بيشڪ عيد جي ته اسان کي
گهڻي ڪجهه طلب رهي ٿي، مگر روزن جي به ڪنهن کي يادگيري آهي؟ روزن ۾ آهي ته وڏي تڪيلف،
مگر جڏهن به عيد موٽي اچي ٿي تڏهين اسان کي ”وري
پاڻ ۾ ملائڻ“ سان گڏ، روزن ۽ قرباني جي به ضرور يادگيري
ڏياري ٿي .
هونئن به ”روزو“ خشڪي، بک ۽ تسيه آڻيندڙ آهي ۽ عيد ۾ آهن مزا،
کاڌا ۽ خوشيون، تنهن ڪري عيد هر ڪنهن کي پيئي وڻي، پر روزن سان گهڻن جي پوي ئي ڪانه.
ڪنهن به پابنديءَ کي برداشت ڪرڻ لاءِ تمام ٿورا تيار هوندا آهن. روزي جو ته مفهوم ئي آهي بندش يا روڪ: سمورين نفساني خواهشن
۽ طلبن تي پابندي جو نالو آهي ”روزو“. جنهن اهي پابنديون خوشيءَ سان اختيار ڪيون تنهن
لاءِ آهي عيد ۽ عيد به اها عيد، جا وري وري پيئي ايندي!
غور ڪيو ته انسان ذات نه، پر ساري ڪائنات پابندي مان ڦل پائي
ٿي.
اسان مان سڀ کان اول اهڙي بندش حضرت آدم ۽ حوا عليهما السلام
تي عائد ٿي، جڏهين کين امر ٿيو: ” لا تقربا هذاہ الشجرة “. يعني ٻنهي لاءِ
حڪم آيو ته فلاڻي وڻ جي ويجهو نه وڃو!
مقصد هو ته کين سندن خواهشن تي ضابطو رکڻ سيکاريو وڃي.
جيڪڏهين اسان حڪيم ڪامل جي فقط ان هڪ حڪم جي حقيقت سمجهي پنهنجي
خواهشن تي ضابطو ڪرڻ سکون ته ڪامياب زندگيءَ لاءِ اهو هڪ عمل ئي ڪافي آهي. نه فقط ايترو
پر زندگي جو بنياد ئي آهي تقويٰ. جڏهين اسين اهو ئي پوري طرح پروڙي نه ٿا سگهون ته
اسان لاءِ ڇا چڱو ۽ ڇا مَٺو آهي، تڏهين اسان لاءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي جو بنا ڪنهن رهنمائي
جي پنهنجي لاءِ ڪا به نئين راهه متعين ڪري سگهون؟ بهتر اهو ئي آهي ته اسان پنهنجي عليم
۽ حڪيم خالق جي حڪمن جي اکيون پوري پابندي ڪريون، جنهن ۾ اسان سڀني جي چڱائي آهي ۽
اها ئي سچي ”انسانيت“ آهي.
پنهنجي پالڻهار جي حڪم عدولي ڪرڻ ڪري اڄ انسان حيوان جي سطح
کان به هيٺ ڪري چڪو آهي. ڪتي جهڙو حيوان به پنهنجي مالڪ جي مرضيءَ کان ٻاهر نه ٿو وڃي.
ان کي جڏهين وقتن تي کائڻ سيکارجي ٿو ته هو فقط انهن مقرر وقتن تي کائي ٿو، پر اسان
مان ڪيترا اهڙا شخص آهن جي هميشه پيا کائين. کائڻ کانسواءِ هنن کي ٻيو ڪو ڪم ئي ڪونهي،
تڏهين به ”انسان“ پيا ليکجن.
(علامه
آئي آئي قاضي ء جي هڪ تقرير تان ورتل ٽڪرو)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو