر ذات پرست جي ڌڪ کان بچڻ جو تصور به ڪري نه ٿو سگهي. مون پنهنجي انهيءَ ڪالم ۾ انهن ئي معامرن کي جاءِ ڏني هئي.
                        اڄ جو ڪالم اسان جي نفرت، ڪروڌ، وير ۽ دشمنيءَ جي هڪ ٻئي رويئي جي نشاندهي آهي. اسان جاگيردارن ۽ وڏيرا شاهيءَ واري نظام ۾ رهون ٿا. شهري ماڻهو انهيءَ حوالي سان ڪي قدر آزاد ٿين ٿا، پر ٻهراڙين ۾ اڃا اها باهه ٻري ٿي. ٻهراڙيءَ ۾ هن نظام ڪيترن بيگناهن کي سٽي وڌو آهي.ڀلي ته ڪوئي ڪيترو امير هجي، يا ڪوئي ڪيترو سچو هجي، پر سوچيندو ساڳي هڪ ئي نموني سان. هر ڪو سوچ ۾ وڏيرو ۽ رويي ۾ ڀوتار نظر ايندو. ڪمي ڪنهن ۾ به نظر ڪانه ايندي. وڏيرڪي ۽ جاگيرداراڻي نظام ۾ بنيادي ڳالهه اها هوندي آهي ته عزت، دولت، شهرت ۽ طاقت فقط پاڻ لاءِ آهي، ٻئي ڪنهن کي به ان ۾ شريڪ ڪرڻو ڪونهي. پر جيڪڏهن شريڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري يا پاڻ پنهنجن ذريعن، وسيلن، سوچ ۽ لوچ سان عزت، دولت، شهرت، طاقت يا انهن مان ڪنهن به هڪ کي حاصل ڪري ته پوءِ انهيءَ شخص کي جيئرو ڇڏڻو ناهي. پر جيڪڏهن موت به هن کي ماري نه سگهي ته پوءِ هن جو جيئڻ جنجال بڻائڻو آهي ۽ حياتي وهه ڪرڻي آهي.
                        ڪو پيٽ کي پٿر ٻڌي ٻه ڏوڪڙ گڏ ڪري ٻني وٺي ۽ جي ڪنهن کي اها ڳالهه نه وڻي ته پوءِ هنن جي فرشتن کي ئي خبر نه پوندي. لکپڙهه ٿي ويندي، دستاويز ٺهي ويندا. شاهدن گواهن جون شاهديون ٿي وينديون ۽ رات جي پيٽ ۾ ڪجهه ٻيو پاڻ هرتو مالڪ بڻجي ويندو. ڪم اهڙو ته پڪو ٿيندو جو نه ته ڪورٽ ئي اصلي مالڪ کي زمين موٽرائي ڏئي سگهي نه وري پوليس ئي هن جو پاسو وٺي.
                        پنهنجي ڪا پوڙهي يا ڪرڙوڍ ماري ڪنهن تي ڪارنهن جو چٽو هڻي موت جو ڊپ ڏئي مٿس ڳاٽي ڀڳي چٽي رکڻ، بليڪ ميل يا ڏاڍ ڪري پنهنجي معمولي ملڪيت ڳري بها تي زوريءَ ٻئي کان خريد ڪرائڻ، شادين براتين، جلسن، جلوسن وقت معتبرائپ جي نالي ۾ بيگار يا نقد جي صورت ۾ غنڊا ٽئڪس وٺڻ سنڌ ۾ ڏاڍ مڙسيءَ جي ثقافت ٿي پئي آهي.
                        اڪثر ماڻهو نه فقط پاڻ مٿڀري ماڻهوءَ جي مجبوريءَ ۾  غلامي قبول ڪري ٿو، پر موقعي ملڻ تي پاڻ جهڙي ٻئي ماڻهوءَ کي به ڪاريهر نانگ جيان سٽي وجهي ٿو. هو جتي ڏسي ٿو ته سندس دال ڳرڻ واري ڪانهي ۽ گاهه هن جي گاڏيءَ کان گهڻو آهي ته پوءِ وڏي حرفت سان اهڙي ماڻهوءَ جا ڪن ڀرڻ شروع ڪري ٿو، جنهن جا هٿ هن جو نشانو بنيل ماڻهوءَ لاءِ ”موت جا هٿ“ ثابت ٿي سگهن. پوءِ وڏيري جي اوطاق هجي يا ڪنهن ڪاموري جو دفتر ، هنڌين ماڳين نشانو بڻيل ماڻهوءَ جي گلا غيبت شروع ٿي ويندي، ڪردار ڪشيءَ جا قصا بيان ڪيا ويندا. تر جو ڪو نه ڪو وڏيرو يا ڪامورو جيڪڏهن ڪنن جو ڪچو ٿي، هنن جي ڳالهه ۾ اچي بيوقوف ٿي بيٺو ته پوءِ هنن جا ٻيڙا پار ٿي ويا.
                        تعجب جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ مڪر ۽ فريب، ڏاڍ ۽ ڏمر جي راند ۾ بيوقوف اهو بڻجي وڃي ٿو، جيڪو پاڻ کي ڏاهو ۽ ڏاڍو سياڻو سڏائي ٿو. اسان جا اڪثر ماڻهو ڪن ڪچي هئڻ ڪري قهر ڪري ويهندا آهن. اسان جا ڪيترا بي ڏوهي ۽ معصوم ائين مظلوم بڻجي ويندا آهن. سنڌ ۾ صدين کان وٺي ايئن بي سبب ظلم جاري آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪيترن ڪونڌرن جا ڪنڌ لڻايا ويا آهن. انهيءَ ڳالهه کي تستائين ٻنجو اچڻ مشڪل آهي، جيستائين ٻين کي به زندهه رهڻ ترقي ڪرڻ ۽ خوش رهڻ جو حق نه ٿا ڏيون.
                        عوام کي اها ذميواري سيکاري ڪير؟ اسان وٽ اديب ۽ شاعر ته ايترو بي اثر بڻايو ويو آهي جو کيس گهر جا ڀاتي به ٻڌڻ لاءِ تيار ڪونه آهن. اسان جي تعليمي ادارن کي ”اوندهه جا دروازا“ بڻائي هر سال لولا لنگڙا، اڌورا ۽ اڻپورا انسان پيدا ڪيا وڃن ٿا. اسان جي مرشدن کي فقط پنهنجا پير ڌورائڻا آهن. اسان جي اڳواڻن کي رڳو ڊاڙون ۽ ٻٽاڪون هڻڻيون آهن. ان ڪري سوچڻو انهيءَ کي آهي، جيڪو نشانو ٿئي ٿو. آواز مظلوم کي ئي اٿارڻو آهي، جيڪو متاثر ٿئي ٿو ۽ نشانو بڻجي ٿو. ڇو ته سندس آواز ۾ اثر ۽ جادو ٿئي ٿو.


 (ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي“، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي

عدم طرف وڌندڙ اسان جا قدم

عدم طرف وڌندڙ اسان جا قدم

       اسان مان ڪو به اهڙو ماڻهو ڪونهي، جيڪو اها هام هڻي ته هو سک ۽ سڪون جي زندگي گذاري رهيو آهي.اسان مان هر ڪو پريشان ۽ حيران آهي. هر ڪو هي ڳالهه مڃي ٿو ته پاڻ ڏکين ڏينهن مان گذري رهيا آهيون . اسان جي چؤطرف مسئلا ۽ مونجهارا آهن. هڪ طرف غربت آهي ته ٻئي طرف بيروزگاريءَ آهي. تعليم هجي يا تجارت ملازمت هجي يا سياست، زندگيءَ جو هر هڪ شعبو مفلوج ٿي رهيو آهي. جيئن جيئن وقت گذرندو پيو وڃي، تيئن تيئن درد ۽ دک وڌندا پيا وڃن. جنهن به مسيحا هجڻ جي دعويٰ ڪئي تنهن دوا بدران درد ڏنو. هر ڪو پنهنجو ڪتاب کڻي آيو، هر ڪو پنهنجو نظريو کڻي آيو، هر ڪنهن پاڻ تي ايمان ۽ اعتقاد آڻڻ جي تلقين ڪئي. ڪنهن به قوم تي ۽ عوام تي اعتماد ڪونه ڪيو. مطلب ته جيڪو آيو سور ڏئي ويو ۽ پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو.
اڻکٽ درد جي موجودگيءَ ۾ اسان ۾ هاڻي دوا جو احساس به پيدا ٿي چڪو آهي. هاڻي اسان چاهيون ٿا ته ڏکن ۽ ڏوجهرن مان چوٽڪارو ملي. مسئلا ۽ مونجهارا ختم ٿي وڃن ۽ هر ڪو سک جو ساهه کڻي. هر ڪو ماڻهو ايئن سوچي به ٿو ۽ ايئن لوچي به ٿو. پر سوال هي پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ به اسان منزل ماڻي ڇو نه ٿا سگهون؟ پوءِ به اسان جا انفرادي، اجتماعي ۽ قومي ڏک پنجن منجهان پندرهن ڇو ٿا ٿين؟
ڏاهن جو چوڻ آهي ته هي ”وسيع تر انفراديت“ جو دور آهي ! ان ڪري هر ڪو ماڻهو فقط پاڻ لاءِ سوچي ٿو ۽ لوچي ٿو. ان ڪري اجتماعيت ۽ قوميت هن لاءِ بي معنيٰ دائرا بڻجي پيا آهن. ڪو به قوم کي ۽ اجتماعي حالتن کي ٺاهڻ لاءِ پاڻ کي ڍاهڻ نه ٿو چاهي.     
ٿورو اڃا غور ڪري ڏسبو ته اسان مان ڪي ماڻهو پنهنجي وجود ۾ انفراديت کان ٿورو ٻاهر نڪري، پنهنجي برادري ۽ ذات پات جي ڀلائي ۽ خيرخواهي لاءِ به سوچن ٿا. ان ڪري ذاتين پاتين جي بنيادن تي تنظيمون ٺاهن ٿا ۽ پنهنجي ڏاڍ مڙسي مڃرائڻ لاءِ قبائلي جهيڙن ڪرڻ تائين اڳتي وڌي اچن ٿا. ذات پات ۽ ڪڙم قبيلي جي بت ۾ ننڍي کنڊ جي مذهبي حالتن روح ڦوڪيو.انهيءَ نظرئي جا ابا ڏاڏا هندو ئي آهن. پر اڄ ڪلهه هندو توڙي مسلمان ذات پات جي زنگ کان پاڻ بچائي نه سگهيا آهن. بلڪ انهيءَ انسان دشمن نطريئي جا مبلغ بڻجي چڪا آهن.
جهڙي ريت انفراديت پرستي پوري انسانيت جي نفي ڪري ٿي. اهڙيءَ ريت ذات پرستي وري ظلم، ذيادتي، بي انصافي ۽ بد امنيءَ کي جنم ڏئي ٿي. اسان چوندا آهيون ته ڪو لڪل ۽ غير سنڌي هٿ سنڌ ۾ قبائلي جهيڙا ڪرائي ٿو. بي شڪ ويڙهايو ۽ حڪومت ڪيو جي پاليسي اڃا ختم ڪانه ٿي آهي. ان کان سواءِ اسان جي سياسي ڪلچر اهڙي نظام کي قائم رکيو آهي. جنهن ڪري ماڻهو ذاتين ۽ برادرين ۾ تقسيم ٿي وڃن ٿا. پر ذاتين پاتين ۾ اختلافن ۽ تضادن پيدا ڪرڻ جا ڪارڻ اسان پاڻ ئي ٿيون ٿا.
پر پاڻ کي بي ڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجي غلطين ۽ گناهن جي ٽوڪري ايجنسين کي کڻائيندا آهيون.بنهه ايئن جيئن ڏوهه پاڻ ڪندا آهيون، پر ٿڪ لعنت شيطان تي ڪندا آهيون، جڏهن ته شيطان ڪنهن کي هٿ کان وٺي گناهه نه ٿو ڪرائي.                                                                           انفراديت ۽ ذات پات لاءِ ڏوهه ثواب ڪرڻ کان علاوه اسان ٿورو اڳتي وڌي ڪنهن گروهه يا لابيءَ لاءِ به پاڻ پتوڙيون ٿا. هن بدعت سنڌ ۾ موقعن، ذريعن ۽ وسيلن تي قبضا ڪرڻ وارا گروپ پيدا ڪري ڇڏيا آهن. ادارا، ريڊيو ۽ ٽي وي اهڙن ماڻهن لاءِ مڙهه مقام بڻجي چڪا آهن. مجال آهي ڪنهن نئين ۽ اوپري ماڻهوءَ کي جو هنن جو ڪڙو ٽوڙي سگهي. ادارن ۾ عهدا ۽ رتبا ملندا ته مخصوص ماڻهن کي،ريڊيو يا ٽي ويءَ تي پذيرائي ٿيندي ته مخصوص لابين جي.ٻيو وتي ٻاهريان چڪر ڏيندو. هر ڪنهن هنڌ پير يا ڪنهن وڏيري جي درٻار لڳي پئي آهي. ٽوپي ٽانڊو ڪندو ته ڳالهه ۾ اثر پيدا ٿيندس ۽ پنهنجي جوهر ڏيکارڻ جو موقعو ملندس
اسان جي سهڪار سر پرستي، تعاون ۽ امداد جي ڪهاڻي اهائي آهي. سهڪار ۽ سر پرستيءَ جي منڊي گهوڙي انفرادي غرض، ذات پات ۽ گروهه کان ٻاهر نڪري ئي ڪانه ٿي سگهي. نتيجو اهو ٿو نڪري ته اسان جا اجتماعي ۽ قومي مسئلا حل ٿين ئي ڪونه ٿا ۽ اسان روز به روز وڌيڪ آزار، سور ۽ درد ڏسندا رهون ٿا. اهڙين حالتن ۾ اسان جو هر قدم عدم طرف وڌندو رهي ٿو.
عدم طرف وڃڻ جو مطلب ٿيندو مري وڃڻ يا هي جهان ڇڏي وڃڻ. جڏهن اسان قومي ۽ اجتماعي مسئلن ڏانهن توجه نه ٿا ڏيون ۽ هٿ پير نه ٿا هلايون ته زندهه  قوم ڪيئن ٿا ٿي سگهون؟انهيءَ حساب سان اسان زندهه قوم آهيون ئي ڪو نه ڇو ته اسان جيئرا آهيون ته پاڻ لاءِ، زندهه آهيون ته ذات پات يا گروهه لاءِ. قوم لاءِ اسان جو زندهه هجڻ ڪا به معنيٰ نه ٿو رکي ۽ نه ان کي ڪو ضروري ڄاڻون ٿا.
اسان جو هر قدم هن ڪري به عدم طرف وڌي ٿو، جواسان ۾ ڪٿي به ورڪنگ رليشنشپ نظر نه ٿي اچي.اسان ڪامن فيڪٽرس  کي اڳيان رکي تعاون نه ٿا ڪيون. ان ڪري هنڌين ماڳين، اسان جي قول ۽ فعل، اسان جي رويئي ۽ انداز ۾ عدم کانسواءِ ڪجهه به ڪونه آهي.
بک، بيروزگاري ، جهالت، بد امني جان ۽ مال جي تحفظ جو اونو ۽ ٻيا اهڙا مسئلا ، سمورن جا مسئلا آهن.ايئن ڪونه آهي ته ڪو فرد واحد، ڪا هڪڙي ذات يا ڪو هڪ گروهه انهن مسئلن ۽ مونجهارن جو شڪار آهي. جڏهن مسئلا ۽ مونجهارا هڪجهڙا آهن ۽ هر ڪنهن لاءِ آهن ته پوءِ اسان پنهنجي انفراديت، ذات ، گروهه لاءِ ڇو ٿا سوچيون؟ پوءِ اسان جو هر قدم عدم جي رنگ ۾ رتل ڇو آهي؟اسان کي عدم تعاون، عدم اعتماد، عدم دلچسپي ۽ عدم سهڪار ڇو پسند آهن؟ اسان کي هر اهو لفظ ۽ هر اهو عمل ڇو ٿو وڻي جنهن جي اڳيان عدم اچي ٿو؟لفظ عدم سان اسان جي ايتري محبت ڇو آهي؟ عدم طرف وڌندڙ  اسان جو هر قدم اسان کي ڪٿي پهچائيندو؟
عدم تعاون، عدم دلچسپي ۽ عدم تعلق اسان مان هر ڪنهن کي ويڳاڻو ۽ وياڪل بڻائي ڇڏيو آهي ۽ اسان هڪ هوندي، اسان هڪ قوم مان هوندي به الڳ الڳ ۽ جدا جدا آهيون. اسان مان هر ڪو بي يارو مددگار ٿي پيو آهي. ڪو ڪنهن جي سار نه ٿو لهي، ڪو ڪنهن جي مدد نٿو ڪري، ڪو ڪنهن جي ڪم نه ٿو اچي. جڏهن ته ٻيءَ دنيا ۾ ايئن ڪونهي.باقي دنيا ۾ ڀل ته ڪنهن کي ڪنهن جو منهن نه وڻي،ذات پات مان هجي نه هجي، پر جيڪڏهن قومي ڪم ڪندو ته کيس پاڻ هرتو تعاون ملندو. هن جي همت افزائي ٿيندي.پر اسان ڪنهن کي کنگهنداسين به ڪو نه ، اسان ماڻهو آهيون پر ڪنهن جي به ڪم جا نه آهيون. اسان شايد عدم آهيون ۽ عدم جا راهي آهيون.


ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي

اچو ته هڪ ٻئي کي اڌورو قبول ڪرڻ ڇڏي ڏيون

اچو ته هڪ ٻئي کي اڌورو قبول ڪرڻ ڇڏي ڏيون

         نفيءَ جا نغارا جيڪي اسان جي سماج ۾ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ، تن جي آواز مان اسان کي سچ ۽ صلاح واري مڌر آواز جو پڙاڌو ٻڌڻ ۾ نه ٿو اچي. اسان پنهنجي وجود کان وٺي هر ڪنهن فرد ۽ شخص جي نفي ڪيون ٿا.پنهنجي نفي جو مثال ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ملندو جو اسان ڌرتي ڄاوا سڏائڻ بدران پاڻ کي عربن يا  افغانن جو اولاد سڏائڻ تي فخر محسوس ڪيون ٿا . هيءَ اسان جي عجيب غيرت آهي. جو پنهنجي مائي ڪنهن سان کلي ڳالهائي ته بي گناهه کيس ڪاري ڪري ماريون، پر اسان ساڳيا ئي غيرت مند پنهنجي رضا خوشيءَ ۽ هوش حواس سان ابا ڏاڏا مٽائي ڇڏيون ته ان ۾ پنهنجي عظمت ڄاڻون.
                        اسان پنهنجي اصل نسل جي نفي ڪري، در حقيقت پنهنجي ڌرتيءَ جي نفي ڪيون ٿا. ڌرتيءَ کي ماتا ڄاڻي به ان سان رشتو قائم نه ٿا ڪيون. پنهنجي قهر جي ڪهاڻي اتي پوري نه ٿي ٿئي. پر اسان سنڌي سڏائي پنهنجي ئي لوئي سان وير وجهون ٿا. وڏن شهرن  ۾ جيڪي به اسان جا وڏ - گهراڻا ماڻهو رهن ٿا، انهن مان اسي سيڪڙي جي گهرن ۾ پاڻ کي سنڌي ٻڌڻ لاءِ ڪانه ملندي !
                        پنهنجا نسل مٽائڻ ذهني غلاميءَ جو پڙاڏو آهي ۽ پنهنجي زبان ڪٽي منهن ۾ ٻي ڄڀ چمبڙائڻ قومي احساس ڪمتريءَ جو مظهر آهي. اسان رڳو ائين اجتماعي طور تي پنهنجي، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي ئي نفي نه ٿا ڪيون پر پنهنجي وجود جا به منڪر ٿي پئون ٿا . سون جي صلاحيتن ۽ لکن جي لياقتن جا ملڪ آهيون، اسان انهن کي ڪم آڻيون ته هوند نالو به روشن ٿئي ۽ دنيا جهان کي به فائدو رسي. جنهن ماڻهو بجلي ٺاهي، ريڊيو، ٽي وي ٺاهي، جهاز ٺاهيو ۽ فون ايجاد ڪئي ، انهن جي صلاحيتن ۽ ڪوششن مان قيامت تائين انسان ذات فائدو وٺندي . پر اسان جي صلاحيتن ۽ لياقتن مان ته اسان پاڻ به فائدو وٺي نه ٿا سگهون. پڙهبو ڪونه پر ڪاپيءَ تي سندرو ٻڌي ڊگري وٺبي. محنت ۽ مزدوري ڪانه ڪبي پر هٿ ٻڌي خيرات وٺڻ ۾ عيب نه ڄاڻبو . دفترن ۾ دير سان وڃبو ۽ سوير موٽبو، عملدار ٿبو ته رعيت آزار ٿبو . واپاري ٿبو ته ڪوڙ ۽ ٺڳيءَ جو سهارو وٺبو. قدم کڻون ته ڌرتي ڌٻڻ لڳي ، پر ڪنهن نه ڪنهن جي قدمن ۾ سر رکڻ ۾ خوشي ٿيندي. سياستدان ٿبو ته عوام کي دوکو ضرور ڏبو . پهريون پنهنجا ڀڀَ ڀربا پوءِ ڇو نه ملڪ جو ۽ عوام جو ڏيوالو نڪري وڃي. امير کان غريب تائين، حاڪم کان محڪوم تائين ، اختيار ڌڻين کان بي اختيارن تائين ، ننڍي کان وڏي تائين ، پڙهيل کان اڻپڙهيل تائين، مرد کان عورت تائين اسان جو ڪيترو سيڪڙو پنهنجي ۽ پرائي نفي نه ٿو ڪري؟
                        نفي جي اهڙي عالم ۾ اسان جا رابطا ، واسطا ۽ تعلق به مخصوص ۽ محدود نوعيت جا ٿي پيا آهن. اسان هڪ ٻئي سان يا واسطيدار سان ”ورڪنگ رليشن شپ“ به قائم نه ٿا ڪري سگهون . اسان مان افهامِ تفهيم ختم ٿي رهي آهي.تعاون ۽ سهڪار ناپيد ٿيندا پيا وڃن. ان ڪري جيڪڏهن گهر آهي ته هر ڪنهن ڀاتيءَ جا قبلا ڪعبا الڳ آهن، جيڪڏهن دفتر آهي ته بالادست جو منهن اولهه ڏي هوندو ته زير دست جو منهن اوڀر ڏي. اسان فقط هڪ ٻئي لاءِ اوپرا ئي نه ٿي پيا آهيون، بلڪه هڪ ٻئي لاءِ آهيون ئي ڪونه ! اوهان ڪنهن امير، وزير يا حاڪم حڪمران ڏي خط لکو ، هڪ دفعو نه پر هزار دفعا لکو . اوهان کي ڪنهن به قسم جي موٽ ڪانه ملندي. ايئن لڳندو ڄڻ اهي امير وزير حاڪم حڪمران هن ملڪ ۾ ئي ڪونهن يا هن ملڪ جا ئي ڪونهن.
سان جي ورڪنگ رليشن شپ جو اهو عالم آهي جو اوهان ڪنهن ثقافتي يا سماجي تنظيم کي لکو ته پنهنجي عهديدارن جو احوال ۽ ڪارڪردگي رپورٽ ڏياري موڪل . اوهان ڪنهن عالم اديب، شاعر ۽ صحافيءَ کي لکو ته پنهنجا ڪوائف ڏياري موڪل. اوهان ڪنهن سياسي پارٽيءَ کي لکو ته پنهنجي منشور جي ڪاپي ڏياري موڪليو . اوهان کي جواب مشڪل سان ئي ملندو .

اسان هڪ ٻئي کي جزوي ۽ وقتي طور تي قبول ڪيون ٿا. اسان جو تعلق هڪ ٻئي سان ان وقت تائين هوندو آهي، جيستائين ڪو مطلب يا ڪو ڪم هوندو آهي. اسان جزوي طور هينئن قبول ڪيون ٿا ته جيڪڏهن ڪنهن ۾ ڪو ڳڻ آهي، جنهن ۾ ڪو ڪم يا مطلب آهي ته هو اسان لاءِ قبول ڪرڻ لائق آهي. جيستائين ڪو ماڻهو اسان سان چڱائي ڪندو، اهو ان وقت تائين چڱو آهي. چڱي ماڻهوءَ کان جيڪڏهن لڱائي يا سستي ٿي پئي يا هو ڪنهن لاچاريءَ يا مجبوريءَ ڪري اسان جي اميدن تي پورو نه پيو ته هو بيڪار ۽ بي سود ٿي پئي ٿو. اسان جون دوستيون دشمنين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون. پنهنجا لاڳاپا جهڙوڪ سنگين صورتحال اختيار ڪري وڃن ٿا. اسان اهڙا ته ڏکيا ۽ ڏنگا ٿي پئون ٿا جو جيڪڏهن شاهه لطيف جو رسالو کوليون ۽ ان کي آئينو بڻايون ته پنهنجي شڪل ئي ڪانه وڻي. لاکيڻو لطيف ٿو چئي ته”جيها جي تيها، مون مارو مڃيا“ پر اسان چونداسين ته ڪوبه قبول ناهي . جي ڌاڙا هڻنداسين ته پنهنجي کي، جيڪڏهن لٽينداسين ته پنهنجي کي، جيڪڏهن نه مڃينداسين ته پنهنجن کي . پوءِ ڇو نه دنيا جهان چئي ته اسان شيرشاهه جا شڪرا آهيون ۽ رڳو پنهنجي گهر جا ڪڪڙ ماريندا آهيون. غير سنڌي عملدار مان سنڌي کي جي فائدو نه ٿيندو ته تڪڙو نقصان به نه ٿيندو. پر الله پناهه ڏئي سنڌي عملدار کان هو وڏيري جيان پاڻ به ماريندو پر ٻين کان به مارائيندو. اسان اهي انڌا هاٿي آهيون، جيڪي پنهنجي ئي لشڪر جو نقصان ڪندا آهيون.
هن نازڪ حالتن مان پاڻ گذري رهيا آهيون، انهن جي ته تقاضا اها آهي ته اسان هڪ ٻئي کي اڌورو قبول ڪرڻ ڇڏي ڏيون ۽ لاکيڻي لطيف جي صلاح وٺون ته ”جيها جي تهيا مون مارو مڃيا.“

   (ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي

واٽون ويهه ٿيون....

واٽون ويهه ٿيون.............         

اوهان ڪنهن اديب ۽ دانشور سان ملو، هن کي دانهون ڪندي ٻڌندا ته قوم کيس پڙهڻ، ٻڌڻ ۽ سمجهڻ لاءِ تيار ڪونهي. اوهان ڪنهن سماجي ڪارڪن سان ملو، هو اوهان سان شڪايت ڪندو ته چڱي ڪم ۾ هن سان ڪو به ساٿ ڏيڻ لاءِ تيار ڪونهي. اوهان سچي ۽ سٺي استاد سان ملو هو ، روئي اوهان کي ٻڌائيندو ته هن جا شاگرد پڙهڻ لاءِ تيار ڪونهن. اوهان ڪنهن سياستدان جي مٿي تي قرآن رکي کانئس سچي ڪرايو، هو ڪوڙي کل گاڏڙ موٽ ڏيندو ته پيو ٿو ڪم هلائجي. اوهان ڪنهن صحافيءَ سان ملو، هو اوهان سان شڪايت ڪندو ته کيس ڪوڙين خبرن، تعارفي ليکن ۽ پريس رليز شايع ڪرڻ لاءِ تنگ ڪيو پيو وڃي.
مطلب ته معاشري ۾ ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻيندڙ سمورا فرد خوش ڪونه آهن، بلڪه روز به روز مايوسي ۾ وڪوڙبا پيا وڃن. هن صورتِ حال کي ڇا چئجي؟ اسان ڪٿي پهتا آهيون ۽ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيون؟ هيءُ ئي مناسب وقت آهي ته پاڻ انهن سوالن جا جواب تلاش ڪري وٺون.
پهرين ڳالهه اسان کي جيڪا ذهن ۾ رکڻ گهرجي اها هيءَ آهي ته اهڙي پريشاني ۽ مايوسي انهن ماڻهن کي ٿئي ٿي، جيڪي ذهني ۽ فڪري طور تي عوام منجهان آهن ۽ عوام لاءِ آهن. يعني جن وٽ سوچون ۽ لوچون ته آهن پر کين ذريعا ۽ وسيلا ڪو نه آهن. اهو ئي طبقو عوام جي بي حسي ۽ پنهنجي بي وسيءَ کي محسوس ڪري ٿو ۽ مايوسيءَ واري موڙ تي پهچي ٿو. باقي اسان جو مٿيئون طبقو نه اهڙي ڳالهه سوچي ٿو ۽ نه وري اهڙي لوچ رکڻ جي خواهش رکي ٿو. اسان جو ”اپر ڪلاس“ اها آسماني مخلوق آهي، جيڪا ڌرتيءَ جو کائيندي به ڌرتي ۽ ڌرتيءَ وارن جي دل ۽ درد کان وانجهيل آهي.ڪو مري يا جيئي اهو هن جو مسئلو ڪونهي. ادارا تباهه ٿين ٿا، قدر زوال پذير ٿين ٿا، ٻولي ۽ ثقافت تباهه ٿين ٿيون ، اهي هن لاءِ ڇرڪائيندڙ اشارا ٿي نٿا سگهن. ان جي برعڪس اسان جي اهي وڏا اڪثر حالتن ۾ عوام سان منافقي ئي ڪندا. اسان کي ”سنڌي ٻولي“ پڙهڻ ۽ سکڻ جو تاڪيد ڪندا ۽ اسان ۾ ٻولي بابت شاونزم تي ٻڌل سوچون پيدا ڪندا ته جيئن اسان اتي ۽ انهيءَ موڙ تي مارون کائيندا ۽ مٿا ڦاڙيندا رهون ۽ هنن جا ٻار انگريزي ۽ ٻيون ٻوليون پڙهي وڏا وڏا ڪامورا بڻجي سگهن . اهي ماڻهو اسان کي سنڌيت – پڻو سيکاريندا، پر پاڻ لساني ۽ ثقافتي حد دخليون ٽوڙي شاديون مرادون،دوستيون ۽ دنيا داريون دنيا جهان، بلڪه عوام دشمن قوتن سان ئي رکندا. اهوطبقو جيڪو اسان کي بيوقوف ڪرڻ کي ئي سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، ۽ جنهن جي هٿان اسان صدين کان بيوقوف بڻبا رهون ٿا، تنهن ۾ قومي ۽ عوامي سوچ ۽ لوچ جي تلاش ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي.
عوام جي اها ذهني خواهه فڪري تبديلي آڻيندڙن جي مايوسي،جنهن جي شروعات ۾ نشاندهي ڪئي وئي آهي، اها درحقيقت پريشان ڪندڙ صورتِ حال ڪانهي.اسان نه موٽڻ واري موڙ تي ڪونه پهتا آهيون. بلڪه هي صورت حال اسان کي وڌيڪ سوچڻ ۽ لوچڻ جي دعوت ڏئي ٿي
صدين کان وٺي ” اپرڪلاس“ جي منافقي، استحصال، ظلم ۽ ذيادتيءَ کي سهندي ۽ ڏسندي عوام کي هاڻي يقين ٿي چڪو آهي ته مذهب، سياست ۽ سماجي ڀلائي جي نالي تي هن کي هر دور ۾ دوکو ڏنو ويو آهي. ان ڪري جڏهن به عوام جي ڀلائي جي ڳالهه ڪبي، ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻڻ جي ڳالهه ڪبي ،ذهني ۽ فڪري تبديلي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي ته ٻن سببن ڪري، ان جي موٽ نه ملندي. ان جو پهريون سبب هي هوندو ته عوام ”تاريخي نفسيات“ پٽاندڙ شروع ۾ شڪ، بي حسي ۽ غير دلچسپيءَ جو مظاهرو ڪندو. هن جي غير دلچسپي کي بيحسيءَ جو روپ تڏهن ٿو ملي، جڏهن هن کي اها پڪ ٿي ٿئي ته اسان لاءِ سوچيندڙ ۽ لوچيندڙ اسان يعنيٰ عوام وانگر بي پهچ ۽ بي وس آهي. هو ذريعن ۽ وسيلن کان خالي آهي ۽ هن وٽ ڪو به اهڙو علاءُ الدين جو ڏيئو ڪونهي ، جنهن سان ويٺي ويٺي دنيا بدلائي ڇڏي.

اسان جي حالتن ۽ اسان جي تعليم عوام کي خوشحالي واري تبديليءَ جو ” مادي روپ“ ئي ياد ڪرايو آهي. ان ڪري عوام تبديلي مان مراد ڌن، دولت، نوڪري، بنگلو ۽ گاڏي وغيره سمجهي ٿو. عوام ان کي ئي زندگيءَ جو مقصد بڻائي چڪو آهي.اهڙي صورت حال ۾ ڪنهن دانشور بدران دنيا جي دجال کي ئي مقبوليت ملي ٿي . ڇو ته هن جي هٿ ۾ اَنُ هوندو ، ماني ڀور هوندو ۽ ڌنُ هوندو. ان هوندي به ڪنهن عوامي استاد، اديب ،صحافي، شاعر ، عالم، سماجي ڪارڪن ۽ سياسي ڪارڪن کي مايوس ٿيڻو ڪونهي، بلڪ پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي جنت جي ڌنڌلي عڪس کي چٽي ڪرڻ لاءِ کيس ڪلاسيڪل ادب ۽ ثقافت جو سهارو وٺڻو پوندو. هنن کي اها ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي پوندي ته کيس جنگ جو ميدان ۽ ماحول پيدا ڪرڻو ڪونهي، بلڪ پيار، محبت، خلوص، ايثار، همدردي، وفا ۽ ٻين اهڙن ڳڻن خواهه لڇڻن جي تبليغ ڪرڻي آهي، جنهن مان ماڻهپي ۽ انسانيت جا گل ڦٽي نڪرن . جنهن مان ”مادي غرض “  بدران ”نظرياتي محبت“ عام ٿي سگهي. مارئي مثل اهڙا ماڻهو پيدا ٿي سگهن، جيڪي سيڻ ۽ سون ۾ فرق ڪن، جن کي محل ۽ ماڙيون متاثر نه ڪن. جن کي ڪوٽ ۽ ڪڙا ڊيڄاري نه سگهن ۽ جيڪي هڪ ئي وقت ” پکن ۽ پنهوارن“ سان محبت ڪري سگهن. اهو عوامي سوچ ۽ لوچ رکندڙ انسان جو امتحان آهي. هن کي اتان ڪم کڻڻو آهي، جتي شاهه، سچل ۽ ساميءَ ڇڏيو هو.

عوام دوست ڏات ڌڻيءَ ۽ سوچ ۽ لوچ رکندڙ انسان کي اهو به ڏسڻو پوندو ته هن وقت اسان کي اهو يقين رکڻ گهرجي ته عوام جڏهن ”اپر ڪلاس“ کان مايوس ٿيو آهي، تڏهن ان جي بيحسي ئي ڪم ڪندڙ لاءِ وڏي خزاني ۽ وڏي موقعي برابر آهي. ان ڪري موقعي کي مايوسي ڄاڻڻ پاڻ تان ۽ پنهنجي عوام تان ايمان کڻڻ برابر ٿيندو. جڏهن جڏهن به واٽون ويهه ٿي وڃن، تڏهن تڏهن ايئن سوچڻ گهرجي ته پاڻ کي ۽ پوري قوم کي دڳ، رستي ۽ پيچري جي تلاش آهي. رستو اهو ئي لهندو آهي، جيڪو خاموش نه ويهندو آهي ۽ منزل طرف وڌندو آهي . ها هيءَ ڳالهه برابر آهي ته عوام دشمن قوتن جو تعداد وڌي ويو آهي ۽ هر ڪنهن قوم کي پنهنجي دڳ تي هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر اچو ته اسان پاڻ کليا ڪتاب ٿي پئون ۽ پنهنجي قؤل ۽ فعل جي سچائيءَ سان عوام دشمن قوتن کي ڪوڙو ثابت ڪيون .اچو ته محبت، خلوص، ماڻهپي ۽ سچائيءَ جي موڙ تي بيهي عوام کي سڏ ڏيون . پڪ ڄاڻو ته عوام انهيءَ آواز تي لبيڪ چوندو، هڪ هنڌ تي گڏ ٿيندو ۽ ايئن ويهن واٽن کي رد اچي ويندو .




(ڪالم ”ڌرتي - ڌرتتي “، روزنامه ”جاڳو“ ڪراچي ،

رت آئي مٺڙيءَ ٿاڌل جي

رت آئي مٺڙيءَ ٿاڌل جي

                         سيوهڻ جي مغل نواب يا سندس ويجهي مائٽ جي ڳالهه ڪندا آهن ته هو همراهه سيوهڻ ٻاهران ٽه واٽي تي تيل جو ڪڙاهه رکائي ويهندو هو. نوڪر چاڪر ڪڙاهه کي باهه ذريعي گرم ڪندا رهندا هئا ۽ هي همراهه کٽ وجهي ويهي رهندو هو. ڪنهن به طرف کان ڪو سنڌي آيو ته کڻي ٽهڪندڙ ڪڙاهه ۾ وڌو ويندو هو . هيڏانهن ڪڙاهه ۾ پيل مظلوم جون آهون ۽ دانهون ڌرتي ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏينديون هيون ۽ هوڏانهن هو همراهه پيو گد گد ٿيندو هو.
                        اڄ نه ته آهيون اسان اُهي سنڌي ۽ نه وري ڪڙاهي حڪمران. اڄ واٽن ۽ ٽه واٽن تي ڪڙاهه ڪونه ٿا تپايا وڃن. البته گرمين ۾ هر سال ڪا خدا جي مخلوق ايندي آهي. واٽن، رستن ۽ روڊن تي ڪنهن پوليس چونڪي، ڪنهن پيٽرول پمپ، يا وسنو واري جڳهه تي شاميانو لڳي ويندو آهي. پنج اٺ ماڻهو ٿاڌل گهوٽيندا آهن. ايندڙ ويندڙ گاڏيون اتي خود به خود رڪجي وينديون آهن ۽ مسافر ڏوڪڙ ڏئي اها ٿاڌل پيئندا ۽ هنيانءُ ٺاريندا آهن. پر اها عجيب رونق ڏسي ڪيترن جو هنيانءُ ڪونه ٺرندو آهي. ويتر کين ڏک ٿيندو آهي ۽ هنن کي انوکا انومان وڪڙي ويندا آهن.
                        مون پارا وهمي ماڻهو سوچيندا آهن ته متان ايئن هجي ته انهيءَ ٿاڌل ۾ ڪا اهڙي شئي به ملائي ويندي هجي، جيڪا مٺو زهر ثابت ٿئي ۽ پيئندڙن ۾ ڪنهن اوپري شئي جي عادت وجهي ڇڏي. اهڙا وهمي ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن ايئن به سوچيندا آهن ته سنڌ جي اتر کان ڏکڻ تائين روڊن رستن تي نظر رکڻ جو اهو ڪو نئون طريقو ته ڪونهي؟ ٿاڌلي ماڻهو ڪنهن اهڙي ڪم سانگي ته ڪونه آيا آهن ؟
کڻي اهڙن وهمي ماڻهن جي ويچارن تي اعتبار نه به ڪجي، پر ڪي ماڻهو هن رونق کي ڏسي روئي پون ٿا ته اسان جي ماڻهن کي عقل ڇو نه ٿو اچي؟ ڇا اسان جا ماڻهو بک ۽ بي روزگاري جي هن ماحول ۾ به ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪري نه ٿا سگهن. انهن کي اهڙا ڏان ڇو نه ٿا اچن جو ڪنهن اهڙي موسم ۾ هڪ نه پر هزارين ماڻهو پنهنجو گهر تر ڇڏي نڪري پون ۽ موٽ تي کيساڀري پنهنجي وطن ورن.       
                        سنڌ ڪيڏي نه عظمتن ۽ نعمتن واري ڌرتي آهي، جو سائبيريا جا پکي پکڻ هجن يا ڀر پاسي جا ماڻهو هجن. سنڌ انهن کي پناهه ڏيڻ ، زندهه رکڻ ۽ خوشحال بنائڻ جي هڪ خاص موسم فراهم ڪري ٿي.شايد هن ڌرتي جي اهڙي ننگپاليءَ واري فطرت ڪري ”سنڌو“ لفظ جي ئي معنيٰ ٿي: پناهه ڏيندڙ ۽ خوشحال بنائيندڙ.  
                        پر اڄ اهو ”سنڌو“ پنهنجي اها معنيٰ مٽائڻ لڳو آهي. شايد هن اسان جا حال ۽ افعال ڏسي سڪي ٺوٺ ۽ بنجر بڻجن جو پڪو پهه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ اسان جي سنڌو ۾ ڪا سهڻي ته ڇا پر ٻلي به ٻڏي نه ٿي سگهي . ڪنهن سهڻي ۽ ڪنهن ميهار جو رومانوي داستان هن سڌوءَ مان جنم وٺي نه ٿو سگهي. ڪا سسئي سنڌوءَ جي لهرن لوڏن تي صندوقڙيءَ ۾ ترندي ڀنڀور ۾ پهچي نه ٿي سگهي.  اڄ اسان جي سنڌوءَ پاڻ پوڄائڻ وارو حق پاڻ کان کسي ورتو آهي.اڄ خواجه خضر جهڙوڪ سنڌ مان لڏپلاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. جي سنڌوءَ کي زبان هجي ها ته هوند هن کان رسڻ ۽ ناراض ٿيڻ جو ڪارڻ پڇي وٺجن ها . پر هن دادلي درياهه جي دهشت اڄ واري جي وحشت ۾ تبديل ٿي رهي آهي.

                        ڇا ائين ته نه آهي ته سنڌو اسان جا افعال ڏسي سڪڻ ۽ رسڻ لڳو آهي؟ ڇا ايئن ته نه آهي سنڌو سڪندي رسندي اسان کان پيغام ڏئي رهيو ته اوهان ”سنڌو“ کي زندهه رکي نه سگهيا، پر هاڻي سنڌ ۽ سنڌي کي بچائڻ جي ڪوشش ڪجو ، ڇو ته انهن جو به وارو اچڻ وارو آهي ۽ اسان جي افعالن جو انهن تي به اثر پوڻ وارو آهي

ڳالهه اسان جي افعالن ۽ پرڪارن جي آهي . اسان مثال طور ٿاڌل جي وهنوار ۽ ڪاروبار جي ڳالهه ڪئي آهي . ٺيڪ آهي ته اسان کي اهو اعتراض ڪونهي ته ڪو ٻاهريون هتي اچي ڇو ٿو ڪمائي . پر آهي ڪو اسان مان جيڪو روڊن ۽ رستن تي نظر رکي اهو حساب ڪتاب ڪري ڏيکاري ته انهيءَ وهنوار ۾ ڪيتري افرادي قوت ڪم اچي ٿي ۽ ڪيترا ماڻهو هن وهنوار سانگي پنهنجا گهر تڙ ڇڏي آيا آهن ، ۽ روزانو سنڌ مان انهن کي ڪيتري اپت ٿئي ٿي؟ اهڙو حساب ڪتاب ڪري پوءِ سموري سنڌ کان سوال ڪري ته اسان کي ڪمائڻ ۽ زندهه رهن جا ڍنگ ڇو نه ٿا اچن؟ اسان جون سوچون ۽ لوچون اسان جي اقتصادي خوشحاليءَ جو ڪارڻ ڇو نه ٿيون ٿين.اسان لال جا آرسي ڇو ٿي ويا آهيون؟ جڏهن دنيا ڌوڙ مان به ڌن ٺاهي سگهي ٿي، ته اسان پنهنجي ڌن کي ڌوڙ ڇو ٿا بڻايون؟ اُهي ۽ اهڙا کوڙ سارا ذريعا ۽ وسيلا آهن. ذريعن ۽ وسيلن جي انهيءَ ڌن مان اسان فائدو ڇو نه ٿا وٺون؟ جڏهن غير سنڌي گهرن ۾ ميڻ بتيون، ماچيس ۽ ٻيو الائي ڇا مان ڇا ٺاهيو وڃي ٿو ته اسان سنڌين جي گهرن ۾ ڪک ڀڃي ٻيڻو ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟ ڌڻي تعاليٰ اسان جي هر ضلعي کي، ضلعي جي هر تعلقي کي، ۽ مختلف وسندين ۽ واهڻن کي کوڙ سارو ڪچو مال ڏنو آهي. اسان وٽ کجيون آهن، ڏير آهي ، پلال آهي ، ٻوڙا سر ۽ ڪانا آهن، جوهي جي مٽي آهي ، وڻ ٽڻ آهن، جهنگ جبل آهن. اسان جيڪڏهن تخليقي ۽ پيداواري صلاحيتن کي ڪم آڻيون ته ڇا ڇا نه ٿا ڪري سگهون؟اڳ ٻهراڙين ۾ عورتون گهرن ۾ ٽوپيون، رلهيون اڳٺ ۽ چوٽيون ٺاهينديون هيون.سئي سان ڀرت ،مردن جا پهرياڻ ۽ ماين لاءِ گج ڀريا ويندا هئا.هاڻي هن وقت هر هنڌ ۽ هر گهر ۾ اهڙو تخليقي ۽ پيداواري ڪم نه ٿو ٿئي. اڳي ٿورا ڪمائيندا هئا ته گهڻا کائيندا هئا. هاڻي جهڙوڪ ڪمائڻ وارا ڪونهن. اسان جهڙوڪ پاڻ پالڻ ڇڏي ڏنو آهي. ٻيا ماڻهو اسان جي گهرن ۽ شهرن ۾ اچي ڪمائي وڃن ٿا. پر اسان هٿ تي هٿ رکڻ تي ئي ڳنڍ ٻڌي ويٺا آهيون.

                        اسان جي اها غير پيداواري ۽ غير تخليقي سوچ، اسان کي سماجي، ثقافتي ۽ سياسي ميدانن ۾ تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. پنهنجي ڀر پاسي ۽ شهرن ۾ ڏسبو ته اسان جي شرافت جا ڪوٽ ڪرڻ لڳا آهن. ڪرپشن وڌڻ لڳي آهي.اسان جي گهرن، اوطاقن ۽ وٿاڻن جون ثقافتي رونقون مٽجڻ لڳيون آهن. ٽڪي جي نوڪري جي تلاش ۾ اسان سياسي ۽ سماجي طور تي پاڻ کي پنهنجي نئين نسل کي ڪنهن نه ڪنهن هلندي پڄندي واري ماڻهو وٽ گروي رکي چڪا آهيون. هٿ جو پورهيو پاڻ لاءِ حرام قرار ڏئي پاڻ کي پورهيت جي عظمت ۽ حيثيت کان محروم ڪري چڪا آهيون. هي حالتون ڏسي ڪڏهن ڪڏهن ڊپ ٿيندو آهي ته اسان ۾ زندگي جي رونق ۽ حرارت  جهڙوڪ رهي ئي ڪانهي. اسان نه ته پنهنجو پاڻ کي سڃاڻون ٿا ۽ نه وري پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن کي سڃاڻون ٿا. ڌڻي ڄاڻي ته هي حالتون اسان کي ڪاڏي وٺي وينديون؟ڇا سنڌ جي ڪهاڻي فقط اها آهي ته ڪڏهن انهي جي رستن روڊن تي ٽهڪندڙڪڙاهه رکيا وڃن ۽ ڪڏهن مٺي ٿاڌل جامٽ رکيا وڃن؟
(ڪالم ”جهڙي سوچ ، تهڙي لوچ “، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

سيفل ته سڀئي آهيون، پر سيف الملوڪ به ته ڪو ٿئي

سيفل ته سڀئي آهيون، پر سيف الملوڪ به ته ڪو ٿئي

                             اسان جي ڀر پاسي واري ڳوٺ ۾ سيفل فقير هوندو هو. هن جي وڏڙن ته هن لاءِ چڱي خاصي دولت ڇڏي، پر پنهنجن ڦري فقير ڪري ڇڏيس. ڪنهن مئيءَ ماليءَ تي هٿ صاف ڪيس ته ڪنهن ٻني ٻاري تي قبضو ڪيس. سيفل پنهنجن جا اهي قرب ڏسي چريو ٿي پيو. لٽا ليڙون ليڙون ، وار وڏا ۽ سڄو جسم مٽيءَ ۾ ڀڀوت !کيس ڏسندي ڊپُ وٺي ويندو هو. سدائين لٺ ڪلهي تي ۽ لٺ ۾ لوٽي ٻڌل. جنهن ۾ ڏڌ، ماني، ٻوڙ ۽ ڀت پيل هوندو هئس . اکيون ڳاڙهيون ڪيو لنگ وجهي رستي تي اچي بيهندو هو . ڪو لنگهيو ناهي ۽ هن جا احوال شروع ٿي ويندا هئا . ماڻهوءَ جي پوئتان هلندو ويندو ۽ کيس سموري ڳالهه ٻڌائيندو هو. نالا وٺي چوندو هو فلاڻي مائٽ ٻني تي قبضو ڪيو ، فلاڻو سون کڻي ويو ۽ فلاڻي گهر مان ڪڍي ڇڏيو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو نه ملندو هئس ۽ واٽ ويندي ڪنهن وڻ وٽان گذر ٿيندو هئس ته انهيءَ وڻ کي به سورن جا مذڪور ٻڌائڻ شروع ڪندو هو. شام جو جڏهن جناور جهنگ چري وٿاڻن ڏي موٽندا هئا ته سيفل فقير ڪنهن نه ڪنهن مينهن، ٻڪري يا ڍڳيءَ پٺيان هلندي ان کي سڀئي سور ٻڌائيندو هو.
                        سيفل فقير کي اسان چريو سمجهندا ۽ چوندا هئا سين . جتي به ملي ويندو هو ته اسان لاءِ عيدون ٿي وينديون هيون. ڪو کيس ڀتر هڻندو هو ته ڪو کيس سروٽا. جڏهن هن کي به ڪاوڙ ايندي هئي ته ڪنهن نه ڪنهن جو مٿو ڦاڙي وجهندو هو. ٻالپڻي ۾ اهو سمجهندا هئاسين ته سڄي ترَ ۾ هڪڙو ئي چريو سيفل آهي. پر ايئن ڪونه هو . هاڻي ٿي خبر پئي ته اسان مان  گهڻي کان گهڻا سيفل آهن .ڪنهن دانشور يا مدبر سان ملو، ڪنهن امير يا غريب سان ڪچهري ڪيو، ڪنهن دفتر ۾ يا دوڪان ۾ وڃو. ڪنهن گهٽيءَ ۾ وڃو يا بازار ۾ وڃو. اوهان کي هر هنڌ سيفل ئي سيفل ملندا. بس رڳو اوهان جي پهچڻ جي دير آهي. هر ڪو اوهان کي سڄي ڄمار جا سور هڪ ئي گڏجاڻي ۽ ڪچهري ۾ ٻڌائي ڇڏيندو.ڪنهن کي اولاد نه ٿيڻ جو غم هوندو ته ڪنهن کي نا خلف ۽ نالائق اولاد تي ڪاوڙ هوندي. ڪو مائٽن کان رٺل هوندو ته ڪو دوستن تي ناراض هوندو. ڪنهن کي نوڪري جي تلاش هوندي ته ڪنهن کي پنهنجي واپار جو اونو.زبردست بالا دستن جي شڪايت پيا ڪندا ته بالادست زير دستن تي پيا ٻرندا. ڪنهن کي اديبن کان شڪايت هوندي ته ڪنهن کي صحافين کان. ڪو سياستدانن تي ڏمريل هوندو ته ڪڪو حڪمرانن جي لاک پيو لاهيندو.
اهو سڀ ڪجهه انساني فطرت جي مطابق آهي. انسان ڪنهن مان به خوش نه هوندو آهي. پر ڪنهن کان خوش نه رهڻ الڳ ڳالهه آهي ۽ هر وقت سيفل فقير ٿيڻ الڳ ڳالهه آهي. هتي ته اسان مان هر ڪو سيفل فقير آهي. ٻين کي ڇڏيو. مڃيو سين ته عام ماڻهو ايترو پڙهيل ڪڙهيل ۽ عقل جو اڪابر ۽ سوچڻ ويچارڻ وارو ڪونهي ، ان ڪري عام ماڻهوءَ جي اها فطرت ٿي سگهي ٿي. پر هتي ته لکيل پڙهيل ، سياڻن ۽ سمجهو، دانشورن ۽ مدبرن جوئي حشر اهڙو لڳو پيو آهي. اسان مان هر ڪو جو پاڻ کي سيبتو ۽ سياڻو سڏائي ٿو ، سو ستن سيفلن برابر آهي. دانشورن وٽ دنيا جهان جو ايڏو ته درد آهي جو جيڪڏهن هڪڙو ليکڪ روئڻ ويهي ته ملڪ جي سمورن ڪارخانن جو ڪپڙو به هن جي ڳوڙهن اگهڻ لاءِ ڪافي نه ٿئي.وري جيڪڏهن ڪنهن سياستدانن جا سور ٻڌبا ته ٻڌڻ وارو روئي روئي انڌو ٿي پوندو پر همراهه جي ڳالهه نه کٽندي. هاڻي هن صورتحال کي ڇا چئجي. جيڪڏهن جٿي ڪٿي سيفل ئي سيفل آهن ته پوءِ سيف الملوڪ کي ڪٿي تلاش ڪجي.
اهڙي صورتحال جا ٻه سبب آهن.انهن مان هڪڙو سبب ”نفسياتي“آهي ۽ ٻيو”نظرياتي“آهي . نفسياتي سبب اهو آهي ته ڪنهن به حاڪم ۽ حڪمران، ڪنهن به وس واري يا وسن واري، ڪنهن به دوست يا عزيز عام کي ۽ عوام کي ٻڌو ئي ڪونهي. ڪو به ڪنهن جا سور ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. ماڻهن کي پنهنجي اندر جو احوال اورڻ ، ٻوڙوٻڌي آچار ڪرڻ ۽ پنهنجا غم هلڪا ڪرڻ جو موقعو ئي ڪونه مليو آهي . ان ڪري هر ڪو پنهنجا سور ٻڌائڻ لاءِ آتو آهي. ڪنهن کي به ڪٿي به موقعو ملي ٿو ته هو هر ڪنهن اڳيان پنهنجو اندر کولي رکي ٿو . ۽ پنهنجي مظلوميت خواهه محروميءَ جي دوا ڪرڻ جي تانگهه رکي ٿي. جيڪڏهن ماڻهن جي اندر جو بار هلڪو هجي ها ته عام ۽ عوام پاڻ کي اڪيلو، ويڳاڻو ۽ نڌڻڪو محسوس نه ڪري ها ۽ هر ڪنهن وٽ ٻين کي ٻڌڻ لاءِ وقت هجي ها، عوام جي اهڙي نفسيات ۽ ماڻهن جا اهڙا رويا اهو ثابت ڪن ٿا ته عوام ۽ عام کي صدين کان وٺي نه ٻڌو ويو آهي. حالتن ٻڌڻ وارن کان ڪن کسي ورتا آهن. ايئن کڻي چئجي ته ٻڌڻ وارن پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهه بدران ڇهيو وجهي ڇڏيو آهي . جيڪڏهن ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ٻڌڻ وارو ڪا ڳالهه ٻڌندو ته  ٻڌائڻ وارو باقي دنيا اڳيان ڪنهن به صورتحال ۾ پنهنجا پول پڌرا نه ڪندو  ۽ پاڻ کي بيوس، لاچار ۽ ڪمزور ثابت نه ڪندو. انقلابن ۽ تبديلين ۾ ايمان رکندڙ ماڻهو ههڙين حالتن کي سونهري موقعوڄاڻيندا آهن.            
اهي انيڪ زبانن ۽ لاتعداد هلڪن آوازن کي منظم ڪري ان مان قوت پيدا ڪندا آهن. پر اسان وٽ ڳالهه ايئن ڪونهي. هنن حالتن ۾ جهڙوڪ ٻار کير پيئڻ لاءِ روئي ٿو. ليڪن ماءُ کيس ببوُ نه ٿي ڏئي. ڀلا ٻوڙي ۽ انڌي ماءُ کي ڪهڙي خبر ته سندس ٻار روئي رهيو آهي؟ حالتن جي بدنصيبي اها آهي ته اسان مان هر ڪو سيفل به آهي ۽ سيف الملوڪ ٿيڻ ته رهيو پنهنجي جاءِ تي پر ”مائي صفوران“ ٿيڻ لاءِ به ڪوئي تيار ڪونهي . اها ”مائي صفوران“ جيڪا پنهنجي اولاد کي ببو ڏئي ۽ کير پيئاري. حالانڪه اسان وٽ مائرن ته ڇا پر ابن ۽ اڳواڻن سڏائڻ وارن جي ڪا ڪمي ئي ڪونهي. هر گهٽيءَ ۾ ڪونه ڪو ليڊر آهي ۽ هر ڳوٺ ۾ ڪو نه ڪو رهبر آهي.

انهيءَ ”نفسياتيءَ سبب“ کان علاوه ٻيو ”نظرياتي سبب“ آهي.اسان طبقاتي نظام ۾ رهون ٿا. اسان وٽ ننڍ وڏائي ۽ ذات پات مذهب جهڙي مڃتا وٺي چڪي آهي. اسان ڌن ۽ دولت، اثر ۽ اختيار زور ۽ ڏاڍ جي بنياد تي نه فقط ٻين جو استحصال ڪيون ٿا، پر استحصال کي قائم ۽ دائم رکڻ جي به ڪوشش ڪيون ٿا. اسان ڪيترين حالتن ۾ ڦرڻ لاءِ ڦريلن جهڙيون دانهون ڪندا آهيون، ڌڪ به هڻندا آهيون ته دانهون به ڪندا آهيون. چوري به ڪندا آهيون ته چور چور به چوندا آهيون. اسان جو مٿئيون طبقو انهيءَ ڳالهه کي آسان ۽ ڪارائتو ڄاڻي ٿو ته ڪنهن غريب کي ٻڌڻ بدران هن کي ٻڌڻ تي مجبور ڪيو وڃي ، بلڪ هيرايو وڃي. هن کي ڪڏهن ٻٺپيون ٻڌائجن ته ڪڏهن ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪجن.غريب جڏهن به ڳالهه ڪندو ته پنهنجا سور ٻڌائيندو. پاڻ تي ٿيل ظلمن ۽ ذيادتين جا مذڪور کوليندو. ڪنهن مدد ۽ مهرباني جي خيرات وٺندو.ان ڪري هن جي وات تي هٿ رکي ڪنن جا پڙدا صاف ڪري ڇڏجن. جيئن هو ٻڌائڻ بدران فقط ٻڌندو رهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وڏي ادب ۽ احترم سان پنهنجي مرشدن کي ٻڌون ٿا، سياسي اڳواڻن کي ٻڌون ٿا ۽ چڱن مڙسن کي ٻڌون ٿا.


هاڻي جڏهن اسان جو مٿيون طبقو به فقط ٻڌائڻ تي ڳنڍ ٻڌي ۽ مصيبت وري اها جو پاڻ مان پاڻ جهڙا اديب ۽ عالم، صحافي ۽ شاعر به رڳو ٻڌائڻ جو ٺيڪو کڻن، بلڪ ٻڌائڻ کي ئي زندگيءَ جو مقصد ۽ پنهنجي ڏات جو معراج ڄاڻن ته عام ۽ عوام کي ڪير ٻڌندو. پر پڪ ڄاڻو ته اسان سيفلن مان اهوئي سيف الملوڪ هوندو ۽ ٿيندو جيڪو ٻين کي به ٻڌي.