Saturday, June 4, 2016

ادبي پڪوڙا ؛ ” اها اوهان جي پراڻي عادت آهي!“


هڪ دفعي هڪ برطانوي ۽ هڪ آمريڪي جهاز ۾ سفر ڪري رهيا هئا.برطانويء هڪ ٻه دفعا آمريڪيء سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي پر آمريڪي هون هان ۾ جواب ڏيئي خاموش ٿي ٿي ويو.اوچتو ڪا شيء اچي آمريڪيء جي ڪڇ ۾ ڪري ته برطانويء کي موقعو ملي ويو ۽ ان چيو؛ 
 ”مسٽر! توهان جي ڪڇ ۾ ڪا شيء اچي ڪري آهي.“
 آمريڪيء جواب ۾ چيو؛
” اوهان برطانوي ماڻهن جي ٻين جي معاملن ۾ ٽنگ اڙائڻ جي پراڻي عادت آهي.پر مون کي ڏس! تنهن جو ڪوٽ منهنجي سگريٽ جي رک ڪرڻ سبب ڪيتري دير کان سڙي رهيو آهي پر مون ته توکي ڪجھه به نه چيو!“

برطانوي ڪاوڙ ۾ اچي ويو ۽ چيائين؛

 ” باه لڳائي تماشو ڏسڻ اوهان آمريڪين جي پراڻي     عادت آهي!“

نوٽ ؛ منهن جا ٻيا بلاگ به ڏسو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو