Tuesday, June 14, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ فوٽو ڪڍرائڻ وقت هر شخص جو مسڪرائڻ هاڻي خود فوٽو گرافرن کي به پسند ناهي.

فوٽو ڪڍرائڻ وقت هر شخص جو مسڪرائڻ هاڻي خود فوٽو گرافرن کي به پسند ناهي.فوٽو گرافر فوٽو ڪڍڻ وقت پهرين ته ماڻهن کي سند شڪل صورت.قد ڪاٺ ۽ لباس جي لحاظ کان جاچي ٻن ٽن حصن ۾ ورهائيندا آهن.جن جو قد گھڻو ڊگھو هجي يا جيڪي صورت مان مسڪين ۽ ٻئي درجي جا شهري لڳندا هجن انهن کي زمين تي ويهاريو ويندو آهي.ڪنهن جون حالتون ڪهڙيون به نازڪ هجن پر ان کي اوڪڙو ويهڻ تي مجبور ڪيو ويندو آهي.هاڻي ته فوٽوگرافر ايترا طاقتور ٿي ويا آهن جو گروپ ۾ موجود ڪنهن به ماڻهوء کي اهو حڪم ڏيئي سگھن ٿا ته فلاڻو بلڪل نه مسڪرائي. ۽ ڪنهن کي سندس مسڪراهٽ جو واليم وڌائڻ ۽  گھٽائڻ جو به حڪم ڏيندا آهن. اڳ ۾ ٻي ڳالهه هئي جو ماڻهو پنهن جي جهڙي تهڙي تصوير آرسيء ۾ ڏسي خوش ٿي ويندا هئا پر هاڻي اڻهيء مان اطمينان نٿو ٿئي جيستائين پنهن جي تصويرن جو پورو البم پاڻ سان رکي ان جو صبح سانجھيء مطالعو نه ڪيو وڃي.جنهن وٽ البم ناحي ان جي باري ۾ ماڻهن کي شڪ ٿيڻ لڳي ٿو ته همراه خبر ناهي ته خانداني آهي يا نه! چاهي ڪنهن جو منهن تصوير جي لائق هجي يا نه پر هن کي لازمي پنهن جي تصوير رکڻي پوي ٿي.

ڪنهن وڏي ماڻهوء يا معزز خاتون کي عام جلسي ۾ هار پارائڻ دوران ورتل تصويرون اڪثر فيس بڪ يا ڊرائنگ روم ۾ هر وقت لٽڪيل رهن ٿيون.اليڪشن وڙهندڙ اميدوارن کي پوسٽرن تي پنهن جي تصوير ضرور ڇپائڻ گرجي نه ته جيڪر ڪنهن جو انتخابي نشان ڪو جانور هوندو ته غلط فهمي پيدا ٿيڻ جو انديشو آهي.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو