Thursday, October 24, 2019

ڏينهن شينهن.


حيات علي شاهه بخاري
ناليواري ليکڪ اشفاق احمد جو چوڻ آهي ته، ”اسان مان زنده اُهو ئي رهندو، جيڪو دلين ۾ زنده رهندو ۽ دلين ۾ اُهي زنده رهندا آهن، جيڪي خير ورهائيندا آهن ۽ آسانيون پيدا ڪندا آهن“، اهو بلڪل درست آهي، جيڪو ٻين لاءِ آسانيون پيدا ڪندو آهي، اُهو ئي سُرخرو ٿيندو آهي ۽ جيڪو ٻين لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪندو آهي اُهو پاڻ به مشڪلاتن جي ور چڙهي ويندو آهي، اِن ڪري انسان کي ٻين سان اهڙو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي، جنهن جي توقع هو ٻين کان رکي ٿو. اسان کي کپي ته هر ڪنهن سان پيار وارو نرم رويو اختيار ڪريون، ڪنهن کي عزت ڏينداسين ته اسان کي به عزت ملندي.
حد کان وڌيڪ توقعات ۽ خواهشون انسان کي پريشانين ۾ مبتلا ڪري ڇڏينديون آهن، ٻين جا محل ماڙيون ڏسي حسد نه ڪرڻ گهرجي، جيڪي ڪجهه رب عطا ڪيو آهي، ان تي شڪر ڪبو ته زندگي آسان ٿيندي. گهڻو وقت اڳ هڪ دوست جي معرفت منهنجي ملاقات هڪ درويش صفت انسان سان ٿي، ان جون صوفيانه انداز ۾ روحاني ڳالهيون ٻڌندو رهيس، ڳالهيون ڪندي ان درويش مون کي مخاطب ڪندي چيو ته ”جيڪو تون چاهين ٿو، اُهو ٿئي ٿو“، مون وراڻيو نه، وري پڇائين ته ”جيڪو رب چاهي ٿو، سو ٿئي ٿو؟“ جواب ڏنم ”ها“، چيائين ته ”پوءِ تون ڇو ٿو چاهين، پنهنجا سمورا معاملا الله جي حوالي ڪري ڇڏ، جيڪو تنهنجي لاءِ بهتر هوندو، الله پاڪ پاڻهي ڪندو“، اِها ڳالهه ٻڌي منهنجو وجود لڏي ويو، سوچ ۾ پئجي ويس ۽ پڪو ارادو ڪري پنهنجي پاڻ کي الله پاڪ جي حوالي ڪري ڇڏيم، نڪو لهر نه لوڏو.
اسان جي ڀرپاسي هر قسم جا ماڻهو هوندا آهن، ڪي چڱا ته ڪي مَٺا، اسان ڄڻ انسانن جي اهڙي جنگل ۾ آهيون، جنهن ۾ ڪنڊيدار ماڻهو به آهن، گلن جيان مهڪندڙ ماڻهو به آهن، ڪي اوپرا آهن ته ڪي پنهنجا آهن، اوپرا ماڻهو ڏنڀ ڏيندا آهن ۽ پنهنجا زخمن تي پهو رکندا آهن، لهجا سمجهه ۾ اچي ويندا آهن، بس ماڻهن کي شرمندو ڪرڻ ناهي ايندو، ڪڏهن ڪڏهن ته پاڻ کي شرمندگي ٿيندي آهي. ان ڪري سياڻا چئي ويا آهن ته ”پنهنجو غم هر ڪنهن کي نه ٻڌايو، ڇو، جو ملم هر گهر ۾ هجي يا نه، لوڻ هر گهر ۾ ضرور هوندو آهي“. ماڻهو ڏاڍا ڏنگا هوندا آهن، بلڪه اِهو چوڻ وڌيڪ مناسب لڳندو ته ”ماڻهو ايترا ته بُکيا هوندا آهن جو ٻين جون خوشيون به کائي ويندا آهن“.
سائين ڏٺو وڃي ته رشتن ۾ ڪمزوريءَ جو هڪ سبب اِهو آهي ته اسان هڪ ٻئي کي ڪاوڙ ۾ چيل ڳالهين کي ته ياد ڪندا آهيون، پر پيار، محبت ۽ سڪون ۾ چيل ڳالهين کي وساري ڇڏيندا آهيون، نه ڪنهن جي پيٽ ۾ جهاتي پائيندا آهيون، نه وري ڪنهن جي دل ۾، نه رڳو اهو پر اکين جي اشارن کي به ڪونه سمجهندا آهيون، ڪٿي ٻين کي پنهنجي محبت کان محروم ڪري ڇڏيندا آهيون ۽ ڪڏهن وري اسان محبتن کان دور ٿي ويندا آهيون، ٻين جي خبر ناهي، پر مون سان اهڙي ويڌن ٿيندي رهي آهي.
فيس بُڪ تي هڪڙي پوسٽ آئي، ناليواري ناول نگار بانو قدسيه جون هي سٽون ڏاڍيون دل سان لڳيون، ”عورت جو ڪهڙو ڪم جنت ۾، عورت ته هتي به اولاد جي دوزخ پئي سڙي، اُتي به اولاد جي قسمت سان واڳجي ويندي، جنهن جا ست پٽ هوندا، ڇهه جنت ۾ ويندا ۽ ستون دوزخ ۾ ته ماءُ کي جنت ۾ نه ڳولجو، اُها ستين پٽ سان دوزخ ۾ ملندي“.
”ڇا ته زمانو هو جو زالون ناراض ٿي، پيڪين هليون وينديون هيون، هاڻي ته سمورا رواج ئي ختم ٿي ويا آهن“، اهو ٻڌائيندو هلان ته ناڪام عاشق دل کي ڇهندڙ گيت ڳائيندو آهي ۽ ڪامياب عاشق دال، پٽاٽا ۽ پيمپر خريد ڪندو آهي. سنجيده ڳالهيون ڪافي ٿي ويون، هاڻ وندر ٿي وڃي، محبت جي حوالي سان ڳالهه ڪندو هلان ته ڀڳت ڪبير کان ڪنهن پڇيو ته محبت ڇا آهي، هُن جواب ڏنو ته ”محبت ائين آهي، جيئن گونگو ڳڙ کائي ۽ ذائقو نه ٻڌائي سگهي“. خاموش فلمن جي سپر اسٽار چارلي چپلن جو چوڻ هو ته، ”ماڻهو مون کي ڏسي اِن لاءِ ٿا کلن جو آئون سڀني کان مختلف آهيان ۽ آئون ماڻهن کي ڏسي اِن ڪري کلندو آهيان جو سڀ هڪجهڙا هوندا آهن“. واقعي اِها ڳالهه آهي به سچي، ڪيترائي ماڻهو هڪ مزاج، هڪ عادت ۽ هڪ جهڙي فطرت رکندڙ هوندا آهن، ڪي ٿورا ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي خير به ورهائيندا آهن ۽ ٻين لاءِ آسانيون به پيدا ڪندا آهن، اهڙا ماڻهو ڪٿي لڀندا، مون کي ته خبر ئي ڪانهي. سافٽ ويئر جو موجد دنيا جو امير ترين شخص بل گيٽس هڪ ريسٽورنٽ ۾ ماني کائڻ ويو، ماني کائي بل ادا ڪري، ويٽر کي پنج ڊالر بخشش (ٽپ) ڏنائين، ويٽر حيران ٿي اُتي ئي بيٺو رهيو، بل گيٽس ويٽر کان ان جو سبب پڇيو، ويٽر وراڻيو ته ڪالهه هن ساڳي ٽيبل تي اوهان جي پٽ ماني کاڌي ۽ ان مون کي ٻه سؤ ڊالر ٽپ ڏنو ۽ اوهان صرف پنج ڊالر ٽپ ڏنو آهي، ان تي بل گيٽس کيس چيو ته ”منهنجو پٽ دنيا جي امير ماڻهوءَ جو پٽ آهي ۽ آئون هڪ واڍي جو پٽ آهيان“.
سائين دل ٿي چوي ته اوهان سان کوڙ ڳالهيون ڪجن، دل جا حال اورجن ۽ رات وهامي وڃي، پر آئون رات جي حق ۾ ناهيان، ڏينهن شينهن آهي، پنهنجي پرائي کي مُنهن ڏئي سگهجي ٿو، ڪنهن دڙڪو، ڪنهن کي دهمان ۽ ڪنهن کان هٿ ٻڌي جان ڇڏائڻي پوندي آهي. راتين جا رولاڪ هجن يا اڪيلائين ۾ زندگي گذارڻ وارا هجن، سي پڪ مون وانگر محبت جا ماريل هوندا، اِن مان اِهو مطلب هرگز نه ڪڍندا ته ڪو آئون ڏکويل گيت ٻڌندو آهيان، ڏاڙهي وڏي اٿم ۽ هرو ڀرو ٿڌا ۽ ڪوسا ساهه ڀريندو آهيان، نه نه اهڙي ڪابه ڳالهه ناهي، متان مون سان ڪو همدردي ڪري، ڪو وري ”ٽوڪان“ ڪري.
موڪلائڻ کان اڳ لطيف سدائينءَ جو بيت ملاحظه ڪندا:
هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين جو نينهن،
ڳنڍين سارو ڏينهن، ڇنڻ مون نه سکيا.

(روزاني عبرت 24 آڪٽوبر 2019ع)

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو

هتي پنهن جي راء لکو