Thursday, June 30, 2016

”يادون سنڀالي رکجان..“

حيات علي شاهه بخاري

گذريل ڪالم ۾ سائين حڪيم نذير احمد شيخ جو ذڪر ڪيم، پاڻ فون ڪري گفتگو ڪئي، ڳالهين ڳالهين ۾ ڪجهه طبي مشوره مفت ۾ ڏنائين ۽ چيائين ته اسين حڪيم دوائن ذريعي علاج ڪندا آهيون ۽ اوهان لفظن ذريعي علاج ڪندا آهيو. حڪيم صاحب جي وڏي عنايت جو مون کي اهڙن خوبصورت لفظن سان نوازيو اٿس. هونئن سچ پڇو ته مان سڀني پڙهندڙن جو ٿورائتو آهيان، جيڪي منهنجي ڪچين ڦڪين ۽ آڏين اُبتين لکڻين کي مان ڏين ٿا. هاڻي جيسين ڀائو مٺل جسڪاڻي جو پي ٽي سي ايل وارو فون ٺيڪ نٿو ٿئي، تيستائين پاڻ فيس بوڪ (ٻوٿ ڪتاب) تي به ديدار نه ڪرائيندو ۽ سندس خوبصورت لکڻين کان به محروم رهنداسين. الله تعاليٰ مون سميت سڀني جون مشڪلون آسان ڪري. آمين.
رمضان جو برڪتن ڀريو مهينو آهي سحري توڙي افطار وقت هڪ عجب سمان هوندو آهي. مسجدن جون رونقون ڏسڻ وٽان هونديون آهن. افطار پارٽين جو به سلسلو جاري آهي. مون ڪيترائي رمضان المبارڪ ڪراچي ۽ ڪجهه رمضان سڳورا لاهور ۾ گذاريا. لاهور ۾ محبوب عالم ۽ مان ريلوي اسٽيشن ڀرسان ”سٽي هوٽل“ ۾ رهندا هئاسين. پي ٽي وي جي ڊراما سيريل ”وارث“ ۾ چوڌري حشمت خان جو لازوال ڪردار ادا ڪرڻ تي تمام گهڻي مشهوري ملي. لاهور جي ريلوي اسٽيشن تي مقرر مئجسٽريٽ ڪو ڪليار صاحب به محبوب عالم جو پرستار هو. محبوب عالم سان گڏ مان به ڪڏهن ڪڏهن ڪليار صاحب وٽ ويندو هوس. هڪ ڀيري رمضان جي مهيني ۾ ان ڪليار صاحب وٽ ويٺا هئاسين، جيئن ته شهر ۾ کاڌي پيتي جي شين جي دڪانن بند هئڻ ڪري بي روزائتا بس اسٽاپن ۽ ريلوي اسٽيشن تي وڃي کائيندا پيئندا آهن. اُن ڏينهن به ٻه ٽي ريلوي پوليس جا اهلڪار ٽن چئن ڄڻن کي جهلي ڪليار صاحب وٽ وٺي آيا ۽ چوڻ لڳا ته هنن وٽ ريلوي جي ٽڪيٽ موجود ناهي ۽ هي پليٽ فارم جي اسٽالن تي کائي پي روزي جي بي حرمتي ڪري رهيا هئا. مئجسٽريٽ ڪليار بي روزائتن کي دڙڪا ڏنا ته روزا نٿا رکو، انهن مان هڪ همراهه هٿ ٻڌي ڪليار صاحب کي عرض ڪيو ته ”سرڪار مان عيسائي آهيان“ ان جو مطلب هو ته مان رمضان جي روزي واري پابنديءَ کان آجو آهيان، ڪليار کيس دڙڪو ڏئي چيو ته ڪوڙ ٿو ڳالهائين، ان شخص تڪڙ ۾ ڪلمو پڙهي چيو ته ”لااله الله مان عيسائي آهيان“ ڪليار صاحب سميت اسان سڀني کان ٽهڪ نڪري ويو. ڪليار سڀني کي معاف ڪري ڇڏيو ۽ هو هليا ويا.
اچون ٿا وري شوبز جي دنيا ڏانهن، جنهن لاءِ اردو ۾ چوندا آهن ته ”دور ڪي ڍول سهاني“ ۽ حقيقت ۾ ائين آهي به، اها چوڻي رڳو شوبز لاءِ نه پر ڪيترن ئي شعبن لاءِ ٺهڪي ٿي، جن ۾ ڪو ”چارو“ ۽ ڪا ”ڪشش“  نظر ايندي آهي اوهان رڳو هن دنيا تي نظر وجهو ته باوجود تڪليفن ۽ پريشانين جي هن دنيا سان دل لڳي ويندي آهي ۽ دنيا مان وڃڻ جو تصور ئي لڱ ڪانڊاري ڇڏيندو آهي يا وري پيار محبت جا فسانه ڪيڏا نه وڻندڙ لڳندا آهن، حالانڪه ان جو انجام دردناڪ ٿيندو آهي ۽ پوءِ پيار محبت جا متاثر درد ناڪ گيت ٻڌي لڙڪ ڳاڙيندا آهن يا وري شاعر ٿي دل جا اُڌما ڪڍندا آهن. اهڙي صورتحال ڏسڻ باوجود ماڻهو مڙن ڪو نه ٿا. اڳي ته خيرن سان پري پري کان ڏسي اکيون ٿڌيون ڪبيون، ان ڪم لاءِ گهرن جون ڇتون ۽ دريون وڏو ڪم ڏينديون هيون، وري زماني ترقي ڪئي ته خط و ڪتابت جو سلسلو شروع ٿي ويو. ملاقات لاءِ ورهيه لنگهي ويندا هئا، ڳالهائڻ جي به سالن جا سال همت ڪا نه ٿيندي هئي، ان دوران کير گهر تي ڏيڻ وارو ۽ ڀاڄي وڪرو ڪرڻ وارو تمام ٿوري عرصي ۾ ”ڦٻي“ ويندو هو. خير، پيار محبت جون ڳالهيون ڪبيون ته مون کي پنهنجي دوستن جا قصا ٻڌائڻا پوندا ۽ اخلاقي طور تي مون کي پنهنجي ناڪام عشق جو ڪو هڪ اڌ داستان ٻڌائڻو پوندو، هونئن مون ڏٺو آهي ته جيڪي سٺا شاعر آهن، تن کي پيار جي چوٽ لڳل هوندي، هيتريون جٺيون ٿيڻ باوجود آئون اڃان تائين شاعر ٿي نه سگهيو آهيان. باقي ڀائو مٺل جسڪاڻي سٺي شاعري ڪندو آهي پوءِ الائجي قصو ڪيئن آهي، ماڻهو کرئي جي مند ڪانهي.
عشق محبت جي حوالي سان ٻڌائيندو هلان ته هندستاني  اداڪار ڌرميندر ۽ هيما مالنيءَ جو عشق چوٽ تي هو، جيڪو سندن شادي تي انجام پذير ٿيو، ڳالهه ٿا ڪن ته جڏهن اڃان سندن محبت جو داستان هليو پئي ته ٻئي ڪوشش ڪندا هئا ته فلمن ۾ گڏ هجون، پر ڪڏهن ڪڏهن هدايتڪار جي چوائس ته ٻنهي مان ڪنهن هڪڙي کي فلم ۾ ڪاسٽ ڪيو ويندو هو ۽ هي ويچارا وڇوڙي جا ڏند سهندا هئا، ڳالهه ٿا ڪن ته فلم ”رضيه سلطانه“ ۾ هيما مالني کي ڪاسٽ ڪيو ويو ته ڌرميندر فلم جي يونٽ جي هڪ اهم رڪن کي ڏيڍ لک روپيا ڏئي چيو ته ان فلم ۾ مون کي ڪاسٽ ڪرائي ۽ پوءِ ائين ئي ٿيو، ان فلم ۾ هيما مالني ۽ ڌرميندر مرڪزي ڪردار ادا ڪيا. هڪ ٻي ڳالهه به ٻڌڻ ۾ آئي ته ڌرميندر فلم ”شعلي“ جي ڪئميرا مين ۽ لائٽ مين کي ڳجهه ڳوهه ۾ رشوت ڏيندو هو ته جنهن وقت هيما مالني سان سندس ڪو قرب ڪچهري وارو يا ويجهڙ وارو سين پڪرائيز ٿئي ته ان جي پهرين ٽيڪ اوڪي نه ڪجو. ان کي ورجائي ورجائي ڪيو وڃي ته جيئن....
رمضان جو مهينو آهي ۽ آئون روزي جي حالت ۾ الائجي ڇا مان ڇا چوندو وڃان، ان ڪري پنهنجي خيالن ۽ قلم کي پاڪ ڪرڻ لاءِ ماٺ ٿو ڪريان، مٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو