محبت پاڻ کانسواءِ ڪجھه نه ڏيندي ۽ محبت پاڻ کان سواءِ توهان کان ڪجھه نه وٺندي آهي. محبت ڪنهن تي قبضو نه ڄمائيندي آهي. نه ئي محبت تي ڪو قبضو ڪري سگھندو آهي. ڇو ته
محبت جي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته اها محبت آهي.
جڏهن توهين محبت ڪريو ته توهان کي اهو نه چوڻ گھرجي ته: ”خدا منهنجي دل ۾ آهي.“ پر
اهو چئو ته: ”مان خدا جي دل ۾ آهيان.“
اهو نه ڄاڻو ته توهان جيڪڏهن چاهيو محبت جو منهن ڦيرائي ٿا سگھو. محبت پاڻ اوهان جي رهنمائي ڪندي آهي، پر توهان کي پنهنجي اطاعت جي قابل سمجهي. محبت پنهنجو پاڻ کانسواءِ ٻي ڪابه خواهش نه رکندي آهي. بس جيڪڏهن توهان محبت ڪريو ۽ خواهشن کانسواءِ ڪابه راھ نه هجي ته توهان جي انهن
خواهشن کي گھرجي ته اهي رجي، وهندڙ چشمو بڻجي وڃن. جيڪو رات جي خاموشين کي پنهنجا
گيت ٻڌائيندو آهي.
انهنيءَ درد کي محسوس ڪريو جيڪو مدهوشيءَ جي لهرن ۾ ويڙهيل هوندو آهي.پنهنجي طور
تي محبت کي سڃاڻو ۽ ان جا تير پنهنجي سيني تي سَهو! ۽ کل خوشيءَ سان پنهنجو رت وهڻ
ڏيو.
سج جو پهريون ڪرڻو نڪرڻ مهل اهڙيءَ طرح سجاڳ ٿيو ته توهان جي دل شوق ۽ عشق جي پرن
سان اڏامي رهيو هجي. ۽ محبت جي هڪ نئين ڏينهن جو، شڪر ۽ احسان جي جذبن سان استقبال
ڪريو.
منجهند جو جڏهن توهان ننڊ جي هنج ۾ ويڙهيل هجو ته محبت جي نشي کان سرور اندوز
ٿيندا رهو. ۽ شام جو جڏهن توهان پنهنجي
گھر موٽي اچو ته محبت جي لاءِ ننهن کا چوٽيءَ تائين سپاهي بڻجي اچو.
وري رات جو جڏهن اوهين سمهڻ لڳو، ته توهان جي دل ۾ محبوب جي ياد هجي ۽ توهان جي
چپن تي ان جي مدح ۽ وڏائيءَ جو گيت هجي!“
(خليل جبران؛ ڪتاب “پيغامبر” )
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو