Tuesday, June 7, 2016

ادبي پڪوڙا : جڏهن اسان جي شادي خانه آباديء جا مشورا ٿيڻ لڳا!

جيڪي شادي رچائيندا آهن سي به پڇتائيندا آهن ۽ جيڪي نه رچائيندا آهن اهي به پڇتائيندا آهن.حقيقت اها آهي ته شادي زندگيء ۾ انقلاب آڻيو ڇڏي.
اسان جو ئي کڻي مثال وٺو،پائوڊر سان اسان جي دلچسپيء جو اهو حال هو جو حجام جي  هٿان زخم کائي، اٽي جهڙو  سفوف لڳرائي خوش ٿي ويندا هئاسين.جيڪر ڪڏهن ڪنهن پائوڊر خريد ڪرڻ جي نوبت اچي به ويئي ته سدائين “ پت پائوڊر” ئي خريد ڪيوسين.جيستائين ڪريم خريدڻ جو تعلق آهي ته آئيس ڪريم ۽ شيونگ ڪريم کان ڳالهه اڳتي نه وڌي.
لپسٽڪ جي باري ۾ اسان جا خيال اهي هوندا هئا ته عورتون اهو لڳائين ئي ڇوٿيون؟جڏهن ته رت جي گھٽتائي پوري ڪرڻ جا ٻيا به کوڙ ذريعا آهن.پهريائين شاديء کان اڳ مردن کي اٽي دال جا اگھه معلوم هوندا هئا.هاڻي انهن کي پائوڊر ڪريم جي ريٽ لسٽ ياد هوندي آهي.جڏهن اسان جي شادي خانه آباديء جا مشورا سهاراڻن  جي ڇتين تي ٿيڻ لڳا ته اسان به ازدواجي زندگيء تي مبني ادب عاليه جا ڪيئي  چونڊ ڪتاب لڪي ڇپي  پڙهي ورتا هئا.اهي ڪتاب انهن خانداني سياڻن جي قلم مان نڪتل سالن جي  گذاريل خوش زندگيء جي تجربن جو نچوڙ هئا جيڪي پوري عمر پاڻ شادي ڪرڻ بنان لٽريچر جي اسٽريچر تي ليٽيل رهيا.
اسان وٽ جيڪو شخص شاديء جهڙي تڪليف ڏيندڙ ڪيفيت ۾ مبتلا ٿيندو آهي،ماڻهو ان سان همدردي ۽ رحم وارا جذبا رکندا آهن.بس ڪنهن سان پنهن جي شاديء جو ذڪر ڪري ڏسو،ڏسو ته ڪيئن نه هرڪو عورت کي بيوقوف،جاهل،فضول خرچ ۽ پيرن جي جتي ثابت ڪرڻ شروع ڪري ٿو؟ اها ڳالهه اڄ تائين اسان جي دماغ جي مٿين منزل تي ئي ٽڪيل آهي ته ماڻهن کي آخرٻين جي نجي معاملن ۾ پنهن جو ٻوٿ گھيڙڻ  سان ڪهڙي دلچسپي آهي؟
ڪنهن بستري تي پيل کي تسليون ۽ مفت تجويزون ڏيڻ ته اسان جو قومي فرض آهي پر ڪنهن چڱي ڀلي ماڻهوء کي اسپتال جو رستو ڏيکارڻ ڪٿان جو انصاف آهي؟اسان وٽ مشورو ڏيڻ وارا ماڻهو اهو يقين رکندا آهن ته سندن مشورو هڪ الهامي شيء آهي جنهن کي رد ڪرڻ فلسفي جي معجون جو انڪار ڪرڻ آهي.حالانڪه اهڙن مشورن تي جيڪر حرف به حرف عمل شروع ڪري ڏجي ته اسان ڊاڪٽرن جي بدران سڌو قبرون کوٽڻ وارن وٽ پهچي وينداسين.
گھرن ۾ به روزانو ڪيترن ئي دقيانوسي قسم جي معاملن تي بحث ٿيندو رهندو آهي.مثال؛ ڪنهن ڪارو  ڪپڙو پاتو ته سڀ سندس پويان پئجي ويندا.معلوم ٿيو ته ڪاري ڪپڙي پائڻ سان دائمي مٿي جو سور پوي ٿو.صفائي وقت ٻهارو ڪنهن کي ڀل مان ڇهي ويو ته ان کي کرکٽيي جي اڳڪٿي سمجھيو ويندو آهي.ڪتو پنهن جي ڪنهن مصلحت سبب ڀونڪڻ لڳي يا ٻليون ڪوئن جي فراق ۾ ڪو ماتم ڪرڻ لڳن ته ان کي به منحوس سمجھيو ويندو آهي.منهن جي  ماسات کي سندس چاچي جي شاديء تي اوچتو هڪ ئي وقت ٽي نڇون اچي وييون سندس پيء کيس هڪ ئي وقت ٽي ٿڦڙ  ڪياڙيء ۾ وهائي ڪڍيا ته انهن نڇن جو ان وقت ڪو موقعو ۽ مقصد نه هو.
اسان جي شادي ٿيڻ لڳي ته اسان کان ڪجھه سوال ان نوعيت جا پڇيا ويا جو ڄڻ ته اسان ڪي غيرملڪي شهري هجون ۽ اسان کي پنهن جن گھٽين ۾ اڏامندڙ ڌوڙ سان ذرو پيار نه هجي. ڪنهن زماني ۾  خاندان جا وڏڙا ويهي پاڻ ۾ ئي ڪي سوال جواب ڪري ڇڏيندا هئا ۽ اولاد کي وچ ۾ نه گهليندا هئا.هاڻي ته دور ايترو بدلجي ويو آهي جو اهڙن سوالن تي اهو گمان ٿئي ٿو ڄڻ ته ڪو هوميوپيٿي ڊاڪٽر پنهن جي ڪنهن مريض کان علامتون پڇي رهيو هجي.ايندڙ وقت ۾ شايد شاديء لاء اخبارن ۾ هن قسم جا اشتهار شايع ٿيڻ لڳن؛
“هڪ گهاٽي ڀوري رنگ جو رنگين نوجوان، جنهن ۾ رت جي ڳاڙهن جزن جو تعداد گھڻو ۽ اڇن جزن جو تعداد گھٽ آهي.معدو اي ون،جگر اي ٽو يعني هر طرح سان جسماني نظام تسلي بخش آهي ،ان لاء ڪنهن به ذات جي ڇوڪري جنهن ۾ اهي ساڳيون فارمليٽيز پوريون ٿيل هجن سا رشتي ۾ گھربل آهي”
اسان جي شاديء کان پهرين اسان کان جيڪي سوال پڇيا ويا انهن جو ڪجھه تفصيل هن طرح آهي؛
“ تو خوامخواه ايم اي ڪئي،ان کان ته بهتر هو ته تون ننڍپڻ ۾ ئي ويلڊنگ سکي دوبئي هليو وڃين ها”
سسرالي ٽيم جي هڪ سنياسي ميمبر پنهن جن خيالن جو اظهار ڪجھه هن طرح ڪيو؛     
“ تون ميٽرڪ کان پوء تعليم کان دل چورائي ڪنهن هالو چالو طبيه ڪاليج ۾ داخلا وٺي ڇڏين ها پوء هازق حڪيمن جي مجلس ۾ شامل ٿي روزانو سوين مريضن جا کيسا خالي ڪرين ها .“                      

هاڻي سهاراڻي ٽيم جو رخ اسان جي خاندان طرف ٿي ويو. “اوهان ماڻهن نقل مڪاني ڪئي آهي يا صرف نقل امتحانيء تي ئي گذارو ڪيو آهي؟” اسان زباني جواب ڏيڻ بجاء مناسب اهو سمجھيو ته انهن کي تصويرن جا اهي خانداني البم ڏيکاريون جن ۾ ماڻهو اسان جي بزرگن جي پيرن ۾ ويٺا انهن جا هٿ چمي رهيا آهن.
سسرالي بزرگن مان هڪڙي سوال ڪيو؛برخوردار! توکي جڏهن اها خبر پيئي ته ڪجھه اڌيڙ عمر جا ماڻهو توکي غلام بنائڻ اچي رهيا آهن ته تو صبح سوير ڇا ڪيو؟”
اهو سوال  اسان جي  شخصيت کي ڌڪ پهچائڻ لاء ڪيو ويو هو سو اسان به پنهن جي غيرمعمولي قابليت جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون.“ اڄ صبح  اسان صبح جي سير جو پروگرام ملتوي ڪري ڇڏيو،سوچيوسين ته اڄ اسان جي پنجن حواسن جو امتحان آهي سو سڀ کان پهرين ڏندڻ ڪيوسين، اکين کي عرق گلاب سان ڌوئي سرمو پاتوسين،مٿي تي سرهن جو تيل ۽ ڪنن ۾ مشين جو تيل وڌوسين”
اڃا اسان جواب ڏيئي رهيا هئاسين ته هڪڙي ٻئي بزرگ اسان جي صحت تي حملو ڪري ڏنو؛
“ اڄڪلهه جا نوجوان پنهن جي صحت جي بدران پنهن جي لباس جو خيال رکن ٿا.”
اسان پنهن جي صفائي پيش ڪندي چيو؛ “ صحت جو معيار ٿولهه نه هوندي آهي.”  انهيء جواب تي هن اسان کي  ڪجھه معجوني تجويزون ڏيڻ شروع ڪيون.آخر ۾ تحيقاتي شعبي جي ميمبرن جيڪو فيصلو ڏنو سو اهو هو ته؛ “ اي معتدل مزاج ڇوڪرا!جاچ جي روشنيء ۾ جيوري ان فيصلي تي پهتي آهي ته تنهن جي زندگيء کي هميشه لاء وڌيڪ مصروف ڪري ڇڏجي.تون پنهن جي دل جي چئن ئي خانن ۾ اسان جي دختر نيڪ اختر جي تصوير سجائي ڇڏ.اڄ کان ئي رات جو فرش تي سمهڻ شروع ڪري ڇڏ ڇو ته ڏيج ۾ توکي اهڙو بسترو ڏنو ويندو جنهن تي تنهن جي چيلهه تير وانگر سڌي ۽ اکيون ڇت ۾ لڳل رهنديون،اڄ کان ئي بورچي خاني ۾ اچ وڃ شروع ڪري ڏي جو شادي ٿيڻ تائين سمورن قسمن جا کاڌا پچائڻ ۽ سورا ٿانو ڌوئڻ اڳواٽ سکي وڃين.جڏهن شادي ٿي وڃي ته پنهن جي پوري پگھار پنهن جي زال جي تريء تي آڻي رکجانء،ڏينهن رات سندس خدمت ڪجانء،اللھ توکي پنهن جي پناه ۽ امان ۾ رکي!”


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو