تازو پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تي پروڊيوسر غلام مصطفيٰ سولنگي جي پروگرام ”سنڌي فلم سنسار“ جي رڪارڊنگ دوران ماضيءَ جي اداڪاره ماهه پاره ۽ ڪئميرامين سعيد رضويءَ سان ملاقات ٿي، ماهه پاره پنهنجون ساروڻيون ياد ڪندي چوڻ لڳي ته سنڌي فلمن جو اهو وقت ياد اچي ٿو، اڄ اسان جا ڪيترائي ساٿي وڇڙي ويا آهن. هن لاهور رهائش دوران جون ڳالهيون ساريندي ٻڌايو ته منهنجون ملڪه ترنم نور جهان سان اڪثر ملاقاتون ٿينديون هيون، هُو پنهنجي اولاد ۾ پٽ اڪبر رضويءَ جي ڌيءَ سونيا کي تمام گهڻو ڀائيندي هئي ۽ ڏهٽن ۽ پوٽين کي چوندي هئي ته مون کي ”ناني“ نه ”باجي“ چئه. ماهه پاره چيو ته نور جهان جي ڌيءَ ظل هُما سان منهنجي تمام گهري دوستي هئي، آئون اڪثر سندس گهر ويندي هئس ۽ سندس فرمائش تي سندس پسند جون ڊشون ٺاهي گڏجي کائيندا هئاسين، هڪ ڀيري ڪراچيءَ مان ظل هما فون ڪيو ته جلدي اچ ته ماني کائون، ته مون کيس ٻڌايو ته مان لاهور ۾ آهيان، چوڻ لڳي ”پوءِ داتا صاحب کي منهنجو سلام چئجان“. افسوس جو ڪينسر جي ڪري سندس پير ڪٽيو ويو ۽ پوءِ هوءَ پاڻ وفات ڪري وئي.
ماهه پاران چيو ته نور جهان جي تدفين ڪراچيءَ ۾ ٿي سندس ڪيترائي ڀاتي نور جهان جي ڪراچيءَ ۾ تدفين جي حق ۾ نه هئا، اڳتي هلي فيصلو ڪيائون ته نور جهان جي قبر جي چڪي ڪڍرائي کيس سندس اباڻي شهر قصور ۾ پوريو وڃي، پر نور جهان جي ناٺيءَ حسن سردارن جي سخت مخالفت ڪئي.
مون کي ياد آهي ته لاهور ۾ اداڪار گل منير سان ماهه پاره جي گهر ويس، اتي ساڻس ۽ سندس مڙس اقبال يوسف سان ڪافي دير ڳالهيون ٿينديون رهيون، ان دوران سندن واش روم استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو، مون کي تمام گهڻي حيرت ۽ ڏک ٿيو جو واش روم ۾ بڪ شيلف ڏٺم، جنهن ۾ ڏهاڪو کن ڪتاب پيا هئا، ڪتاب جي جاءِ واش روم ناهن، ڪتاب هڪ مقدس قسم جي شيءِ آهي، ان کي پاڪ صاف جاءِ تي رکڻ گهرجي. ان دوران پروگرام ”سنڌي فلم سنسار“ ۾ ڪئميرامين سعيد رضوي سان منهنجي اٽڪل چاليهن سالن کانپوءِ ملاقات ٿي، سعيد رضوي نامياري فلم هدايتڪار رفيق رضوي عرف ”باپو“ جو فرزند آهي. هن ٻڌايو ته جڏهن مون گريجوئيشن ڪئي ته ڪئميرامين ٿيڻ جو شوق جاڳيو، مختلف ڪئمرامينن کي اسسٽ ڪيم، جڏهن ٽراليون کڻندو هئس ته ماڻهو چوندا هئا ته پڙهيل لکيل ٿي هي ڇا پيو ڪري، پر مون ڏٺو، سوچيو ۽ نيٺ ان نتيجي تي پهتس ته هي ڪم پڙهيل لکيل ماڻهن جو ئي آهي.
سائين، يادگيريون ڏاڍيون ظالم هونديون آهن، ماضيءَ ۾ وٺي وڃي اڪيلو ڇڏي ڏينديون آهن ۽ پوءِ ماڻهن انهن يادگيرين، ماضيءَ ۾ ڦاسجي ويندو آهي، واپس موٽڻ تي دل ناهي چوندي، جيئن ننڊ ۾ ڪو پيارو خواب ڏسجي ۽ خواب مڪمل ٿيڻ کان اڳ اک کلي پوي ته ڏاڍي تشنگي رهندي آهي، اک کلڻ تي چڙ ايندي آهي، ماڻهو ان آسري ۾ وري سمهي رهندو آهي ته شايد ساڳيو خواب وري نظر اچي، پر ائين ناهي ٿيندو يا ته ننڊ ناهي ايندي يا وري ساڳيو خواب نظر ناهي ايندو، اِها ئي زندگي آهي، ماڻهو ڪيڏو به اعليٰ مقام حاصل ڇو نه ڪري، دنيا جون سموريون نعمتون حاصل ڪري، پر کيس ننڍپڻ جو لاٽون، ٺڪر جا رانديڪا ۽ آچار سان کاڌل ماني ناهي وسرندي. مان به ڪڏهن ڪڏهن ائين سوچيندو آهيان، ڪڏهن ننڍپڻ ۾ ڳوٺ ياد ايندو آهي ته ڪاڪي نهال ۽ لالوءَ جا پڪوڙا ياد اچي ويندا آهن. شاخ ۾ وهنجڻ ياد ايندو آهي، نونارين وارو ميلو ياد ايندو آهي. پنهنجي باغ جا انب ياد ايندا آهن، پتاشو، ناريل، ماکي، آمڻ، بادام جن جو ذائقو بلڪل ڌار ڌار هوندو هو، باغ ۾ ئي هڪ انب جو وڻ سڀني وڻن کان پري اڪيلو هوندو هو، ان جو نالو ”گڏهه مار“ هو، ڇو جو ان جا انب به کٽا هوندا آهن، ان ڪري ان وڻ جي انبڙين کي آچار ۾ استعمال ڪبو هو، پال نه وجهبو هو، ڪي ڪي ماڻهو به پنهنجي مزاج جيان ”گڏهه مار انب“ جيان کٽا هوندا آهن، انهن جو ته ڪو آچار به ڪونه وجهندو آهي ۽ ڪي ماڻهو وري ايترا مٺا هوندا آهن جو دل چوندي آهي ته کين ڪچو ئي کائي ڇڏجي. واهه- واهه ڇا ته ماضي هو.
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو