جيڪي پنهن جي ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا تن کي خبر پوندي رهي
ٿي پنهن جي ان ”سيلف“ جي جيڪو انسان پاڻ سان گڏ کڻي پيدا ٿيو هو.اهو صحيح سلامت رکيل
آهي يانه؟توڙي جو اسان پنهن جي ”سيلف“ تي ته وڏا وڏا سائين بورڊ لڳائي ڇڏيا آهن،پنهن
جا نالا بدلائي ڇڏيا آهن.پنهن جي ذات جي مٿان اسان مختلف رنگ ڪري ڇڏيا آهن.اسان جڏهن
ڪنهن سان ملندا آهيون.مثال؛ آئون جڏهن اوهان سان ملان ٿو ته ”اشفاق“ وانگر نٿو ملان.آئون
ته هڪ ليکڪ،هڪ دانشور،هڪ سياستدان،هڪ مڪار،هڪ ٽيچر ٿي ملان ٿو.اهڙيء طرح اوهين جڏهن
مون سان ملو ٿا ته اوهين به پنهن جا سائين بورڊ مون کي ڏيکاريو ٿا.اصل ”سيلف“ ڪٿي آهي،
اهو نٿو ملي.اصل ”سيلف“ جيڪو اللھ اسان کي ڏيئي پيدا ڪيو آهي اهو صرف تڏهن ئي ملي ٿو
جڏهن انسان پنهن جي نفس جي سڃاڻپ حاصل ڪري ٿو پر ان وقت جڏهن هو اڪيلو ويهي سوچ ويچار
ڪري ٿو.
ٻيو ڪو ان کي ٻڌائي نٿو سگھي.پنهن جي نفس جي سڃاڻپ
ان وقت ممڪن آهي جڏهن اوهين ان کي سڃاڻڻ جي پوزيشن ۾ هجو ۽ اڪيلا هجو.جهڙيء طرح فرمايو
ويو ته ؛” جنهن پنهن جي نفس کي سڃاتو تنهن پنهن جي رب کي سڃاڻي ورتو.“
(اشفاق احمد ”زاويه “)
No comments:
جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو
اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔تبصرو موڪليو
هتي پنهن جي راء لکو