ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسان جي سوچن ۽ لوچن تي اصطلاح ۽ انهن جون تشريحون گهرا اثر وجهنديون آهن، جيڪڏهن اصطلاحن جون غلط تشريحون ذهن ۾ ويهي ويون ته مقصدن ۽ منزلن جا دڳ پيچرا ئي بدلجي ويندا ۽ ڪيترين حالتن ۾ جتي اسان کي اوڀارو وهڻو ۽ وڃڻو آهي اتي لهنوارا پيا لڙهنداسين ۽ ڪڏهن ته طلبيل ماڳ مڪان تي پهچي نه سگهنداسين.
مثال طور اسان کي ٻڌايو ويو آهي ته ”سچ ته بيٺو نچ“. اسان کي ان جي تشريح اهڙي نموني سان سمجهائي وئي آهي ته سچ چوڻ وارو سدائين مزن ۾ هوندو آهي ۽ پيو خوشيءَ ۾ نچندو ٽپندو ۽ سندس وار به ونگو نه ٿيندو. پر اهو ڪنهن نه ٻڌايو ته سچ ٽانڊن تي نچڻ جو نالو آهي. جيڪو سچ چوندو، ان کي ڀوڳڻو ئي پوندو، سچ پنهنجو معاوضو وٺندو آهي ۽ ڪنهن ڪمزور انسان جي دل ۽ دماغ ۾ جڳهه وٺي نه سگهندو آهي. جيئن ٽانڊن تان لنگهڻ ڏکيو ڪم آهي، تيئن سچ چوڻ به معمولي ڳالهه ڪانهي. ان ۾ ڏاهپ، دانشمندي ۽ جوڳيءَ حڪمت عمليءَ جي ضرورت آهي. سچ جيڪڏهن صورتحال کي مناسب ۽ مثبت انداز ۾ نه ٿو بدلائي ۽ ان بدران سچ ٻڌندڙ کي ٽانڊن تان گذاري ٿو يا ان کي ٽانڊا ڏئي ٿو ته سچ جهڙوڪ پنهنجو ڪارج پورو نه ڪيو. ان ڪري ”سچ ته بيٺو نچ“ جي تشريح ائين ٿيندي ته سچ چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو باغ بهار ٿيندا ۽ انهن کي اهڙي سوغات ملندي جو ان جي خوشيءَ ۾ پيا نچندا. ڏاها ماڻهو ائين سچ نه چوندا جو چوڻ ۽ ٻڌڻ وارو ٽانڊن تان گذري.
اهڙيءَ ريت اسان وٽ نراسائي ۽ نااميدي جي تشريح به غلط نموني سان ڪئي ۽ ٻڌائي وئي آهي. جيڪڏهن ڪو اديب، شاعر يا سماجي ڪارڪن اهو چئي يا لکي ته اسان کي ڪنهن خوش فهمي جو شڪار ٿيڻ نه گهرجي ته ماڻهو اسان جي عزت ڪندا ۽ اسان سان محبت ڪندا، اسان مان هر ڪنهن انهيءَ ماڻهو جي عزت ۽ محبت ڪئي ويندي آهي، جنهن جي ”ضرورت“ آهي يا جيڪو اسان جي ضرورت يا مجبوري آهي ته، اهڙي بيان کي سياسي سوچ رکندڙ ۽ هٿرادو نظرياتي ماڻهو مايوسيءَ وارو بيان سمجهندو.
جڏهن ته اها مايوسيءَ جي تبليغ نه پر، حقيقت ۽ صورتحال جي سچي ترجماني آهي. اها هر دور جي اڻ مٽ سچائي آهي ته ڪم واري ماڻهوءَ کي ئي چاهيو ۽ پسند ڪيو ويندو آهي. ماڻهون ڪم پرين ٿيندا آهن. اسان انهن لاءِ ضروري بڻجي پئون ٿا، جڏهن سندن ضرورتون پوريون ڪري سگهن ٿا. ايڌي عبدالستار، ڊاڪٽر صالح ميمڻ ۽ ڊاڪٽر اديب رضوي ان ڪري ماڻهن ۾ مقبول آهن، جو اهي ماڻهن جي ڪم اچن ٿا ۽ اهي ماڻهن جي ضرورت آهن. هن مان اسان کي اهو سبق ملي ٿو ته اسان مان اهي انسان امر آهن، مقبول آهن ۽ مشهور آهن، جيڪي پنهنجي سيني، سوچ ۽ سپنن ۾ سماجي ڪارج جي قوت رکن ٿا. ان ڪري اسان جي سوچن کي بدلائڻ گهرجي. اسان اجائين خوش فهمين جو شڪار نه ٿيون ته اسان جي علمي يا ادبي حيثيت، لياقتن ۽ صلاحيتن سبب ماڻهو اسان کي گهر ويٺي مڃيندا ۽ مٿي تي کڻندا. جيڪڏهن ڪو مڃتا نه ملڻ جي دانهن ڪوڪ ٿو ڪري، ته اهو مايوسي نه ٿو ڦهلائي، پر ٻڌائي ٿو ته هن جي حڪمت عمليءَ ۾ ڪو نقص آهي ۽ هن سماجي ڪارج جون اڃا تقاضائون پوريون نه ڪيون آهن.
جڏهن ههڙي نموني نراسائي ۽ نااميدي جو احساس ٿئي ته پوءِ پڙهلين کي ذهني ۽ فڪري طور پڙهائڻ سمجهائڻ جي ضرورت آهي. قومي مفڪرن ۽ دانشورن کي ڄڻڪ ان مان دڳ ملي ٿو ته هو پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائي، اها ڪمي پوري ڪن ته اهي ڪيئن سماج جو حصو بڻجن ۽ سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪن.
اهڙيءَ ريت سنڌ واسين جي سوچن ۽ لوچن ۾ کوڙ ساريون ٻيون به غلط تشريحون گهر ڪري ويهي رهيون آهن. مثال عورت غلطي يا گناهه ڪري ته پنهنجي انا واريءَ غيرت کي بچائڻ ۾ ان کي مارڻ کان به نٿا مڙون. پر ساڳيو ڏوهه پاڻ ڪنداسين ته جهڙوڪ خدا کان معاف ڪرائي پوءِ پيدا ٿيا آهيون.
اسان مهمان نوازي جي اهڙي ته غلط تشريح ڪئي جو ٻين جا ٻار ٻچا بچائڻ جي شوق ۾ پنهنجا ٻچا ٻار رلائي ڇڏياسين. اسان کان اهو وسري ويو ته مهمان گهڙي پلڪ لاءِ ٿيندو آهي ۽ نه ڪي مستقل گهر ڪري ويهي رهڻ وارو. اسان جي وڏڙن جي مهما نوازيءَ سنڌ جي جاگرافي، نظريه ۽ سماج کي ڪاپاري ڇيهو رسايو. چوندا آهن ته مهمان پنهنجو روز پاڻ سان کڻي ايندو آهي، پر اسان پنهنجو روز اهڙن ماڻهن کي ڏئي ڇڏيو، جيڪي آيا ته ڏانڊي لاءِ پر هاڻي بورچي بڻجي رهيا ۽ ويا آهن.
اسان پنهنجي قدرن ۽ نظرين جي غلط تشريح اهڙي ته سکي ۽ ياد ڪئي آهي جو ٻار اسان لاءِ مڇ جو وار آهي، جيڏانهن چاهيون تيڏانهن کيس واريون. پر حقيقت ۾ اسان انهيءَ ڳالهه جا منڪر ٿي پوندا آهيون ته جيڪو ٻار ڄمي ٿو، اهي پنهنجون انفرادي ۽ ذاتي لياقتون ۽ صلاحيتون کڻي اچي ٿو. اسان کي ته فقط ماحول پيدا ڪري ڏيڻو آهي، نه ڪي پنهنجي رنگ ۾ هر ڄاول ٻار کي ريٽو ڪرڻو آهي. ٻار نه فقط هڪ وجود آهي بلڪه مڪمل شخصيت آهي. هن جو به ايترو ئي ادب ۽ خيال ڪرڻو آهي، جيترو ڪنهن وڏي ۽ بزرگ جو. هو اسان جي مڇ جو وار ناهي، پر مستقبل جو ابو آهي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو