آئون
هڪ ٻي تجويز به اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو. سچ پڇو ته ڪي بهترين ڪتاب جن کي مون
نهايت ئي ذوق سان پڙهڻ چاهيو آهي، سي ڪن شخصن جا پنهنجو پاڻ بابت لکيل دستاويز
آهن. انهن شخصيتن ۾ وڏين توڙي ننڍين حيثيتن وارا ماڻهو شامل آهن. ڀل کڻي ڪو
افلاطون هجي يا ڪو عام غريب هاري، جيڪر هو پاڻ ويهي پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي ته ان
جهڙو دلچسپ بيان ٻيو ٿي نه ٿو سگهي، بشرطيڪ هو پنهنجو پاڻ سان سچو ٿئي ۽ بنا ڪنهن
هٻڪ جي، ته ماڻهو کيس برو يا ڀلو چوندا، ايمانداري سان ويهي پنهنجو پاڻ بيان ڪري.
محض سچائيءَ ۽ ايمانداري هن ڪم لاءِ درڪار آهن. آخرڪار ”من اَنم که من دانم“، ته
پوءِ ڊپ ڪهڙو ته ماڻهو ڇا چوندا ته فلاڻو اهڙو ڪي اهڙو هو!
ٻئي
طرف ائين ڀانئڻ ته آئون ڪو وڏو ماڻهو ٿي ويو آهيان ۽ متان منهنجي وڏ ماڻهپيءَ ۾ ڪو
خلل پوي، اهو خود کي ٺڳڻ جي برابر آهي. حقيقت هيءَ آهي ته اسان مان گهڻن جي حالت
ڄڻ هڪ اڻ ڄاول ٻارڙي جهڙي آهي. عاقل بالغ ٿيڻ ته خير، پر ڄڻ ته اڃا ڄاوا ئي ڪين
آهيون. ڄاپندي ڄام ڪوبه ڪونهي. محض جسماني طور ڄمڻ ۽ وڏو ٿيڻ هڪ ڳالهه آهي ۽ ذهن
جو ڄمڻ ۽ سمجهه جو سلو اڀرڻ ٻي ڳالهه آهي. ”بزرگي بعقل است نه به سال“. ڀل حياتي
ختم ٿي وڃي پر جي سمجهه جو سلو نه اسريو ته ڪنهن به شيءِ جي حقيقت جي خبر ئي ڪانه
پوندي. شاهه صاحب چوي ٿو ته:
”ٻيهر
ڄاپي ڄاڻ، اِبر جي اوصاف کي.“
هاڻي جيڪڏهن ”سئيءَ جي وصفن“ کي سمجهڻ
لاءِ به ٻيهر ڄاپڻ جي ضرورت آهي، ته هن ڪائنات کي سمجهڻ لاءِ ته سوين، هزارين
حياتيون کپن!
انهيءَ
لاءِ ڪم از ڪم ايترو ٿي سگهي ٿو ته هرشخص پنهنجي حياتي جي حڪايتن کي لکي، ته من
ٻين لاءِ اهي ڪارآمد ٿي سگهن. اهڙي طرح هر شخص ٻين سون هزارين حياتين جي تجربي مان
سبق حاصل ڪري سگهي ٿو. غور ڪريو ته هڪ ٻار لاءِ اها ڪهڙي نه دلچسپ ڪهاڻي ٿيندي ته
اڪثر ٻارڙا ڇا ڪندا، ۽ ڪن خاص موقعن تي ڪيئن اٿندا وهندا آهن. خود عاقل بالغ لاءِ
به پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي ۾ ڪيترو نه سبق سمايل آهي. من پنهنجي ننڍڙائي محسوس
ڪري! حقيقت ۾ انسان جيترو پنهنجي ننڍڙائي محسوس ڪندو اوترو خدا جي وڏائي کان آگاهه
ٿيندو. ڇا اسان مان هر هڪ پنهنجي ڪهاڻي نه ٿو لکي سگهي؟
ڪرڻو صرف هي آهي
ته واندڪائي ۾ قلم کڻي، نهايت ئي سچائي سان پنهنجو ٻاروتڻ ياد ڪري، ويهي ان جو
بيان لکون ته اسان ان وقت ڇا هئاسين؟ اسان جو اٿڻ ويهڻ ڪهڙي نموني سان هو؟ اسان کي
ڇا ڇا وڻندو هو ۽ ڇا ڇا نه وڻندو هو؟ اسان کي ڪنهن سان پيار هو ۽ ڪنهن سان نفرت
هئي؟ مطلب ته بنا ڪنهن اڊڪي جي، ته ماڻهو اسان کي ڇا ڪري سمجهندا، اسين نهايت ايمانداريءَ
سان ويهي پنهنجي ٻاروتڻ جي ڪهاڻي لکون.
منهنجي استدعا آهي ته اوهان مان هر هڪ اها ڪوشش ڪري. جي اسان جي سڀني پڙهيلن نهايت
سچائيءَ سان پنهنجي سوانح لکڻ شروع ڪئي ته آئون اوهان کي خاطري ٿو ڏيان ته اسان
مان ڪيترائي فقط انهيءَ سوانح لکڻ سان
مصنفن جي صف ۾ شمار ٿيندا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته ڪن جا قلمي داستان اهڙا ته معياري ڪتاب
بنجي پون جو انهن جهڙا ڪي ورلي ليکيا ويا هجن.
(علامه آئي آئي قاضي؛ “ شخصيت ۽ چونڊ تقريرون”)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو