زهير حسين حيدري
هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي پاران جيڪو ڪم ڪندو آهي، ان کي درست سمجهي ئي ڪندو آهي. چاهي اهو سچ پچ درست هجي يا انتهائي غلط ۽ هاڃيڪار، جيڪڏهن ڪوبه درست سمجهي ڪم ڪندڙ، ان کي ڪنهن به صورت ۾ غلط سمجهي ها ته هوند اهو ڪم ڪڏهن به نه ڪري ها.
اها ته درست سوچ وارن جي ڳالهه آهي، پر جي اوهان ڏسندا ته تاريخ ۾ يا اسان جي پاڪستاني تاريخ ۾ هر قسم جي آمر (Dictator) حڪمران ۽ سرمائيدار پنهنجي ڪئيءَ کي به درست سمجهندا آهن، جيتوڻيڪ هو انسانيت کي رت ۾ وهنجارين يا سماج کي تين وال ڪن پر سندن زبان ۽ بيان اهو ئي رهندو ته ” هو درست پيا ڪن“.ان جي ڀيٽ ۾ عالم ۽ اڪابر جي مفلسي هوندي به پنهنجي منفرد سڃاڻپ هوندي آهي. يونان جي سڃاڻپ اتي جا حڪمران طبقا يا سرمائيدار ناهن، پر اتي جي فلسفين ۽ دانشورن جي ڪريهزارين ورهيه گذرڻ کان پوءِ اڄ به يونان علم جي اهڃاڻ طور سڃاتو وڃي ٿو
امام غزالي، ناظم الملڪ طوسي جيڪوملڪ شاه جو وزير هو وٽ ويو،نظام الملڪ سندس صلاحيتن کي ڏسي کيس 60 هزار اشرفيون ڏنيون، امام غزالي ان رقم مان بغداد ۾ هڪ درسگاه ٺهرايو. ملڪ شاه کي جڏهن خبر پئي ته هن نظام الملڪ کي چيو ته توهان ايڏي رقم هڪ درسگاه کي ڏيئي ڇڏي، جيڪڏهن اها رقم فوج تي خرچ ڪريو ها ته ڪَر اسين ڪجهه وڌيڪ علائقو فتح ڪري وٺون ها. نظام الملڪ جواب ڏنو ته اسانجا تير چند فرلانگن تائين وڃن ها پر درسگاه مان فلسفي ۽ علم جي ڦٽندڙ خوشبوصدين تائين ويندي. اهو سڄو سوچ جو ئي فرق آهي.
ملڪ گيريءَ جي حوس رکندڙ اهوئي سوچيندو آهي ته منهنجو اقتدار ئي منهنجي منزل، هدف ۽ سڀ ڪجهه آهي پر علم جي پانديئڙين کي بيابانن جي واريءَ جا پنڌ ڪري علم جي ماکي ڇاڻڻ ۾ ذهني آسودگي ۽ منزل نظر ايندي آهي ۽ اهڙن جاکوڙي ماڻهن جي روشنيءَ مان صديون پنهنجي وڃايل رستن کي ڳولي منزل جي تلاش ۾ هلنديون رهنديون آهن. شاهه لطيف سائين به ان ڪري چيو هو: ” روزا ۽ نماز اي پڻ چڱو ڪم ،او ڪو ٻيو فهم جنهن سان پسجي پرينءَ کي“
”جوناس ائڊورڊ ساڪ“ 1914ع ۾ نيويارڪ ۾ ڄائو ۽ 1995ع ۾ وفات ڪري ويو. هن جي دور ۾ آميريڪا ۾ چار ڀيرا صدر جو عهدو ماڻيندڙ فرينڪلن روزويلٽ هيو، جنهن لي ويهن ورهين جي ڄمار ۾ ”پوليو“ ٿيو هيو، جنهن ڪري سندس هيٺيون ڌڙ سُڪي ويو هو. ”جوناس“ جي طبي تحقيق جي ڪري پوليو خلاف 1955ع ۾ وئڪسين تيار ڪئي وئي. ان کان ڇهه ورهيه پوءِ روس ڄائي ”البرٽ سبين“ جوناس جي تحقيق کي اڳتي وڌايو. اصل م جوناس واري وئڪسين انساني آنڊي ۾ جذب ٿي رت ۾ شامل نه ٿي سگهندي هئي جنهن ڪري مرض کي پاڙئون پٽڻ ۾ مسئلا موجود رهيا. پر ”البرٽ سبين“ جي وئڪسين انساني آنڊي ۾ پڻ جذب ٿي پئي سگهي. رڳو 1954ع کان 1960ع جي وچ ۾ البرٽ جي وئڪسين تجرباتي طور روس جي هڪ ڪروڙ اسي لک ماڻهن کي پيئاري پوءِ دنيا آڏو رکي ويئي. دنيا م جتي لکين ماڻهو اپاهج ٿيندا هيا، ٻن ڄڻن جي شاندار ڪارنامن جي ڪري اڄ دنيا ۾ پوليو جا ڪل ملائي 200 مريض به موجود ناهن. قرآن شريف ۾ آهي ته هڪ انسان جي زندگي بچائڻ ڄڻ پوري انسانيت بچائڻ آهي.
ٻئي پاسي پوليو جا ڦڙا پياريندڙنرسن کي موت جي ننڊ سمهارڻ ۾ ثواب ڪمائڻ وارن جي به هڪ سوچ آهي. هڪ پاسي هڪڙو مسڪين ماڻهو وئڪسين ٺاهي لکين مرندڙ ءِ معذور ٿيندڙ انسانن کي زندگيون بخشي هليو ويو،ٻئي پاسي اسلام جي نالي تي بيگناه انسانن کي ذبح ڪرڻ کي به انسانيت جي ڀلائيءَ سان تعبير ڪن ٿا ۽ ان لاءِ ننڍڙن ۽ ڪچڙن ذهنن کي اهڙي ترغيب ڏني وڃي ٿي جو اهي خودڪش بم ڇاتيءَ تي ٻڌي مرڻ ۽ مارڻ کي به عبادت سمجهن ٿا.
هڪ پاسي دنيا جي وڏي خيرخواهه سرمائيدار ”بل گيٽس“ پاران انساني ترقيءَ لاءِ هر روز سندس ڪمپنيءَ پاران تحقيقون ڪيون پيون وڃن، سندس سڄي موڙيءَ جو لڳ ڀڳ سمورو حصو خير جي ڪمن تي خرچ ٿي رهيو آهي ۽ ان جي ابتڙ اسان جا ۽ دنيا جا سرمائيدار رڳو ان ڊوڙ ۾ کانئس ”وڏو سرمائيدار“ بڻجڻ لاءِ انسانذات خلاف ڪڌا ڪم ڪندي به نه ٿا مُڙن. ان ڊوڙ ۾ مسڪينن جا ماس پٽڻ ۾ پورا آهن، ٻي پاسي خدا جي هيڏي خدائي ۾ ويچارو انسان ساه کڻڻ ۾ مونجهه محسوس ڪري رهيو آهي.
اهو سوچ جوفرق ئي ته آهي جوهڪ انسان انساينت جي خاتمي جي رٿابندي ڪري هٿيارن جي واپار ۾ مصروف آهي ۽ ٻي پاسي انسانيت جي بقا لاءِ سوچيندڙ ۽ ان تي عمل ڪندڙفرد ۽ ادارا پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن. لال مسجد جو سرڪاري پگهاردار مولوي عبدالعزيز پاڪستان جي رياستي وجود کي للڪاري، ميڊيا جي سڀني چئنلن تي دهشتگرد تنظيمن جي ترجمان طور وڪالت ڪري، انهن جي خون خرابي کي درست ۽ مدرسن ۾ اکين ڏٺي دهشتگردي کي شريعت جو حصو قرار ڏئي ٿو. اها به هڪ سوچ آهي ٻي پاسي ملڪ جي اهم وزارت جو قلمدان رکندڙ چوڌري نثار چوي ٿو ته” مدرسن جو دهشتگردي وڌائڻ ۾ ڪوبه ڪردار نه آهي ۽ مولوي عزيز تي ڪابه ايف آئي آر داخل نه آهي“. اها به هڪ سوچ آهي.
سوچن جي تضاد ۾ اسان ڏسون ٿا ته ملائيشيا جي وزير اعظم مهاتير محمد کي 1989ع ۾ دل جو دورو ٿيو، ان وقت اتي صحت جون سهولتون بهتر نه هيون، ڊاڪٽرن کيس ٻاهر ملڪ مان دل جي آپريشن ڪرائڻ جو مشورو ڏنو پر هن اهو چئي ٻاهر علاج ڪرائڻ کان نابري واري ته” ملائشيا جا ماڻهو گهٽ سهولتن وارو علاج ڪرائين ۽ آءُ ملڪ جو وزير اعظم دنيا جي مهانگين اسپتالن مان علاج ڪرايان؟ آءُبه اوتريون ئي سهولتون وٺندس جيتريون ملائيشيا جي عام ماڻهن کي ملن ٿيون“.سو مهاتير محمد ملائيشيا ۾ ئي آپريشن ڪرايوجيڪو ڪامياب ٿيو۽ هو اڃان تائين حيات ۽ صحتمند آهي. سندس ان آپريشن کانپوءِ عوام جي دلين ۾ هن لاءِ محبت اڃان وڌي ويئي. صحتياب ٿيڻ کانپوءِ هن ملڪ ۾ صحت جي سهولتن تي ايڏو ڌيان ڏنو جو اڄ ملائيشيا دنيا جي سهولتن ۾ عروج تي آهي، اتي 16 فائيو اسٽار اسپتالون آهن، جتي دنياجا ماڻهو علاج لاءِ وڃن ٿا ۽ ملڪ انهن مان اربين روپيا ڪمائي ٿو. جيڪڏهن هو ان وقت ٻاهرين ملڪن مان علاج ڪرائي ها ته اڄ اتي به اهڙو ئي حال هجي ها جهڙو اسانجي پاڪستان جي اسپتالن ۽ حڪمرانن جو.
اسانجو ملڪ هر لحاظ کان شاهوڪار آهي، اسان دنيا ۾ اسلامي ائٽمي طاقت جي اهڃاڻ طور سڃاتا وڃون ٿا پر 70 سالن ۾ اهڙي اسپتال نه ٺهرائي سگهيا آهيون جنهن ۾ رڳو اسانجي حڪمرانن ۽ سياستدانن جو علاج ٿي سگهي. بينظير صاحبه جو علاج هجي يامشرف جي چيلهه جو سور،عمران خان جا زخم هجن يا الطاف حسين جي ڳجهي بيماري، چوڌري شجاعت، پرويز الاهي ،اسفنديار ولي ۽ ٻين جي طبي چڪاس هجي يا وري وزير اعظم نواز شريف جي تازو ٿيل دل جي آپريشن، اسانجا ليڊرعوام جي هڏ ڏوکي هئڻ جي دعوائون ڪندي اسٽيجن جا ڊائيس ٽوڙيو ڇڏين پر سندن قول ۽ فعل ۾ ايڏو فرق آهي جو ڏندن ۾ آڱريون اچيو وڃن.
سوچن جي تضاد سبب نه صرف عملي زندگيءَ جا رخ بدلجي وڃن ٿا پر صدين تائين تاريخ تي ان جا گهرا اثر موجود رهن ٿا، پنهنجي ناڪاري سوچ کي هٺ ۽ هوڏ موجب صحيح سمجهڻ وارا ئي فرعون، نمرود، يزيد، عبدالملڪ بن مروان، متوڪل عباسي، معتصمباالله، حجاج بن يوسف، هلاڪو، چنگيز خان، جنرل ضياءُ ۽ ان جي ڪک مان جنم ورتل طالبان، القائده ۽ دائش جا دهشتگرد بنجن ٿا ۽ سوچن کي سڌو گس ڏيڻ وارا موسيٰ، ابراهيم محمد، علي ۽ سقراط، افلاطون، ارسطو، ارسٽوفينيز، نيلسن منڊيلا، مارٽن لوٿرڪنگ ۽ مهاتير محمد بڻبا آهن. موجوده دور ۾ عوام کي سوچڻو آهي ته انهن کي مهاتير محمد جي سوچ وارو ليڊر گهرجي يا موجوده اسٽاڪ ايڪسچينج جي اگهن وانگر تبديل ٿيندڙ سياستدان گهرجي؟
(روزاني عوامي آواز جي ٿورن سان)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو