Thursday, June 9, 2016

سرهي سوچ ؛ “ نيڪيء جو مفهوم ”

نيڪيءَ جو مفهوم اهو آهي ته سپرد ڪيل ڪم بخوبي ادا ڪجي، پوءِ کڻي اهو ڪيترو به خسيس يا اعليٰ هجي. چاهي اُهو ڌوٻي جو هجي يا بادشاهه جو هجي، پٽيوالي جو هجي يا وائيس چانسلر جو هجي. عزت  ۽ احترام جي لائق اهو شخص آهي، جو پنهنجو ڪم پابندي ۽ لياقت سان پورو ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪو چئي ٿو ته ”آئون ته فقط هڪ معمولي ڪلارڪ آهيان ۽ آئون وڌيڪ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“ ته هو غلطيءَ تي آهي. حقيقت ۾ هو هڪ نهايت ڪارگر رڪن آهي. بشرطيڪ هو پنهنجو فرض سڃاڻي ۽ سمجهي ته آئون هن مشينري جو هڪ اهڙو ضروري پرزو آهيان، جنهن کانسواءِ جيڪر ڪوبه ڪم هلي نه سگهي.
اڄ ڏسو ته ملڪ جي حالت چوڌاري ڇا لڳي پئي آهي! آهي ڪا انسانيت؟ هر هنڌ وٺ پڪڙ، ڦرمار لڳي پئي آهي. ننڍو خواه وڏو ڪوبه ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. بجلي واري کي ڪنهن ڪم لاءِ وٺي اچو ته هو ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ جي بدران ٺڳي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ۽ چاهيندو ته ڪجهه ناجائز نفعو ڪمائي. ساڳيءَ طرح سان توهان جنهن شخص کي ملڪ جي ڪاروبار هلائڻ لاءِ پنهنجو حاڪم مقرر ڪريو، سو به جي ڪا ٺڳي ڪري ڪجهه ناجائز نفعو ڪمائڻ جي ڪوشش ڪري، ته پوءِ ٻنهي ٺڳن ۾ تفاوت ڪهڙو رهيو؟ جهڙو بجليءَ وارو ٺڳ، تهڙو حاڪم ٺڳ. ساڳي طرح سان جيڪڏهين شاهه به ٻين کان پئسا وٺي گذاري ته گدا ۽ شاهه جي وچ ۾ تفاوت ڪهڙو رهيو!
بنيادي نقطو اهو ئي آهي  ته اسان مان جو به جنهن ڪم تي مامور آهي، ڀنگيءَ کان وٺي ويندي بادشاهه تائين، سو ان سپرد ڪيل ڪم کي سهڻي نموني سرانجام ڏي. تيستائين ڪوبه عزت ۽ احترام جي لائق نه آهي جيسين هو پنهنجو ڪم سچائي، خلوص ۽ صلاحيت سان نه ٿو ڪري. ڪنهن بادشاهه به ڪنهن وقت بدديانتي ڪئي يا پنهنجي نااهليءَ ڪري ڪنهن فرض جي ادائگي ۾ ڪوتاهي ڪئي ته ان مهل هو انهيءَ ڀنگيءَ کان به بدتر آهي جو پنهنجو ڪم صفائي ۽ سچائي سان بخوبي ڪري ڄاڻي ٿو.

                انهيءَ مقصد خاطر ئي مسلمان مرد تي حلال جي روزي جي ڳولا فرض ٿي”طلب الحلال فریضۃُ علیٰ کل مسلم “، يعني ته هر مسلمان تي فرض آهي ته هو حلال ڪمائي جي تلاش ڪري. حلال جي ڪمائي اُها آهي جا پنهنجي صلاحيت مطابق سچائيءَ سان ڪمائجي.
                                                                                     (علامه آئي آئي قاضي؛ شخصيت ۽ تقريرون)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو