Tuesday, June 7, 2016

مشهور زمانه برانڊس ۽ اڄ جي عورت

سيما عباسي
هر ڪو ويٺو ٿو هام هڻي سوچ سگهاريءَ جي
عملي طرح سان ڪنهنجو سروڪار ناهي ڇو؟
نئين نسل جو شعور آسائش ۾ مست ٿي
غفلت جي ننڊ ۾ غرقُ، بيدار ناهي ڇو؟
(س.ع)
ڪائنات جي مالڪ اسان سڀني کي اڻ ڳڻين نعمتن سان نوازيو آهي جيڪي زندگي جون ضرورتون پڻ آهن، پر اسان جي مذهب انهن نعمتن کي استعمال ڪرڻ جي ڏس ۾ اعتدال ۾ رهڻ جي تلقين ڪئي آهي ڇو ته ڪنهن به شئي جي گهڻائي نقصان جوڳي هجي ٿي، اهڙو خرچ جيڪو زندگي جي بنيادي گهرجن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪيو وڃي اهو ضروري خرچ جي زمري ۾ اچي ٿو پر جيڪو خرچ ظاهري شان و شوڪت ۽ ڏيکاوَ جي سلسلي ۾ ڪوڙي انا کي تسڪين ڏيڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي اهو اسراف ۾ شامل آهي. ضرورت کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ کي فضول خرچي به چيو ويندو آهي، يا وري نمائش ۽ ظاهري ڏيکاوَ ۾ حد کان اورانگهڻ کي پڻ اسراف سڏيو ويو آهي. محض ڪوڙي ناموس و ناموري لاءِ خود نمائي ۽ ڏيکاءُ ڪرڻ بحرحال سٺو عمل ڪونه سڏبو آهي اهڙن عملن سان ماڻهن ۾ احساس ڪمتري ۽ احساس برتري واري منفي سوچ پروان چڙهندي آهي. ”احساسُ“ ڪمتري جو هجي يا برتري جو هجي اها سوچ انتهاپسندي جي هڪ اهڙي خطرناڪ بيماري آهي جنهن جو جيڪڏهن وقت تي علاج نه ڪيو وڃي ته پوءِ اسان جي پوري حياتي ان سوچ جي حدن اندر گهمندي آهي، پوءِ انهن احساسن ۾ مبتلا ماڻهو پنهنجي معمولي خواهش کي به جڏهن پورو ٿيندي نه ڏسندو آهي ته شديد افسوس ۾ مبتلا ٿي ڊپريشن جو مريض ٿي ويندو آهي.
اڄ ڪلهه زندگي جي گهرجن کان علاوه نمائش جو هڪ اڻ کٽ سلسلو شروع ٿي ويو آهي هر ڪو ظاهري ڏيکاوَ واري ان مقابلي جي ڊوڙ ۾ ٻه قدم اڳتي ڊُڪي رهيو آهي ۽ پوءِ هو گليمر جي روشني ۾ پنهنجي چادر کان وڌيڪ پير پکيڙي پاڻ لاءِ نه کٽندڙ مصيبتن جي شروعات ڪري ڇڏيندو آهي. ”ڪنهن ڏاهي جو چوڻ آهي ته دنيا جو ڪو به مرد اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته هُن پنهنجي گهر جي عورت جون سڀئي خواهشيون پوريون ڪيون هونديون“. ڪپڙا جسم کي ڍڪڻ سان گڏو گڏ گرميءَ ۽ سرديءَ کان بچاءَ جو پڻ ذريعو هوندا آهن ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته سٺا ڪپڙا شخصيت کي نواڻ ڏئي پرڪشش پڻ بڻائيندا آهن. عورت جي خوش طبعي ۽ خوش لباسي کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي. هڪ عورت هئڻ جي ناتي مان اهو پڪ سان چئي سگهان ٿي ته جيڪڏهن ڪنهن محفل ۾ مرد ۽ عورت کي گڏجي ايندي ڏٺو ويندو ته انهن جي شخصيت ۾ هڪ عورت پهريان لباس جو جائزو وٺندي ۽ بعد ۾ انهن جي شخصيت جو. ائين کڻي چئجي ته پوشاڪ جي معاملي ۾ هڪ عورت غير معمولي حساس هوندي آهي ته بي جا نه ٿيندو.
گذريل اونهاري جي ڳالهه آهي ته ڊيوٽي تان واپس اچڻ وقت مشهور زمانه برانڊس جي شاپنگ پلازه وارو روڊ بلاڪ ڏٺم خبر پئي ته اتي اونهاري جي ڪپڙن جو افتتاح ٿي رهيو آهي جنهن جي ڪري شهر جي عورتن ان شاپنگ مال تي ڪاهه ڪئي آهي. مردن جي مقابلي ۾ عورتن ۾ نمائش جو جذبو وڌيڪ ڏٺو ويو آهي، مڊل ڪلاس کان وٺي اپر ڪلاس تائين اڄ ڪلهه جنهن ظاهري ڏيکاوَ جي فوبيا ۾ عورتن جي اڪثريت مبتلا نظر اچي ٿي جيڪا ڳالهه ڳڻتي جوڳي آهي.
عورتن ۾ اڄ ڪلهه استعمال جي هر شئي ۾ برانڊز متعلق غير ضروري حساس هئڻ پڻ اچرج ۾ وجهندڙ آهي، بيگمات لاءِ هر اها شئي فخر ۽ ڪوڙي تسڪين جو باعث آهي جيڪا جديد فيشن ۽ گليمر جون گهرجون پوريون ڪرڻ سان گڏو گڏ مشهور زمانه برانڊز سان تعلق رکندڙ هجي، اهڙي قسم جي سوچ جو منفي طرز عمل اسان جي معاشري ۾ پنهنجون جڙون مضبوط ڪندو پيو وڃي اسان وٽ عورتن جي ظاهري ڏيکاوَ جا اڻ ڳڻيا پهلو آهن پر ان ڊگهي فهرست ۾ پهرين نمبر تي ڪپڙا ۽ زيور اچي وڃن ٿا. لباس برابر انسان جي شخصيت جو آئينو هوندو آهي پر حقيقت ۾ توهان جي سڃاڻپ توهان جي اخلاق، ڪردار ۽ گفتگو جي انداز سان پڻ ٿيندي آهي نه ڪي رڳو توهان جي لباس ۽ زيورن سان. نئين دور جي گهرجن مطابق نئين فيشن جو لباس پائڻ به هن دور جي تقاضا ضرور آهي پر ان شوق جي پورائي لاءِ پنهنجي آمدني جو حساب ڪتاب رکڻ انتهائي ضروري آهي. حقيقت ۾ اهو توهان جي ڏاهپ ۽ صلاحيتن تي آهي ته محدود آمدني ۾ پنهنجي لباس کي جديد انداز ۾ ڊزائين ڪندي مهانگن برانڊس وانگر معتبر بڻايو يا قرض کڻي اڄ ڪلهه جي بيگمات وانگر محفلن ۾ بهترين برانڊ جو تعارف بڻجي سرخرو ٿيو. هڪ ٻئي کان وڌيڪ ۽ بهتر نظر اچڻ جي مقابلي ۾ مهانگن لباسن ۽ قيمتي زيورن وٺڻ جي لاڙي سان يقينن مڙس حضرات قطعي خوش ڪونه ٿيندا آهن ڇو ته اهڙي عمل سان مرد جي ڪمائي جو گهڻي کان گهڻو حصو عورتن جي انهن لڳاتار فرمائشن تي خرچ ٿي ويندو آهي ۽ نتيجو اهو نڪرندو آهي ته گهريلو ماحول ۾ هڪ انتشار ۽ بي سڪوني واري فضا جنم وٺڻ شروع ڪندي آهي جنهن جا نتيجا بحرحال مستقبل ۾ سٺا اثر ڪونه ڇڏيندا آهن.  عورتن جي ان عمل سان معاشري مان سادگي پڻ ختم ٿيندي پئي وڃي ۽ ان جي جاءِ تي ظاهري ڏيکاوَ ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. در حقيقت انسان پنهنجي سوچ ۽ عمل سان سڃاتو ويندو آهي پر ڪنهن به شخص جي لباس، رنگ، ذات، نسل ۽ ظاهري شان و شوڪت کي تمام گهڻي اهميت ڏيڻ دانشمندي نه آهي. حقيقت اها آهي ته سماجي ماحول ۾ انسان جي اخلاق، ڪردار، سٺي سوچ ۽ خود اعتماديءَ کي ساڃاهه وند طبقي ۾ اهميت ۽ عزت جي نظر سان ڏٺو وڃي ٿو.
اڄ ڪلهه هڪ عجيب طور طريقو هلي پيو آهي عورتون جيڪڏهن هڪڙو مهانگو لباس ڪنهن محفل ۾ پائينديون ته ساڳيو لباس ٻي تقريب ۾ پائڻ گناهه عظيم سمجهنديون آهن. جيڪا تمام گهڻي خراب ڳالهه آهي. لباس کي ضروري حد تائين اهميت ڏيڻ به مناسب رهندو آهي پر ان لاءِ ضروري آهي ته پنهنجي آمدني جو جائزو وٺي اسان کي ڪنهن به تقريب لاءِ لباس کي خريد ڪرڻ جو اهتمام ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ پنهنجي ماهوار بجيٽ جو حساب ڪتاب رکي ڪپڙن جي چونڊ ڪرڻ ٺيڪ رهندو آهي، بي جا نمود و نمائش، مذهب جي حساب سان هجي يا دنياوي لحاظ کان، ڪڏهن به تعريف جوڳو عمل نه آهي. ڏٺو اهو ويو آهي ته محفلن ۾ آيل عورتون سندن پاتل ڪپڙن جو برانڊ پڇڻ سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه جي شروعات ڪنديون آهن، اتي جيڪڏهن چند مشهور برانڊز منجهان ڪنهن کي ڪپڙا پهريل نه هجن ته اسان جو بيگمات انهن عورتن کي پنهنجي وچ ۾ ويهارڻ سٺو نه سمجهنديون آهن. اهڙين برانڊConscious  عورتن کي پنهنجي ظاهري شان شوڪت ۽ ڪوڙي انا جي شانتي سان ئي مطلب هوندو آهي.
اسان وٽ نياڻين جي شادي ۾ ڏاج ڏيڻ جي ڏيکاوَ کي به ضرورت کان وڌيڪ جي بنيادن تي پورو ڪيو ٿو وڃي اڪثر ڪري محدود آمدني وارا والدين پنهنجي نياڻين کي ڏاج ڏيڻ جي سلسلي ۾ قرضي ٿي ويندا آهن پر پنهنجي ڌيءَ کي پنهنجي آمدني کان وڌيڪ ڏاج ڏيڻ کي پنهنجي عزت سمجهندي برادري ۾ سرخرو ٿيندا آهن پوءِ ڀلي انهن جا اچڻ وارا ڪيترائي سال شادي ۾ کنيل قرض کي پورو ڪندي گذرن.  حقيقت اها آهي ته ڪامياب زندگي کي گذارڻ لاءِ صرف پنهنجو پاڻ تي اعتماد ڪرڻ پهريون اصول آهي، خود اعتمادي هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن جو ڪو به نعم البدل نه آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ذات جي حوالي سان خود اعتماد آهي ته پوءِ هن جي نظر ۾ ظاهري لباس ۽ شان و شوڪت جي ڪائي به اهميت نه هوندي آهي. در حقيقت اسان کي پنهنجي شخصيت کي خوبصورت بڻائڻ لاءِ لباس سان گڏو گڏ اخلاق ۽ ڪردار تي پڻ ڌيان ڏيڻ گهرجي ڇو ته اسان کي ظاهري ڏيکاوَ ۽ برانڊ Conscious رهڻ جي بدران سادگيءَ جي قيمتي ويس کي پنهنجي شخصيت جو زيور بڻائڻ جي ضرورت آهي ته جيئن پنهنجي هن مثبت طرز عمل سان معاشري ۾ ۽ گهر ۾ هڪ بهترين روايت جو بنياد وجهندي اچڻ واري نئين نسل لاءِ قدر جوڳا مثال قائم ڪري سگهون.
(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو