Monday, June 20, 2016

سرهي سوچ ؛ ”اديب بي ادب“ اهڙو ئي آهي جهڙو ”شاعر بي شعور.“


”اديب بي ادب“ سو اهڙو ئي مضحڪه خيز معاملو آهي جهڙو آهي ”شاعر بي 

شعور.“ ”شعر“ لفظ جي معنيٰ عربي ۾ آهي ”ڄاڻڻ“. انگريزي ترجمو ان جو 

ٿيندو ”Perceive. شاعر جي لاءِ انگريزي لفظ آهي ” Poet“ ”.”Poetيوناني 

لفظ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي””Maker. جيڪڏهن انهيءَ لفظ جو 

پارسيءَ ۾ ترجمو ڪجي ته ٿيندو ”صنعت گر.“ يا وري انهيءَ جو انگريزي ۾ 

ترجمو ڪجي ته  ٿيو””Craftsman. يورپ ۾ هينئر جيڪڏهن ڪو شعر تتبع تي 

ويهي ٺاهي ته پاڻ کي کلڻ هارڪو ڪندو، ڇا لاءِ ته ائين سمجهيو ٿو وڃي ته جي 

شاعر پنهنجي دل مان بغير ڪوشش جي ڪا نئين  معنيٰ نه پيدا ڪئي ته بي جان  

شعر بيڪار آهي. جنهن قوم صنعت گريءَ کي پهرين شعر سڏيو هو سا هينئر 

شعر  جي حقيقت کي پهچي وئي آهي. جيتوڻيڪ ”شعر“ واسطي سندس ڪم آندل 

لفظ   اڃا غلط آهي، ۽ جن وٽ صحيح لفظ مستعمل هو، تن وٽ هن وقت غلط 

استعمال   آهي. اتي به حافظ اسان جي حمايت ٿو ڪري ۽ انهيءَ مسئلي تي روشني ٿو وجهي:

آنرا که خواندي استاد، گربنگري بتحقيق

صنعت گريست اما، طبع روان نه دارد.

هتي هو ”صنعت گر“ ۽ ”شاعر“ جي معنيٰ کي متعين ٿو ڪري.

شاعر ته ٺهيو پر حقيقي انسان جي مقام جو غرض به اهو آهي، جئين اقبال چيو آهي:
حيات چيست جهان را اسير جان کردن.

”It is the soul that body makes؛ ۽ اسان وٽ عروض ۽ قافيي کان سواءِ 

شعر جي ٻين حقيقتن جو خيال به ڪونه ٿو ڪيو وڃي، ڄڻ ته اهي ضروري آهن

 ئي ڪونه: بمصداق هن جي ته ”هلي نه هلي وٺ رينگٽ کي.“ انهيءَ ڪري 

اسان جا شاعر اقبال جي مقولي جي زد ۾ اچن ٿا:


حيات چيست جهان را اسيرِ جان کردن،

تو خود اسير جهاني، کجا تواني کرد؟



هاڻي اسين انهيءَ نتيجي تي پهتاسين ته جئين اسان جو علم ”ادب“ جي خوشبوءِ 

کان خالي آهي، تئين اسان جو شعر بي شعور آهي. ”شعور“ جي معنيٰ آهي 

”ڄاڻ.“ عربيءَ ۾ ”ليت شعري!“ جي معنيٰ آهي ”ڪاش آءٌ ڄاڻان!“  اسان جي 

شعر گوين ۾ ته معنيٰ جو خيال ئي ڪونهي نه وري دل منجهان ڪو آلاپ ٿو 

نڪرين. تتبع تي صنعت گري ڪرڻ، انهيءَ کي شعر چيو ٿو وڃي. حقيقت اها 

آهي ته جيستائين قلب  جي خون منجهان اکر ڳاڙها ٿي نه نڪرن ۽ خود بخود 

بغير  ڪوشش جي زبان تائين نه پهچن ۽ آلاپڻ اهڙو بي خبريءَ جو هجي جهڙو 

قمري   يا بلبل جو سرود، تيستائين ان کي شعر چئي ڪونه سگهبو. سانگيءَ 

ويچاري،  جنهن پنهنجي پڇاڙيءَ جي جاءِ اسان جي شاهه جي پيرن وٽ مقرر 

ڪئي، تنهن  ڇا چيو آهي:


”جو ترنم ٿو ڪريان سو ٿو ڪريان مستيءَ ۾.“

ڏک ته اهو آهي ته اسان وٽ اهي مست رهيا ئي ڪونه.
‘‘افسوس! کز قبیلئہ مجبوں کسے نہ ماند’’

اسان جو شاهه، اسان لاءِ سند ڪافي ۽ شافي آهي. ڪڏهن شاه به تتبع تي شعر 

لکيا؟ جئين قرآن جي دعويٰ آهي ته مون جهڙيون ڏهه آيتون پيدا ڪري ڪونه 

سگهندو، تئين آءٌ به دعويٰ سان ناظرين کي چوان ٿو ته جي ههڙيون ٽي سٽون 

ڪنهن منجهان پيدا ٿين، ته سڄيءَ سنڌ کي کيس مبارڪ ڏيڻ جو موقعو پيدا ٿيندو:


”وريتيون ورو،آءٌ نه ورندي ور ري،


جڏي هن جبل جو تانگهيندس ترو،


جتن ساڻ ذرو، نينهن نبيرو نه ٿيو.“


يا هي ٻه سٽون ئي:

”جوڳيئڙا جهان ۾ نوري ۽ ناري،

ٻري جن ٻاري،آءٌ نه جئيندي اُن ري.“

مون کي اوهين معاف ڪندو، جيڪڏهن آءٌ ائين چوڻ جي جرئت ڪريان ته اسان 

جو شاه والا جاه اڃان هڪ اهو موتي آهي جو سپ ۾ بند آهي ۽ جنهن کي اڃا هٿ 

لائڻ جي به طاقت ڪنهن کي ڪانه ٿي آهي. مون تي اعتبار ڪندو جيڪڏهن 

چوان ته انهن پوين ٻن سٽن تي ڪتاب لکي سگهجي ٿو  ۽ عميق معنائون منجهس 

آهن ۽ انهن قرآني معنائن تي انگشت نمائي ٿو ڪري، جي جيڪر ظاهر ٿين ته 

ڪنهن به اونداهي دل جي منور ٿيڻ لاءِ ڪافي آهن! هتي جيڪر سرسري ذڪر 

ڪريان ته به هڪ ڪلاڪ لڳي وڃيم. اهو آهي انهن ٻن سٽن جو احوال، جن ۾ 

عوام الناس سواءِ لفظن جي ٻي ڪا زياده معنيٰ ڏسي ئي ڪونه ٿو.

(علامه آئي آئي قاضي ؛ ” علم ادب“ )

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو