Monday, June 6, 2016

ادبي پڪوڙا : ” خوش زندگيء جو راز ڇا آهي؟!“


ڪنهن عمارت جي هيٺئين مٿئين فليٽ ۾ ٻه شادي شده جوڙا رهندا هئا.هيٺ واري فليٽ مان هروقت لڙائي جھڳڙي جو آواز ايندو رهندو هو جڏهن ته مٿي واري فليٽ مان هروقت ٽهڪن جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا هئا.هڪڙي ڏينهن هيٺئين فليٽ وارو صاحب مٿئين فليٽ ۾ ويو  ۽ ان فليٽ ۾ رهندڙ همراه کي ٻاهر سڏي پڇڻ لڳو؛” يار!ڪمال آهي،اوهين ته هروقت خوش رهو ٿا. نه لڙائي نه جھيڙو.آخر انهيء خوش زندگيء جو راز ڇا آهي؟“
پاڙيسريء وراڻيو؛ ” ادا! اسان به سڄو ڏينهن وڙهندا رهندا آهيون بس فرق اهو اهي جو جڏهن منهن جي زال وائيپر يا ويلڻ مون کي اڇلي هڻندي آهي ته جيڪر سندس نشانو گسي ويندو آهي ته آئون ٽهڪ ڏيندو آهيان ۽ جيڪر هن جو نشانو ٺيڪ ٺيڪ بيهندو آهي ته هوء ٽهڪ ڏيندي آهي!“


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو