Monday, June 6, 2016

سرهي سوچ ؛ اهڙي طاقت ۽ قناعت پسنديء جي ضرورت آهي

هڪڙي ڏينهن پنهن جي پوٽي کي چيم ؛ ” بلال! آئون اللھ کي مڃي مرڻ چاهيان ٿو.“
هو چوڻ لڳو ؛ ” بابا! توهان ته سٺا ماڻهو آهيو.“
مون چيو؛ ” نه، مون کي بابي چيو هو ته هڪ اللھ هوندو آهي ۽ مون سندس ڳالهه مڃي ورتي ۽ اللھ کي ئي مڃڻ لڳس.پر هاڻي آئون اللھ کي پاڻ ڊائريڪٽ مڃڻ گھران ٿو.بس خدا تي يقين جي ضرورت آهي.منهن جو بابو سائين ٻڌائيندو هو ته هڪ ڀيري سندس آفيس ۾ ڪم ڪندڙ هڪ شخص جي پگھار چوري ٿي ويئي ته سڀني کيس چيو ته يار، نهايت ئي افسوس جي ڳالهه آهي ته چوڻ لڳو ـ ڪا ڳالهه ناهي ، خدا جو شڪر آهي جونوڪري ته سلامت آهي.
هڪ سال کان پوء اتفاق اهڙو ٿيو جو سندس نوڪري به هلي ويئي.ماڻهن ۽ بابي سائينء افسوس ڪيو ته چوڻ لڳوـ ڪا ڳالهه ناهي،گھر سلامت آهي،دال روٽي پيئي کائبي.اللھ جو ڪرم آهي،ڳڻتيء جي ڪا ڳالهه ناهي.
اهاهن کي خدا جي پاران ڪيل طاقت هئي.
ڪجھه عرصي کان پوء گھر به وڪجي ويو. پوء به هو چوڻ لڳو؛ خير آهي،منهن جي زال مون سان گڏ آهي.اسان جو ٻائيتاليهه سالن جو ساٿ آهي.
زال به گذاري ويئي ته چوڻ لڳو؛ ڪا ڳالهه ناهي،آئون ته تندرست آهيان.
ڪجھه عرصي کان پوء هن کي شگر ٿي ويئي ۽ سندس ٽنگ ڪپڻي پئجي ويئي.منهن جي والد صاحب چيو؛ اهو ته تمام خراب ٿيو.
هن چيو؛ ڊاڪٽر صاحب! هڪڙي ٽنگ ته آهي.
بيماري وڌڻ بعد هن جي ٻي ٽنگ به ڪٽجي ويئي،
منهن جي والد صاحب ٻڌايو ته جڏهن هو فوت ٿيو ته هن پنهن جي ننهن کي چيو؛ ڌيء! ڪمال جو بسترو آهي جنهن تي آئون فوت ٿي رهيو آهيان.هن کٽ جي واڏڻ ڪهڙيء نه خوبصورتيء سان ڇڪيل آهي! مزو پيو اچي.
اهڙي طاقت ۽ قناعت پسنديء جي ضرورت آهي ۽ اها طاقت ان ڪري ملي ٿي جو اهي ٻين لاء پنهن جو ڪلهو،ٻانهن يا ڪن کليل رکن ٿا ۽ ٻين کي سهارو ڏين ٿا.اللھ تعاليٰ اوهان کي آسانيون مهيا ڪري ۽ آسانيون ورهائڻ جي توفيق عطا فرمائي! آمين
((اشفاق احمد ؛ زاويه ” دو بول محبت ڪي “)


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو