Thursday, June 9, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ “ ويگن جو سفر ”

هڪ دفعي اسان به تجربو ڪيو.اسين سواريء جي انتظار ۾ بيٺل هئاسين ته اسان جي سامهون هڪڙي ويگن اچي بيٺي،دروازو کلو،ڏسڻ ۾ آيو ته ڪجهه ماڻهو اندر رڪوع جي حالت ۾ آهن،ڪي اهڙي نموني ويٺا هئا ڄڻ اجھو لهڻ وارا آهن.ڪي پنهن جن ٻوٿن جون گھنجون  بار بار سڌيون ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته جيئن سفر مان مزو وٺي سگھن.اسان اسٽاپ تي بيٺي بيٺي اهو منظر ڏٺو ۽ اسان جا پير پوئتي هٽي ويا.
ڊرائيور ڪنڊيڪٽر کي چيو؛“ ٻاهر سواري بيٺل آهي ان کي اندر هڻي وٺ.”
ڪنڊڪٽر چيو؛ “ جڳهه ڪانهي.” ڊرائيور چيو؛ “ سنگل باڊي آهي،اندر هڻي وٺينس.“
اها هدايت ملندي ئي ڪنڊڪٽر هڪ هٿ سان ويگن جو دروازو پڪڙيو ۽ ٻئي هٿ سان چيلهه پڪڙي  اسان کي ايئن ته مٿي کنيو ڄڻ ريڪيٽ سان ڪا شٽل ڪاڪ اڏائي رهيو هجي.اهڙيء طرح اسان به انهن ماڻهن ۾ شامل ٿي وياسين جن کي ويگن ۾ سفر ڪرڻ ۾ فخر محسوس ٿئي ٿو.چوڻ لاء ته اسان ويگن تي سوار هئاسين پر سچ پڇو ته ويگن اسان تي سوار هئي.اسان پنهن جو هٿ سيٽ جي گاديء تي رکڻ چاهيو،ته آواز آيو؛ “ اوه....هاء هاء..“
اسان حيران ٿياسين ته سيٽ مان انساني آواز ڪيئن؟ پر اها سيٽ نه پر ڪنهن مسافر جو ڪنڌ هو...     بهرحال هٿ ته ڪٿي نه ڪٿي رکڻو ئي هو،سو کڻي هڪ ٻئي مسافر جي ڪنڌ تي رکي ڇڏيوسين، ڪنهن ڪنهن مهل هٿ کڻي پنهنجي ڪنڌ تي به رکيوسين ٿي اها پڪ ڪرڻ لاء ڪنڌ واقعي اڃا مٿي سان ڳنڍيل به آهي يا هيٺ ڪري ويو!

اڃا ويگن ٿورو اڳتي هلي ته ڪنڊڪٽر اسان کان ڪرايو گھرڻ شروع ڪري ڏنو.اسان ان حال ۾ نه هئاسين جو پنهن جي کيسي ۾ هٿ وجھي سگھون.ڇو ته بلڪل بت بنيا ويٺا هئاسين بلڪه اهو انديشو هو ته جيڪر اسان ڪرايي لاء پنهن جي کيسي ۾ هٿ وجھون ته ڪنهن ٻئي جي کيسي ۾ پئجي وڃي.ان ڪري اسان ڪنڊڪٽر کان اجازت گھري ته ڪرايو اسان کان لهڻ وقت ورتو وڃي.هن آواز لڳايو ؛ “ لڳي بيهو،جام ٿيو.” جڏهن مسافر نه کسڪڻ برابر ٿورو کسڪيا ته ڪنڊڪٽر اسان جي طرف رحم جي نظرن سان ڏٺو ۽ چوڻ لڳو؛ “ بابو جي! توهان هتي ويهي رهو.” اسان پڇيو ؛“ڪٿي ويهون؟”  چوڻ لڳو؛ “ هتي ئي...اها سيٽ آهي.” اسان جي اکين کي ڳولهڻ باوجود اتي ڪا سيٽ نظر نه آئي.بهرحال ڪنڊڪٽر ٻانهن کان جھلي اسان کي اتي ويهاريو جنهن کي هو “سيٽ” چئي رهيو هو . اڃا مس سيٽ تي ويٺاسين ته ڪنڊڪٽر چيو؛ “ بابو جي! توهان پوئين سيٽ تي اچو.” اسان ڪيترن ئي مسافرن کي لتاڙيندا پوئين سيٽ تي پهچي وياسين بلڪه اڏامي وياسين.خوش ٿياسين ته چڱو جو ويهڻ ته نصيب ٿيو.اڃا صحيح طرح ويٺا به نه هئاسين ته ته ڪنڊڪٽر چيو؛ “ بابو جي! ڪجھه نيون سواريون آهن،...اوهان اڳين سيٽ تي اچو.” اسان بنان ڪجھه ڪڇڻ جي اڳين سيٽ تي اچي وياسين. مطلب ته هڪ سيٽ کان ٻي،ٻيء کان ٽين.ٽين کان چوٿين. لاڳيتو سيٽون بدلائيندا رهياسين. ان ڪم لاء اسان کي ويگن جي اندر جيترو هلڻو پيو، جيڪر ويگن کان ٻاهر هلون ها ته هيستائين پنهن جي منزل تي پهچي وڃون ها!

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو