شوڪت لوهار
وقت جون ويري بلائون جڏهن پنهنجا خوفائتا ڏند ڪڍي ڦوڪڻ لڳنديون آهن، جڏهن هوا جي وجود مان لهو ڦڙو ڦڙو ٿي وهندو آهي، جڏهن ڳوڙهن جو مها ساگر نڙيءَ ۾ لٿل ٿوهرن جي درد جو ڪجهه به بگاڙي نه سگهندو آهي، جڏهن ماڻهوءَ جو ماس ڪتي جي اک بڻجي پوندو آهي، جڏهن وشال رستا سوڙهين گهٽين ۾ تبديل ٿي ويندا آهن، جڏهن گهرن جا در ۽ دروازا، ڳڙکيون ۽ روشندان اوهان جي روح تي آيل رهنڊن تي ڏند ٽيڙي کلڻ ۽ کڳيون هڻنديون آهن، جڏهن آسمان ڪري پوندو آهي ۽ ڌرتي پيرن هيٺان کسڪي نڪري ويندي آهي ۽ ماڻهو خلائن ۽ غفائن جي انگلس تي ٽنگيل هوندو آهي، رات ۽ ڏينهن ڪات ڪهاڙا کڻي ماڻهوءَ جي کل لاهڻ ۾ رڌل هوندا آهن، چنڊ ۽ ان جي روشني دِل جي ويران ۽ اجڙيل صحرا مٿان هيڊ هاري ان کي وڌيڪ ڀوائتو بڻائي ڇڏيندي آهي، جڏهن سج سوا نيزي تي لهي اوهان کان اوهان جي وجود جو لائسنس طلب ڪندو آهي، جڏهن اکين جي تارن ۾ ٽنبيل اميدن جا سڀ گلاب ڪومائجي ويندا آهن، جڏهن ماڻهوءَ جو روح ليمي جيان نپوڙجي ڪنهن جي سيني جي ٿڌاڻ جو باعث بڻجندو آهي، جڏهن روڊ رستا ڪارا نانگ بڻجي کائڻ لڳندا آهن، جڏهن چپن جي ڪنارن تان سامونڊي نمي جهڙي لالاڻ ختم ٿي ويندي آهي، جڏهن اوڌر تي ورتل هِڪ اڻ لکئي مُرڪ جا قرض نسلون ڀرينديون آهن ۽ نسلن تائين اهي قرض وياجن سميت وڏا ٿيندا رهندا آهن ۽ زندگي جي سيني ۾ بانس ڦٽي رت سڪائي ڇڏيندا آهن. جڏهن ڀاڪرن جا عذاب ۽ هٿ ڇڏائڻ جا منظر ماڻهوءَ جي ميڄالي ۾ مرڪوز ٿي ويندا آهن، تڏهن پرهه ڦٽيون ۽ ساک سويرا موڪلائي ويندا آهن ۽ ماڻهو برش کڻي پنهنجي درد جون تصويرون ڪڍڻ شروع ڪندو آهي ۽ وات گو بڻجي پوندو آهي. هٿوڙو ڇيڻي کڻي پٿر مان چاپڙ پري ڪري پنهنجي ٽوٽا ٽوٽا ٿيل ارمان جا مجسما ٺاهي مائيڪل اينجلو ٿي پوندو آهي، ڪنهن جي زلفن کي وائلن بڻائي ساز جهونگارڻ لاءِ فنڪار بڻجي پوندو آهي، درد جي ڪٿا لکڻ لاءِ پنهنجي لهو ۾ قلم ٻوڙي ناول نگار ٿي پوندو آهي.
مون کي خبر ناهي ته ولايتي حوالن جي مشين تي هلندڙ اسان جا هِڪ ڏيڍ تنقيد نگار ناول جي وصف کي ڪهڙي تارازي ۾ توريندا هوندا، پر مان سمجهان ٿو ته انسان جي مجموعي جبلتي ۽ سماجي نفسياتي ڪارستاني کي ڪاريگري سان ڪٿڻ ۽ اوڏڪي ڀت تيار ڪرڻ ناول ئي سڏرائجن ٿا. هونئن ته اسين اڃا جاگيرداراڻي سماج مان پانڌ آجو ڪين ڪري سگهيا آهيون جو اسان جي سياست جاگيرداراڻي ۽ ڀوتارڪي موت جي کوهه ۾ موٽر سائيڪل جيان هلندي رهي آهي ۽ اسان جي عوام نالي هڪ مخلوق هاڻي اِهو دِل سان قبول ڪري ورتو آهي ۽ اکين تي رکي اسان جي ڀوتارن جي ڏسيل انهي دڳ تي هلندي وڃي ٿي، جيڪو دڳ هڪ گگهه اونداهي غار ڏانهن وٺي وڃي ٿو. جنهن ۾ ڪِرڻ کانپوءِ اسان وٽ سواءِ مفروضن ۽ اندازن جي ٻيو ڪو دليل به ڪونه ٿو بچي ۽ اسين اڪيلائيءَ جي سون سالن تائين انهي اونداهي غار ۾ پيا رهون ٿا ۽ پوءِ انهي رهڻي ڪهڻي سان سمجهوتو ڪري اُتي ئي رهي پئون ٿا ۽ اسان جو دنيا جي بدلجندڙ لقائن سان ڪو واسطو، ڪو تعلق ڪونه ٿو رهي. ايڏي ساري لقاءُ کي، تماشي کي هُو ڀوتار اڪيلي سِر انجواءِ ڪندو رهي، جنهن لاءِ اسان جو هجڻ نه هجڻ ڪا معنيٰ ڪونه ٿو رکي.
مس مس وڃي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪنهن لڱ ڪانڊاريندڙ ناول جو اضافو ٿيو آهي، نه ته مڙئي جنسي بک پٺيان اسان جا تخليقي عمارت کي تالا اچي ويا هئا. بهرحال اِهو به سٺو جو ڪجهه نه هجڻ کان ڪجهه هجڻ بهتر، جو طويل ڪهاڻين کي اسين ناولن جا چولا پارائي تعريفن جا وڏا وڏا ڍڪ پئي ڀريا. اڪبر سومري جي خالي شهر جي ڳالهه کانپوءِ هي ٻيو ناول آهي، جنهن منهنجي سيني ۾ خنجر کوڙي ڇڏيو آهي.
اجهاميو ٻران پياري ظفر جوڻيجو جي قلم مان سرجيل هي پهريون ناول آهي. جيتوڻيڪ هن ڪيئي ڪهاڻيون ۽ هڪ ٻه ناول انگريزي ٻولي ۾ پڻ لکيا آهن، پر سنڌي ٻولي ۾ پيرالل نيريٽو لڳو لڳ هلندڙ ڪهاڻي جو هِي جديد شاهڪار آهي. ناول لکڻ ڏکيو به آهي ته سولو به. ڪڏهن ڪڏهن ته ان لاءِ باقاعده رٿابندي جي ضرورت پوندي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اسٽيفن ميئرس "Twilight" سانجهه جهڙي ناول کي لکڻ لاءِ صرف هِڪ رات جي خواب جي ضرورت هوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن جي ڪي رولنگ جيان هر شيءِ کي اڳ ۾ ئي طئي ڪري ڇڏبو آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن عبدالله حسن جيان سيمينٽ فيڪٽري جي بوريت ۽ جمود کان بچڻ لاءِ صرف پين کڻي ٻه ليڪا ڪڍڻ جي ڪوشش راڪيٽ جي رفتار بڻجي آسمانن جون وسعتون ڇهي وٺندو آهي ۽ ناول جنمي پوندو آهي، جنهن ۾ نسلن جا اوجاڳا ٽانڪيل هوندا آهن ۽ اداس نسلن جي اِها ڪهاڻي عمر ڀر لاءِ نسلن کي اداس ڪري ويندي آهي. ساڳي ڪار ظفر جوڻيجو جي ناول سان آهي. هن ناول جو اسلوب ليمي جي ذائقي جهڙو آهي ۽ ان ۾ ماکيءَ جي لار به شامل آهي. ڪردار نگاري جي اڻت فني حوالي سان پنهنجي ڪامليت تي پهتل آهي، توڙي جو سڀئي ڪردار هِن ميڪڊونلڊ دنيا ۾ عجيب ائبنارملٽي جو شڪار آهن. ڪٿي نه ڪٿي هر ڪردار جي نڙيءَ ۾ ڪنهن نه ڪنهن کوٽ جو ڪوڪو ضرور لڳل آهي. ڪهاڻي جي ويهڪ ۽ روانگي ڪنهن سمنڊ جي پاڻيءَ جهڙي آهي، چانڊوڪي چڙهي ٿي ته سمنڊ اڇلون ڏئي پنهنجي اندر ۾ سوناميون آڻي چنڊ تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ جنبي وڃي ٿو.
اسلوب لاءِ ڇا چوان جو مونو لاگ وارو انداز هونئن به هڪ وڻندڙ انداز آهي ۽ اجهاميو ٻران ۾ اهڙي گفتگو ٿيندي ملي ٿي، جنهن ۾ اِهو ٻڌجي ٿو ته، ”مونو لاگ ۾ لکيل ناول کي پڙهندڙ آتم ڪهاڻي سمجهندا آهن ۽ آتم ڪهاڻي کي وري ناول. هِن ناول جو اسلوب انتهائي وڻندڙ ۽ بڙ جي گهاٽي ڇانوَ جهڙو آهي، ان ۾ هر ڪردار پنهنجي پنهنجي وارتا بيان ڪري ٿو. هيرو پنهنجي گهر ۽ ڳوٺ کي وڃائڻ، پنهنجي منزل کي نه حاصل ڪرڻ جي تڙپ کي بيان ڪرڻ، ڳوٺ جي نظارن کي وڃائڻ، رت جي رشتن جو ڇڄڻ، هيرو پنهنجي ننڍڙي ڀاءُ جي پاليل چوزن کي وڪرو ڪري ڀاڙي ڀُتي لاءِ ڪم آڻڻ وارو درد جڏهن بيان ڪري ٿو، تڏهن ڪير حساس دِل ماڻهو ان منظر کي برداشت ڪري سگهي ٿو.
ان کان علاوه جڏهن هيرو ۽ سندس دوست واٽ ويندي جڏهن لوهار کان پستول ٺيڪ ڪرائي خالي فائر ڪري ڏسي ٿو ته سائيڪل تي گهر ڏانهن موٽندڙ واٽهڙو انهن کي ڦورو سمجهي پنهنجي هڙ ۾ ٻڌل سڀ ڪجهه ڏئي ڇڏي ٿو ۽ ساڻ ننڍڙو ٻارڙو به پنهنجي شيءِ ۽ رانديڪا انهن سامهون سرينڊر ڪري ٿو. هاڻي هي شيون ڀلا ڪير برداشت ڪندو؟
هِن ناول جو موضوع هِڪ ئي آهي، ڪجهه نه ڪري سگهڻ جي پيڙا يا پنهنجي توانائي اهڙي راهه ۾ وڃائڻ جنهن جو مقصد الائي ڪهڙو هو؟ جيڪا ڪنهن رٿابنديءَ کان خالي هئي، جنهن جي مقدر ۾ سڀئي ٿوڻيون ٿنڀا سڀ هڪ شيلڊ طور استعمال پئي ٿيا آهن. اِهو رومانس جنهن ۾ ڄامشوري جي هوائن جو قسم کڻي ڳاڙهن ڳٽول ڳلن تي باک ڦٽڻ جا خواب اُڻي ۽ ڳاڙهن گلن جي ٽڙڻ جي آشا ۾ جيون سنگهرن ۾ وڪوڙجي جيل جي عقوبت خانن ۽ ٽارچر سيلن جي دِل ۾ ڏار وجهندڙ ڪهاڻيون ساڻ ڪري واپس ٿيڻ مقدر بڻيو.
اهڙي ٽيڪنيڪ ليکڪ جي گهڻ پڙهئي هجڻ جو ثبوت آهي جو ويجهڙائي ۾ مون ايلف شفق جو پيار جا چاليهه اصول Forty rules of love پڙهي پورو ڪيو آهي، جيڪو Parallel narrative جو هِڪ اعليٰ مثال آهي. انهي کان علاوه ليکڪ جوسٽن گارڊر جي فلسفي تي لکيل ناول صوفي جي دنياSophe’s world مان به چڱو متاثر لڳي ٿو جو هر هِڪ باب ۾ هِڪ چوڻي ڏني اٿس، ائين ناول پڙهندڙ لاءِ ٿڪ ڀڃڻ لاءِ هِڪ نم جو وڻ ئي بيٺو آهي.
سڄي ناول ۾ سنگيت جو اهم ڪردار آهي. ناول شروع ٿيندي ئي ڳوٺ جو منظر, اُتي دِل چاهي ٿي ته هيڏي وڏي ڪرب کي هاڻ ليکڪ ڪيڏانهن کڻي ويندو يا بعد ۾ جڏهن سنگيتا سان ملي ٿو ته ان وقت ڪن روايتي ناولن جي ڳالهه سامهون اچي ٿي، جيڪا بهرحال فڪشن لاءِ روح ثابت ٿئي ٿي، پر ليکڪ اهڙي ڪنهن هوميوپيٿڪ طريقي کان بچندي سڌو ان کي انقلاب ۽ ڪنهن سرگرم پارٽي جي ڪارگذارين ۾ مصروف ڏيکاريو آهي. جيلر صاحب جو ڪردار به هڪ مڪمل بيوسي جو ديوان آهي، جيڪو حالتن آڏو مجبور آهي ۽ بس نوڪري ڪري رهيو آهي.
ڪارپوريٽ دنيا ۾ ڀاڙي تي گذارجندڙ هِن جيون ۾ اهي انيڪ ۽ املهه واقعا ۽ ڳالهين جا ڳوٺ آهن، جيڪي ظفر اسان سامهون رکي ٿو. اڄ جو سنڌي ماڻهو حالتن کي ڀاڪر پائي ويٺو آهي. ڳوٺ ۽ ٻولي ڇڏي شهري ڪانءُ ٿي پيو آهي، جنهن تي ظفر جو پڇتاءُ واقعي حقيقي آهي. هي سڀ ڪجهه جيڪو هِن ٽهيءَ ڪيو اِهو ڪٿي پراڪسي ته نه هو، جنهن ۾ ڪارڪن صرف انهيءَ وڏي مهم جوئي ۾ زندگيون تيل ڪري ڇڏيون.
ڦاهي گهاٽ جو منظر ۽ شاهه جي رسالي کي ايئرپورٽ تي ڇڏي اچڻ مون لاءِ ٻيئي هِڪ آهن. بهرحال هيرو کي ڦاهي جي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي، پر سنگيتا تي مرتيي جو ٺپو لڳائڻ ڪجهه ڪاريگري لڳي ٿو، جنهن کان پاسو ڪرڻ مناسب هو.
صابڻ ۾، ڊٽرجن پائوڊرن جي اشتهارن ۾ جتي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جو نوانوي سيڪڙو نام نهاد سياست باز والاري ويا آهن، اُتي اجهاميو ٻران جهڙو ناول اسان جهڙن ماڪوڙن لاءِ ڪنهن وڻ مان ڪريل ماکي جو مانارو ڀل ان ۾ تڪليف ضرور هجي، پر نيٺ ته ماکي لار جو مزو به ته ورتوسين. سنڌي ادب ۾ هي ناول ڪهڙي جاءِ والاريندو؟ اِها مون کي خبر ناهي، پر هر ماڻهو جيڪو آديجڳادي وقت جي وات ۾ چٻاڙجندو رهيو آهي، اِهو پڙهندو ته ان جي سيني مان هڪ سور جي سٽ ضرور اڀرندي ۽ ٻري وري اجهامڻ جي ڪاتي سندس ماس کي سدائين ڪپيندي رهندي.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو