Sunday, June 19, 2016

سرهي سوچ ؛ ”عشق” اها عظيم قوت جيڪا مصلحت شناس حسابي عقل کان بالاتر آهي.

عشق مان منهنجي مراد اها عظيم قوت آهي جيڪا مصلحت شناس حسابي عقل کان بالاتر آهي. هيءَ اها عظيم قوت آهي جيڪا انسان جي باطن ۾ لڪل آهي جيڪا سندس وجود جي گهراين کي مٿس ظاهر ڪندي آهي. هيءَ اها باطني سگهه آهي جيڪا انسان کي سندس نفس جي براين خلاف بغاوت تي آماده ڪندي آهي. ذات جو قيدخانو داخلي قيد خانو آهي، تنهن ڪري ان کان آزاديءَ لاءِ اهڙي سگهه جي ضرورت آهي جنهن جو سرچشمو انسان جي باطن ۾ هجي. هيءَ اها سگهه آهي جيڪا داخلي محاذ تي سرگرم عمل آهي. هي جوش، جذبو ۽ حرارت آهي. هيءُ پنهنجي ذات کي ظاهر ڪرڻ واري سگهه آهي. هيءُ پنهنجي ذات جي حقيقت ۽ ان جي گهرائيءَ کي دريافت ڪرڻ جو طريقو آهي. عشق، برهاني عقل وانگر ڪم ناهي ڪندو ۽ ان جو طريقه ڪار طبعي قانونن جو پابند نه هوندو آهي بلڪه ان جو طريقه ڪار عقل جي طريقي کان مختلف هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جو ڪم انسان کي باطني قيد يعني ذات جي قيد مان آزادي ڏيارڻ آهي. سوال هي آهي ته انسان منطقي عقل جي ذريعي (جيڪو طبعي قانون کي ظاهر ڪندو آهي) ذات جي قيد خاني مان آزادي ڇو نه ٿو حاصل ڪري سگهي؟ ان جو ڪارڻ هي آهي ته منطقي عقل، فطرت جي قانونن کي ظاهر ڪري سگهي ٿو، علم جي ذريعي خارجي قيدخانن مان آزادي ڏياري سگهي ٿو پر اهو انسان جي باطني قيد جي ڀتين کي نه ٿو ڊاهي سگهي ڇاڪاڻ ته اهو ڪم علم ۽ منطق جو ناهي بلڪه هي مسئلو منطق جي دائري کان ٻاهر آهي. پارتو جي بقول ”هي هڪ غير منطقي مسئلو آهي.“

پارتو(PARETO) جو چوڻ هي آهي ته انسان جي ڪمن ڪارين جا ٽي قسم آهن: منطقي، ضد منطقي ۽ غير منطقي. انساني زندگيءَ جون اڪثر سرگرميون منطقي ڪمن ۾ شمار ٿين ٿيون. اسان جي رهڻي ڪهڻي، لباس، ڪم، مطالعو، غور فڪر، هڪٻئي جي خوشامند ۽ لالچ اهو سڀ منطق جي اصولن تحت آهي. ان سان لاڳاپيل سموريون سرگرميون منطقي سرگرميون آهن ڇاڪاڻ ته ان ۾ علت ۽ معلول جو سلسلو ملي ٿو. انهن سڀني عملن جو ڪو نتيجو هوندو آهي ۽ اهوئي نتيجو انهن عملن جو محرڪ پڻ هوندو آهي. ضد منطقي سرگرميون اهي آهن جيڪي خودغرضيءَ ۽ خودپسنديءَ جو نمونو آهن.

جيستائين عملن جي ٽئين قسم جو تعلق آهي اهي نه منطق آهي، نه ضد منطقي بلڪه اهي منطق جي دائري کان ٻاهر ۽ ان کان مٿانهان آهن. منطق جو سلسلو علت ۽ معلول سان عبارت آهي، ان جو دائرو انساني خواهشن ۽ محتاجين ۽ انهن جي پورائي جي وسيلن ۽ ذريعن مهيا ڪرڻ تائين محدود آهي. منطق کان مٿانهيون سرگرميون علت ۽ معلول جي سلسلي ۾ جڪڙيل نه هونديون آهن، اتي انسان ذاتي نفعي ۽ نقصان جو حساب نه ڪندو آهي بلڪه هو نتيجن کان بي پرواهه ٿي ڪو عمل سرانجام ڏيندو آهي.اهو ذات جي گهيري کان ٻاهر اچي زندگيءَ جي هڪ نئين سطح دريافت ڪندو آهي. هيءُ قربانيءَ ۽ ايثار جي سطح آهي جتي انسان انهن اعليٰ قدرن لاءِ (جن سان هو محبت ڪندو آهي) پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيندو آهي ۽ پنهنجي آئيڊيل لاءِ پنهنجي جان جي قرباني پيش ڪرڻ کان به ناهي ڪيٻائيندو.جيڪڏهن مان اوهان سان ڪوڙ نه ٿو ڳالهايان ته اهو ان ڪري ته جيئن اوهان مون سان ڪوڙ ۽ ٺڳي نه ڪيو. جيڪڏهن مان اوهان کي دوکو نه ٿو ڏيان ته ان جو سبب هيءُ آهي ته مان پاڻ کي اوهان جي دوکي کان محفوظ رکڻ چاهيان ٿو. جيڪڏهن مان ڪو جعلي چيڪ جاري نه ٿو ڪريان ته ان جو وڏو ڪارڻ اهو هوندو آهي ته ڪاروبار ۾ منهنجي ساک قائم ٿي سگهي ۽ مان چيڪ ذريعي ڏي وٺ ڪري سگهان، اها هڪ مصلحتي تقويٰ آهي. اها اهڙي نيڪي آهي جنهن جو بنياد مفاد ۽ مصلحت تي آهي. هيءَ اها ڳالهه آهي جيڪا عقل ۽ منطق تي ٻڌل آهي. جيڪڏهن مان ڪوڙ ان ڪري نه ڳالهايان ته ڪوڙ ڳالهائڻ خراب ڳالهه آهي ۽ ڪوڙ نه ڳالهائڻ جي نتيجي ۾ مون کي نقصان کڻڻو پوي، جيڪڏهن مان اهڙي موقعي تي سچ ڳالهايان جتي سچ ڳالهائڻ سان ڪو به فائدو حاصل نه ٿئي ۽ الٽو جان جو خطرو هجي ته هيءَ اُها منزل آهي جتي ”مان“ پنهنجي حقيقت کي دريافت ڪريان ٿو. اها منهنجي انسانيت جي ظاهر ٿيڻ جي منزل آهي. هيءَ اها منزل آهي جتي مان بشر جي سطح کان بلند ٿي انسانيت جي سطح کي دريافت ڪريان ٿو. هن منزل تي پهچي ذات جو قيدخانو ٽٽي پوي ٿو ۽ انسان باطني قيد مان آزاد ٿي ايمان ۽ عشق جي روشنيءَ ۾ انسانيت جي تڪميل جي راهه تي گامزن ٿي وڃي ٿو.نٽشي هڪ عظيم فيلسوف هيو. هو پنهنجي فن جي ماهر شخص هو. پنهنجي جوانيءَ ۾ نٽشي طاقت جي فلسفي جو علمبردار هو. هو طاقت کي ئي حق سمجهندو هو. سندس نظر ۾ طاقت ئي سڀ کان وڏو قدر هيو. هو ڪمزورن ۽ ضعيفن کي ڪو حق ڏيڻ لاءِ تيار نه هيو. اهو سوچ جو انداز دراصل سندس جوانيءَ جو نشو هيو، جيڪو عمر وڌڻ سان گڏوگڏ لهڻ لڳو هو ۽ پنهنجي آخري عمر ۾ نٽشي نسبتاً لطيف ۽ نرم خيال رکندو هو. سندس دل ۾ عشق ۽ محبت جا جذبا اڀرڻ لڳا هئا. هو انسان سان بطور انسان جي محبت ڪرڻ لڳو هو، بلڪه هڪ واقعو ته اهڙو آهي جيڪو نهايت عجيب ۽ غريب آهي ، جتي اسان نٽشي جي بلڪل ٻي تصوير ڏسون ٿا. ٿورو سوچيو ته هي اهو شخص آهي جنهن جو هي چوڻ هيو ته ڪنهن تي رحم ڪرڻ ڪمزوريءَ جي علامت آهي، جيڪو اهو ٿو چوي ته ڪمزورن کي هن دنيا ۾ زندهه رهڻ جو ڪو به حق ڪونهي ۽ طاقتورن کي اهو حق آهي ته هو ضعيفن ۽ ڪمزورن کي نيست و نابود ڪري ڇڏين.

اسڪيموز ائين ڪندا آهن. اهي ماڻهو جيڪي پوڙها ۽ بيڪار ٿي وڃن ٿا انهن کي  هو برف ۾ بي يارو مددگار ۽ تنها  ڇڏي  ڏيندا آهن ته جيئن هو مري وڃن. ۽ ان 
جو  جواز وٽن هي هوندو آهي ته اهي  بيڪار ماڻهو دولت ڪمائڻ ۾ ڪو به حصو نه  ٿا وٺن بلڪه اُلٽو پئسو استعمال ڪرڻ   ۾   حصو وٺن ٿا. بظاهر اهي ٻين تي بار 

بڻجي جيئرا رهندا آهن، ان ڪري منطقي  عقل جي فتويٰ اها آهي ته کين موت جي   حوالي ڪيو وڃي. (ظاهري سطح تي اهو فڪري انداز سؤ سيڪڙو منطقي آهي) پر نٽشي سان آخري عمر ۾ هڪ عجيب ۽ غريب واقعو پيش آيو. اهو شخص جيڪو پنهنجي جوانيءَ واري دؤر ۾ طاقت جي فلسفي جو علمبردار ۽ ضعيفن کي زندهه رهڻ جو حق ڏيڻ جو روادار نه هيو، پنهنجي ضعيفيءَ ۾ ڪمزور جي حقن جو محافظ ۽ انهن لاءِ خود پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهڻ لاءِ تيار نظر اچي ٿو ۽ وڏي حيرت ۽ مزي جي ڳالهه هيءَ آهي ته اهو معاملو ڪنهن انسان جو نه پر هڪ بي زبان جانور جو هيو. نٽشي ان جانور تي به ظلم برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ان کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ خود پنهنجو پاڻ کي موت جي منهن ۾ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو.واقعو هينئن ٿيو ته هڪ ڏينهن نٽشي هڪ رستي تان لنگهي رهيو هو ته هن هڪ گهوڙي گاڏي ڏٺي، جنهن تي تمام گهڻو بار رکيل هيو ۽ اهو گهوڙو جيڪو اهو بار گهلي رهيو هو ان جوپير هڪ گٽر ۾ ڦاسي پيو هو. گهوڙو گهڻي ڪوشش ڪري رهيو هو ته سندس پير کڏي مان ٻاهر نڪري پر گاڏيءَ تي رکيل تمام گهڻي بار سبب گهوڙي لاءِ ائين ڪرڻ ممڪن نه هيو. گاڏي واري کي گهوڙي جي تڪليف جي ڪا به پرواهه نه هئي ۽ سندس سموري ڪوشش هئي ته جيئن به ٿئي گهوڙو کڏ مان نڪري تيزيءَ سان سڙڪ تي ڊوڙي پوي ته جيئن هو پنهنجو مال منزل تائين پهچائي رقم وصول ڪري سگهي، ان مقصد تحت هو گهوڙي کي بي درديءَ سان ماري رهيو هو. نٽشي ڏٺو ته ان ڇڪتاڻ ۾ گهوڙي کي سخت تڪليف ٿي رهي آهي، بلڪه سندس پير به زخمن سان چڪناچور ٿي ويو آهي. ان عظيم فيلسوف کان گهوڙي جي اها حالت برداشت نه ٿي سگهي، کيس گهوڙي گاڏيءَ واري جي سنگدليءَ تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ گاڏيءَ واري کي چيائين ته هو گهوڙي سان اهڙو بي رحميءَ وارو سلوڪ نه ڪري بلڪه پهريائين گاڏيءَ تان بار لاهي ته جيئن گهوڙي کي اٿڻ جو موقعو ملي سگهي. گاڏيءَ وارو ايتري ته ڪاوڙ ۾ هيو جو هو ان وقت ڪا ڳالهه ٻڌڻ لاِءِ تيار نه هيو، هن نٽشي جي ڳالهه تي ڪو ڌيان نه ڏنو. نٽشي زور سان تشدد کان کيس باز رکڻ جي ڪوشش ڪئي، ان تي گاڏي وارو ايترو ته مشتعل ٿي ويو جو هن خود نٽشي تي تشدد ڪرڻ شروع ڪيو ۽ کيس تمام گهڻو زخمي ڪيو. نٽشي کي ان حادثي ۾ ايترا ته ڌڪ لڳا جو هو انهن جي اثر سبب ڪجهه عرصي کان پوءِ فوت ٿي ويو.هر ماڻهو جيڪو اهو قصو ٻڌي ٿو متضاد ردعمل جو اظهار ڪري ٿو. ان جو سبب هي آهي ته هر شخص جي ذات تضاد ۽ اڻپورائيءَ جو شڪار آهي، هر انسان باطني طور تي ٻن پاسن ۾ ورهايل آهي. ڄڻ ته هر انسان جون ٻه داخلي شخصيتون آهن. هڪ پاسو نٽشي جي ان عمل کي عشق ۽ اخلاق جي پاسي کان ڏسي ٿو ۽ سندس ان لطيف جذبي کي ساراهي ٿو ته هن هڪ بي زبان جانور کي تشدد کان بچائڻ لاءِ پاڻ کي هلاڪت ۾ وڌو، ان ڪري ته هو هڪ بي رحميءَ، ظلم ۽ ڏوهه واري عمل کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيو. پر انساني شخصيت جو ٻيو رخ ان واقعي کي ٻيءَ طرح ڏسي ٿو: نٽشي پنهنجي فن جو ماهر مفڪر هيو، سندس هڪ جانور لاءِ پاڻ کي قربان ڪري ڇڏڻ نهايت غير منطقي ۽ احمقاڻو فعل نظر اچي ٿو. ڪٿي نٽشي ۽ ڪٿي هڪ معمولي گهوڙو! ڀلا اها ڪهڙي ڳالهه چئبي! منطق ان ڳالهه کي صحيح تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. بي شڪ اهو عمل منطقي نه آهي، بلڪه هيءَ اها سطح آهي جيڪا منطق کان مٿانهين آهي. هيءُ اخلاق جي سرحد آهي، هيءَ عشق جي منزل آهي پر هيءُ ياد رکڻ گهرجي ته عشق خود غرضي، مفاد يا مصلحت کان بلند ۽ بي نياز هوندو آهي. جيڪڏهن ڪو ڪنهن سان ان لاءِ محبت ڪري ٿو ته ان جي ذريعي هو پنهنجي ڪنهن ضرورت کي پورو ڪري، جيڪڏهن هو ڪنهن سان ان لاءِ دوستي رکي ٿو ته هو به کيس دوست رکي ته اهو عشق ناهي، ڪاروبار آهي، سودي بازي آهي، ڏي وٺ جو معاملو آهي. عشق جي معنيٰ هر شيءَ کي ڪنهن مقصد خاطر قربان ڪرڻ ۽ ان جي عيوض ڪنهن شيءَ جو مطالبو نه ڪرڻ آهي. اهو هڪ ڏکيو مرحلو آهي، هيءَ اها عظيم چونڊ آهي جيڪا انسان پنهنجي ذات جيخلاف چونڊي ٿو. هيءَ اها ايثار جي منزل آهي جتي هو پاڻ پنهنجي لاءِ موت کي چونڊي ٿو ته جيئن سندس قربانيءَ جي نتيجي ۾ ٻين کي زندهه رهڻ جو موقعو ملي سگهي. هو جيڪڏهن زنده رهندو آهي ته سندس زندگيءَ جو مقصد هڪ آئيڊيلجو تحفظ ۽ پرچار هوندو آهي.اهو ذات جي قيد کان آزاديءَ جو مرحلو آهي جتي انسان پاڻ پنهنجي قرباني پيش ڪندو آهي. اهو ايثار جو مرحلو آهي. ”ايثار“ هڪ اهڙو معنيٰ ڀريو لفظ آهي جنهن جي مثال لاءِ دنيا جي ڪنهن ٻوليءَ ۾ ڪو ٻيو لفظ موجود ناهي. ايثار جي معنيٰ هيءَ آهي ته انسان پنهنجي ڀيٽ ۾ ٻين کي ترجيح ڏئي، ايستائين جو پاڻ پنهنجي زندگيءَ تي ٻين کي فوقيت ڏيڻ کي پوري آگاهي، شعور ۽ آزاديءَ سان قبول ڪري. ايثار جي تقاضا هيءَ آهي ته جيڪڏهن انسان کي پنهنجي ۽ ٻين جي وچ ۾ موت جي چونڊ ڪرڻي هجي ته هو پنهنجي موت کي چونڊي. پاڻ پنهنجي جان، مال، نالي، عزت ۽ مرتبي، دولت ۽ آسائش کي قربان ڪري ڇڏي.انساني ارتقا جو هي مرحلو نهايت سخت ۽ وحشتناڪ آهي. هيءُ داخلي قيد خانو آهي جيڪو ناقابل تسخير سمجهيو ويندو آهي ۽ ان کان آزادي علم جي ذريعي ممڪن نه آهي، پر ان کان آزاديءَ جو وسيلو عشق جي سگهه آهي. هيءَ اها سگهه آهي جيڪا عقل ۽ منطق کان مٿانهين آهي جيڪا انسان کي خود پنهنجي نفي ڪرڻ ۽ پنهنجي ذات جي خلاف ڪرڻ جي همت ۽ صلاحيت عطا ڪندي آهي ۽ انسان کي انسانيت جي ان مرحلي ۾ داخل ڪندي آهي جتي هو نفعي ۽ نقصان جي سطح کان مٿانهون ٿي ڪنهن اعليٰ مقصد لاءِ موت قبول ڪندو آهي يا ٻين لاءِ زنده رهندو آهي. ان سطح کان هڪ اهڙو نئون ۽ باوقار انسان ظاهر ٿيندو آهي جيڪو آزاد آهي، چونڊ ۽ تخليق جي صلاحيت سان مالا مال آهي.آخر ۾ مان راڌا ڪرشنن جو هڪ قول پيش ڪرڻ گهران ٿو. هو چوي ٿو ته بحيثيت انسان جي اسان جي زندگيءَ جو مقصد ۽ اسان جي ذميداريءَ جو احساس اسان کي ان ڳالهه جي دعوت ڏئي ٿو ته اسان هڪ سازش ترتيب ڏيون. ڪهڙي سازش؟ اها سازش جنهن ۾ انسان، خدا ۽ عشق گڏجي هڪ نئين انسان کي تخليق ڪري سگهن. اها انسان جي نائبي آهي. هر انسان کي اها ذميداري محسوس ڪرڻ گهرجي.


(ڊاڪٽر علي شريعتي ؛  “انسان،علم ۽ عشق ” )

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو