Wednesday, June 8, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ “ يعني پروف ئي پروف!”

اسان جي هڪ دوست کي هڪ عجيب شوق ٿي پيو آهي.جڏهن به کيس ڪو فارغ وقت ملي ٿو،لاڳيتو ڪنڌ جھڪائي بيٺل رهي ٿو.ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن وڻ جي ٽاري پڪڙي ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيهيو رهي.اڪثر ڪري بنان ڪنهن مقصد جي بازار جي ڪنهن رش ۾ شامل ٿي ساه روڪڻ جي مشق ڪندو رهندو آهي.
آخر جڏهن اسان جي حيرت جي حد وڌي ويئي  ته کانئس پڇي ورتوسين ته ” ڀائو! اهڙيون سخت محنتون ۽ مشقتون آخر ڇو ٿو ڪرين؟”
چوڻ لڳو؛ “ اهي شيون  ته آئون عرصي کان پابنديء سان ڪندو پيو اچان ان ڪري جو مون کي روزانو ويگن ۾ سفر ڪرڻو پوي ٿو.ويگن ۾ صرف اهو ماڻهو ئي سفر ڪري سگھي ٿو جيڪو هر طرح “پروف” هجي..!يعني واٽر پروف،شاڪ پروف،هوا  پروف،گرمي پروف، ،مطلب  ته پروف ئي پروف!  جيڪر ويگن ۾ سفر ڪرڻو پوي ته پوء ڪنڌ جو ايڪسل ايترو مضبوط هئڻ  گھرجي جو ان کي کڻي ڪيترو به هيٺ جھڪايو وڃي ته ٽٽي نه سگھي،اهڙو ڪنڌ هجي جو ان جي مٿان جيڪر ٻه ٽي ٻيا ڪنڌ به لڏي ڇڏجن ته ويچارو اف به نه ڪري... ۽ ها..،ٻانهون هجن ته اهڙيون جيڪي هڪ جڳهه کان ٻي جڳهه تائين لڏڻ جو اجايو ضد نه ڪن.”

نوٽ ؛ منهن جا ٻيا بلاگ به ڏسو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو