وتائي فقير جو نالو اوهان مان گهڻن ئي ٻڌو هوندو، پر ويٺلن مان
ڪو اهڙو به آهي جنهن وتائي جا نقل، جيڪي سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ مشهور آهن، تن کي گڏ ڪرڻ جي
ڪوشش ڪئي هجي؟ بيجا نه ٿيندو، جيڪڏهن آءٌ هن موقعي تي وتائي جا فقط ٻه نقل نموني طور
بيان ڪريان، جئن معلوم ٿي سگهي ته انهن نقلن ۾ نه صرف اسان لاءِ سبق سمايل آهن پر جيڪر
سڄي دنيا جي ملڪن جا ماڻهو انهن مان سبق حاصل ڪري سگهن ٿا.
چون ٿا ته هڪ ڀيري وتايو ڪنهن پاسيري پيچري سان اڪيلي سر پئي
ويو ۽ سندس بوڇڻ جي پلاند ۾ هڪ ڪلدار رپيو ٻڌل هو. خيال آيس ته متان هن اڪيلي واٽ تي
ڪو چور نه گڏجي وڃي، جو نه رڳو کانئس رپيو ڦري پر هڻي کيس به ڦٽي وجهي، سو ڇا ڪيائين
جو رپيو ڇوڙي کڻي گس جي ڀرسان بيٺل اڪ جي پاڙ ۾ رکيائين ۽ پوءِ خدا جا شڪرانا بجا آڻيندي
چيائين: ”اي ڌڻي منهنجا! چڱو جو هن جزا مان جند ڇڏايئي. هاڻي هٿين خالي کي ڊپ ڪونهي!
نڪي هڙ ۾ ڪي هوندو، نه ڪير ڦريندو.“ ائين چئي اٿي پنڌ پيو. ڪجهه وقت گذري ويو ۽ واءُ
لڳڻ سببان رپئي مٿان مٽيءَ جو تهه وري ويو. هڪ ڏينهن ڪو مسافر ساڳئي گس تان اچي لنگهيو،
قضا حاجت لاءِ اچي انهيءَ اڪ جي پاڙ ۾ ويٺو. رپئي واري جاءِ تي جو پاڻيٺ پئي سو مٽي
لهي ويئي ۽ هيٺان ڪلدار چمڪڻ لڳو. بنا هٻڪ جي هن يار به جهٽ ڪري کڻي هٿ ۾ کنيو. ڀانيائين
ته اهو اڪيلو رپيو ڪونه هوندو پر اتي پڪ ڪو خزانو پوريل آهي، سو سنڀري وڃي مزور وٺي
آيو ۽ اچي کوٽائڻ شروع ڪيائين. چوڌاري کڏون لڳي ويون ۽ اڪ پاڙن سوڌو ڪڍي کڻي ٻاهر ڪيائين،
پر هئا ڪاريءَ وارا ڪک، سو ملين ڪي به ڪين. نيٺ سور پٽي ڪڪ ٿي روانا ٿيا. هڪ ٻن ڏينهن
بعد وتايو به وري ساڳئي انهيءَ گس تان اچي لنگهيو. ڏسي ته مار! چوڌاري کڏون لڳيون پيون
آهن ۽ اڪ پاڙ سوڌو ٻاهر پيو سڪي. اتي ٻئي هٿ مٿي کڻي چيائين ته: ”شڪر اٿئي اي منهنجا
موليٰ جيڪڏهن آئون انهيءَ رپئي مان جند نه ڇڏايان ها ته مون سان به ساڳي انهيءَ اڪ
واري ڪار ٿئي ها.“
دوستو! جيڪڏهن هي نقل ڪو ويهي ٺاهي ته ڪر شاعرن کي به شهه ڏيئي ڇڏي. سوچيندڙن لاءِ هن نقل ۾ ڪهڙو نه قيمتي
سبق سمايل آهي! ٻيو نقل هن طرح آهي:
چون ٿا ته وتايو ڏسي ته هڪ گهورڙيو پيو گدرا وڪڻي. کيس رڳو چار
پئسا ڳنڍ ۾ هئا، سي ڪڍي ڏنائينس ۽ گهورڙيئي کيس هڪ چڱو ٺاهوڪو گدرو کڻي ڏنو. وتائي
ڏٺو ته گهر ۾ ماڻهو گهڻا آهن ۽ هن هڪ گدري مان پورت ئي ڪانه ٿيندي، پر هڪ پئسو به وٽس ڪونه هو، سو ويچار
ڪيائين ته گهورڙئي جي آڏو گدرن جو ڍڳ لڳو پيو آهي سوال ڪريانس ته من هڪڙو کڻي ڏئي.
اهو سوچي چيائينس ته: ”هڙ ۾ پئسو ڪونه اٿم جو ٻيو گدرو وٺان، پر پويان آڪهه وڏي آهي
۽ هن گدري مان ته کين ڦار ڦار به ڪانه ايندي. سو سائينءَ جي نالي تي ٿو توکي سوال ڪريان
ته نام خدا انهيءَ موليٰ جي محابي هڪڙو ٻيو گدرو ڏيار!“ گهورڙيو ڪجهه ويرمِ ته ڪاوڙ
وچان گهور ڪري ڏانهنس نهارڻ لڳو ۽ آخر خفا ٿي ڪُسندي مسندي هڪ اهڙو ڪنو ڦٿل گدرو هٿ
ڪيائين جو ڀانيائين ته ڪوبه ڪونه وٺندو، سو کڻي وتائي فقير جي هٿن ۾ هنيائين. وتائي
هي لقاءُ ڏسي، گدرو تريءَ تي رکي کڻي مٿي کنيو، ۽ ڳوڙهن ڀريل اکيون آسمان ڏي کڻندي
چيائين ته ”اي الله! ماڻهن وٽ تنهنجو قدر اجهو اهو آهي! تنهنجي نانءُ ۽ نالي تي اجهو
هيءُ مليو اٿم. ڏسان ٿو ته ماڻهن وٽ تنهنجي نالي کان چئن پئسن جو مان مڙيو ئي مٿي آهي.“
عزيزو! اوهان هن نقل مان شايد هڪ چرچو ڪري ڀانيو پر عقلمندن
لاءِ هي نقل عقل جي موتين سان ڀريل آهي. هنن ٻن نقلن جهڙا سوين نقل سنڌ ۾ رائج آهن
پر اوهان مان ڪنهن انهن کي قلمبند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي؟ اسان جڏهن به وتائي جو نالو ٻڌون ته رڳو کلون ٿا
۽ بس! سچ چيو اٿن ته:
قدرِ زر زرگر بداند، قدر جوهر جوهري
اهو ڪو وڏو تاريخي مسئلو ڪونهي جنهن کي سمجهڻ ۽ لکڻ ۾ ڪا ڏکيائي
ٿيندي. اهي عام مقبول نقل ۽ نظير آهن. ڇا انهن کي گڏ ڪرڻ ۽ لکڻ به ڪو مشڪل ڪم آهي؟
ڪتا ب ؛علامه آءِ آءِ قاضي (شخصيت ۽ چونڊ تقريرون)
سهيڙيندڙ: محمد يوسف شيخ
نوٽ ؛ منهن
جا ٻيا بلاگ به ڏسو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو