Sunday, June 19, 2016

ماڻهو ۽ متڀيد

گل ڪٽوهر

هندستان ۾ گھٽ ذاتين وارن کي پنهنجي پويان ٻوهاري ٻڌي گھمڻو پوندو هو، ڇوته اهي پيدائشي گناهگار سمجھيا ويندا هيا ۽ سندن هر قدم سان ڌرتيءَ تي ناپاڪي ڦهلبي هئي ان ڪري کين پنهنجن پاپن کي ڌرتيءَ تان ميسارڻ وارو ڪم به متواتر جاري رکڻو پوندو هو. اهي پنهنجي ڳچين ۾ لوٽا به ٻڌي گهمندا هيا جن ۾ هو پنهنجي ٿڪ يا بلغم کي اڇلائيندا هلندا هيا ته جيئن ڌرتيءَ ناپاڪ نه ٿئي. دلتن، يا گھٽ ذات وارن کي مندرن ۾ پوڄا پاٽ جي هرگز اجازت مليل نه هئي، جيڪڏهن ڪو اهڙي گستاخي ڪندو هو ته ڏنڊن باٺن سان کيس ماري ڪتن وانگي روڊن تي اڇلايو ويندو هو. دلت جيڪڏهن ڪنهن برهمڻ کي ڇهي به وٺندو هو ته اهو مها پاپي سمجھيو ويندو هو ۽ اڇوت کي ان گستاخي جي سزا طور تي خوب ڪٽيو ويندو هو ڪي ڀاڳ وارا هوندا هيا جيڪي اهڙن ڪُٽڪنِ مان جان بچائي سگھندا هيا نه ته هڪ اذيتناڪ موت سندن انتظار ۾ هوندو هو. برهمڻ پنهنجي جسم جي ناپاڪي کي ڌوئڻ لاءِ گنگا جل ۾ وڃي وهجندا هيا ۽ پوڄا پاٽ ڪندا هيا ته مس وڃي سندن جسم مان اها ناپاڪي ختم ٿيندي هئي. اهي ڇوت ڇات جيڪڏهن ڀل چڪ ۾ پڙهي قابل به ٿيندا هيا ته کين سندن دفترن ۾ ويٺل پٽيوالا پاڻيءَ جو گلاس به نه پياريندا هيا ۽ کين چيو ويندو هيو ته پنهنجي پاڻيءَ ۽ پاڻيءَ پيئڻ لاءِ ٿانون جو بندوبست اهي پنهنجي گھران ڪري اچن.  برهمڻ جڏهن ماني کائي ڍئو ڪندا هيا ته سندن بچيل سچيل اوبرن تي دلت ماڻهن کي ليٽهڙا پائڻا به پوندا هيا ته جيئن سندن پاپ معاف ٿي سگھن.
مٿي ٻڌايل موضوع تي مون کي تازو ٻن انڊين موويز ”ڌرم“ ۽  ”ڊاڪٽر باباشاهه امبيڊڪر“ ڏسڻ جو اتفاق ٿيو. ٻئي آرٽ موويز شاندار ٺاهيون ويو آهن، جن کي ڏسڻ سان ماڻهو ڪيئي نيون ڳالهيون سمجھي سگھي ٿو. منهنجي اڄوڪي مضمون جو موضوع انهن فلمن تي تبصرو ناهي، اهو ڪنهن ٻئي دفعي پر مان چوڻ اهو ٿو چاهيان ته ڇا ان قسم جا ڪم اسان جي معاشري ۾ نه پيا ٿين ڇا؟ اڄ به هندو جاتي جي گھٽ ذات وارن کي ٻڪ ۾ پاڻي پياريو ويندو آهي. هندو هجن يا مسلمان انهن مان گھڻائي ڪنهن باگڙي، ڪنهن ڀنگي يا ڪنهن ڀيل سان گڏ ويهي ساڳي ٿانوَ ۾ کائڻ کي عيب سمجھندا آهن.
 آغا خان يونيورسٽيءَ ۾ مون 2009ع کان 2001ع وقت ايم ايڊ ڪئي هئي. اهي ٻئي سال مون ۽ منهنجي ڪلاس فيلو مٺڙي انسان گوبند رام چيلاڻيءَ هاسٽل جي ساڳي ڪمري ۾ گذاريا هيا. گوبند ٿر جي وادي چيلهار جو رهاڪو آهي ۽ سندس پيدائش به هڪ دلت خاندان ۾ ٿيل هئي. سندس چوڻ هو ته چونئري نما جھوپڙي ۾ هن پرائمري ڪلاس ورتا هيا. کيس سندس هندو استاد اسڪول ۾ پيل بئنچن تي ويهڻ جي اجازت ڪونه ڏيندا هيا ۽ کيس منع ڪيو ويندو هو ته هو هندو ذات جي ٻين ٻارڙن سان راند روند به نه ڪري.  سندس وڌيڪ اهو به چوڻ هو ته کيس اڇوت هئڻ جو هڪ فائدو سو ضرور پيو هو ته استاد کيس ماريندا به نه هيا. ان جو مطلب اهو نه هو ته اُهي کيس پسند ڪندا هيا پر مارڻ لاءِ کين گوبند کي ڇهڻو پوي ها، ان ڪري اهڙي پاپ کان بچڻ لاءِ هو کيس نظر انداز ڪري ڇڏيندا هيا.
 رڳو هندو ذاتين ۾ ئي نه پر مسلمانن اندر جتي جاگيرداريءَ وارو ماحول موجود آهي، اتي پڻ اهو وهنوار هلندڙ هو ۽ آهي. اتر سنڌ جي ڪيترن ئي جاگيردارن جي اوطاقن تي سندن ڪڙمي ڪاسبي، سندس ذات وارا غريب ماڻهو اڄ به هيٺ ويهندا آهن. کين سردار جي سامهون ڪنڌ کڻي وڏي آواز سان ڳالهائڻ جي اجازت ناهي. ماڻهو ڪوڙا قسم ته کڻي ويندا آهن پر اهي ساڳيا سردار جي کٽ تي هٿ رکي سچ ڳالهائيندا آهن. وڏين منڍين سان ڀوائتين شڪلين وارا اهي ماڻهو پنهنجو پاڻ کي نه ڄاڻ الائي ڇا سمجهندا آهن.
مان چوڻ اهو ٿو چاهيان ته جيڪي اهو ٿا چون ته سنڌ ۾ ڪو ڇوت ڇات، برهمڻ دلت جو مسئلو ناهي مون کي ته اهي ڪنهن ٻئي سياري جا ٿا لڳن. هتي ته هر سطح تي ان جو مظاهرو وڏي پيماني تي ٿيندي نظر پيو اچي. جيڪي چون ٿا ته دلت مسئلو هٿ جو اٿاريل آهي، انهن کي سڀ کان پهرين پنهنجي اندر ۾ ڏسڻ گھرجي. ائين ته ناهي ته هو به پنهنجو پاڻ کي اُتم سمجھندا هجن پر جيڪڏهن هو پاڻ اُتم ناهن ته سندن جيڪي درگاهون جڙيل آهن، اتي اهو ساڳيو وهنوار وڏي پيماني تي ته هلندڙ نه آهي؟ جيڪڏهن ڪي پوئتي رهجي ويل، پيڙهيل گروهه دلت جي نالي ۾ گڏ پيا ٿين، پنهنجي حقن لاءِ آواز پيا اٿارين، پنهنجن پنهنجن حلقن ۾ سڄاڳي جو سڏ پيا ڏين ته ان ۾ خرابي ڪهڙي آهي؟ مون کي حيرت منهنجي انهن دوستن تي به آهي جيڪي پناهه گير جي سنڌ دشمن روين ۽ سنڌ جي ورهاست تي ته چپن تي چن هنيو ويٺا هيا پر انهن کي دلت سجاڳ تحريڪ مان سنڌ جي ورهاست جي  بوءِ پئي اچي. ”ڊاڪٽر بابا شاهه امبيڊڪر“ فلم جي هڪ سين ۾ ڏيکاريل آهي ته گانڌي ڊاڪٽر امبيڊڪر پاران سندس هلايل تحريڪ کي مرڻ گھڙيءَ تائين بک هڙتال واري ڊرامي سان ختم ڪندو آهي. جڏهن ڊاڪٽر امبيڊڪر ساڻس ملندو به آهي ته گانڌي کيس چوندو آهي ته يا ته پنهنجي تحريڪ تان هٿ کڻ يا پوءِ منهنجو خون تنهنجي ڳچيءَ ۾ آهي. ساڳي نموني اڄ اسان جا ڪي دوست دلت سجاڳ تحريڪ جي دکيل رک مان اڀري آيل چڻگ کي مينگھواڙ سڏائي ختم ڪرائڻ جو ڪوششون پيا ڪن ته سواءِ افسوس جي ٻيو ڇا ٿو ڪري سگھجي.
(روزاني عبرت جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو