Monday, April 23, 2018

اچو ته اصطلاحن سوچن ۽ لوچن جي نئين سر تشريح ڪريون

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسان جي سوچن ۽ لوچن تي اصطلاح ۽ انهن جون تشريحون گهرا اثر وجهنديون آهن، جيڪڏهن اصطلاحن جون غلط تشريحون ذهن ۾ ويهي ويون ته مقصدن ۽ منزلن جا دڳ پيچرا ئي بدلجي ويندا ۽ ڪيترين حالتن ۾ جتي اسان کي اوڀارو وهڻو ۽ وڃڻو آهي اتي لهنوارا پيا لڙهنداسين ۽ ڪڏهن ته طلبيل ماڳ مڪان  تي پهچي نه سگهنداسين.
مثال طور اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ“. اسان کي ان جي تشريح اهڙي نموني سان سمجهائي وئي آهي ته سچ چوڻ وارو سدائين مزن ۾ هوندو آهي ۽ پيو خوشيءَ ۾ نچندو ٽپندو ۽ سندس وار به ونگو نه ٿيندو. پر اهو ڪنهن نه ٻڌايو ته سچ ٽانڊن تي نچڻ جو نالو آهي. جيڪو سچ چوندو، ان کي ڀوڳڻو ئي پوندو، سچ پنهنجو معاوضو وٺندو آهي ۽ ڪنهن ڪمزور انسان جي دل ۽ دماغ ۾ جڳهه وٺي نه سگهندو آهي. جيئن ٽانڊن تان لنگهڻ ڏکيو ڪم آهي، تيئن سچ چوڻ به معمولي ڳالهه ڪانهي. ان ۾ ڏاهپ، دانشمندي ۽ جوڳيءَ حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. سچ جيڪڏهن صورتحال کي مناسب ۽ مثبت انداز ۾ نه ٿو بدلائي ۽ ان بدران سچ ٻڌندڙ کي ٽانڊن تان گذاري ٿو يا ان کي ٽانڊا ڏئي ٿو ته سچ جهڙوڪ پنهنجو ڪارج پورو نه ڪيو. ان ڪري ”سچ ته بيٺو نچ“ جي تشريح ائين ٿيندي ته سچ چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو باغ بهار ٿيندا ۽ انهن کي اهڙي سوغات ملندي جو ان جي خوشيءَ ۾ پيا نچندا. ڏاها ماڻهو ائين سچ نه چوندا جو چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو ٽانڊن تان گذري.
اهڙيءَ ريت اسان وٽ نراسائي ۽ نااميدي جي تشريح به غلط نموني سان ڪئي ۽ ٻڌائي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو اديب، شاعر يا سماجي ڪارڪن اهو چئي يا لکي ته اسان کي ڪنهن خوش فهمي جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي ته ماڻهو اسان جي عزت ڪندا ۽ اسان سان محبت ڪندا، اسان مان هر ڪنهن انهيءَ ماڻهو جي عزت ۽ محبت ڪئي ويندي آهي، جنهن جي ”ضرورت“ آهي يا جيڪو اسان جي ضرورت يا مجبوري آهي ته، اهڙي بيان کي سياسي سوچ رکندڙ ۽ هٿرادو نظرياتي ماڻهو مايوسيءَ وارو بيان سمجهندو.
جڏهن ته اها مايوسيءَ جي تبليغ نه پر، حقيقت ۽ صورتحال جي سچي ترجماني آهي. اها هر دور جي اڻ مٽ سچائي آهي ته ڪم واري ماڻهوءَ کي ئي چاهيو ۽ پسند ڪيو ويندو آهي. ماڻهون ڪم پرين ٿيندا آهن. اسان انهن لاءِ ضروري بڻجي پئون ٿا، جڏهن سندن ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. ايڌي عبدالستار، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي ان ڪري ماڻهن ۾ مقبول آهن، جو اهي ماڻهن جي ڪم اچن ٿا ۽ اهي ماڻهن جي ضرورت آهن. هن مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته اسان مان اهي انسان امر آهن، مقبول آهن ۽ مشهور آهن، جيڪي پنهنجي سيني، سوچ ۽ سپنن ۾ سماجي ڪارج جي قوت رکن ٿا. ان ڪري اسان جي سوچن کي بدلائڻ گهرجي. اسان اجائين خوش فهمين جو شڪار نه ٿيون ته اسان جي علمي يا ادبي حيثيت، لياقتن ۽ صلاحيتن سبب ماڻهو اسان کي گهر ويٺي مڃيندا ۽ مٿي تي کڻندا. جيڪڏهن ڪو مڃتا نه ملڻ جي دانهن ڪوڪ ٿو ڪري، ته اهو مايوسي نه ٿو ڦهلائي، پر ٻڌائي ٿو ته هن جي حڪمت عمليءَ ۾ ڪو نقص آهي ۽ هن سماجي ڪارج جون اڃا تقاضائون پوريون نه ڪيون آهن.
جڏهن ههڙي نموني نراسائي ۽ نااميدي جو احساس ٿئي ته پوءِ پڙهلين کي ذهني ۽ فڪري طور پڙهائڻ سمجهائڻ جي ضرورت آهي. قومي مفڪرن ۽ دانشورن کي ڄڻڪ ان مان دڳ ملي ٿو ته هو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي، اها ڪمي پوري ڪن ته اهي ڪيئن سماج جو حصو بڻجن ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن.
اهڙيءَ ريت سنڌ واسين جي سوچن ۽ لوچن ۾ کوڙ ساريون ٻيون به غلط تشريحون گهر ڪري ويهي رهيون آهن. مثال عورت غلطي يا گناهه ڪري ته پنهنجي انا واريءَ غيرت کي بچائڻ ۾ ان کي مارڻ کان به نٿا مڙون. پر ساڳيو ڏوهه پاڻ ڪنداسين ته جهڙوڪ خدا کان معاف ڪرائي پوءِ پيدا ٿيا آهيون.
اسان مهمان نوازي جي اهڙي ته غلط تشريح ڪئي جو ٻين جا ٻار ٻچا بچائڻ جي شوق ۾ پنهنجا ٻچا ٻار رلائي ڇڏياسين. اسان کان اهو وسري ويو ته مهمان گهڙي پلڪ لاءِ ٿيندو آهي ۽ نه ڪي مستقل  گهر ڪري ويهي رهڻ وارو. اسان جي وڏڙن جي مهما نوازيءَ سنڌ جي جاگرافي،  نظريه ۽ سماج کي ڪاپاري ڇيهو رسايو. چوندا آهن ته مهمان پنهنجو روز پاڻ سان کڻي ايندو آهي، پر اسان پنهنجو روز اهڙن ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو، جيڪي آيا ته ڏانڊي لاءِ پر هاڻي بورچي بڻجي رهيا ۽ ويا آهن.
اسان پنهنجي قدرن ۽ نظرين جي غلط تشريح اهڙي ته سکي ۽ ياد ڪئي آهي جو ٻار اسان لاءِ مڇ جو وار آهي، جيڏانهن چاهيون تيڏانهن کيس واريون. پر حقيقت ۾ اسان انهيءَ ڳالهه جا منڪر ٿي پوندا آهيون ته جيڪو ٻار ڄمي ٿو، اهي پنهنجون انفرادي ۽ ذاتي لياقتون ۽ صلاحيتون کڻي اچي ٿو. اسان کي ته فقط ماحول پيدا ڪري ڏيڻو آهي، نه ڪي پنهنجي رنگ ۾ هر ڄاول ٻار کي ريٽو ڪرڻو آهي. ٻار نه فقط هڪ وجود آهي بلڪه مڪمل شخصيت آهي. هن جو به ايترو ئي ادب ۽ خيال ڪرڻو آهي، جيترو ڪنهن وڏي ۽ بزرگ جو. هو اسان جي مڇ جو وار ناهي، پر مستقبل جو ابو آهي.

اچو ته خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرون

اچو ته خيالي دنيا مان ٻاهر نڪرون.


شفيق الرحمان شاڪر
Grand Theft Auto Vice City  ” راڪسٽر نارٿ طرفان جوڙيل هڪڙي ڪمپيوٽر گيم آهي جيڪا ٻين عام راندين جيان رڳو هڪڙي راند نه پر تصورن سان ٽمٽار هڪ ٻي زندگي آهي.جنهن ۾ توهان روزمره جي زندگيء جا سمورا ڪم ڪري سگھو ٿا.ايستائين جو راند جي اندر ئي اوهان کاڌو کائي، لباس خريدي ۽ وار سنواري سگھو ٿا.جتي ماڻهن جون باقائدي دوستيون ۽ دشمنيون ٿين ٿيون.جتي ٽيڪسي هلائي يا ٻيو ڪوبه پسند جو ڪاروبار ڪري پئسو ڪمائي سگھجي ٿو،هٿيار خريد ڪري ۽ دشمن کي سبق سيکاري سگھجي ٿو.دنيا جي وڏن وڏن بااثر ماڻهن سان لاڳاپا قائم ڪري سگھجن ٿا.مطلب ته اها راند اسان جي عام زندگيء جي متوازي هڪ پوري زندگي آهي پر آهي سڄي خيالي ۽ تصوراتي.جنهن کي به تصوراتي زندگي Virtual Life جو سچ پچ صحيح اندازو لڳائڻو آهي ته اها گيم گھڻي مددگار ثابت ٿئي ٿي.جڏهن ڪو هڪ ڀيرو تصوراتي دنيا جي ان راند ۾ داخل ٿئي ٿو ته بس اڳتي وڌندو وڃي ٿو.مثال، ڪنهن ان راند ۾ ڏوڪڙ گڏ ڪري جائيداد خريد ڪئي ته اهو  جيئن جيئن وڌيڪ ڏوڪڙ گڏ ڪندو ۽ وڌيڪ جائيداد خريد ڪندو وڃي ٿو تيئن تيئن سندس ڏوڪڙ ڪمائڻ ۽ جائيداد خريد ڪرڻ جي طلب ۾ اضافو ٿيندو وڃي ٿو.جيئن جيئن هو پنهنجن دشمنن جو انت آڻيندو وڃي ٿو تيئن تيئن هن جا وڌيڪ دشمن پيدا ٿيندا وڃن ٿا ۽ هو انهن دشمنن جو دنيا مان نالو نشان مٽائڻ ۽ پنهنجي شان شوڪت جا جھنڊا پوري دنيا ۾ ڦڙڪائڻ جي مستيء ۾ مست ٿيندو ٿو وڃي.جيڪر تصوراتي دنيا ۾ انسان کي هٿ آيل دولت،شهرت ۽ طاقت جو نشو ايتري قدر آهي ته پوء اندازو لڳايو ته جيڪر اهي شيون انسان کي حقيقي دنيا م هٿ اينديون هونديون ته انسان ڇا ڇا  نه ڪندو هوندو! پر ان سموري راند جو مايوس ڪندڙ مرحلو اهو ته انهن مان ڪابه ڪاميابي انسان حقيقي طور تي حاصل نٿو ڪري.جيئن ئي ڪمپيوٽر بند ٿيو خواهشن ۽ خوشين جا سڀ خوبصورت محل مسمار ٿيو وڃن ۽ زندگيء جي سخت حقيقتن جو راڪاس وات کوليو انسان کي ڳڙڪائڻ لاء سامهون بيٺل نظر اچي ٿو.
اهي مسئلا ڪهڙا آهن؟ شاگرد لاء پڙهائي،بي روزگار لاء نوڪري، بکئي لاء ماني،بي گھر لاء پناهه وغيره وغيره.ان راند جو هڪ ٻيو پهلو اهو ته جڏهن انسان تصوراتي دنيا جي راند ۾ مصروف ٿئي ٿو ته هو عملي زندگيء مان آئوٽ ٿي وڃي ٿو ڇو ته عملي زندگيء جا ڪم نهايت ئي ڏکيا ۽ مرحلا نهايت ئي صبر آزما آهن.عملي زندگيء ۾ پئسو ڪمائڻ لاء تصوراتي دنيا واري راند جيان صرف بٽڻ دٻائڻو نٿو پوي پر گھڻا پاپڙ ويلڻا پون ٿا.اها ته محنتن ۽ مشقتن جي دنيا آهي جتي دشمنن کي مات ڏيڻ ايڏو آسان ڪم ناهي نه ئي توهان انهن جي ايئن آسانيء سان مرمت حجامت ڪري سگھو ٿا جو انهيء کان اڳ اوهان جي پنهنجي مرمت حجامت جو خطرو رهي ٿو.تصوراتي دنيا ۾ دنيا جا سمورا مشڪل ترين ڪم به بلڪل آسان آهن، مثال؛ اونهن کڏن کوٻن مان گاڏيء کي صحيح سلامت ٻاهر ڪڍي اچڻ،رستي ۾ ڪنهن سواريء کي لاهي ماري ڇڏڻ، رستي هلندي ڪنهن به ڏٽي مٽي تي مڪن ۽ لتن جو وسڪاروڪرڻ يا هٿيار ڏيکاري پئسا ڦرڻ، پيڇو ڪندڙ پوليس کي بيوقوف بنائي بچي نڪرڻ،ايستائين جو مرڻ جي صورت ۾ به  پريشانيء جي ڪا ڳالهه ڪانهي توهان صرف هڪڙو بٽن دٻائي پنهنجي زندگي وري شروع ڪري سگھو ٿا ڇوته اها حقيقي نه پر تصوراتي دنيا آهي.                         وائيس سٽي راند سان گڏوگڏ تصوراتي دنيا جو هڪ ٻيو مثال فيس بڪ آهي.وائيس سٽيء ۾ ته توهان اهو سڀ ڪجھه اڪيلي ڪري رهيا هوندا آهيو پر فيس بڪ تي اوهان کي جيئرن جاڳندن انسانن جو ساٿ ميسر هوندو آهي.اوهين روزانو ڪلاڪن جا ڪلاڪ تڪراري موضوعن کي تبصرن جو نشانو بڻائي ماڻهن کان ڍير سارو داد وصول ڪري سگھو ٿا.پنهنجو فين ڪلب ٺاهي سگھو ٿا،پنهنجن پسند ڪندڙن ۾ واڌاري لاء اوهان کي ٻين فيس بڪي ڀائرن سان ڀائي بنديء جو تعلق نڀائڻو پوي ٿو جو جيترو توهان ٻين فيس بڪي ليکڪن جو ساٿ ڏيندا اوتروئي اهي توهان سان دوستي نڀائيندا.اوهان جي حيثيت اوهان کي مليل پسنديدگين مان پرکي وڃي ٿي. توهان جي پوسٽ تي تبصرا ڪندڙن جو به توهان کي شڪريو ادا ڪرڻو آهي ته جيئن اهي آئيندي  به تبصرا ڪندا رهن،ڏينهن ۾ ٽن چئن موضوعن تي راء ڏيڻ،تبصرا پڙهڻ ۽ شڪريو ادا ڪرڻ،منفي تبصرن جي صورت ۾  پنهن جو بچاء  ڪرڻ ۽انهن جو جواب ڏيڻ،ٻين لکندڙن جي پوسٽن ۽ تبصرن کي ڏسڻ ۽ انهن تي پنهنجا ڪمينٽس ڏيڻ،ان سموري ڪم لاء توهان کي روزانو 6 کان 12 ڪلاڪن جو وقت گھربل هوندو آهي.ٻي ڳالهه اها ته ڪيترن ئي مقبول ڪالم نگارن ۽ ٽي وي اينڪرن به فيس بڪ تي پنهنجا فين پيج جوڙي رکيا آهن،توڙي جو انهن وٽ ايترو وقت ناهي جو ويٺا سمورا تبصرا پڙهن پر تڏهن به جيڪر سندن پيج تي ڪو منفي تبصرو يا تنقيد وغيره جا لفظ اچي ويا ته پوء جواب ۽ جواب در جواب جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿيو وڃي۽ انا جي هڪڙي جنگ جو طويل سلسلو به شروع ٿي سگھي ٿو جيڪو سالن تائين جاري رهي سگھي ٿو.ان معاملي جو نهايت ئي خطرناڪ پاسو اهو آهي جو اسان جي عملي يا حقيقي زندگيء جو پورو اڌ حصو سوشل ميڊيا يا ڪمپيوٽر جي اها تصوراتي دنيا آسانيء سان هضم ڪيو وڃي.ان سڄي کيل تماشي ۾ انسان اهڙو ته مست ٿي وڃي ٿو جو پورو ڏينهن ٽنگون ٽيڙي ننڍي يا وڏي اسڪرين سامهون تصوراتي زندگيء جي هر ميدان ۾ پنهنجين ڪاميابين ۽ ڪامراننين جا خيالي جھنڊا جھولائيندو اڳتي وڌندو ٿو وڃي جڏهن ته سندس پلئه ۾ پائي به ناهي هوندي. زال، ٻار ۽ ماء پيء اهڙي “ارسطو” کي حيرت ۽ پريشانيء وچان ڏسندا ۽ دعائون گھرندي نظر ايندا ته الاهي! اسان جي هن عقل جي اڪابر کي تصوراتي دنيا مان ڪڍي واپس حقيقي دنيا ۾ آڻ.خيالي دنيا ۾ پنهنجن عظيم خيالن جا موتي ۽ ڏاهپ جا هيرا ونڊيدڙ کي اها توفيق به ڏي ته هو حقيقي زندگيء ۾ به ڪو ڪم ڍنگ سان ڪري سگھي. تصوراتي دنيا جي اهڙي ئي هڪ عظيم باشندي کان سندس دوست هن جي کنڊريل وارن جو سبب پڇيو ته فرمائڻ لڳو ته آئن اسٽائين جا وار هميشه ايئن کنڊريل هوندا هئا.سو جيڪر رڳو وار کنڊيرڻ سان ڪو آئن اسٽائين بڻجي سگھي ٿو ته پوء ملڪ جا پاڳل خانا اهڙن آئن اسٽائينن سان سٿيا پيا آهن. آئين اسٽائين وار کنڊيرڻ سان گڏ حقيقي زندگيء ۾ ٻيا به ڪيئي اهم ڪارناما سرانجام ڏنا هئا.               سوشل ميڊيا جي ان تصوراتي دنيا ۾ وڏن وڏن ليکڪن ۽ ڏاهن تي بنان سوچڻ سمجھڻ جي تنقيد ڪرڻ وارن جي به هڪڙي فوج موجود آهي.هڪڙو صاحب جيڪو سوشل ميڊيا تي ڪاپي پيسٽ ذريعي دانشور بڻيو آهي تنهن شاه عبدالطيف جي شاعريء تي تنقيد شروع ڪري ڏني آهي. اهڙيء طرح هڪڙو صاحب جيڪو سرڪاري ٽي وي ۾ ملازم هو تنهن حضرت علي هجويري يعني داتا گنج بخش رحه جي ڪتاب ڪشف المحجوب جون خاميون ڳڻائڻ شروع ڪري ڇڏيون.           ننڍپڻ ۾ اسان خيالي دنيا جي ٻن ڪردارن “ ديون ” ۽ “بونن “ جون ڪهاڻيون پڙهيون ۽ ٻڌيون آهن، ديو جيڪي انسان جهڙي پر جسم ۽ طاقت ۾ انسان کان ڳري مخلوق آهي جيڪا انسانن کي ڳڙڪائي وڃي ٿي جڏهن ته بونا انسانن جهڙي پر جسم ۽ طاقت ۾ انسانن کان پتڪڙي مخلوق آهي جيڪي انسان کي مختلف شرارتن ذريعي ايذائين ۽ ستائين ٿا.بس تصوراتي دنيا ۾ ته رڳو ديو يا بوناهوندا آهن باقي انسان ته حقيقي  ۽ عملي دنيا جا پابند ۽ زمان ۽ مڪان جي زنجيرن ۾ جڪڙيل هوندا آهن سو زماني سان گڏ هلڻ جو مقصد خلائن ۾ خيالن جا محل تعمير ڪرڻ نه پر زماني جي حقيقتن کي سمجھڻ،انهن کي تسليم ڪرڻ ۽ انهن سان مهاڏو اٽڪائڻ آهي.هن ڪائنات ۾ انسان جيڪر پنهنجي اصل  فطري حقيت ۽ حيثيت کان منهن موڙي خيالن جي دنيا م پنهنجي لاء ڪو ٻيو مقام ڳولهڻ جي غير حقيقي ۽ غير فطري ڪوشش ڪندو ته يا ته اهو ديو بڻجي ويندو يا بونو! دنيا تماشي جي جڳهه ضرور آهي پر هر ماڻهوء خاص طور تي نوجوانن کي اڄ اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته زندگيء جي تلخ حقيقيتن کي اکيون اکين ۾ وجھي  منهن ڏيڻو آهي يا وري زندگيء جي پرفريب ۽ وڻندڙ  خيالي رڃ ۾ ڊوڙي ڊوڙي پاڻ کي رتورت ڪرڻو آهي.اهو خيال رهي ته خيالي دنيا جو هر خيال  رڳو رڃ آهي ۽ رڃ مان مان اڃ جو اجھامڻ حقيقت جي دنيا ۾ اڃا صرف هڪڙو خيال آهي.
(روزاني جيجل 31 مارچ 2018ع)

ذهني ڪيفيتون ۽ انساني رويا

ذهني ڪيفيتون ۽ انساني رويا.


شفيق الرحمان شاڪر
اسان جي زندگيء ۾ ڪو ڏينهن اهڙو به هوندو آهي جنهن ڏينهن تي اسان جا سمورا ڪم سولا ٿي پوندا آهن.ان ڏينهن اسان اهڙو ڪم به ڪري ويندا آهيون جنهن جي ڪرڻ جي اسان کي پاڻ مان اميد ئي ناهي هوندي پر اهي ڏکوئيندڙ ساعتون به اسان مان گھڻن جي ذهن ۾ تازيون هونديون جڏهن اسان جو ڪيل ڪو سبتو ڪم به ابتو ٿي ويو.ڪو ٺهيل ٺڪيل مامرو به منجھي ويو.هزار ڪوششن باوجود صرف ناڪاميون ئي منهن پونديون آهن.ماڻهو ته اهو ساڳيو آهي پوء ايڏو فرق ڇو؟ ڪڏهن ڪڏهن ڪو جڏو رانديگر به شاندار ڪارڪردگيء جو مظاهرو ڪندو آهي ۽ ڪڏهن ڪو شاندار رانديگر به ٻڙي ڪارڪردگي ڏيندو آهي.اصل ۾ فرق هوندو آهي ذهني ۽ جسماني ڪيفيتن جو جن ۾ ڪم جي وقت انسان هوندو آهي.انهن ڪيفيتن مان هرهڪ جي هڪ قوت آهي پوء اها قوت هاڪاري هجي يا ناڪاري.ڪجهه ڪيفيتون اسان کي اڳتي جڏهن ته ڪجهه پوئتي ڌڪين ٿيون.ڪجهه ڪيفيتون  چست ۽ ڦڙت جڏهن ته ڪجهه سست ۽ بيزار بنائين ٿيون.
مثال؛ اعتماد،پيار،اندر جو يقين،خوشي ۽ وجدان جون ڪيفيتون انساني ذات مان طاقت جا عظيم ڦوهارا ڦوڙي ٻاهر ڪڍن ٿيون جڏهن ته ذهني  ڏڦير، انتشار،خوف،پريشاني، ڊپريشن، بيچيني،غم ۽ مايوسيء جون ڪيفيتون اسان جي عضون ۽ اعصابن کي مفلوج ڪري بي طاقت ۽ ڪمزور بنائين ٿيون.انهن ڪيفيتن جو مشاهدو اسان کي هروقت پنهن جي روزمره جي زندگيء ۾ ٿيندو رهندو آهي ۽ اسان هروقت زندگيء جي وڻندڙ يا نه وڻندڙ ڪنهن نه ڪنهن صورتحال مان گذرندا رهندا آهيون. مثال؛اسان ڪنهن هوٽل ۾ وياسين ته آرڊر وٺندڙ بيري اسان سان جنهن انداز سان ڳالهايو ان مان سندس بيزاري يا غصو صاف طور تي بکي رهيو هو.هو ڪوشش جي باوجود به سندس منهن جي اڻ وڻندڙ تاثرات کي لڪائي نه پيو سگھي.جيڪر اسان سمجھون ٿا ته ان بيري جو اهو رويو سدائين ان نموني جو هوندو ته اسين غلط آهيون.جيڪر ايئن هجي ته پوء اهو ان هوٽل جي نوڪري هن وقت تائين وڃائي چڪو هجي ها.گھڻو امڪان اهو آهي ته اڄوڪو ڏينهن شايد ان بيري لاء سٺو ناهي رهيو. ٿي سگھي ٿو ته هن کي ڪا ذاتي قسم جي پريشاني لاڳو ٿي هجي يا هن جي ڪنهن گراهڪ سان منهن ماري ٿي هجي.هو ذاتي طور تي هروڀرو ڪو خراب انسان نه هوندو پر ان وقت هو جنهن ڪيفيت جو شڪار آهي سندس رويو ان ڪيفيت جو ئي مظهر آهي.اسان سندس ذهني ڪيفيت کي تبديل ڪري سندس رويي کي بدلائي سگھون ٿا.مطلب اهو ته اصل صورتحال جي ڄاڻ ئي ڪنهن تبديليء کي سمجھڻ ۽ گھربل مقصد حاصل ڪرڻ جي ڪنجي آهي.ان حقيقت کي نظر ۾ رکندي ته اسان جو رويو اسان جي ڪنهن اندروني ڪيفيت يا ذهني حالت جو عڪس هوندو آهي،هاڻي اچو ته اهو سمجھڻ جي ڪوشش ڪريون ته اهي ذهني ڪيفيتون آخر ڇا هونديون آهن ۽ انهن کي ڪيئن تبديل ڪري يا ضابطي هيٺ آڻي سگھجي ٿو؟
اسان جي اندر هر وقت وقوع پذير ٿيندڙ لکين نيوراليجيڪل پروسيس ( Neurogical Process)   جي مجموعي کي ڪيفيت (State) چئبو آهي.ٻين لفظن ۾ وقت جي ڪنهن به وقفي يا عرصي ۾ اسان جي ٿيندڙ ڪنهن مشاهدي يا تجربي جي ردعمل جي نتيجي ۾اندر ۾ پيدا ٿيل ذهني صورتحال کي ڪيفيت چئجي ٿو.ڪيئي ڪيفيتون اسان جي پاران ڪنهن شعوري ڪوشش يا هدايت سواء پاڻمرادو پيدا ٿين ٿيون.اسان ڪا شيء ڏسندا آهيون ۽ ان جو ردعمل ڪنهن خاص شڪل ۾ ظاهر ڪندا آهيون. اها ڪيفيت مثبت به ٿي سگھي ٿي ۽ منفي پڻ.پر اسان مان گھڻا انهن ڪيفيتن ۾ توازن يا انهن تي ضابطو رکڻ ۾ ناڪام ويندا آهن.ڪامياب ۽ ناڪام ماڻهن ۾ فرق ئي اهو آهي جو ڪامياب ماڻهو لاڳيتو پنهنجي اندر اهي ڪيفيتون قائم رکڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا جيڪي انهن جو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ انهن جون مددگار ثابت ٿين ٿيون.جڏهن ته ناڪام ماڻهو ڪنهن ردعمل جي نتيجي ۾ پنهن جي اندر پيدا ٿيندڙ ناڪاري ڪيفيتن جو شڪار ٿي وڃن ٿا. عام طور تي ماڻهن جي اها خواهش رهي ٿي ته گھربل مثبت ڪيفيتون امڪاني ۽ اتفاقي طور تي پاڻمرادو کين ملي وڃن پر اسان جي زندگيء جو خمير جنهن نموني جڙيل آهي انهيء ۾ ايئن ڪڏهن ٿيندو ناهي.ڪيتريون ئي ڪيفيتون آهن جن کي اسان پاڻ جنم ڏيئي سگھون ٿا. مثال؛ پيار،محبت،اعتماد،احترام،وغيره جن ۾ خوشيء جي هڪ جادوئي ۽ طاقت سمايل هوندي آهي.محبت،خوشي يا ٻي ڪا طاقت جن لئي انسان سالن کان تلاش ڪندو رهيو آهي انهيء جي ڪنجي انسان جي پنهن جي رهبري پاڻ ڪرڻ جي صلاحيت ۾ لڪيل آهي ۽ اها صلاحيت تيستائين حاصل نٿي ٿئي جيستائين پنهن جي ذهني ڪيفيتن جي رهنمائي ۽ تنظيم جو فن نه ايندو هجي. وري پنهن جي ذهني ڪيفيتن جي رهنمائي ۽ انهن کي پنهن جي گھربل مقصد حاصل ڪرڻ لاء استعمال ڪرڻ جي ڪنجي پنهن جي ذهن کي موثر انداز ۾ هلائڻ جي سکيا ۾ آهي.انهيء ڪم لاء انسان کي پهرين اهو سمجھڻو پوندو ته اهو ڪم ڪيئن ٿيندو؟ انسان صدين تائين پنهن جي ذهني ڪيفيتن کي بدلائڻ ۽ پنهن جي مشاهدي جي طرز کي تبديل ڪرڻ جا جتن ڪندو رهيو آهي.هن بک،نشي وارين شين،،مناجات، موسيقي،لباس، خوراڪ، جنس،پوڄاپاٽ وغيره مطلب ته سمورا طريقا آزمايا آهن پر هاڻي وڌيڪ طاقتور ۽ موثر ذريعا ڳولهيا پيا وڃن.سوال اهو ته جنهن ڪيفيت ۾ اسان آهيون انهيء کي پيدا ڪير ٿو ڪري؟ ڪيفيت جا ٻه بنيادي جزا ٿين ٿا.پهريون جزو اسان جي اندروني صورتن (Presentations) جو آهي  ۽ ٻيو جزو اسان جي جسماني صورتحال ۽ ان جو استعمال.توهان ڪهڙين شين کي ڪهڙي تصوير ڏيو ٿا،ان جي باري ۾ ڪهڙي ۽ ڪيئن راء پيدا ڪيو ٿا.اها ڪيفيت جنهن ۾ توهان آهيو ان کي پنهنجي ذهن ۾ هڪ شڪل ڏيو ٿا ۽ پوء توهان جا پيدا ڪيل رايا توهان جي روين مان ظاهر ٿين ٿا. مثال؛ توهان پنهن جي اولاد جي دير سان گھر موٽڻ تي ڪهڙو رويو اختيار ڪيو ٿا؟ انهيء جو گھڻو دارومدار توهان جي ذهن ۾ پيدا ٿيندڙ ڪيفيت تي هوندو.جيڪر توهان ڪلاڪن کان ذهن ۾ اها تصوير ٺاهي ويٺا آهيو ته شايد ڪو خوني حادثو ٿي ويو هجي،خبر ناهي ته هو زنده بچيو به هجي يا نه؟ان ڪيفيت ۾ توهان جو ڪو پيارو دير سان گھر موٽندو ته اوهان لڙڪن،محبت.بي قراري،خوشي ۽ حيرت يا گرمجوشيء سان هن جو آڌرڀاء ڪندا ۽ هن کي ڏسي سک جو ساه کڻندا.پر جيڪر توهان جي  ذهن جي ڪيفيت ڪا ٻي آهي ته ان جي موٽڻ تي اوهان جو رويو ان ڪيفيت جو مظهر هوندو.
هاڻي اچون ٿا ڪيفيت جي ٻئي جزي يعني جسماني صورتحال طرف.اسان دنيا کي ڪيئن ڏسون ٿا ۽ ان کي ٻين سامهون ڪيئن پيش ڪيون ٿا،ڪيفيت جو ٻيو جزو به ان ۾ بنيادي عامل جو ڪردار ادا ڪري ٿو. جسماني ڇڪ.ٿڪاوٽ.بيزاري،کاڌخوراڪ.ڪا جسماني بيماري يا ڪمزوري وغيره اهي سڀ جسماني حالتون اسان جي روين تي اثرانداز ٿين ٿيون.
ماڻهن جي عام طور تي اهائي خواهش هوندي آهي ته اهي جنهن ڪيفيت ۾ آهن انهيء کي تبديل ڪن ڇو ته ڪوبه هميشه غمگين ۽ پريشان رهڻ نٿو گھري.انهيء تبديليء لاء اهي مختلف شيون ڪندا آهن.مثال؛ ٽي وي ڏسڻ،کل ڀوڳ جي ڪنهن محفل ۾ ويهڻ،گھر کان ٻاهر ڪنهن آئوٽنگ تي هليو وڃڻ،سگريٽ جا دونهان لڳائڻ يا نشي وارين شين جو استعمال ڪرڻ وغيره پر انهن شين جو نتيجو به دائمي نه پر عارضي هوندو آهي.جيئن ئي ٽي وي شو ختم ٿيو،يا نشي جو اثر گم ٿيو يا ماڻهو محفل ڇڏي اڪيلائيء جو شڪار ٿيو ته ساڳيون ڪيفيتون انسان کي گھيريو وڃن.
ڪاميابيء جي عروج تي پهچڻ وارا ماڻهو پنهنجي ذهن جي اعليٰ صلاحيتن کي جاڳائڻ تي پورو عبور رکندا آهن ۽ اهو ڪمال ئي انهن کي ٻين کان ممتاز بنائي ٿو.بس ياد رکڻ جي ڳالهه اها آهي ته اسان جون ڪيفيتون پنهن جي اندر زبردست طاقت رکن ٿيون ۽ جيڪر انهن تي ضابطو آڻڻ جو فن اچي وڃي ته انسان کي حالتن جي رحم ڪرم جو محتاج ٿيڻو نٿو پوي.
(انٿوني رابنز جي ڪتاب”Unlimited Power”  مان رهنمائي ورتل)
(روزاني عوامي آواز 27 مارچ 2018ع)